معروض Object
1. هُجاڻ (Entity) معروض يا موضوع جي اهڙي صورت جيڪا ڇهڻ يا ٻين حواسن سان محسوس ڪجي، طبعي طور ٺوس هجي، تجريدي هجي يا نه هجي، ضروري نه آهي ته اها مادي جهڙي هجي، ساهه کڻندڙ يا حاضر هجي. (1)
2. تجريدي معروض (Abstract Objects) جن جو وقت ۽ مڪان ۾ هجڻ ضروري نه آهي، تجريدي معروض طبعي صداقت نه رکندا آهن، جڏهن ته ٺوس (Concrete) معروض صداقت رکندا آهن، تجريدي معروض کي ايبسٽريڪٽا (Abstracta) ۽ ٺوس معروض کي ڪنڪريٽا (Concreta) چيو وڃي ٿو. (2)
3. طبعي صورت (Physical Body) مادي جي سڃاڻ ۾ ايندڙ شڪل جيڪا پنهنجين ٻاهرين حدن اندر هجي، معروضي ڄاڻ ڏيندڙ هجي ۽ جنهن جي چرپر ٽوِٿي (3-Dimensional) هجي. (3)
گرامر ۾ معروض اهڙي هيت آهي، جيڪا موضوع جي عمل يا معلول (Predicate) مان ظاهر ٿئي ٿي، معروض، موضوع ۾ ڪٿي واضح هوندو آهي ته ڪٿي اُن جي ڳُجهه ۾ سمايل هوندو آهي. (4)
گرامر جي ڀيٽ ۾ فلسفو معروض کي سڌي سئين جاءِ نه ٿو ڏئي، گرامر فلسفي تي لاڳو نه آهي.
معروض موجب “هجڻ” طلسماتي صورت رکي ٿو، غيب آهي ته نظر نه ٿو اچي، عيب آهي ته نظرن سامهون آهي، حاضر آهي ته ناظر نه آهي، جيڪڏهن ناظر آهي ته حاضر نه آهي، هيت آهي هئيت نه آهي، ڪٿي مادو ساهه کڻي ٿو ۽ ڪٿي مادو موڪلائي ويل محبوب جي ساهن جي خوشبوءِ آهي، معروض تجريد آهي، مڪان، لامڪان جي ڪنهن به وڇوٽي (Space) ۾ نه ٿو سمائجي ۽ جيڪڏهن سمائجي ٿو ته پٿر، دل جيان ڌڙڪي ٿو، صداقت ڪنڪريٽا ۽ تجريد ايبسٽريڪٽا آهي. وجودن جون ٻاهريون ليڪون ۽ ليڪن کان ٻاهر رت ڦڙا، حدن جي قيد ۾ محدود، محدود جو تصور لامحدود، ٻه اکيون ظاهر جي ضخامت (Dimension) آهن.
پاڇو حقيقت آهي ۽ معروض جو وجود پاڇي جو نتيجو، دنيا ۾ وڏي ويڙهه معروض تي آهي. معروض مقصد يا گول (Goal) جي حيثيت رکي ٿو، اهو گول معروض جي جستجوءَ جي گولائي آهي، جنهن ۾ وجود ڍڳي جيان گول ڦري ٿو.
ڪي چون ٿا ته معروض آهي ئي ڪونه، جيڪڏهن آهي ته موضوعي آهي، جيڪڏهن موضوعي آهي ته اهو منهنجي موضوع ۾ عظمت رکي ٿو، تنهنجو موضوع مصنوعي آهي، منهنجو موضوع وجودي آهي، معروض مسخري جي هٿ ۾ جهليل بصر آهي، جيڪو ڪڏهن روئي ٿو ۽ ڪڏهن کلي ٿو، روئي ان ڪري ٿو جو بصر جي بوءِ آهي، کلي ان ڪري ٿو جو بصر جي هر کل الڳ ڪري اهو ڏسڻ جي آسري ۾ ته اندر ڪجهه هوندو ضرور، معروض آڱوٺي (Like) جو نشان آهي.
جيڪو آهي ئي ڪونه ته ان کان اڳ ڇا هوندو، الف “اکر” آهي، اکر “الف” نه آهي، اکر ايڏا آهن جو الف اڪيلو نه آهي، هر اکر علامت آهي ۽ علامتون گهڻ رخيون (Multidimensional) آهن، اهي وٿي يا وڇوٽيءَ کان آزاد آهن، جتي ليڪون ڪم نه ٿيون ڪن، اتي علامتون نظرن جي حد پار ڪري وقت کي مات ڏين ٿيون.
ڪجهه ڄاڻڻ کان، نه ڄاڻڻ بهتر آهي، انڪري ته ڄاڻ بذات خود اڻڄاڻ آهي، عقيدو انڌو آهي ۽ انڌي کي حافظ چيو ويندو آهي، ڇو جو سندس دماغ ۾ هر شيءِ حفظ ٿيل هوندي آهي ۽ حافظي کي اکين طور استعمال ڪندو آهي.
