اڻ هوند Nothingness
“نجهه” اهڙي خاصيت (Property) آهي، جنهن خاصيت جو ڪو وجود نه هجي. (2)
پارمنائڊس (Parmenides) پنجين صدي قبل مسيح چواڻي “نجهه” معنا جيڪا شيءِ وجود نه رکي، بحث هيٺ اها شيءِ ايندي آهي، جنهن جو ڪو وجود هجي، ان ڪري جڏهن اسان “نجهه” متعلق بحث ڪيون ٿا ته معنا اها “ڪجهه” (Something) آهي. (3)
پنجين صدي قبل مسيح ان فلاسافر چواڻي ڪا به تبديلي (Change) نه ٿي اچي، ڪائنات جيئن هئي تيئن آهي، ان ۾ وقت سان ڪا به ڦير ڦار نه ٿي آهي، نه شيون وجود وٺن ٿيون، نه وجود وڃائين ٿيون.(4)
پارمنائڊس، ماورائي طبعات (Metaphysics) ۽ وجودي نظري (Ontology) جو باني هيو، اهو سقراط کان اڳ جو فلاسافر آهي، جيڪو وحدت الوجود (Monist) اسڪول آف ٿاٽ سان لاڳاپيل هيو. (5)
جيئن دل “وجود” جو واحد نقطو آهي، ائين ڪائنات “خدا” جو مٿيون نقطو آهي، فلسفو سيارن جيان ان چوڌاري ڦري ٿو. عقل انڌو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن “ڪجهه” ڳولهيندي ان جون اکيون ضايع ٿي وينديون آهن.
پارمنائڊس بحث کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، سندس چواڻي “بحث هيٺ اها شيءِ ايندي آهي، جيڪا وجود رکندي هجي” جيڪڏهن نجهه (Nothing) آهي ته پوءِ اڻ هوندو (Nothing ness) خاليپڻي جو اظهار آهي، ان خال ۾ موجود وٿي پنهنجي لامڪان ۾ مقام رکي ٿي.
پارمنائڊس “نجهه” جو اڻ سڌيءَ طرح انڪاري آهي، هو “نجهه” کي ٻئي نظر سان ڏسي ٿو ۽ چوي ٿو “ڪجهه آهي” ۽ واقعي ئي ڪجهه آهي، جنهن کي شعور ڳولهيندي “نجهه” ۾ تبديل ٿي ويو آهي، پارمنائڊس جو مفروضي منطق “ڪجهه” ڏسي ٿو، ڀل اهو تبديليءَ جي عمل مان گذرندو هجي، پر اهو آهي ڪير؟ خدا، ايٽم يا مشاهدي ۾ نه ايندڙ جزا، جيڪي کوجنا جو رستو کولين ٿا. (6)
فلسفي کي آسمان جي تارن جيڏيون اکيون آهن ۽ هر اک هستيءَ کي ڏسڻ لئي بي قرار آهي، فلسفي جي ڪهڙي به گهٽيءَ ۾ گهمو، ان گهٽيءَ جي هر در تي هستيءَ جو نانءُ لکيل آهي. خدا نه ان جو پاڇو ڇرڪائيندڙ آهي، ڪائنات ڪرڻا آهي ۽ ڪرڻن جو مرڪز، ڪرڻن جي خاصيتن (Properties) ۾ دفن ٿيل آهي، خدا کي کوٽي ڪڍڻ، نوان کنڊر تعمير ڪرڻ آهي. قائم ڪيل قياس (Chaos) جاري آهي ۽ سماوي (Cosmos) آٿت (Placebo) آهي ته ڪٿي نه ڪٿي ان جو ظهور کيس نقاءَ (Nomenon) ۾ پڌرو ڪري وجهندو.
پر پارمنائڊس جا وجودي خيال جٽادار نه آهن، هو تبديليءَ کي نه ٿو مڃي، جيئن آهي تيئن آهي، نه ڪو وجود وٺي ٿو، نه وڃائي ٿو، وحدت الوجود جي مرڪزي نقطي ۾ سڀ سمايل آهي.
