مختلف موضوع

خط خوشبو خواب

هي ڪتاب سنڌ جي حساس ۽ خوبصورت شاعر ۽ نثر نويس فياض لطيف جي محبوبا، دوستن ۽ اديبن ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو آهي.
خطن جي مجموعي وارو هِيءُ منفرد ڪتاب فياض لطيف جي فطرت پسند ذهني سفر جي ڪٿا آهي، جنهن ۾ سندس زندگيءَ جي لڳ ڀڳ پندرهنِ ورهَن جي وارتائن جا انيڪ عڪس پَسي سگهجن ٿا، جن ۾ ڏکن ڀريا ڏکيا پيچرا به آهن، ته سکن سان سلهاڙيل انڊلٺي رنگ به اوتيل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3994
  • 714
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فياض لطيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خط خوشبو خواب

• سال 1995

پيارا مبارڪ!

شال سَرهو ۽ سلامت هجين.
توسان ڳوٺ ملاقات نه ٿي سگهي. ان لاءِ سچ ته ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ان سان گڏ عجيب قسم جو افسوس به، جيڪو صرف اسان جهڙا ماڻهو ئي ڪري سگهندا آهن...!
مِٺا! ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته پاڻ ڄڻ مصلحتن جي شوڪيس ۾ سجايل شو پِيس هجون، جيڪي واپاري صفت ماڻهن جي مفادن ۽ منشا جي خودغرض ۽ بي رحم هٿن ۾ اُجڙي ويندا آهن.
هي خود عرض سماج (جيڪو مون کي ڪنهن پاڳل ڪُتي جي ڪَنَ ۾ گندي ڪيڙي جيان لڳندو آهي) تنهن ۾ اسان جهڙا اُنس ۽ آدرشي جياپي ۾ ايمان رکندڙ ماڻهو مِس فِٽ هوندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن مصلحت يا مجبوريءَ تحت هن سود خور سماج جو ڪي اهڙا ماڻهو حصو ٿيڻ به چاهيندا آهن، تڏهن به پڪ ڄاڻجانءِ ته اُهي پاڻ جيان ڀڳل ٽٽل، ٻاهران چپلي چارلن ۽ اندر غمن، مجبورين ۽ محرومين جي جنم ٽيپ ڪاٽيندڙ هوندا...!
هيءَ دنيا عجيب دنيا آهي. هن ۾ هر رشتو ۽ تعلق مفادن جي معمولي بنيادن تي جُڙندو ۽ غرض جي مضبوط بنيادن تي قائم ۽ دائم رهندو آهي. ايتري تائين جو رت جي رشتن کان وٺي دوستي (جيڪا اڄڪلهه واپاري لغت جو منافعي بخش لفظ ٿي پئي آهي) جي تعلق تائين سڀ رشتا طمع جي سگهاري بنيادن کان سواءِ بي معنى ٿي وڃن ٿا.
مبارڪ! تو ننڍڙي ٻار کي پنهنجي مِٺاڻ هڻي آڱر چوسيندي ته ضرور ڏٺو هوندو. جڏهن ٻار جي وات مان اها مِٺاڻ واري آڱر نڪرندي آهي، تڏهن اهو روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳندو آهي. ساڳيءَ ريت مفاد به اهڙي مِٺي آڱر آهن، جيڪا جيستائين رشتن ۽ تعلقن جي وات ۾ هوندي آهي، تيستائين اهي سڀئي آرام ۽ اطمينان ۾ هوندا آهن، پر جڏهن اها پل لاءِ به سندن وات مان نڪرندي آهي، ته سندن وايون ئي بتال ٿي وينديون آهن. رشتن ۽ تعلقن جا سارا نام نهاد تقدس مٽيءَ ۾ ملي ويندا آهن ۽ سندن اندر ۾ لڪل خودغرضيءَ ۽ انائيت جو خونخوار جانور جاڳي پوندو آهي...!
آءٌ به اڄڪلهه مِٺي آڱر بڻجي ويو آهيان، خبر ناهي ته ڪنهن ڪنهن جي لاءِ...! پر ايتري سُڌِ ضرور اٿم ته اها مِٺي آڱر جڏهن به مون سان لاڳاپيل منهنجن رشتن ۽ تعلقن جي وات مان نڪتي، تڏهن شايد آءٌ، آءٌ نه رهان ۽ اُهي اُهي نه رهن...!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
14 جنوري 1995ع

•••••

عزيزم اعجاز منگي!

