• سال 1997
شال سُکيو ۽ سلامت هجين.
خبر ناهي، اسان ماڻهن جو وجود ڪهڙي مٽيءَ مان ڳوهيل آهي، جيڪو هزارين بارشن باوجود پنهنجي بدن ۾ بي قرار ۽ پياسو ٿو رهي...! مون ڪيئي ڀيرا پنهنجي وجود جي مٽيءَ کي تڙپ ۽ تشنگيءَ جي درياءَ ۾ ٻوڙي ٻيهر ڳوهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر اها ڀُرڻ ۽ ڀڄڻ بجاءِ پنهنجي وجود ۾ ويتر ڳوڙهي ۽ ڳاڙهي ٿي پئي آهي.
هِن سود خور سماج ۾ پنهنجون مڙئي برداشتون خرچ ڪرڻ باوجود موٽ ۾ هر موڙ تي هڪ ڀاري پٿر سان پنهنجي شيشي جهڙي من کي مُنهن مقابل ٿيڻو پوي ٿو. آءٌ پنهنجي من جو اهو الميو ڪڏهن به سمجهي ڪونه سگهيو آهيان، ته گلن جي موٽ ۾ سدائين ڪنڊا پلئه پائيندڙ هي روڳي من، هر ڀيري لهو لهان ٿيڻ کان پوءِ به سدائين پنهنجي فطرت ۾ ڦول وادي ئي ڇو رهيو آهي؟ اسان جهڙا دامنِ صحرا ۾ جنم وٺندڙ ماڻهو، جيڪي جيءَ جي جلاوطن موسمن سان جيئڻ کان پوءِ انتظار جون انڌيون راتيون ڀوڳي، خزان رُتِ ۾ پيلي پنن جيان ڇڻي ويندا آهن، پر پوءِ به دنيا دارن جون شڪايتون تعاقب ڪونه ڇڏينديون آهن.
دوست! جيڪي ماڻهو پنهنجيون معصوم ابابيلن جهڙيون آرزو ۽ امنگون ٻين جي قرض ۾ قربان ڪري ڇڏيندا آهن، اهي جيون ۾ ڪنهن قبر جي قطبي جيان ڏاڍا اداس ۽ تنها رهجي ويندا آهن. ڏک ته اهو آهي، جو عمر ۽ جوانيءَ جو البيليون بهارون، جن جي اوسيئڙي ۾ گذاري ڇڏبيون آهن، اُهي لمحن جو ساٿ به ڏئي نه سگهندا آهن!
انهن سڀني المين جي آشنائيءَ باوجود اڄ تائين آءٌ اها ڳالهه نه سمجهي سگهيو آهيان، ته منهنجي من-مندر ۾ محبت ۽ موهه جي ديوي اڃا ڪهڙي معجزي تحت سلامت ۽ زنده آهي.
مون پنهنجي اردگرد موجود اجهاڳ اجنبيت باوجود جيڪو جيون گذاريو آهي، سچ ته اهو ڏاڍو عجيب ۽ انوکو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو اٿم، آءٌ وُٺيءَ کان پوءِ وارياسي تي ڦٽي پوندڙ ان خودرو کنڀي جيان آهيان، جنهن ۾ نسلي نشيبن بجاءِ مٽيءَ جي مهڪ ۽ فطري حسناڪي وڌيڪ نمايان هوندي آهي.
اسان جهڙن ماڻهن جو جيون، ڪنڊي تي ماڪ جي قطري جيان هوندو آهي، جيڪو پوري رات ڪنڊي جي نوڪ تي رهڻ کان پوءِ صبح جو قهري ڪرڻن جو کاڄ بڻجي ويندو آهي....!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
28 جنوري 1997ع
•••••
پيارا منظور!
شال سَرهو ۽ سُکيو هجين.
الاهي عرصي کان تو سان رابطي جي تند ٽٽل رهي آهي، پر ان جي باوجود تنهنجي يادگيرين ۽ روح-رهاڻين جا ريشمي ڌاڳا منهنجي من جي اردگرد محبت ۽ آٿت جون سرهائيون ۽ سندرتائون سرجيندا رهيا آهن. مون خيرپور يونيورسٽيءَ مان ڪجهه ڏينهن اڳ توکي، تنهنجِي مون وٽ موجود ائڊريس تي خط لکيو هو، جنهن جي خبر ناهي، ته تو الائي ڇو ڪائي موٽ ڪونه ڏني! خط تو تائين پهتو يا ڪنهن بي حس پوسٽ مين جي هٿ چڙهي ويو، جنهن روايتي ڪاهليءَ سبب ان کي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ئي مدفون ڪري ڇڏيو!
