مختلف موضوع

خط خوشبو خواب

هي ڪتاب سنڌ جي حساس ۽ خوبصورت شاعر ۽ نثر نويس فياض لطيف جي محبوبا، دوستن ۽ اديبن ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو آهي.
خطن جي مجموعي وارو هِيءُ منفرد ڪتاب فياض لطيف جي فطرت پسند ذهني سفر جي ڪٿا آهي، جنهن ۾ سندس زندگيءَ جي لڳ ڀڳ پندرهنِ ورهَن جي وارتائن جا انيڪ عڪس پَسي سگهجن ٿا، جن ۾ ڏکن ڀريا ڏکيا پيچرا به آهن، ته سکن سان سلهاڙيل انڊلٺي رنگ به اوتيل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3978
  • 693
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فياض لطيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خط خوشبو خواب

• سال 1993

پيارا مشتاق!

تنهنجو محبتن ۽ جذبن جي انوکي اظهار ۽ خوبصورت لفظن جي مالهائن ۾ پوئيل خط پهتو، جنهن کي پڙهڻ کان پوِءِ سچ ته ڏاڍو روحاني سڪون مليو. اميد ته اڳتي به اهڙي محبتن جي سلسلي کي جاري رکندين.
ماڻهوءَ جي ”جياپي“ جي راهه ۾ وک وک تي آزمائش جو آڙاهه ٿو ٻَري ۽ ان آزمائش جي آڙاهه ۾ آدم کان اڄ جي جديد انسان تائين، هر ماڻهو پنهنجو پاڻ پچائيندو ۽ اڻ ڏٺي ماڳ جي مسافت ڏوريندو رهيو آهي. ان مسافت ۾ ڪيئي پنهنجي مقصدن تائين وڃي پهتا آهن، ته ڪيترن ڳولا ۽ جاچنا جي گس ۾ ئي پاڻ وڃايو آهي.
مون جيون جي اُجاڙ راهن ۾ کوڙ اهڙيون مسافتون ڪيون آهن، جن مون کي گهڻو ڪجهه سيکاريو ۽ سمجهايو آهي، جن جي بدولت ئي مون اهو ڄاتو آهي ته:
Life is tattered garment of a beggar on which every day a new patch of pain is attached. (Faiz Ahmed Faiz)
( زندگي فقير جي ڦاٽل گودڙي آهي، جنهن تي هر روز هڪ نئين درد جي چتي لڳندي رهي ٿي.)
پيارا! کوڙ ماڻهو محبتن جي دوار تي دستڪ ڏئي سالن تائين نيڻن ۾ اوسيئڙي ۽ انتظار جون راتيون ڪٽيندا آهن، پر انهن جي سپنن جي ڌنڌلي شهر ۾ ڪو ساڀيا جو سورج جرڪي نه سگهندو آهي. اُهي جذبن جي لهوءَ مان قلم ٻوڙي ڪاغذ جي ڪئنواس تي پنهنجن خوابن ۽ خيالن جون خوبصورتيون پينٽ ڪندا آهن، پر انهن جا سپنا ساڀيائون ماڻي نه سگهندا آهن.