عقيدي کي حفظ ڪجي ته بهتر آهي، معروض جي معنا ۽ ان جي وضاحت، اکيون بند ڪرڻ سان ظاهر ٿئي ٿي، سڌي رستي لاءِ اکين جي ضرورت نه آهي، سڌي رستي تي وڪڙجي ضرورت تڏهن پوي ٿي، جڏهن سامهون کوهه هجي، ان ڪري نابينن کي نه، پر ٻين کي کوهه جي انجام کان بچڻ لئي سڌو رستو ڇڏڻو پوندو آهي.
سائنس ۾ نه نظر ايندڙ معروضن لاءِ مائڪرو اسڪوپ استعمال ٿئي ٿو، جنهن ۾ نظرن کان اوجهل دنيا ۽ ان جا رهاڪو ڏسي سگهجن ٿا، جن ۾ جراثيم، جراثيمن جا باغ ۽ فصل جن کي فنگس (Fungus) چئجي ٿو، مائڪرو اسڪوپ جو منهن ڌرتيءَ ڏي ۽ ٽيلي اسڪوپ جو منهن آسمان ڏانهن هوندو آهي، مائڪرو اسڪوپ ساهه وارا ڳوليندو آهي ۽ ٽيلي اسڪوپ ساهوارن جو خدا، اونچائي ۽ گهرائيءَ کي اهو امتياز حاصل آهي ته ٻنهي ۾ معروضي وجود موجود هوندي به نظرن کان ڏور هوندا آهن، گهرائيءَ جو خير آهي، پر اونچائي عجيب مسئلو آهي، ڪجهه پکين جي اڏام ايڏي ته مٿي هوندي آهي، جو اونچائي تي هوندي به نظر نه ايندا آهن، ڳالهه پکين تائين هجي ته بهتر نه ته آسمان جون اونهائيون ان جي اونچائين کان به گهريون آهن.
آسمان ئي آهي جيڪو هزارين سالن کان مشاهدي جو مرڪز رهيو آهي، قديم يونانين ته آسمان کانسواءِ ڪجهه ڏٺو ئي نه آهي.(5) ڌرتيءَ جو مشاهدو ڪلهه جي ڳالهه آهي، جڏهن جديد سائنس وجود ورتو.
مائڪرو اسڪوپ اڻ ڏٺل دنيا ڳولهي ورتي ۽ ٽيلي اسڪوپ اڃان ڳولهي رهيو آهي، طبعي سائنس معروضن جي ڳولها ۾ هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن سولر سرشتي جو اهڙو معروض ڳولهي لهي ٿي جنهن کي پنهنجي جاگرافي آهي، شل اهي جاگرافيءَ تائين محدود هجن ڇو جو جاگرافي مظلوم ۽ تاريخ ظالم هوندي آهي.
اسڪاٽ لينڊ جو دانشور ڊيوڊ هيوم (1776-1711ع) موجب معروض آهي ئي ڪونه جيڪو ڏسجي ٿو اهو خاصيتن جو ڍير آهي، جيئن صوف، جيڪو نه آهي پر رنگ، شڪل ۽ ذائقو آهي، صوف کي خاصيتون شڪل ڏين ٿيون، اهڙو ڪو به معروض نه آهي، جنهن کي خاصيتون ذاتي مليل هجن، پر اهي موضوعي ادراڪ آهن ۽ اهي ادراڪ خاصيتن جو ڍير ڏسن ٿا، جيڪو ڍير مادي کي خاصيتن سان معروض ڏئي ٿو.
هيوم جو اهڙو خيال مادي نظريي (Substance theory) جي خلاف آهي ته شيون خاصيتون رکن (Bears) نه ٿيون پر خاصيتون رکندڙ (Bearers) آهن. رکندڙ خاصيتن ۾ انهن جو ڏيک ٺهي ٿو. (6)
جان لاڪ (1704-1632ع) جنهن کي “آزاد خياليءَ جو ابو” چيو وڃي ٿو، سندس لکڻين والٽئر ۽ روسو کي متاثر ڪيو، ان جو مادي جو معروضي نظريو ٻين کان مختلف آهي. (7) اهو مادي يا معروض جي بنيادي تصور کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو.
