خلل Delusion
خلل عقيدي جيان آهي جيڪو ايمان، نظريي، وهم، تصور يا خوف جي صورت ۾ دماغ اندر هجي ۽ اهو ڪيترن مضبوط دليلن کانپوءِ به نه نڪري، خلل هزارين سالن کان انساني ادراڪ ۾ رهيو آهي، اهو نفسياتي بيماريءَ جي دائري ۾ اچي ٿو. (2)
1913ع ۾ ڪارل جيسپرس (Karl Jaspers) (1969-1883ع) پهريون دفعو ان جي وضاحت ڪئي ۽ ٽي نشانيون بيان ڪيون.(3)
1. پڪ، جنهن ۾ خلل تي پورو يقين هجي.
2. ناقابل اصلاح (Incorrigible). ڪنهن به دليل کي نه مڃي، جيڪو ان خلل خلاف هجي پوءِ اهو دليل ڪيترو به مضبوط ڇو نه هجي.
3. وس کان پري لاحاصل شين جو خلل، جنهن ۾ اهڙيون شيون جيڪي حقيقت کان پري، عقل ۾ نه ايندڙ ۽ بي ڍنگيون (Bizarre) هجن.
خاص خلل (Specific delusions) عام خللن کان ٿورا مختلف ٿين ٿا، عام خلل، قومن، مذهبن، نظرين ۽ خاندانن ۾ هوندا آهن، جن پويان تخم (Gene) ۽ ماحولياتي حالتون، جن ۾ غربت، خوف، مشڪلاتون ۽ ٻيا سبب شامل هوندا آهن. (4)
خاص خلل انفرادي آهن، جن جا ٻه سبب آهن.
1. ذهني انتشار
2. طبيعت ۽ شخصيت
ذهني انتشار جو سبب ڊوپامائين (Dopamine) ڪيميائي مادي جو مغز تي اثر آهي. (5)
طبيعت ۽ شخصيت جي لحاظ کان خلل ماڻهوءَ اندر موجود هوندو آهي، اهو موروثي به ٿي سگهي ٿو يا ماحول ان اندر لڪيل خلل کي جاڳائي وجهي ۽ پوءِ خلل الهام جي صورت ۾ ان مٿان طاري ٿئي، خلل ۾ ثقافت ۽ تهذيب جو به عمل آهي، جيئن ڏوهه ۽ سزا جو خلل جيڪو آسٽريا جي عيسائين ۾ آهي، اهي ان ڏوهه جي احساس ۾ مبتلا آهن ته، نه ڪيل گناهن جي صلي ۾ قيامت ڏينهن کين سزا ملندي، پر ان ڀيٽ ۾ پاڪستانين جو خلل الڳ آهي، انهن وٽ اهو خلل آهي، ته ماڻهن کي آزاري يا تنگ (Persecute) ڪري نجات ماڻيندا. (6)
خلل تي وسيع بحث ڪجي ته دنيا جي ڪا به شيءِ خلل کان خالي نه آهي، ان کان وڌيڪ ڪهڙو خلل ٿي سگهي ٿو ته ڪو ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ته اهو خلل کان خالي آهي، آسري ۽ اميدن جو خلل جيئڻ تي راضي ڪري ٿو، دنيا کي جهلي بيٺل ڏاند جي ٻن سنڱن جا نالا اميد ۽ آسرو آهن.