پارمنائڊس، وجودن ۽ الوهي طبعاتي منظرن جو ابو، مذهبن جو ٻج ڇٽيندڙ، خدا جي ٻنيءَ جو مفلوج هاري، تبديليءَ جو انڪاري، جيئن آهي تيئن آهي، جيئن هيو ائين آهي، سندس همعصر ليوڪيپوس (Leucippus) وحدت الوجود (Monist) فلسفي، جنهن چيو ته وحدت ايٽم (Atom) آهي. ايٽم ڪائنات جو مرڪزي نقطو آهي، نقطي چوڌر خول (Void) آهي ۽ خول چرپر (Motion) لئي ضروري آهي.(7) خول، وجود (Existence) جو ضد آهي، مرڪزي نقطي ايٽم جي چرپر خول ۾ وجود جي ڀٽڪندڙ روحن لئي جسم جي تعمير آهي، هو پارمنائڊس جي ان خيال سان متفق آهي ته “نجهه” جو ڪو تصور نه آهي، ڪجهه آهي ۽ اهو واحد موجود جيڪو وحدت الوجود آهي، اهو ايٽم آهي يا هستي، معروض آهي يا موضوع، خاصيتن جو ڍير آهي يا بگڙيل نقش (Abstract structure) نهر (Dense) آهي يا نهرو (Liquid) گيس آهي يا گس، رستو آهي يا راهه، تصور نٽهڻ اُس ۾ ڪنڊيءَ تي ويٺل ڪانءَ جي اک آهي، ڪارو ڪانءُ جيڪو سهڪي ٿو ۽ ان جو ڳاڙهو وات ڦاٽل آهي.
پارمنائڊس موجب “ڪجهه” آهي، ڪجهه اندر وجود هڪ ٻئي ۾ گهاٽا (Plenum) آهن، اهي مادي اندر مادي سان ڀريل آهن، ائين ڀريل آهن، جو وٿي نه هجڻ ڪري چرپر جي جاءِ نه آهي. (8)
جديد سائنس چوي ٿي ڪائنات هڪ پهڻي (Monolithic) نه آهي، پر گهڻ پهڻي (Multilithic) آهي، انهن گهڻ پهڻن وجودن جي وٿين (Voids) ۾ هر هنڌ چرپر آهي.
فلسفو بي گهر انڌي فقير جيان آهي، اهو لٺ سهاري ٻين جا در کڙڪائي پڇي ٿو “منهنجو گهر ڪٿي آهي؟”
مفروضا (Hypothetics) شطرنج راند آهي، جنهن ۾ مهرا بادشاهه کي ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، مارڻ لاءِ نه، ڳولهڻ لاءِ! مفروضن جي راند جو بادشاهه، راند کان ٻاهر کيڏندڙن جي دماغ ۾ رهي ٿو، انهن جو مهرو راند ۾ نه آهي، تصور ۾ آهي، اهو ڌيان ۾ آهي، اها اڻ کٽ راند آهي، هڪڙا رانديگر گذاري ويا، ٻيا گذري رهيا آهن، ٽيان گذاري ويندا.
زمانو نه گذري رهيو آهي، اسين گذري رهيا آهيون، اسين وڏڙن جي خوابن ۾ جئي رهيا آهيون ۽ ايندڙ اسان جي خوابن ۾ جيئندا، تصور وقت جي اڻ کٽ تند آهي ۽ اسين تند ۾ اٽڪيل آهيون، تند وجود ۽ آڱرين جو رابطو آهي.
