اسميت Nominalism
محلول جي وضاحت ڪجهه ائين آهي ته گرامر موجب جملا، موضوع (Subject) ۽ محلول (Predicate) ۾ ورهايل هوندا آهن، ڪنهن به جملي جو هڪ حصو موضوع ۽ ٻيو حصو محلول هوندو آهي، محلول جو ڪم موضوع جي مقصد کي پورو ڪرڻ هوندو آهي. (2)
مثال طور:
“ڇا تون ماني کاڌي؟”
ان جملي ۾ “تون” موضوع ۽ “ماني کاڌي” محلول آهي.
“ها ماني کاڌي”
ان جملي ۾ صرف محلول “ماني کاڌي” آهي، جيڪو موضوع “تون” جي غير موجودگيءَ ۾ به ان جي موجودگي ظاهر ڪري ٿو.
ائين ڪائنات ۽ معروض سڀ اهڙا موضوع آهن، جيڪي پنهنجي محلول مان ظاهر ٿين ٿا.
اسميت (Nominalism) حقيقت (Realism) جو ابتوانس (Paradox) آهي. (3)
حقيقت ۾ شيون ادراڪي (Perceptual) معروض رکن ٿيون، اهو ان جي ابتڙ آهي ته ڪو سوچي ۽ ان جو ادراڪ نالن جي صورت ۾ شين کي وجود ڏئي، جيڪي ڪجهه ڏسون ٿا اهو حقيقي حالت ۾ موجود آهي، وڻ ٽڻ، باهه پاڻي يا ڪو به مادو جيڪو ڏسندڙ کي نظر اچي ٿو، اهو حقيقت آهي، اسميت ان جي ابتڙ آهي، جيڪي به آفاقي يا عمومي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، اهي نالي ماتر آهن، اهي نالن کانسواءِ ڪجهه نه آهن، نالا شين کي وجود ڏين ٿا، اسان جي ادراڪ ۾ جيڪو معروض (Object) ٺهي ٿو، اهو مادو نه آهي، پر ادراڪ پنهنجي سوچ سان نظر ايندڙ خاصيتن کي نانءُ ڏئي پنهنجي تصور ۾ نقش محفوظ ڪري ٿو. (4)
جان اسٽارٽ مل (John staurt Mill) (1873-1806ع) چيو ته “ڪجهه نه آهي نالن کانسواءِ” (5)
ڪنهن وٽ گهر ۾ ٻه ٻليون آهن، انهن جا نالا “کيري” ۽ “سويٽي” آهن، ٻليون، ٻليون نه آهن، پر کيري ۽ سويٽي آهن، جڏهن ته حقيقت موجب ٻئي ٻليون آهن، ان ڪري ٻليءَ کي محلول (Predicate) چئي سگهجي ٿو.
اسميت ۾ فلاسفر نالي اندر غائب موضوع (Subject) جا نقش قيد ڪن ٿا، اهي محلول ۾ غيب ڳولهين ٿا، خدا ڪائنات ٺاهي، “خدا” (Subject) ۽ “ڪائنات ٺاهي” محلول آهي، خدا غائب آهي ۽ ڪائنات موجود آهي، “ڪائنات ٺاهي” جي محلول اندر خدا جي شاهدي آهي.
جان اسٽارٽ مل موجب جيڪڏهن لاتعداد ٻليون هجن ۽ انهن کي نالا هجن، انهن لاتعداد نالن پويان محلول صرف هڪ ٻلي آهي، نالا ٻليءَ کي الڳ ڪري سوين ٻليون ظاهر ڪن ٿا، جڏهن ته نالن پويان آهي ٻلي، ڇو جو سڀ ٻليون آهن. (6)
ائين شيون هڪ ٻئي ۾ سمائجي اڻ کٽ موٽ (Infinite regress) کائن ٿيون، ڇو جو صرف ڪائنات آهي، باقي ڪائنات جا نالا آهن، شيون سوچ ۾ آهن، ٻاهر نه آهن.(7) شيءِ ۾ شيءِ لڪيل آهي ۽ ان شيءِ ۾ شيءِ لڪيل آهي ۽ ان شيءِ ۾ لڪيل...... اڻ کٽ موٽ سوچن کي واپس موڙي خدا کان اڳ جي ماحول ۾ وٺي وڃي ٿي، جتي شيون گم ٿي غيب ۾ سمائجي وڃن ٿيون ۽ غيب، غيب ۾ پناهه وٺي پوئتي اڻ کٽ موٽ کائي غائب ٿي وڃي ٿو.