مشتاق! ڪڏهن ڪڏهن لفظ مون کان محبوبه جيان رُسي ويندا آهن. آءٌ لفظن جي ساٿ بنا خيالن جي واهڙ ۾ غوطا کائڻ لڳندو آهيان ۽ محبتون منهنجي چيڇ پڪڙي مون کي پار پُڄائينديون آهن. آءٌ جڏهن به زندگيءَ جي پٿريلي راهن تي ڀٽڪي پنهنجا پير پٿون ڪري وجهندو آهيان، تڏهن محبت منهنجن زخمن تي آنند ۽ آجپي جا پَها رکي، مون ۾ جياپي ۽ جستجوءَ جو روح اُتپن ڪندي آهي. مون کي جيون جي تجربي ۽ مطالعي ان نتيجي تي پهچايو آهي ته ”پيار ئي انساني وجود جي وڻ جو اهو ثمر آهي، جنهن جي حاصلات ماڻهوءَ کي ’ماڻهپو‘ ۽ جيون کي راحتون ۽ رونقون عطا ڪندو آهي...“
هِن سود خور سماج ۾ اُهي ماڻهو ڏاڍا خوش نصيب ٿيندا آهن، جن کي جيون جي ڌرتتيءَ ۾ پيار جو ڇانورو ملي ويندو آهي. ڪتابن جي ڪمپني ۽ پيار جي آٿت ڪيئي ڀيرا مون کي موت جي مُنهن مان بچايو آهي. جڏهن به منهنجي وجود کي درد جي وڻ ويڙهي وڪوڙي ويندي آهي، جڏهن به روايتن ۽ رسمن جي سنگهرن ۾ جياپي جو ساهه گُهٽجڻ لڳندو آهي، تڏهن آءٌ پنهنجي وجود جي پناهه، پرينءَ جي آغوش ۾ يا وري ڀٽائيءَ، ٽئگور، شيخ اياز، فيض احمد فيض ۽ ماياڪوفسڪي جهڙن سرجڻهارن جي ڪوتائن ۾ ووڙي وٺندو آهيان. شايد زندگيءَ جي سفر ۾ منهنجي ملاقات ڪتابي ڪائنات سان نه ٿئي ها، ته اردوءَ جي منفرد ۽ ورسٽائل ڪهاڻيڪار مظهرالسلام جيان مون کي به اهو اعتراف ڪرڻو پوي ها ته ”جيڪڏهن مون وٽ ايترا ڪتاب نه هجن ها، ته ميز تي پيل منهنجي وجود جي اڪيلي ڪتاب جو موت ڪڏهوڪو مطالعو ڪري چڪو هجي ها...!“
مشتاق! هِن دنيا ۾ پيار، سُٺن ڪتابن ۽ چند چڱن دوستن کان سواء منهنجي ڪا ٻي وڏي ملڪيت ڪانهي.... پيار منهنجي جيون ۾ مسرتن ۽ مرڪن جون بهارون آنديون آهن. دوست منهنجي جيون جو بهترين ۽ املهه اثاثو آهن ۽ ڪتابن منهنجي جيون کي احساس، آنند ۽ آجپي جو انوکو ۽ محبوب جهان عطا ڪيو آهي.

تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
21 سيپٽمبر 1993ع

•••••

امتياز!

شال خوشين ۽ خوبصورتين ۾ هجين.
ويهين صديءَ جي البيلي برطانوي سرجڻهار ۽ ادب جو نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ سر وليم گولڊنگ (Sir William Golding) ڪٿي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، ”زندگي ايتري مُلهائتي نه هجي ها، جيڪڏهن آءٌ وقفي وقفي سان ۽ وري وري هومر کي نه پڙهان ها....!“
ڪيئي ڀيرا مون به پنهنجي زندگيءَ کي مٿين سٽن جيان محسوس ڪيو آهي، فرق صرف اتساهيندڙ ڪردار ۽ حالتن جو آهي. وليم گولڊنگ کي هومر جي ڪوتائن مان جيون جو حوصلو ۽ حسناڪي ملي، ته مون وري هميشه انساني محبتن مان سرت ۽ سندرتا جا درس پئي پِرايا آهن. جيڪڏهن جيون جي رڃ ۾ آءٌ علم ۽ آگهيءَ جي راهه نه اپنايان ها، ته انفرادي درد ۽ تنهائي ڇتي ڪُتي جيان منهنجي وجود کي ڪڏهوڪو ڏاڙهي چُڪي هجي ها...!
ڀٽائيءَ کان سچل تائين ۽ شيخ اياز کان نئين ٽهيءَ جي اڻ ڳڻين ڪوتا ڪارن تائين، فيض ۽ فراز کان ساحر، ساغر ۽ گلزار تائين، آغا سليم، اشفاق، بانو قدسيه ۽ قرت العين کان امر جليل ۽ امرتا پريتم تائين، دوستوفسڪي، ڪافڪا، ڪاميو، مارڪيز ۽ ٽالسٽاءِ کان ٽئگور، اوشو ۽ ڪرشن چندر تائين، اُهي سڀئي سرجڻهار ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان منهنجي جيون لاءِ اتساهه جو ڪارڻ رهيا آهن.
جيڪڏهن آءٌ ڪائنات ۽ زندگيءَ جي خاموش، خوبصورت، ڳوڙهي ۽ احساساتي ڪتاب جو آهستي آهستي ۽ ورق ورق ڪري، مختلف ڪيفيتن ۽ حالتن ۾ وري وري مطالعو نه ڪريان ها، ته شايد منهنجي جيون جي ٽاريءَ ۾ جياپي جو ٽڙيل گل بي معنيٰ بڻجي ڇڻي وڃي ها...!
آءٌ اڄ تائين تنهنجي تعلق کي ڪنهن به رشتي جو نانءُ ڏئي نه سگهيو آهيان، يا شايد ڏيڻ ئي نه چاهيو آهي. هن مفادن ۽ خود غرضيءَ جي ڪوڙهه ورتل دنيا ۾، مون لاءِ سڀئي روايتي رشتا بي معنى آهن، ڇو ته هر رشتي جي چادر ۾ خودغرضيءَ جو خنجر لِڪل آهي، جيڪو جيون جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ويساهه جي ڪُکِ ۾ چُڀي پوي ٿو....!
مٺا! تنهنجا ٻه خط مليا آهن. پهريون خط انهن حالتن ۽ ڪيفيتن ۾ مليو، جو آءٌ ڪوشش جي باوجود ان جي موٽ ڏئي نه سگهيس ۽ مٿان ٻيو خط جڏهن هاڻي مليو اٿم، تڏهن ويتر پريشاني ۽ پشيماني ٿي اٿم. عجيب جيون آهي پنهنجو به... ۽ ان کان به وڌيڪ عجيب آهي پنهنجو سماج، جنهن ۾ پاڻ جِي رهيا آهيون...! وک وک تي مجبوري، پل پل سجهوتو....! سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ته اهڙي جيئڻ کي نانءُ ڪهڙو ڏجي... ان کي جياپو چئجي يا جيل...!
پيارا! اسين ماڻهو پنهنجي پنهنجي بي قصور ڪلهن تي اڻ ڍنگي ريتن ۽ ڇسي سماجي رسمن جي سزائن جا صليب کڻي جِي رهيا آهيون..! ڏاهپ اسان لاءِ ڏنگ به آهي ته ڏڍ به. اسان جا آدرش ئي اسان جو جياپو آهن. اسان جا کوڙ خواب اسان جي خوشين جيان روايتن جي راهه ۾ قتل ٿي وڃن ٿا ۽ اسين پنهنجي قتل ٿيل خوابن جي لاشن تي نوحو به لکي نه ٿا سگهون...!
ڪڏهن ڪڏهن وقت ۽ حالتون هڪ دانشمند دل کي ايترو ته مجبور ڪري وجهن ٿيون، جو ماڻهو ڪاميو جي ناول ”ڌاريو“ جي نائڪ ”ميرسيو“ جيان خيالي خودڪشي ڪري ڇڏي ٿو ۽ ڀانئي ٿو ته ان ريت هِن مصلحت پرست معاشري مان سندس جند آجي ٿي ويندي، پر پاڇي جيان سنگ سنگ هلندڙ هي سج گرهڻ جهڙو سماجي سرشتو ماڻهوءَ کي آزاد ۽ خودمختيار جياپو جيئڻ ڪٿي ٿو ڏئي...!

تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
8 آڪٽوبر 1993ع

•••••

پيارا منظور ٿهيم!