ڊيموڪريٽس (460-370BC) پارمنائڊس جي نظريي ۾ ترميم ڪري ٿو، چوي ٿو “ضرور ڪجهه” آهي، ائين چئجي ته “نجهه” پاڻ “ڪجهه” آهي، خول (Void) خالي نه آهي، خول اندر شيون وجود رکن ٿيون، ننڍا ذرا (Atoms) وجود وٺي وڏن ذرن ۾ تبديل ٿين ٿا، شيون تبديل ٿين ٿيون، اهي ڄميل نه آهن، اهي ڦير ڦار جي عمل مان گذري بقا ڏانهن وڌن ٿيون. (9)
ڊيموڪريٽس جنهن جي پيرن جا نشان پيرن جيان پنڌ ڪن ٿا. ڪو لافاني انڪري هوندو آهي جو فنا ٿيڻ کانپوءِ ان جو پاڇو رهجي ويندو آهي، پاڇولافاني شخصيت کان وڌيڪ پاڇائي هيبت رکندو آهي، ڊيموڪريٽس الهام (Intuition) جي گهوڙن جو مالڪ، تصور جي طنيبلي ۾ عورتن جي خوبصورت چهرن وارا براق تڏهن پيدا ٿين ٿا، جڏهن ڊيموڪريٽس جا پرواز ڪندڙ خيال الهام جي گهوڙن سان عشق ڪن ٿا.
فلاسفر ڪرل بيلي (Cryll Baily) موجب ليوڪيپوس خول (Void) کي “ڪجهه” چئي “نجهه” کي اهميت ڏني آهي. (10)
هر فلاسافر خفتي آهي، اهو لفظ پالي ٿو، خفتي تتر پاليندا آهن، انهن کي ماحول فراهم ڪندا آهن ته اهي دل کولي ٻولين، تتر کي ڏسي تتر ڄار ۾ ڦاسندو آهي، هوا ۾ رولاڪ ڪبوتر تهه تي ويٺل ڪبوترن جي ڀڙڪي تي اچي انهن جي ڀر ۾ ويهندو آهي ۽ ڦاسي پوندو آهي.
لفظن جا خفتي لفظن جو ڄار وڇائي لفظ ڦاسائيندا آهن، سوچون رولاڪ ڪبوتر جيان عرش جي اوچائيءَ تي ڀٽڪنديون آهن، ڪرل بيلي وري “ڪجهه” کي “نجهه” ۾ ڦاسائي ٿو، جيڪي آهي ڄڻ ته آهي.
وڻ جي اوٽ مان اکڙين جا اشارا آهن، هر اشارو الڳ آهي، پر ڳولهيندڙ جي من ۾ هڪ (One) آهي، اها هيڪڙائي (Oneness) گهڻائي (Polyness) کي ڀلائي رڻ رلائي ٿي، اکڙين جا اشارا ڪير سمجهي؟ اشارن جي ڳجهارت ڪير ڀنڃي؟ چَپَ چُپ آهن، “ڪجهه” ڄاڻڻ جي دعواتي پراعتماد زبانون ڪوڙ ڳالهائين ٿيون، منزل ڏي وڌندڙ پير ٿيڙ کائين ٿا، لفظ وچڙن ٿا، ڳجهه ڳولهڻ لئي ماڻهو، ماڻهوءَ کي کوٽي ٿو، اندر نامڪمل آهي، دل اهڙو کنڊر آهي، جيڪو ڪنهن به دور ۾ خوبصورت عمارت نه هئي.
هيگل (1831-1770ع) موجب ڪا به شيءِ سچ ثابت نه ٿي ٿئي، سچ ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ ئي وقت گهڻين شين جي ضرورت پوي ٿي، جيئن دعوا (Thesis) رد دعوا (Antithesis) ۽ ترڪيب (Synthesis)، انهن کي ملائي سچ کي ويجهو وڃي سگهجي ٿو. انهن کي الڳ ڪري ڪو به تجزيو ڪوڙ ڏي وٺي ويندو. “نجهه” جو تجزيو هيگل جي فلسفي ۾ ڪامل (Absolute) تڏهن ليکجي ٿو، جڏهن ان کي هيٺين ترتيب ۾ پرکيو وڃي.
1. دعوا (Thesis) ته ڪامل (Absolute) نج وجود رکندڙ آهي.
2. رد دعوا (Antithesis) نجهه ڪامل نه آهي.