غيب جو تصور پاڻ کي فنا ڪرڻ آهي، اڻ کٽ موٽ جو انت اتي آهي، جتي قلم جي اک مان وهندڙ آخري ڳوڙهو وري ڪا اک ڳولهي ٿو، اهو آخري ڳوڙهو ئي آهي جيڪو مختلف نانءُ وٺي اڻ کٽ چوٽ (Infinite Progress) طرف واپس وري قياس (Chaos) مان نڪري خول (Void) کي پُر ڪندي سماوي (Cosmos) ٺاهيندي ساهوارن جي جيوَ گهرڙي جو تخم (Gene) بنجي شڪليون اختيار ڪري ٿو. ساهوارن جا سڀ نالا “جيوَ گهرڙو” (Cell) آهي، جيوَ گهرڙي جون خاصيتون، وڻن جا قسم، جانورن جون ذاتيون ۽ انسانن جا نالا تخليق ڪن ٿيون.
اسميت ۾ هر شيءِ تجريد (Abstract) آهي، تجريد پاڻ شيءِ نه آهي پر گهڻين شين جهڙي آهي، اها موضوعي معروض آهي، بگڙيل نقش آهي ۽ ان بگاڙ ۾ سوين سنواريل نقش سمايل آهن، اهو نقش زمان ۽ مڪان ۾ مقام نه ٿو رکي، پر ادراڪ سان مختلف شڪليون وٺي تصور ۾ جاءِ ٺاهي ٿو. (8)
حقيقت (Reality) قطعيد (Concrete) آهي، اها ادراڪ ۾ ايندڙ حقيقي ۽ ٺوس شيءِ آهي، اها معروضي لحاظ کان ائين آهي، جيئن نظر اچي ٿي، اها قطعيد (قطعي) ۽ مڪمل آهي، اها ئي آهي جيڪا حقيقت ۾ ڏيک ڏئي ٿي. (9)
ماورائي طبعات (Metaphysics) ۾ اهو سوال آهي ته ڇا خاصيتون (Properties) وجود رکن ٿيون، جيڪڏهن ها ته اهي ڪهڙيون آهن، خاصيتن جي وصف اها آهي ته اهي معروض جون خصوصيتون (Characteristics) آهن، ڳاڙهي رنگ جي نظر ايندڙ معروض ۾ ڳاڙهو خاصيت آهي.
خاصيتون معروض کانسواءِ وجود نه ٿيون رکن ڇو جو خاصيتن جو ذريعو معروض آهي، معروض نه هوندو ته خاصيتون نه هونديون، ڪائنات خاصيتون آهي ۽ اهي خاصيتون معروض کانسواءِ وجود نه ٿيون رکن.(10)
خاصيتون معيار (Quality) ۽ ان جي واسطي (Relation) سان تعلق رکن ٿيون، معيار ۽ واسطو معروض سان لاڳاپيل آهي، هڪ ڪرسيءَ جو تصور جيڪا هڪ لک پنجاهه سال پراڻي آهي، اها ايڏي پراڻي نه ٿي ٿئي سگهي. (11)
تصور ڪيو ته ٽي ڪپ هولڊر ٽيبل تي پيا آهن، انهن جو معيار (Quality) اهو هوندو ته اهي گول هوندا، ان ڪري گولائيءَ جو تصور اڀاريندا، ائين خاصيتون شيءِ جو تصور پيدا ڪن ٿيون، جيئن ننڍو، وڏو، ڊگهو، ڳاڙهو، سائو، مرد، عورت، پيءَ، ماءُ، ٻيا فرد، ائين لاتعداد صفتن، خوبين ۽ خامين ذريعي واضع ٿيندڙ تصور.
ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪائنات جي هر شيءِ خاصيت آهي ۽ خاصيت دماغ جو تصور آهي، اهڙو تصور اسان جي ڳالهه ٻولهه مان ظاهر ٿئي ٿو، ٻوليون وجود وٺن ٿيون ۽ خاصيتن جي وضاحتن سان اسان خيالن جو اظهار ڪيون ٿا. (12)
حسن جي حقيقت جي باري ۾ خاصيتن جا ٽي خيال
1. انتهائي حقيقت (Extreme Realism) اهو افلاطون جو خيال آهي، جنهن موجب حسن اهڙي خاصيت آهي، جيڪو وجود رکي ٿو، ڪنهن به سوچ يا وضاحت کان بغير.