مٺا! اسان ماڻهو خطن جي ڪاغذي رومالن ۾ پنهنجين خواهشن ۽ خوابن جي خوبصورتين سان گڏوگڏ پنهنجن دوستن ۽ نيڻن جا اوجاڳا ۽ اوسيئڙا به پوسٽ ڪندا آهيون، پر جڏهن اهي بي رخ ۽ بي منزل هوائن حوالي ٿي ويندا آهن، تڏهن اسان جي وِماسيل نيڻن ۾ ويتر بي چينيون ۽ بي قراريون جاڳي پونديون آهن. منهنجن دوستن جو انگ الاهي مختصر آهي ۽ انهن اڍائي قلندرن جهڙن دوستن سان منهنجون محبتون ۽ قربتون به جنوني عاشقن جهڙيون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ انهن اڍائي قلندرن جهڙن دوستن مان به، جڏهن هڪ جي ڪٽوتيءَ جو اوچتو ڀاري پٿر اچي سيني تي ڪِريو هو، تڏهن ائين ڀاسيو هيم ڄڻ هُئڻ جي باوجود آءٌ پنهنجو پاڻ کان وڃائجي ويو آهيان!
منظور! ماڻهوءَ جو ايترو جذباتي ۽ اٽوٽ رشتو ماڻهوءَ سان ڇو ٿو جُڙي؟ ان جوڙ جي لهرن ۾ شعور ۽ سگهه جون ساريون ثابت قدميون هڪ لمحي ۾ ڪيئن ٿيون لڙهي وڃن؟ هن دنيا جي دوزخ ۾ ديوتائن جهڙو آٿت ۽ احساس ڏيندڙ ماڻهو پل ۾ بروٽس ڇو ٿا بڻجي پون...؟ اُهي ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي سوال آءٌ توسان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو، پر ميرپور خاص ۽ جوهي کان پوءِ تنهنجي پيرن ۾ ٻين الائي ڪهڙن شهرن جي راهن ۽ رستن جون مسافتون پٿاريون پيون آهن، جو ڪيترين ئي پُڇائن کان پوءِ به تنهنجو ڪوئي پتو ڪونه ٿو پوي....!
آءٌ اڄڪلهه ڳوٺ ۾ ڪمري ۽ ڪتابن حوالي آهيان. ڪتابن ۽ موسيقيءَ جي سنگ ۽ ساٿ، اندر ۾ اهڙين موسمن کي جنميو آهي، جو هينئر ٻاهر جون موسمون ڏاڍا ڏنگ ٿيون ڏين... چؤطرف منافقيون، ڪوڙ ۽ چالاڪيون... محبتون ۽ ماڻهپو ته ڄڻ منهن لِڪائي وڃي ڪنهن ڪُنڊ ۾ لِڪو آهي، جنهن کي ڪنهن ڏينهن شايد ديو جانس جيان ڏينهن ڏٺي جو هٿ ۾ بتي کڻي ڳولهڻو پوندو...!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
30 جنوري 1997ع
•••••
سجاد!
ماڻهوءَ جي موهه جو منطق به ڏاڍو عجيب ٿو هجي ۽ ان کي دليل ۽ سبب به پنهنجا ٿين ٿا، جيڪي گهڻو ڪري عاقلن ۽ هوڏي اڪابرن جي مغز ۾ مشڪل سان ايندا آهن. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي هن طوفاني دَور ۾ اُڀ کان وٺي ڌرتيءَ تائين جي ڪئنواس کي جاچنا جي اک سان ته پروڙي ۽ پُرجهي سگهجي ٿو، پر دلين جا معاملا ڀورڙي دانشورن جي عقلي آگهيءَ کان مٿاهان ۽ ممتاز هجن ٿا. اڄ دنيا جي ججهي آبادي پنهنجي ذهني ۽ جسماني مرضن جي مرهم، موهه جي آنند ۾ تلاش ڪري رهي آهي. انڌن اونڌن ويڄن کان وڌيڪ درويشن، ولين ۽ صوفي منشن جي آسڻن تي هي جيڪي ماڻهن جا ميڙا ۽ هجوم ڏسجن ٿا، اهي جسماني دردن کان وڌيڪ ذهني ۽ روحاني روڳن ۾ ورتل هوندا آهن. انهن کي مانـي ۽ معـاشي ڏُڪار کان وڌيڪ محبتن ۽ آٿٿ جي اڻ هوند ماريو هوندو آهي.