تنهنجي هڪ عدد خط جو آءٌ اڳ ئي قرضي هوس، مٿان وري ٻي خط جي پهچ مون کي ويتر تنهنجو مقروض ڪري ڇڏيو آهي.
ڀاءُ! اصل ۾ ڪڏهن ڪڏهن حالتون اهڙيون ٿي وڃن ٿيون، جو ماڻهوءَ جي اختيار ۾ ڪا به شيءِ نه ٿي رهي، ايتري قدر جو ان جي سوچ قلم، قوت ۽ ويندي وجود تائين هر چيز حالتن جي اوٿر ۾ وکري وڃي ٿي. ڪجهه ڏينهن اڳ آءٌ به اهڙين حالتن جي ور چڙهي ويو هوس...!
اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، ان جي سماجي ۽ نفسياتي بيهڪ ئي ڪجهه اهڙي قسم جي آهي، جنهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي اسان جو جيءُ عيسى جيان سماجي دقيانوسيت جي صيلب تي سزا وار ٿئي ٿو. اسان جي سوچ ۽ سُرتِ هن مُردا پرست معاشري کي ڪونه ٿي آئـڙي ۽ نتيجي ۾ هي فرسوده سماج پنهنجو ڪوڙهه ورتل چهرو ڏسي، پاڻ تي چڙڻ بجاءِ آدرش ۽ آجپي ۾ ايمان رکندڙ ماڻهن تي مڇرجي پوي ٿو... روايتن ۽ ريتن جي نالي ۾ هڪ حساس ۽ خود دار ماڻهوءَ سان جيڪا ويڌن ڪئي وڃي ٿي، اها ڪنهن کان لِڪل ۽ ڳُجهي ته ڪانهي...!
دوست! تون ئي ٻڌاءِ هڪ سُڄاڻ ماڻهو هِن خود غرض معاشري ۾ پنهنجن خوبصورت خوابن جي ٽٽل ٽُڪرن کي ڪيسيتائين ميڙيندو ۽ پنهنجن احساسن جا هٿ ڦٽيندو رهندو؟
آخر ڪيسيتائين هڪ آدرشي ماڻهو پنهنجي ئي جيءَ ۾ جلاوطن رهي سگهندو؟ ڇا سڀني سقراط جي پيروڪارن ۽ سچ جي پانڌيئڙن لاءِ پٿريليون راهون ۽ وِهَه ڪٽورا ئي مقدر ۾ لکيل آهن؟ ڇا سرمد ۽ شمس تبريز جي سنت تي هلندڙن لاءِ دنيا هميشه دوزخ بڻيل رهندي....؟
هر بديءَ کي عروج ۽ هر عروج کي زوال اوس اچڻو آهي... تاريڪ رات کان پوءِ پرهه ڦٽڻي آهي... سج نڪرڻو آهي، سوجهرو ٿيڻو آهي...
منظور! اسان جهڙن ويساهه ۽ اميد پرست، آجپي ۽ فطري آزاديءَ ۾ ايمان ۽ اعتقاد رکندڙ ماڻهن لاءِ هِن سُري کاڌل سماج ۾ جيڪڏهن قلمي ۽ تخليقي اظهار جو ذريعو نه هجي ها، ته شايد اسين ڪڏهوڪو موت جي محبت کان خالي آغوش ۾ رَکُ جي بي معنى مُٺِ بڻجي وڃون ها...!
منهنجو اهو پختو وشواس آهي ته ڪوتا ۽ تخليقي قوت اسان جي وجود لاءِ مضبوط ٿوڻي ۽ ٿنب جيان آهي، جنهن جي ڏڍ ۽ آٿت سان پاڻ هر اوندهه ۽ انڌياري سان اٽڪيا آهيون.
پيارا! تو پنهنجي پهرين خط ۾ جيڪو ”تنهائي“ جي حوالي سان بحث ڇيڙيو هو، ان ۾ تنهنجا پيش ڪيل دليل تنهنجي سوچ، مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي جي آڌار تي آڌاريل آهن، جن کي پنهنجو حُسن ۽ حقيقت آهي. تو وٽ شين کي ڏسڻ، پرکڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي پنهنجي اک ۽ پنهنجو ادراڪ آهي، جنهن کي يقينن وقعت ۽ حيثيت آهي... پر آءٌ تنهنجين کوڙ ڳالهين سان اتفاق ڪرڻ باوجود ”تنهائي“ جي موضوع جي فڪر ۽ فلسفي تي پنهنجا ويچار ۽ احساس رکان ٿو، جن سان تنهنجو اتفاق ۽ اختلاف رکڻ فڪري ۽ بنيادي حق آهي.