ڪائنات جي پراسراريت انسان کي خلل ۾ مبتلا ڪري ٿي، تمام گهڻيون شيون انساني عقل کان ٻاهر آهن، انسان سمجهه ۾ نه ايندڙ شين جا مفروضاتي حل ڳولهي ٿو، وقت جي لحاظ کان جنهن جي لفاظي (Rhetriorism) قابل قبول آهي، اهو ڏاهو ٿي پوي ٿو، مفروضا، ايمان ۽ عقيدي جي صورت ۾ قائم ٿي وڃن ته اهي خلل ٿي پون ٿا، تبليغ ۾ وزن آهي ته اها دل اندر وزنائتي جاءِ والاري ٿي، ڪڏهن سچن عقيدن کي خلل چيو وڃي ٿو ۽ ڪڏهن من اندر ڪوڙن عقيدن جو ٻج اهو چئي ڇٽيو وڃي ٿو ته ان مان سچ جا سِلا نڪرندا، ڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته ڪنهن خلل کان پاڪ انسان کي اهو چئي ته “هو خلل ۾ مبتلا آهي” کيس منجهائي ان ڳالهه تي راضي ڪيو وڃي ٿو ته واقعي ئي هن اندر خلل موجود آهي، ان طريقي جيڪي ماڻهو خلل کان پاڪ هوندي پنهنجي خلل ۾ مبتلا هجڻ جو اقرار ڪن ٿا، گيس لائيٽنگ (Gas lighting) چيو وڃي ٿو. (7)
گيس لائيٽ 1938ع ۾ پيش ڪيل پيٽرڪ هيلمٽن (Patrick Hamilton) جو ڊرامو هيو، ڪنهن وقت بجلي نه هجڻ ڪري روشنيءَ لاءِ گيس جا گولا استعمال ڪيا ويندا هيا، ڊرامي ۾ هڪ ڪردار جنهن عورت کي قتل ڪيو آهي، اهو ان جي فليٽ اندر گيس جي گولي جي روشني جهڪي ڪري قتل ٿيل عورت جا زيور ڳولهي ٿو، ان فليٽ هيٺان قاتل جو پنهنجو فليٽ آهي، جنهن مان سندس زال هن جي هر حرڪت تي نظر رکي ٿي، اها ان کان جڏهن پڇي ٿي ته مٿي فليٽ جي روشني جهڪي ڇو هئي ته اهو کيس جواب ڏئي ٿو، فليٽ جي روشني جهڪي نه هئي اهو سندس وهم آهي ۽ اها ڪنهن خلل ۾ مبتلا آهي، آخر اهو ڪردار پنهنجي زال کي ان ڳالهه تي قائل ڪري وڃي ٿو ته واقعي ئي ان جو ادراڪ صحيح نه آهي، هن جيڪي ڏٺو اهو ڪوڙ هيو، جڏهن ته ان حقيقت کان سواءِ ڪجهه نه ڏٺو هيو. (8)
ان ڊرامي کانپوءِ گيس لائيٽ لفظ عام ٿيو، جنهن جو مقصد اهو آهي ته خلل کان پاڪ انسانن اندر پنهنجي زوردار تبليغ ۽ مثالن سان ڪنهن به سوچ کي خلل جي روپ ۾ مڙهي سگهي ٿو . (9)
ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته محتياط مشاهدن کي خلل ڪوٺيو وڃي ٿو، انتهائي حِسي ادراڪن وسيلي ڪيل مشاهدن کي نفسياتي مرض چيو وڃي ٿو ۽ اهي مشاهدا سچ ثابت ٿين ٿا. اهڙي صورتحال کي مارٿا مچل اثر (Martha Mitchell Effect) چيو وڃي ٿو، مارٿا آمريڪا جي اٽارني جنرل جي گهرواري هئي، جنهن چيو هيو ته وائيٽ هائوس ۾ ڪي غير قانوني حرڪتون ٿي رهيون آهن، ان وقت سندس اهڙي دعوا کي نفسياتي بيماري چيو ويو، ان کان ٿورو پوءِ واٽر گيٽ اسڪينڊل ٿيو جنهن مارٿا جي اندازن کي صحيح ثابت ڪيو. (10)
نفسيات جي ماهر انٿوني ڊيوڊ (Anthony David) موجب خلل جي ڪا به وصف قابل قبول نه آهي، اهو منجهيل مسئلو آهي. (11)
اجتماعي خلل کي پاسي رکي ڪجهه انفرادي خللن جو ذڪر ڪيون ٿا، جيڪي ذهني انتشار سبب آهن ۽ نفسياتي بيمارين ۾ شامل ٿين ٿا.
