• سال 1994
شال سَرهو ۽ سلامت هجين.
ڪافي عرصي کان پوءِ پنهنجي خوبصورت ۽ پُرلطف دنيا مان چند گهڙيون ڪڍي، تو هڪ ديوانن جي دنيا ۾ رهندڙ مجذوب دل کي ياد ڪرڻ جي زحمت ڪئي آهي. ان لاءِ وڏا وَڙ... ڀلا! تون ئي ٻڌاءِ هن مادي ۽ مطلب جي دنيا ۾ ڪاغذي لفافي ۾ ويڙهي پوسٽ ڪيل لفظن ۽ احساسن جو مُلهه ئي ڪهڙو آهي....؟ ۽ ها، اهي لفظ ۽ احساس به ان ديوانن جي دنيا ۾ رهندڙ جا، جنهن جي دل جي گلدستي ۾ دوستيءَ جو گل اڃا به تازو ۽ خوشبوئن سان مهڪيل آهي...! جنهن جي نيڻن مان محبتن جي جياپي جا سپنا ۽ سندرتائون اڃا ميساريا ڪونه آهن، جنهن جون آڱريون اڃا به آرزوئن جي بدن لاءِ لفظن جي نفاستن جو لباس اُڻنديون ٿيون رهن، جنهن جا چپ اڃا به محبت جي سرمدي ڪلمي جو ورد ورجائيندا ٿا رهن...!
امتياز! هِن فرسوده ۽ سود خور سماج ۾، هر جذبي جو مُلهه ۽ هر عمل جي پويان منافعي جو احساس ڪارفرما هجي ٿو. ان حوالي سان تنهنجي راءِ يقينن درست آهي، پر تون خود جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهين، ان لاءِ ڇا چئجي!؟
وقت ۽ تجربا اياڻي کي به سياڻو بڻائي ڇڏيندا آهن. مون سياڻن جي دنيا مان ديوانگيءَ ۽ ديوانن جي دنيا مان دانائيءَ جا ڪافي درس پِرايا آهن، پر تنهنجي ڏاهَپ جو فلسفو منهنجي مجذوبيءَ جي مغز ۾ اَلائي ڇو نه ٿو اچي....!
تون ئي ٻڌاءِ! مون کان ڪهڙي ڪوتاهي ٿي آهي، جنهن جي بنياد تي تون دوستيءَ جي چادرِ کي بي رنگ، پراڻي ۽ چتين هاڻي ٿو چوين...؟
مون ته هر ڀيري تنهنجي مزاجن جي بدلجندڙ موسمن باوجود توکي انتهائي پيار ۽ پنهنجائپ جون رُتون ارپيون ۽ آڇيون آهن.
اهو ماڻهو جيڪو هِن سود خور سماج ۾ رهڻ باوجود ڪنهن سان غير مشروط محبتون ڪندو هجي ۽ انهن معصوم محبتن جي موٽ ۾ کيس اڻ مئيون بي رُخيون ۽ اوپرائيون پلئه پون، ته ان شخص جو روح ۽ نيڻ ڪيئن نه روئندا....!
پيارا! هزارين ڏکن، ڏولاون، دوکن ۽ دولابن باوجود هيءَ ڪائنات تمام حسين آهي. ان جي سونهن کي پنهنجي هڪ انوکي حُسناڪي ۽ حقيقت آهي. ڪڏهن دنياداريءَ جي لوڀ ۽ پٽ-کوهه مان فرصت ملئي ته ان کي پيار ۽ عشق جي نگاهن سان ضرور ڏسجانءِ ۽ پرکجانءِ...!
مون کي توسان ڪائي شڪايت ڪانهي، نه ئي اهڙو مون کي حق آهي، پر پوءِ به هڪڙي ڳالهه ضرور چوندس، ته تون جيڪو ڪجهه هِن سود خور سماج جو حصو بڻجي ڪري رهيو آهين، اهو توکي نه ٿو جُڳائي. تون پنهنجي ڪَئي جي بدلي ۾ عام جيان سود سميت موٽ جو طالبو نه ٿيءُ. يقين ڪر توکي دنيا جي هن گدلي سينورَ جهڙي سماج ۾ اُجري ڪنول جهڙي دوستيءَ جو ساٿ ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ضرور ملي ويندو، جيڪو پراڻي مِي جيان سرور ڏيندڙ ۽ درد جي زخمن تي مرهم جي پهن جهڙو هوندو.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
14 جنوري 1994ع