مٺا! خاموشيءَ کي به پنهنجي زبان ٿيندي آهي، پر ان کي طوالت جو عمل گونگو بڻائي ڇڏيندو آهي. ڪافي ڏينهن کان تنهنجن خطن جي خاموشيءَ ۾ مون معنائون ٿي تلاش ڪيون ۽ ڪاغذي ڪفن ۾ مدفون اڻپوري احساس ۽ اڌورين تمنائن تي ٿي ويچاريو، پر پوءِ سوچيم ته واقعي جيءَ کان جلاوطن محبتن جو مقدر خواب ۽ خانه بدوشيون هونديون آهن.
الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو اٿم، ته آءٌ ڪجهه خط پاڻ ڏانهن لکندو آهيان، جن جي لفافي تي لاشعوري طور ائڊريس ڪنهن ٻي جي لکجي ويندي آهي ۽ موٽ ۾ انتظار ۽ اوسيئڙي جون بي مِهر موسمون منهنجن نيڻن ۾ ٽِڪي پونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن وري ان جي برعڪس ائين ڀاسندو اٿم، ته ٻين ڏانهن لکيل خط منهنجي ائڊريس واري لفافي ۾ غلطيءَ وچان پئجي ويندا آهن ۽ پوسٽ ڪرڻ کان پوءِ ٻن ڏينهن جي خانه بدوشي ۽ هڪ ڳاڙهي پين جي ڪراس سان گڏ اهو لفافو ۽ پوسٽ مين اچي منهنجي در تي دستڪ ڏيندا آهن. لفافي جي وصوليءَ کان پوءِ منهنجو من عجيب احساسن جي الجهن ۾ وڃائجي ويندو آهي، جنهن کي سلجهائڻ ۽ سميٽڻ لاءِ ڏاڍا ڏينهن لڳي ويندا آهن.
ڪافي ڏينهن اڳ تنهنجي نالي لکيل هڪ خط ۾ آءٌ پنهنجي نالي لکيل هڪ نظم شعوري/لاشعوري طور پوسٽ ڪري چڪو آهيان ۽ نتيجي ۾ اوجاڳو ۽ انتظار منهنجن نيڻن ۾ ڏاڍا ڏينهن ٽِڪي پيو آهي ۽ تون آهين، جيڪو هڪ خط ۾ پوسٽ ڪيل ڀنل نيڻن جهڙي معصوم نظم جي پهچ لاءِ ٻن لفظن جي موٽ جو آٿت به ڪونه ٿو اُماڻين...!
سجاد! ياد اٿئي جنهن شام مون خوبصورت کجين جي آغوش ۾ آباد خيرپور ۽ ان جي کوڙ حسناڪ راهن ۽ راحتن کان جڏهن ڳراٽڙي پائي موڪلايو ٿي، ان سانوري شام جي سُندر ۽ ڪجهه ڪجهه اداس ۽ وياڪل لمحن ۾ تون ۽ نديم به مون سان گڏ مون کي گاڏيءَ تائين ڇڏڻ آيا هُيو. گاڏيءَ ۾ مون پنهنجو سمورو سامان رکڻ کان پوءِ به خيرپور ۾ ڪجهه رهجي وڃڻ واري احساس جو اوهان سان اظهار ڪيو هو. سچ ته اهو احساس اڄ به منهنجي من-اندر ۾ اوجاڳيل ۽ بي آرامي آهي!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
14 جولاءِ 1997ع
•••••
مبارڪ!
ماڻهوءَ جي من جون موسمون به ڏاڍيون عجيب ٿيون ٿين، پل ۾ پُررونق، ته گهڙيءَ ۾ گهائجي ويندڙ.... ماڻهوءَ جو عزم ڪڏهن پهاڙن کي پرزا ڪري ڇڏي ٿو، ته ڪڏهن وري اهو ئي پهاڙن کان اڏول انسان هڪڙي ڪنڪر لڳڻ سان ڀڄي ڀُري پُرزا ٿي پوي ٿو...!