2. تمام حقيقت (Strong Realism) اهو ارسطوءَ جو خيال آهي، جنهن موجب حسن اهڙي خاصيت آهي، جيڪا وجود رکي ٿي، ان وقت جڏهن حسين شيون وجود رکن ٿيون. (13)
3. حقيقت ابتڙ (Anti-Realism) اها آئيڊيلزم آهي، جنهن موجب، حسن اهڙي خصوصيت آهي، جيڪا دماغ ۾ پروان چڙهي ٿي، حسن جي تعريف حسن کي وجود ڏئي ٿي، اهڙي آئيڊيليزم، اسميت آهي.(14) خدا اسميت مان پروان چڙهي تصور جون حدون ٽپي، اهڙي معروضي صفت اختيار ڪري ٿو جيڪا تصور کان مٿانهين آهي.
حقيقت ۾ خدا ڳولهڻ باهه ۾ پاڻي ڳولهڻ آهي، تصور، لڪيرن، عددن، رنگن ۽ نقشن کي جنم ڏئي ٿو، وجود لڪيرن جي ترتيب آهي ۽ لڪيرن جي ترتيب ۾ نقش قيد آهن، ڪو به عدد، عدد جي علامت (Symbol) آهي، شفق تصور جو ڳيڙئون رنگ آهي.
حقيقت، اسميت جو ضد هوندي به اسميت ۾ سمايل آهي، ڪا به حقيقت تصور مان پيدا ٿيل وهم مان وجود وٺي اعتماد جي حد ڇُهي حقيقت جو روپ ڌاري ٿي.(15) غيب کي سؤ روپ آهن، جتي “نجهه” (Nothing) آهي، اتي اسميت پنهنجي تصور سان “ڪجهه” (Something) ٺاهي ٿي.
دنيا ۾ اهميت اڻ ڏٺل شين کي آهي، ڏسڻ جو شوق اڻ ڏٺل کي نانءُ ڏئي، اڻ ڏٺل جون سڀ خاصيتون نانءُ ۾ سمائي، ان اڻ ڏٺل کي اکيون ڏئي پاڻ انڌو ٿي تصور جي دنيا کي حقيقت جو روپ ڏئي ٿو.
خدا جون لڪيرون ان ڪري انفرادي آهن جو انهن جي ترتيب ۾ خدا سمائجي پاڻ ظاهر ٿئي ٿو، “الف” کان اڳ ٻڙي وجود رکي ٿي ۽ ٻڙيءَ کان اڳ ڪاٽوءَ جي نشاني، ائين هر علامت تي غور ڪيو ته علامتون اشارن کان خالي نه آهن، ٻڙيءَ جو دائرو پاڻ چوڌاري اڻ کٽ وقت جي رفتار سان گول ڦري ٿو، جنهن جي نه ابتدا آهي، نه انتها، نه موٽ (Regress) نه چوٽ (Progress). هر دائري جو مرڪز ٽٻڪو (Monad) آهي، هر موٽ ۽ چوٽ جي گردش ٽٻڪي چوڌاري آهي، ڪاٽوءَ کي ٻه رخ آهن ۽ واڌو چئن رخن ۾ ڪاٽوءَ جو ڳجهه ڳوهه آهي.
اڇو، رنگت ۾ خدا آهي ۽ ڪارو فنا، حقيقت هجي ته ڪو به رنگ نظر نه اچي، حقيقت اسميت ۾ سمائجي نوان رنگ تخليق ڪري ٿي، رنگ رنگن سان ملي رنگن ۾ تبديل ٿين ٿا، هر رنگ کي الڳ نانءُ آهي ۽ هر نانءُ پاڻ ۾ رنگ سمائي، رنگ جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
چون ٿا ته الف کان اڳ وقت (Time) نه هيو، وقت عظيم ڌيٻوڙي (Bigbang) کان پوءِ شروع ٿيو، جنهن ڪري وقت ۽ وڇوٽي (Time and Space) وجود ۾ آيا. (16)
وقت کان اڳ پرزن جو ڍير هيو، اهي وقت جا پرزا هيا، جن ۾ ٽٻڪا، لڪيرون، رنگ، نقش ۽ ٻيا نانءُ شامل هيا، نالن جي بي ترتيبيءَ اڃان “الف” جو نانءُ نه ورتو هيو، پر وقت جا ڪانٽا ٻن لڪيرن ۾ هر انگ جي ترتيب نروار ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ هيا، عظيم ڌيٻوڙو (Bigbang) وقت جي گهڙيال جو پهريون گهنڊ هيو، الف کان اڳ “الف” هيو ۽ “ب” باقي، جيڪي باقيات آهن ان الف جون، جنهن جون لڪيرون پنهنجي ترتيب ۾ “ب” ٺاهين ٿيون، سڀ صورتخطيءَ ۾ سمايل آهي.