ڪپپگراس خلل (Capgras delusion): اهڙي خلل ۾ مبتلا شخص کي محسوس ٿيندو آهي، گهر ۾ رهندڙ سڀ ڀاتي جيئن ماءُ پيءُ، زال، ٻار ۽ ٻيا ويجها عزيز انهن جي شڪلين سان ملندڙ (Imposter) ڪي ٻيا شخص آهن، ان خلل ۾ صرف ماڻهو نه پر جايون ۽ موجود شيون پڻ ائين لڳنديون آهن ڄڻ ڪي انهن جهڙيون نقلي جايون ۽ شيون آهن، کين لڳندو آهي وقت مٽجي چڪو آهي ۽ وقت ساڳيو نه آهي، انهن ۾ انسانن کان خوف واري ڪيفيت (Paranoid Schizophrenia)، نيورو ڊي جنريٽو ڊزيز، مٺا پيشاب، اڌ مٿي جو سور ۽ ٿائيرائيڊ هارمون جي گهٽتائي شامل هوندي آهي. (12)
ڪڏهن مريض کي آپريشن کان اڳ بيهوشيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ دوا ڪيٽامائين (Ketamine) جي ڪري به اهڙي حالت ٿيندي آهي، ائين به ٿيندو آهي ته گهر اندر ويجهن عزيزن سان گڏ انهن جهڙا ٻيا شخص (Doubles) به گهمندي ڦرندي نظر ايندا آهن. (13)
ڪوٽارڊ خلل (Cotard Delusion) . اهو خلل نفسياتي بيماري آهي، جنهن ۾ لڳندو آهي ته هو مري چڪو آهي، وجود نه ٿو رکي ۽ ان جو جسم ڳري سڙي (Putrify) ٿي چڪو آهي، کيس ائين به محسوس ٿيندو آهي ته جسم ۾ رت سڪي چڪو آهي، عضوا ۽ اندريان سرشتا ختم ٿي چڪا آهن.(14) 45 سيڪڙو مريضن ۾ اهو خلل هوندو آهي ته اهي مٽجي فنا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 55 سيڪڙو مريض ان خلل ۾ هوندا آهن ته اهي موت کان آزاد ٿي امر ٿي چڪا آهن. (15)
هڪ اهڙي عورت جو ڪيس رڪارڊ تي آهي جنهن پنهنجي جسم اندر موجود سرشتن جو انڪار ڪيو ۽ چيو “جيئن ته هن اندر هاضمي جو سرشتو موجود نه آهي، انڪري ماني نه کائيندي”، ائين به چيو ته “اهو سڀ خدا طرفان کيس گناهن جي سزا طور آهي.”
ان ماني نه کاڌي ۽ فاقاڪشيءَ سبب مري وئي. (16)
ذاتي معدوم جو خلل (Depersonalization disorder): ان نفسياتي بيماريءَ ۾ مريض کي لڳندو آهي، اهو پنهنجي وجود مان ٻاهر نڪري مشاهدو ڪري ٿو، اهو پنهنجو پاڻ کي، پاڻ کي الڳ لڳندو آهي، سندس سوچن ۾ هم مرڪزيت (Concentration) نه هوندي آهي، سوچون ڀٽڪنديون رهنديون آهن، اهي وس ۾ نه هونديون آهن، کيس پنهنجا عڪس ۽ پاڇا پنهنجا نه لڳندا آهن، اهڙن مريضن ۾ غير حقيقيت (Derealization) هوندي آهي، ماحول ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل خوابناڪ (Surreal) لڳندو آهي، ان خلل جو بنيادي سبب ڊپريشن آهي. (17) ان خلل جون ٻيون علامتون اهي آهن ته اهڙا مريض پاڻ کي دل جي مرض ۾ مبتلا سمجهندا آهن ڇو جو سيني ۾ سور محسوس ٿيندو آهي، اوڪارا ايندا آهن، ٻانهن، ڄنگهن، هٿن ۽ پيرن جي ترين ۽ کڙين ۾ سئيون چُڀندي محسوس ٿينديون آهن، اها نفسياتي بيماري اهڙن شخصن ۾ به ڏٺي وئي آهي جن سان ننڍي هوندي برو برتاءُ (Child abuse) ڪيو ويو هجي. (18)