شال پُرمسرت ۽ پُرعزم هجين.
تنهنجا ڪاوش ۾ لکيل ڪالم آءٌ وڇڙي ويل محبوبه جي خوبصورت خطن جيان وري وري پڙهندو آهيان. اهي تنهنجا ڪالم ئي هئا، جن جي اوجاڳيل اکين مان، مون کي پنهنجي ننڍپڻ جي اڌ ٽڙيل گلاب جهڙي سندر دوست سيمي ملي وئي هئي ۽ آءٌ ان ڏينهن کان ئي تنهنجي طلسمي تحريرن جو مجنون ۽ گرويدو بڻجي ويو هوس.
تنهنجا ڪالم/ڪوتائون لاڙڪاڻي جي شاهنواز لائبريريءَ جي اخباري بنڊلن جي جهنگ مان ائين ووڙي وٺندو هوس، جيئن ڪو سرجڻهار پنهنجي حافظي جي هِردي مان حسين لمحن جون حُسناڪيون ۽ حسرتون ووڙي وٺندو آهي.
تنهنجا ڪالم ”جهاتيون، آئينو، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو ۽ اناالحق“ منهنجي زخمي روح ۽ ضمير جي زبان هئا.
فيض احمد فيض کان ڪنهن پڇيو هو ته ”تون پنهنجي مادري زبان کي ڇڏي اردو زبان ۾ ڪوتائون ڇو ٿو سرجين؟“
تڏهن هن سچل جيان سرمست سيني ۾ اناالحق جهڙي دل رکندڙ يگاني شاعر وراڻيو هو ”منهنجي مادري زبان ۾ ته منهنجو محبوب شاعر بلا شاهه اهو سڀ ڪجهه چئي چڪو آهي، جيڪو مون اظهارڻ ٿي چاهيو، هاڻي منهنجي لاءِ ته ڪجهه رهيو ئي ڪونهي!“
ساڳيءَ ريت مون سنڌي نثر ۾ لکڻ جي خواهش پنهنجي قلم جي چپن ۾ ان ڪري قيد ڪري ڇڏي هئي، ته اعجاز منهنجي بي زبان اِڇائن کي پنهنجي ڪالمن ۾ ڏاڍي سندرتا ۽ سليقي سان بيان ڪري رهيو آهي.
اعجاز! سچ پڇين ته تو انهن ڏينهن ۾ ايترو تيز ۽ جاندار ٿي لکيو، جو منهنجي اندر جي بٺيءَ ۾ دُکندڙ چند چڻنگن جي باقي بچيل تپش تي به تنهنجون تخليقون ٿڌي ڇنڊي جيان محسوس ٿيون هيون، انهيءَ ڪري آءٌ نثر کي ڇڏي، شاعريءَ جي سانوري حسينا سان وڃي سڱ جوڙيو هو.
تنهنجن گمنام ۽ نظرانداز ٿيل نڌڻڪي ڪردارن تي لکيل ڪالمن، مون جهڙن کوڙ ماڻهن جي جيءَ کي جنجهوڙڻ سان گڏوگڏ دوستوفسڪي ۽ ٽالسٽاءِ جي بي چين روحن کي يقينن سانتيڪو ڪري ڇڏيو هوندو.
گلو ماڇيءَ کان وٺي هِن امير ملڪ جي آزادي واري پُرمسرت ڏينهن تي جنم وٺندڙ مسڪين ۽ مفلس حليمان جا ڪردار سنڌ جي اتهاس جو روح آهن ۽ تون ان ايفروڊائيٽ جهڙي حسين ۽ مريم جهڙي مقدس سنڌ جي روحاني رباب کي پنهنجي جذبي، جرئت، عشق ۽ جنون جي آڱرين سان جهڙيءَ ريت ڇيڙيندو رهيو آهين، ان جي بيان لاءِ هي منهنجا بي چين لفظ ڪُلي اظهار کان قاصر آهن.
اعجاز! سياست وڏي بي رحم بلا جو نانءُ آهي، ان ڏائڻ نما مم ڪيترن ئي سرڪشن جي سرڪشيءَ جا گوڏا چٽي کين ترين ڀر جُهڪائي ڇڏيو آهي. ان ڪيترن ئي ڪنول جهڙي اُجرن ماڻهن جي انائن کي پنهنجي سينور جهڙي گدلي بدبودار گند ۾ غرق ڪري ڇڏيو آهي.
ڪجهه عرصو اڳ مون تنهنجي شفاف تحريرن کي ان ئي سياست جي لڙاٽيل ڍنڍ ۾ ٻُڏندي ۽ ترندي ڏسي پنهنجي تخيل جي وجود تي هڪ عجيب ڏک جي احساس جو زخم محسوس ڪيو هو ۽ ان زخم جي احساس کي ميسارڻ خاطر مون ڀٽائيءَ، اياز، سچل، فيض، غالب ۽ ساغر کان وٺي گرو رجنيش، امرتا پريتم ۽ سارهه شگفته جي ڪوتائن کي پنهنجين راتين جو روح بڻايو هو ۽ ڪيترين راتين جي ڪچهرين کان پوءِ منهنجي مُرجهايل من تي سرجڻهارن جي شبدن جي مهڪيلي ماڪ پئي هئي ۽ آءٌ تر و تازو ٿي ويو هوس.
اعجاز! آءٌ اڄڪلهه سچل سائينءَ جي فڪري آشياني سچل چيئر ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان. ڪيترن ڏينهن کان منهنجن ڪنن ۾ ”اناالحق“ جو آواز ٻُري رهيو آهي ۽ ان آواز سان گڏ منهنجي من ۾ دفن ٿيل نثر ۾ لکڻ واري خواهش پڻ اکيون مهٽي جاڳي پئي آهي.
آءٌ چاهيان ٿو ته اندر جي آوي ۾ پچندڙ ۽ پڄرندڙ احساسن کي پني تي پرتيان ۽ اها هفتيوار ڪالم ”اناالحق“ جي سِري سان ڪاوش جي پڙهندڙن تائين پهچايان. ان طريقي سان شايد منهنجي بيچين ۽ جلاوطن جيءَ کي ٿورڙو آنند ۽ اطمينان نصيب ٿئي.

تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
13 آڪٽوبر 1995ع