اسين دوست هڪٻئي جا آٿت، فڪري ۽ احساساتي سهارا آهيون. اسان جون محبتون ۽ وابستگيون ذهني هم آهنگي ۽ صحتمند اختلاف جي حوالي سان نه صرف پڪيون ۽ پختيون آهن، پر غير مشروط پڻ. انهيءَ ڪري اها محبتن ۽ دوستيءَ جي تقاضا آهي، ته اسان هڪٻئي تي پنهنجا خيال ۽ ويچار بنا ڪنهن مصلحت ۽ ڊپ ڊاءَ جي واضح ڪريون.
منظور! انساني وجود پنهنجي جوهر ۾ اسرارن ۽ عجائبات جو انوکو ڀنڊار ٿئي ٿو. جيئن هيءَ ڪائنات پنهنجي جوت ۽ جمال ۾ پُرديد، ڳوڙهي ۽ انيڪ فڪري ۽ احساساتي راز رکندڙ آهي، ساڳيءَ ريت ماڻهوءَ جو وجود به هِن سنسار ۾ ڪنهن معمي جيان آهي. هِن ساري ڪائنات جو چرخو ”باهميت“ جي نظام تحت هلندڙ آهي. ڪا به ايڪائي اڪيلي سر ڪوئي ڪارج ادا ڪرڻ بدران باهمي طور تي بهتر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
جيتري تائين انساني وجود جي تنها ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو سوال آهي، ته آءٌ ان خيال جو آهيان ته ”تنهائي“ وجودي سوال بدران فڪري، شعوري ۽ اڃا به ائين چئجي ته نفسياتي مامرو آهي. جهڙيءَ ريت انساني عقل ۽ فهم جا شعور (Conscisous) تحت الشعور (Subconscious) ۽ لاشعور (Unconscious) اهم ۽ لازمي حصا آهن، اهڙيءَ ريت تنهائي جو احساساتي ۽ نفسياتي پهلو به زندگيءَ جو هڪ سچ آهي. ڇا تون ڪڏهن ان مرحلي مان گذريو آهين، جنهن ۾ ماڻهو پاڻ کي ميڙ/هجوم ۾ موجود هوندي به اڪيلو ۽ تنها محسوس ڪندو آهي؟
هُن جو جسماني ۽ مادي وجود ته اُتي ئي موجود هوندو آهي، پر هُن جي ذهني ۽ خيالي پرواز جو پنڇي جسماني وجود جي پڃري کان ڪوهين ڏور ڪنهن پرانهين پار آڪاش ۾ پنهنجا پَر پيو ساهيندو آهي. ڪجهه پلن ۽ ساعتن لاءِ ئي سهي، پر هو شعوري ۽ نفسياتي طور تنهائيءَ ۽ اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي ويندو آهي... ان کي وڌيڪ واضح ائين ڪجي ته، ڪڏهن ڪڏهن اسين ڪجهه دوست جڏهن پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا آهيون، ڪنهن موضوع تي هڪٻئي سان ويچار ونڊيندا آهيون، تڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪچهري ڪندي، اسان ۾ موجود هوندي، ڪو دوست چند گهڙين لاءِ اسان کان خيالي طور ڪٽجي، ڪنهن ٻي جاءِ تي شعوري/نفسياتي طور پهچي ويندو آهي يا پهچي وڃڻ جي احساس جو شڪار ٿي ويندو آهي. هُن جو مادي وجود ته اسان جي سامهون اسان ۾ ئي موجود هوندو آهي، پر هُن جو خيال، احساس ۽ سوچ ڪٿي ٻي هنڌ وڃايل ۽ ڀٽڪي ويل هوندي آهي. جيڪڏهن اسان مان ڪو ان ويچارن ۾ ويڙهيل دوست کي ڪلهي تي اوچتو هٿ هڻندو آهي، ته هو اهڙيءَ ريت ڇرڪ ڀريندو آهي، ڄڻ هو ڪنهن خوابيده ننڊ مان جاڳي پيو هجي...!