منهن انڌيارو (Prosopagnosia): اهڙو مرض گهڻو ڪري مغز جي بيماريءَ سبب ٿيندو آهي، جنهن ۾ مريض جي مغز اندر موروثي طور فيوسيفارم گائرس (Fusiform Gyrus) جو نقص هوندو آهي، ان خلل ۾ ادراڪ جي کوٽ هوندي آهي. ڄاتل سڃاتل چهرا سڃاڻي نه سگهندو آهي، آئيني اڳيان بيهندو آهي ته کيس لڳندو آهي، هو پاڻ نه پر ڪو ٻيو آهي، پنهنجو منهن ٻئي جو منهن سمجهندو آهي، جڏهن ته اهڙن مريضن ۾ نظر ۽ سمجهه سلامت هوندي آهي. (19)
فريگولي خلل (Fregoli Delusion): ان خلل ۾ لڳندو آهي ته گهڻا شخص هڪ شخص جو روپ ڌاري سندس سامهون اچن ٿا. اهو آهي هڪ شخص جيڪو مختلف شخصن جا ٻهروپ ڌاري سندس سامهون اچي ٿو. هڪ ستاويهن سالن جي عورت جو ڪيس ائين آهي ته کيس خلل هيو ته ٻه اداڪار جن کي هن ڪڏهن اسٽيج تي ڏٺو هيو، اهي هن جي ويجهي عزيز جو روپ ڌاري سندس سامهون اچن ٿا. (20)
خيالي عشق (Erotomania): اهڙو خلل جنهن ۾ ڪو محسوس ڪري ته ٻيو ڪو سندس تصور ۾ اچي نازيبا حرڪت (Infatuate) ڪري ٿو. اهڙو خلل اڪثر اهڙين عورتن ۾ ٿيندو آهي، جيڪي شرميليون هونديون آهن، اڃان پنهنجن قدمن تي بيٺل نه هونديون آهن ۽ جنسي تجربو نه هوندو آهي، اها وهمي (Obsessional) خرابي آهي.(21)
هڪ عورت جو ڪيس جنهن ۾ اها بيڪنگم محل ٻاهران بيٺل هئي، کيس لڳي رهيو هيو، بادشاهه دريءَ جو پردو هٽائي هن سان رابطي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. (22)
ڪائنات جو ڪهڙو معروض آهي جيڪو وهم کان خالي نه آهي؟ هڪ معروض هڪ لک مفروضاتي موضوعن کي جنم ڏئي ٿو، نفسياتي مرض هر انسان ۾ موروثي موجود آهن، هر انسان پنهنجي پرورش، پالنا، ثقافت ۽ ماحول موجب اهڙن مرضن کي ضابطي ۾ رکي ٿو يا ظاهر ڪري ٿو، ڪي پنهنجي ارادي، تربيت ۽ حاصل ڪيل اعتماد سان انهن بيمارين کي پنهنجي وس ۾ رکن ٿا. جڏهن ته ڪي وقت ۽ حالتن جي پيش نظر ضابطي مان نڪري نفسياتي خلل جو شڪار ٿين ٿا.
شخصيتون ۽ طبيعتون ساڳيون نه آهن، ماحول ساڳيو نه آهي، تربيت ۽ تعليم ساڳي نه آهي، هڪ شخص جي بگڙيل جين (Gene) نسلن تي اثر ڇڏي ٿي ۽ ٻئي شخص جي سنوريل جين نسلن اندر پاڻ ساڳي انداز ۾ ظاهر ٿئي ٿي، انفرادي خلل پڻ اجتماعي آهن پر انفرادي انڪري آهن جو خللن جي گهڻائي اجتماعي طور موجود هوندي هر ڪنهن اندر ضابطي جي اصول هيٺ الڳ قسم ۾ ظاهر ٿي، انفرادي ٿي پوي ٿي، ڪو ڪهڙي خلل ۾ مبتلا آهي ته ڪو ڪهڙي خلل ۾، ڪي خلل عام رواجي آهن ته ڪي خاص صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا. ڪي خلل عجيب آهن ته ڪي غريب.
هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ دنيا جو جديد طرز تي لکندڙ ڪهڙو اديب ڊي پرسونلائيزيشن جي خلل ۾ مبتلا نه آهي؟ سچو اديب آهي ئي اهو جيڪو پاڻ مان نڪري مشاهدو ڪري ٿو، تصور پاڻ کان ٻاهر جي دنيا آهي، اديب پاڻ منشي هوندو آهي، لکرائڻ وارو، ان کان ٻاهر ان جهڙو هوندو آهي، جيڪو خوابناڪ (Surrealist) ۽ هر شيءِ جي علامت هوندو آهي.
جڏهن مان لکندو آهيان ته لڳندو آهي ڪوهيڙي ۾ ڪمري جي هر شيءِ غائب ٿي چڪي آهي، پراسرار جادوئي منظرن مان ٻاهر نڪرندو آهيان، ته ٿڪ لهي ويندا آهن، جيئن گهري ننڊ مان جاڳي پيو هجان، لکڻ نشو آهي، لکڻ فرحت ۽ عياشي آهي، اهو ڀل ڊي پرسنلائيزيشن خلل هجي پر اهڙي خلل تان اهي سڀ خلل قربان جن کي خلل نه ٿو ليکيو وڃي.
الف کان اڳ جي تصور کان وڌيڪ ڪهڙو خلل ٿي سگهي ٿو، مان عرش ڏي ائين ڏسان ٿو، ڄڻ بيڪنگهم محل جي دريءَ جو پردو هٽائي بادشاهه رابطي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندو هجي، سڀ چهرا خدا جو چهرو سجائي مون اڳيان بيٺا هجن، مان ڪنهن نازيبا حرڪت جو منتظر هجان، ڪو به عشق خيالي نه هوندو آهي، سچي محبوبا اها ئي ثابت ٿئي ٿي جيڪا خيالن تائين محدود آهي، منهنجي سوچ ۽ سمجهه سلامت هوندي، منهنجو منهن، منهنجو منهن نه آهي، منهنجو منهن منهنجي محبوب جو منهن آهي، ضروري نه آهي ته آئينا سچ ڳالهائين، ڪڏهن آئينا اسان جي منهن ۾ پنهنجو منهن ڏسندا آهن.
مان معدوم ٿي چڪو آهيان، منهنجو وجود منهنجو نه آهي، اهو ليز تي ورتل آهي، منهنجي وجود جا سرشتا منهنجي وجود ۾ موجود نه آهن، منهنجي خلل لاءِ اها ڳالهه حوصلي جو سبب آهي ته هاضمي جو سرشتو صرف منهنجو معدوم ٿيل نه آهي پر هر شخص هاضمي کان محروم آهي، معاشري جي ڪا به شيءِ هضم نه ٿي ٿئي، بدهاضمي اسان کي تخريبڪار بنائي وڌو آهي، اسان دنيا جا مشهور دهشتگرد آهيون.
مون کي هڪ عورت ياد آهي جيڪا اسپتال ۾ آئي، مون جڏهن کيس مرض جو پڇيو ته چوڻ لڳي “جڏهن مان ڪنڌ ورائي ڪلهي وٽان ڏسان ٿي ته مون کي پنهنجي اندر سڀ نظر اچي ٿو”
مون پڇيو “ڇا ٿو نظر اچي؟”
چيائين “اوندهه”
وري اها هر هر پڇي رهي هئي “ڊاڪٽر مان مري ته نه ويندس.... ڊاڪٽر مان مري ته نه ويندس.”
