• سال 1992
سدا تنهنجي سَرهائين جا گلاب جيون جي ٽاريءَ تي ٽِڙيل رهن ۽ جرڪندا رهن تنهنجي مُکڙن تي مُرڪن جا ماڪ ڦڙا...
پنجن ڏينهن کان بادل برسندا رهيا آهن، ڌرتيءَ جي اڃايل چپن تي مينهن-ڦُڙيون ٿر جي ڪنهن سُڪاري وينگس جي مُرڪن جيان مُرڪي پيون آهن ۽ مٽيءَ جي ڀنل بدن مان ڪنهن ڪنواري جوڀن جهڙي سڳنڌ، ماحول کي مَهڪائي ڇڏيو آهي.
ڌرتيءَ جي بدن تي سائي پوشاڪ ته واهه جو ٿي سونهين، پر مٿان وري سرنهن جا پيلا گل، جيڪي سندس ڪنن ۾ جهومڪن جيان ٿا لڳن، جڏهن انهن کي هوا جي دوش تي جهومندي پَسجي ٿو، تڏهن ٿڌڙي هير جي ڪتڪتائين سان دل جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي ۽ فطرت جون حسناڪيون حيرتن ۾ وجهي ڇڏن ٿيون. فطرت جي مصوريءَ جو محبوب ۽ موهيندڙ مثال ان کان وڌيڪ ٻيو ڀلا ڪهڙو ٿي سگهي ٿو! قدرت جو قادر پنهنجي ڪاريگريءَ ۾ ڇا ته جمال جو ڪمال ۽ ڪمال جو جمال رکندڙ آهي....!
امتياز! ڇا تو ڪڏهن برسات وَسي بند ٿيڻ کان پوءِ وارن منظرن ۽ محوبيت کي هنئين جي اکين سان پَسيو ۽ پُرجهيو آهي؟
ها، جڏهن اُڀ تي انڊلٺ نڪري نروار ٿيندي آهي، آگم آڪاش جي گرم آغوش ۾ آهلي پوندا آهن، برسات جي ديوي پنهنجو حسين مُک پرهه جي سفيد گهونگهٽ ۾ لڪائي ڇڏيندي آهي ۽ سج پنهنجي چهري تان ڪڪرن جي ڪاري چادر هٽائي کيپن ۽ خمارن مان آرس ڀڃڻ لڳندو آهي... تڏهن من جي چپن کي خود بخود ”الله جميل يحب الجمال“جو اقرار ڪرڻو پوي ٿو.
برسات جي هِن خوشگوار ۽ محبوب موسم ۾ اوچتو تنهنجو اداسين جي احساسن سان ڀريل هڪ خط مليو آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ دل عجيب درد ۽ اداسيءَ ۾ ويڙهجي وئي آهي. نيڻن جي آگمن مان لڙڪ لڙي، من جي وارياسي ۾ وڃائجي ويا آهن ۽ پاڻ کي پاڻ ئي ڏينهن تائين ڳولڻو پيو اٿم...!
مٺا! آءٌ تنهنجي ڪيفيتن جي ڪرب کي ڄاڻان ٿو. جهڙي نموني سان تنهنجي چاهتن کي سماجي ريتن جي چکيا تي چاڙهيو ويو، ان جو به ادراڪ اٿم، پر هِن بيٺل دُٻي جهڙي معاشري ۾، سواءِ پنهنجيءَ ئي دل کي سمجهائڻ جي، ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهجي...!
پنهنجو ناتو ۽ رشتو ازل ۽ ابد کان آهي، اسان جي پرورش ۽ پالنا ضرور مختلف حالتن ۽ ماحول ۾ ٿي آهي، پر اسان جي سوچن ۽ احساسن جي هم آهنگي ئي اسان جي قرابتن جو ڪارڻ آهي. اسان جا سپنا رڃ ۽ انهن جي ساڀيا اڃ آهي، جا ڪڏهن به پوري ٿيڻي ڪانهي....!
آغا سليم چواڻي ”اسين خوابن جا سوداگر آهيون، اسين گلن جا خواب ڏسي، گل پوش ماٿرين جي تلاش ۾ نڪرندا آهيون، پر اسين اڃايل ريگستان جي تپندڙ واريءَ ۾ وڃي پهچندا آهيون، جتي گلن بجاءِ اسان جي نِـڙي ۾ اُڃ جا ڪنڊا چُڀجي پوندي آهن....!
توکي موڪليل منهنجو تحفو، طارق عالم جو ناول ”رهجي ويل منظر“ پسند آيو ۽ ناول پڙهندي مون جيان تون به عجيب ڪيفيتن جي جهان مان گذرئين، ان لاءِ صرف ايترو ئي چوندس ته ”جواني ديواني هوندي آهي.“ طارق جو ناول واقعي هڪ مخصوص عمر تائين جي ٽهيءَ کي پنهنجي خوبصورت ٻوليءَ، رومانس جي راحتن ۽ اندازِ بيان جي سحر ۾ جڪڙي ۽ مدهوش ڪري ڇڏيندڙ آهي. ان جا احساساتي خمار سگريٽ جي ڪش جيان سڪون ڏيندڙ ۽ من کي محبت جي هندوري ۾ جُهلائيندڙ آهن، پر انهن جي لذت ۽ تاثير جو احساس خواب جيان چند لمحن تائين ئي ٿو رهي...!
منهنجي خيال ۾ هر ڪنواري ڇوڪري ۽ ڳڀرو نوجوان جي من ۾ محبت جو اٿاهه سمونڊ موجزن هوندو آهي، جنهن مان اڻ مئيو پيئڻ پڄاڻان به پياس اُجهي ڪونه ٿي.... پهرين پيار جي مدهوشي هجي ئي عجيب چيز ٿي...! چاهي اهو ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري، محبتن جي پهرين مئڪشي جا کيپ ۽ خمار عمر ڀر چاهه جي چت تان لهندڙ ڪونه ٿا هجن، شرط اهو آهي ته سنجوڳ جي گهرائي جسم کان روح جي سيمائن تائين رسندڙ هجي.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
31 جنوري 1992ع