حقيقت ۾ هُن جو جسماني يا شعوري وجود ڪنهن به ننڊ ۾ نه هوندو آهي، پر هو شعوري طور خيالن ۽ نيم خوابن جهڙي دنيا ۾ هوندو آهي ۽ اوچتو جڏهن سندس ڪنهن جاءِ يا شيءِ تي مرڪوز ۽ محو ٿيل خيالن ۾ ڪائي رڪاوٽ ۽ ڪائي چرپر حائل ٿيندي آهي، تڏهن هو ڇرڪ ڀري، هڪ خيال ۽ احساس ۾ وڃائجي وڃڻ کان پوءِ ٻي خيال ڏانهن موٽ کائڻ ۽ عملي طرح موٽي اچڻ جو مظاهرو ڪندو آهي...
مٺا! آءٌ هِن بحث کي وڌيڪ اينگهائڻ ۽ لفظن ۾ الجهائڻ بدران صرف ايترو ئي گوش گذار ڪندس ته، شعور ۽ سوچ پنهنجي وجود ۾ ڪڏهن به تنها ڪو نه ٿيندي آهي. ايتري تائين جو انساني جسم جڏهن گهري ننڊ ۾ هوندو آهي، تڏهن به دماغ بيدار هوندو آهي ۽ شعور جي مختلف وادين جا پيو سير ڪندو آهي...
انهيءَ ڪري ”تنهائي“ انساني وجود جو نه پر انسان جي نفسياتي احساس جو مامرو آهي ۽ نفسياتي احساس ۽ سوچ يقينن انساني وجود سان لاڳاپيل ٿئي ٿي.
زندگي هر ماڻهوءَ کي ڏاڍي عزيز ۽ پياري هوندي آهي... ان جي کوڙ ڏکن ۽ اهنجن باوجود انسان ان جي اڻ مئي دلڪشيءَ ۽ دلبريءَ تي عمر ڀر عاشق ٿو رهي، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان محبوب ۽ عزيز ترين زندگيءَ جي نازڪ ۽ نفيس نڙيءَ تي خودڪشيءَ جو ننهن ڏئي، ڪڏهن ماڻهو ان کي ئي ختم ڪرڻ ئي مجبور ڇو ٿو ٿئي؟ منهنجي خيال ۾ ان جي ڪيترن ئي سماجي ۽ اقتصادي سببن سان گڏوگڏ هڪ سبب اهو به آهي، ته جيڪي ماڻهو نفسياتي طور تي پنهنجي وجود ۾ شديد تنهائيءَ ۽ بي وسيءَ جي احساس جو شڪار ٿي ويندا آهن، اهي شعوري توڙي لاشعوري طور خودڪشيءَ کي پنهنجي نجات ۽ آزاديءَ جو ذريعو سمجهڻ لڳندا آهن. ان لاءِ روس جي تمام وڏي شاعر ماياڪوفسڪيءَ جو خودڪشيءَکان چند ساعتون اڳ سرجيل اهو آخري نظم هتي ڏيڻ ئي ڪافي ٿيندو، جنهن ۾ هُن پنهنجي اندر جي ڪيفتين کي ڏاڍي چٽي نموني اظهاريو آهي....
مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو
هر سيني ۾ هڪ مچ ٿئي ٿو
جنهن ۾ ڪوئي سچ نچي ٿو....!
مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو
منهنجي من ۾ مچ ٻَري ٿو
جنهن ۾ هڪڙو سچ مري ٿو!
عشق جي ٻيڙي ٽٽي پئي آ
روز ٽڪرجي لهرن سان
سمنڊ کي هاڻي ننڊ اچي ٿي
پنهنجو هاڻي ليکو چُڪتو
ڪهڙا ويهي ويڻ ڏيون
هڪٻئي کي رهيل دکن دردن جا؟
ٺا ٺا ٺا......ٺا ٺا ٺا........!
مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو
جيون جڳ ۾ ساهه وڏي شيءِ آ
پر ساهه ڏئي ، جو وٺجي
ويساهه وڏي شيءِ آ....
ويساهه وڏي شيءِ آ...!

تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
17 آڪٽوبر 1993ع