مان وٽ ڪو جواب نه هيو، اندر جي اوندهه ڪو ڏسي ٿو ۽ ڪو محسوس ڪري ٿو، خدا ان خلل جو خانو خراب ڪري جيڪو خدا کي خلل ڪوٺي ٿو، يا خدا معاف ڪر، سرشتن ۽ رشتن کي برقرار رک، هاضمي جي صلاحيت ڏي، ڏوهي نه ڪر اڏوهي ڪر جيئن هن ڊائري جي ڪاغذن کي هضم ڪري سگهان، نه ٿو چاهيان ته الف کان اڳ منهنجي ڊائريءَ جو ڪو ڦاٽل ورق ڪنهن جي ڳولها ۾ رولاڪ جيان خول (Void) ۾ ڀٽڪندو رهي.
References:
1. M, Raja.
“Religious delusion”.
(PDF) Archived from the original. Retrieved 17 April 2011.
2. Spitzer, M. (1990).
“On defining delusions”.
Compr , Psychiatry. 31(5):377-97.
3. Jasper , Karl (1913). Allgemeine psychopathologie. Berlin. J. Spiringer.
4. Kingston , C. schummans. Stekhoven. J. (2016). Life hassles and delusional ideation: scoping the potential role of cognitive and affective mediators , psychology and psychotheraphy : Theory , research and practice. 89(4). 445-63.
5. Morimoto , K; Miyatake , R; et al (2002).
“Delusional disorders : molecular genetic evidence for dopamine psychosis”.
6. Stompe , T; Friedman A. Ortwein G, et al. (1999).
“Comparision of delusions among schizophrenics in Austria and in Pakistan”.
Psychopathology.32(5):225-34.
7. Dorpat , Theo , L (1994).
“On the double whammy and gaslighting”
Psychoanalysis and psychotherapy.11(1):91-96.
8. Bellafante , Ginia.
“Theater review Gaslight”.
New York times , 24 May 2007.
9. Lund , C,A ; Gardiner, A, Q (1977).
“The gaslight phenomenon: An institutional variant.”
British journal of psychiatry . 131(5):533-34.
10. Engelmayer , Sheladon D. (1973).
“Martha , The mouth that roared”.
New York : Berkley.
11. David , A,S. (1999).
“On the impossibility of defining delusions”
Philosophy , psychiatry and psychology. 6(1):17-20.
12. Ellis , Hadyn D; Lewis, Michael B. (2001).
“Capgras delusion : a window on face recognition”
Trends in cognitive science. 5(4):149-56.
13. Aziz , VM; warner , NJ (2005).
“Capgras syndrome of time”.
Psychopathology 38(1) 49-52.
14. Berrios . G,E ; Luque , R. (1995)
“Cotard delusion or syndrome?”
Comprehensive psychiatry. 36:218-23.
15. Berrios , G,E , Luque, R (1995).
“Cotard syndrome: Clinical analysis of 100 cases”.
Acta psychiatric scandinavica. 91:185-88.
16. Berrios , G,E; Luque (1999).
“Cotard’s on hypochondriacal melancholia”.
History of psychiatry. 10:269-78.
17. “Depersonalization derealization disorder: Epidemiology. Pathogenesis , clinical manifestation, course and diagnosis”
Archived from original -18 May 2015.
18. Simeon. D (2004).
“Depersonalization disorder: A contemporary overview”.
CNS drugs. 18(6):343-54.
19. Gruter T, et al (2008).
“Neural and genetic foundations of face recognitions and prosopagnosia”
J , Neuropsychol. 2(1):79-97.
20. Feinberg, Todd ; Eaton , Lisa , et al (1999).
“Multiple Fregoli delusions after traumatic brain injury”.
Crotex. 35(3):373-87.
21. Segal , J. H (1989).
“Erotomania revisited : from kraepelin to DSM-III-R”.
The American Journal of psychiatry. 146:12-61.
22. Mc Donnell ; Margaux ; Mc padden (2013).
“A Stalkers that make us glad , we are not famous”.
***