عام تصور اهو آهي ته انسان جڏهن ڄمي ٿو، اهو خالي (Blank) آهي، ان اندر سڀ کان پهريون خيال جيڪو پيدا ٿئي ٿو ته “اهو ڇا آهي؟ ۽ اهو ڇو آهي؟”
جان لاڪ چواڻي اهو غلط آهي، ڇو جو هر ڄمندڙ انسان ۾ اهڙو تصور ڄائي ڄم کان موجود هوندو آهي، اهو موروثي طور معروض جو نقش پاڻ کان گڏ کڻي پيدا ٿئي ٿو، ڪائناتي يا ٻاهريون معروض رڳو ان جي ادراڪي مدد ڪري ٿو. پهريون ڀيرو صوف ڏسندڙ ٻار جي ذهن ۾ صوف اڳ ئي موجود آهي، پر صوف جو ن خاصيتون ان جي ذهن ۾ صوف جو نقش جاڳائي وجهن ٿيون، مادو مغز ۾ مورثي موجود آهي. مادي جو ڏيک انهن کي معروضي صورت ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. (8)
صوف جو ذائقو، شڪل ۽ رنگ صوف ۾ نه آهي، پر انساني ادراڪ ۾ آهي ۽ اهڙين خاصيتن جو تجربو ۽ مشاهدو مغز ۾ موجود ذائقن، رنگن ۽ شڪلين کي واضح ڪري ٿو. اهڙيون شيون جيڪي مورثي طور انسان اندر موجود نه آهن، اهي ادراڪ کان ٻاهر اسميت (Nominalism) ۾ جاءِ والارين ٿيون، جيئن خدا جنهن جو معروض ڪنهن به روپ ۾ موجود نه آهي، خدا جو تصور اسميت آهي.
ٻڌمت ۾ بنڊل نظريو (Bundle theory) ڪا حيثيت نه ٿو رکي، ٻڌمت موجب “پاڻ” (Self) گاڏي وانگر آهي، گاڏو جيڪو گاڏي ۾ پيل شين کان مختلف نه آهي، نه اهو انهن شين جهڙو آهي، نه انهن شين ۾ موجود آهي، نه اهو شين جو ڍڳ آهي نه ان کي ڪو معروض آهي. (9)
ٻڌمت جي ٻئي نظريي موجب جڏهن “پاڻ” آهي ئي ڪونه ته پوءِ پاڻ ۾ هر شيءِ جي موجودگي نه هجڻ برابر آهي. (10)
مان “پاڻ” ۾ موجود آهيان، يا “پاڻ” مون ۾ موجود آهي، سڀ سونهن کانسواءِ ڪجهه نه آهي، سونهن موضوعي آهي، انڪري “تجهه” (Nothing) آهي، ڊيوڊ هيوم وٽ ڪائنات ڪاغذن جيان اڏامي ٿي، ڪاغذن تي وجودي نقش آهن.
جان لاڪ معروض کي مورثي چوي ٿو، خاصيت (Property) خصوصيت (Trait) آهي، معروض حقيقت آهي، مادو سچ آهي جيڪو مورثيت ۾ منتقل ٿي وجود وٺندڙ جي مغز ۾ محفوظ رهي ٿو. ڪائناتي معروض، مورثي معروضن کي جاڳائي ادراڪي شعور ڏين ٿا.
ڪائنات گوتم جو گاڏو آهي، نه “پاڻ” آهي، نه پاڻ اندر پاڻ آهي.
منهنجي ڊائريءَ جي ڪاغذن جو بنڊل ڪهڙو معروض رکي ٿو؟ منهنجي مورثيت (Heredity) ۾ ڊائريءَ جا سڀ صفحا ڪورا آهن، ڪائنات جا منظر ۽ معروض منهنجي انڪري مدد نه ٿا ڪن جو مان نظرين جي تجريد ۾ وڃائجي غير واضح معروض ٿي چڪو آهيان.
مان صفحا ڦاڙي گوتم جي گاڏي ۾ اڇلايان ٿو، گوتم جي گاڏي ۾ ڪاغذن جي ڪهڙي حيثيت، اتي هر شيءِ “هڪ” آهي.
References:
1. Peirce , Charles S.
“Object”.
University of Helsinki. (2009).
2. Rosen , Gideon (2014).
“Abstract Objects”.
The standford encyclopedia of philosophy. Metaphysics research lab , standford university.
3. SM. Walker ; A. king (2005).
“What is Matter ?”
Lerner publication. P-7.
4. Ackerman , F and G. webelhuth (1998).
“A theory of predicate”
Standford CA: CSLI. publications.
5. Hume , David (1740). A treatise of human nature (1978-ed). Oxford : Clarendon. P-457.
6. Rae Langton (2001), Kantian humility,
“Our ignorance of things in themselves”.
Oxford university press. p-28.
7. Vere , claborne chappell (ed).
“The Cambridge companion to John Locke”.
Cambridge university press , 1994 , p-56.
8. Uzgalis , William.
“John Locke”
in zalta , Edward , N. Stanford encyclopedia of philosophy.
9. Chandrakiri ,
“Guide to middle way”.
Translation in ocean of Nectar. P-327.
10. James Giles ,
“No self to be found : The search for personal identity”
University press of America , 1997.
***