3. ترڪيب (Synthesis) جنهن موجب ڪامل وجود وٺي رهيو آهي. (11)
ڪنهن شخص گدڙ نه ڏٺو هيو، جهنگ ۾ ويو ۽ گدڙ ڳولهيائين، واٽ تي کيس گدڙ مليو، ڇو جو گدڙ نه ڏٺو هيائين، ان ڪري سڃاڻي نه سگهيو، جڏهن گدڙ کي ويجهو آيو ته ان کان پڇيائين؛
“ڏي خبر هتي ڪو گدڙ رهندو آهي؟”
گدڙ پڇيس: “ڇو؟”
“ڇو جو سڄي زندگي ان جي تعريف ٻڌندي گذري آهي، سوچيم ڏسان ته صحيح اهو گدڙ آهي ڪهڙو؟”
گدڙ هن جي ڳالهه تي کلي نه سگهيو ڇو جو گدڙ کلندا نه آهن.
“ها مونکي خبر آهي” گدڙ چيس“پر تون ان کي ڏسي نه سگهندين”
“ڇو نه ڏسي سگهندس؟” ماڻهوءَ چيو.
“ڇو جو اهو طاقتور آهي، ان جا ڏند وڏا، ننهن ڊگها، وات ويڪرو، گاج ڪندو آهي، ته جهنگ جا جانور ڇرڪي ويندا آهن، ڊڪي پڪڙي، ڪنڌ ۾ وات وجهي ساهه ڪڍي کائي ويندو آهي.”
ماڻهوءَ هڪدم چيس “پر اهو ته شينهن آهي”
گدڙ چيس: “شينهن کي گدڙ کان وڌيڪ ڪير سڃاڻي.”
هيگل جو سچ کي ويجهي پوڻ وارو نظريو به ائين آهي جيئن ماءُ پنهنجي وڃائجي ويل ٻار کي ڳولهيندي هجي جيڪو کيس ڄايو ئي نه آهي.
دعوا، ته ڪامل نج وجود رکندڙ آهي، واقعي هرڪو دعوا ڪري ٿو، دعوا کي رد ڪري، ڪامل جي ترڪيب (Synthesis) ڪڏهن مڪمل ٿيندي؟ اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي، هيگل کي چوٿين ڳالهه به ڪرڻي هئي، جيڪا تجزيو (Analysis) هئي ته سچ ڪائنات جي فنا ٿيڻ تائين ڪڏهن ڪامل نه ٿيندو، سچ ميڻ جو بت آهي، گرمي سرديءَ تي ان جا نقش بدلجي پون ٿا، نجهه (Nothing) انڪري آهي جو اسين انڌا نه آهيون، ڪائنات انڌي آهي ۽ اسين ان کي نظر نه ٿا اچون.
سارتر جي نظر ۾ “ڪجهه” (Something) آهي پر ان سان گڏ “نجهه” پڻ آهي، هن پنهنجي ڪتاب موجود ۽ اڻ هوندو (Being and nothingness) ۾ ٻن قسمن جي وجودن جو ذڪر ڪيو آهي، حقيقي وجود جيڪي معروض (Object) آهن، جيئن وڻ، ٽڻ، حيوان، انسان ۽ نظر ايندڙ شيون. ٻيو وجود، شعور (Consciousnsess) آهي، جيڪو “نجهه” آهي. ڇو جو شعور نظر نه ٿو اچي پر آهي. (12)
جيڪس لڪان (Jacques Lacan) (1981-1901ع) ۽ ٻين مفڪرن سارتر پاران ڏنل اهڙن ويچارن جي وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو “جيئن ته انسان شعور جي پيداوار آهي ۽ شعور” “نجهه” آهي، انڪري انسان جو خلقيندڙ “نجهه” آهي، خدا ان جو خالق نه آهي، انهن دهرائپ (Atheism) کي هٿي ڏني. (13)
شعور انسان جو سرچشمو آهي، انسان شعور جو سرچشمو آهي؟ چون ٿا سج ڪجهه نه آهي ڪرڻا آهي، ساهه جو ڪهڙو وجود آهي؟ توانائيءَ جو سڙڻ روشني آهي، باهه آهي. روشني ۽ باهه بذات خود “نجهه” آهن.