جن ماڻهن جو جيون بي مِهر موسمن ۽ وقت جي خزائن ۾ خرچ ٿي ويندو آهي، انهن جا نيڻ پٿر ٿي ويندا آهن ۽ پٿرن ۾ مدفون خواب گهڻو ڪري ڪنهن قبر جو قطبو ئي بڻجي سگهندا آهن!
منهنجي وجود جي مٽي ته ڪنهن هاريءَ جي گهر ۾ ڳوهي وئي، پر ان ۾ روح ڪنهن خانه بدوش جوڳيءَ جو اوتيو ويو، انهيءَ ڪري عمر ڀر رولاڪي منهنجو روڳ بڻيل رهي آهي. مون سان بهارن کان وڌيڪ خزائن جو ساٿ رهيو آهي، سُک ۽ سهنجائيون هوا جي جهونڪي جيان مون وٽ مهمان رهيون آهن، پر ڏک ۽ ڏهاڳ سدائين منهنجا هم سفر رهيا آهن.
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو.... (شاهه)
جيئن جيئن ماڻهوءَ جي عمر وقت جي وهڪري ۾ وهندي وڃي ٿي، تيئن تيئن گهڻو ڪجهه وڃائڻ جي موٽ ۾ جيڪي چند تجربا، مشاهدا ۽ محسوسات پلئه پون ٿا، اُهي ڪن حالتن ۾ اهڙا ته اَملهه ٿا هجن، جو انهن تي پورو جيون قربان ڪري ڇڏڻ تي به ڄڻ ڪائي ججهڪ محسوس ڪو نه ٿي ٿئي. ڪالهه تائين منهنجي مڙني چاهنائن ۽ چين جو محور ۽ مرڪز هڪ بدلجندڙ مزاجن واري ”ماڻهوءَ“ جو شيشي جهڙو تصوراتي وجود هو، جنهن جو هر بي موسمي رويو به بهار جيان ڀاسندو هو، پر اڄ اهو وقت جي سچ جي ڀاري پٿر تي، خيال جي هٿن مان کِسڪي اوچتو ڪِري، ڇيهون ڇيهون ٿي ويو آهي. حقيقت ۾ ”هُن“ جي اها بي وفائي ۽ بي وڙائي ئي هئي، جنهن منهنجي من کي هڪ انوکي معنى جي موسمن سان آشنا ڪيو!
حُسن فاني آهي، اُنهيءَ ڪري ئي موهيندڙ ۽ محبوب ٿو ٿئي. اهو موهيندڙ ۽ حَسين آهي، انهيءَ ڪري فاني هجي ٿو. فنا کي بقا آهي ۽ بقا کي فنا، اهو ٻن متضاد صداقتن جو امتزاج انهيءَ ڪري به پيارو آهي، جو ان کي پنهنجي هڪ فطري حسناڪي ۽ حقيقت آهي. جيئن هڪ پاڻيءَ جو قطرو، سمنڊ جي ڪُليت ۽ ڪثرت جو هڪڙو جزو آهي، ائين ئي هڪ فرد ۽ ڪنهن منظر جي محبوبيت، حُسن ڪل جو هڪ قطرو هجي ٿي، ان صداقت کي پرجهڻ ۽ پرکڻ کان پوءِ هڪ فرد جي حُسن کي ڪل ڪائنات جي سونهن سمجهڻ وارو منهنجو تصور، سچ ته هاڻي مون کي بنگلي جي بالڪونيءَ ۾ بيٺل، ڪنهن اوباش شخص جو اوڻٽيهين جي ڌنڌلي چنڊ کي پررونق ۽ پُرنور ڀانئڻ واري ڀورڙائي جيان ٿو ڀاسي... من جي آرسي، پُرديد اک ۽ ادراڪي احساس، سونهن جي بي انت جلون ۽ مظهرن کي پُرجهڻ ۽ پسڻ جو بهترين ذريعو هجن ٿا. دل مان دوئي ڪڍي اکين تان ڌنڌ جي عينڪ هٽائڻ سان، حقيقت جا چهرا اُجرا ٿي پون ٿا ۽ ڪائنات جي ڪئنواس تي حقيقي سونهن پنهنجي مڙني حسناڪين سميت نکري نروار ٿئي ٿي....!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
19 سيپٽمبر 1997ع