شعور ٽانڊو آهي جيڪو دماغ جي چلهه ۾ دکي ٿو، اهميت ٽانڊي کي آهي يا دماغ کي؟ سارتر موضوع (Subject) کي اهميت ڏئي ٿو. سڀ معروض، شعوري موضوع ۾ ڏسجن ٿا. ماڻهو منجهيل آهن، شعور جي شهر جا سڀ رستا بند آهن، گهڻين جي گهرن جا ڪڙا ڇڳل آهن، ماڻهو موڪلائڻ چاهي ٿو، ڪڙا کڙڪائي نه ٿو سگهي، هوا ۾ لڏندڙ هٿ ڪٽيل آهن.
اي خدا مون ۾ پناهه وٺ جيئن توکي سانڍي سگهان، شعور کان لاشعور سٺو، انسان کان اٺ جو ڳاٽ ڪيڏو اونچو آهي.
وحداني مذهب، معروض (Object) آهن ۽ ڌرمي مذهب، موضوع (Subject). وحداني “ڪجهه” آهي تي زور ڏين ٿا ۽ ڌرمي “نجهه” جي پيداوار آهن، ڪجهه آهي جيڪو نظر نه ٿو اچي، پر “ڪجهه” آهي. “نجهه” آهي، هر شيءِ فنا مان ڦٽي ٿي، جتي انا جي فنا ٿئي ٿي اتي وجود ڪک جيان اڏامي هوا تخليق ڪري ٿو ۽ ڪائنات جي ابتدا ٿئي ٿي.
نه مان ڌرمي، نه وحداني، نه وجودي، نه موجودي، “نجهه” جي ڪک مان ڦٽندڙ “ڪجهه”، نه نوري، نه شعوري، نه قياس، نه سماوي، نه آٿت، نه ناٿت، نه خال، نه خول، نه نهرو، نه نهر، نه واڌ، نه وٿي، نه ترڪيب، نه ترتيب، نه دعوا، نه رد دعوا، نه مڪمل، نه ڪامل، نه موضوع، نه معروض، مان انا جي فنا، اڏامندڙ ڪک، مان گهنجيل، مان منجهيل، مان مطمئن نه آهيان، مان منافق نه آهيان، ڊائري جا لکيل پنا ڦاڙيان ٿو، منهنجي ڊسٽ بن جي دل وڏي آهي.
References:
1. Bertrand Russell.
“History of western philosophy”.
Routledge 1995.
2. Josef pieper , Berthold wald , For the love of wisdom : Essays on the nature of philosophy” Translator: Roger wasserman, Ignatius press , 2006.
3. Austin , Scott (2007).
“Parmenides and the history of dialectic: Three assays”
Parmenides publishing.
4. Burnet J. (2003).
“Early Greek philosophy”.
Kessinger publishing (First edition 1908).
5. Barnes, Jonathan (1978).
“The presocratic philosophers”.
Routledge and kegan Paul.
6. Coxon A.H (2009).
“The fragments of Parmenides: A critical text with introduction and translation , the ancient testimonia and a commentary”.
Las vagas , Parmenides publishing.
7. Laertius , Diogenes (1925)
“others : Leucippus”
Lives of eminent philosophers. p.2-9.
8. Cordero Nestor- Luis. (2004).
“By being it is : The thesis of Parmenides”
Parmenides publishing.
9. Sylvia Berrymen (2005).
“Ancient Atomism.”
Standford Encylopedia of philosophy. Retrieved on 15 July 2009.
10. David Furley (1967). Cryll Baileys comments on Greek atomist and Epicurus.p-38.
11. David Gray Carlson , A commentary to Hegel’s science of logic. Palgrave Macmillan , 2007.p-38.
12. Jean- Paul satre.
“Being and Nothingness”.
July 8.2006.
13. David Macey.
“Introduction”
Jacques Lacan. The four fundamental concepts of psycho. Analysis (London 1994).p-14.
***