انسان اکين هوندي انڪري انڌو آهي جو ڪائنات ۾ ڪڏهن سج نه اڀريو آهي، اوندهه ايڏي آهي جو اکيون ڪم نه ٿيون ڪن، انسان ٿاڦوڙا هڻي اوندهه جي پاڻيءَ ۾ ترڻ سکي ويو آهي، اوندهه ۾ ٻڏي مرڻ، پاڻيءَ ۾ ٻڏي مرڻ کان سوَ درجا بدتر آهي.
اوندهه پنهنجي اسميت ۾ عروج تي آهي، اوندهه جو نانءُ مٽائڻ سان اوندهه ختم نه ٿيندي ڇو جو اها نانءُ ۾ سمايل آهي، اسميت غيب کي سوَ نانءُ ڏئي ٿي، هڪ اسم ٻئي وٽ قابل قبول نه آهي، سوين ماڻهو سوين نالن سان پڪارين ٿا، پر اسم پويان محلول (Predicate) ساڳيو آهي. (17)
وجود ۽ موجود تصور ۾ تخليق ٿي موضوع يا معروض ۾ نروار ٿئي ٿو، تصور نانءُ آهي حقيقت جو ۽ حقيقت تصوراتي آهي.
انسان نه هٿين خالي آيو آهي، نه هٿين خالي موٽي ٿو، اهو پنهنجي ڪائنات ڪلهن تي کڻي اچي ٿو ۽ پنهنجي ڪائنات سان دفن ٿئي ٿو، ڪفر جي وصف ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، ڪنڌ وراءِ ته ساڄي مومن کاٻي ڪافر، وري ڪنڌ وراءِ ته ساڄي ڪافر ڪاٻي مومن.
مان فلسفي جي پڃري ۾ ڦاٿل پکي آهيان، نه اڏامڻ جو آسرو، نه ڦتڪڻ جو فائدو، پڃرو لڪيرون آهي ۽ مان لڪيرن جو قيدي آهيان، مان خاصيتن جو مجموعو، مان بي نانءُ منفرد ٿي اڪيلو ٿيڻ نه ٿو چاهيان، مون کي پڪ نه آهي ته اسميت جي ڄار ۾ ڪهڙي نانءُ سان ڦاٿل آهيان، سچ جي ڪهڙي خاصيت آهي ۽ ڪوڙ ڪيئن پاڻيءَ بنا مڇيءَ جيان ڦتڪي ٿو، مان سڀ لڪيرون ڊاهيان ٿو، سڀ نانءُ مٽايان ٿو، ڦاٽل ورقن جيان اڏامي آزاد هوا کي جس ڏيان ٿو، آزاد هوا جنهن جو ڪو رنگ نه آهي.
References:
1. Feibleman , James K (1962).
“Nominalism”.
In dictionary of philosophy , Dagobert D. Runes (ed). Totowa , NJ: Littlefield , Adams , & Co.
2. Hacking , Ian (1999)
“The social construction of what ?”.
Harvard university press.
3. Karin usadi katz and Mikhail G, Karz-(2011).
“A Burgessian critique of nominalistic tendencies in contemporary mathametics and its historiography”
Foundation of science.
4. Oberman, Heiko (2001). The harvest of medieval theology: Gabriel Biel and late medieval nominalism. Grand rapids : Baker Acedemy.
5. Michael st. John packe (1952). The life of John stuat Mill. Macmillan.
6. Richird Reeves.
“John Stuart Mill”.
: Victorian Firebrand. Atlantic books (2007).
7. Adam Gopnik.
“Right again , The passions of John stuart Mill”
The New Yoker , 6 october 2008.
8. Goodman , Nelson (1977). The structure of appearance , 3rd ed. Kluwer.
9. Berger , Peter L, Luckmann , Thomas (1966).
“The social construction of Reality: A treatise in the sociology of knowledge.”
New York : Anchor books. p-21-22.
10. Zalta , Edward N (ed).
“Properties”.
Standford encyclopedia of philosophy.
11. Mac Bride, Fraser.
“Relations”
In zalta , Edward N. Standford encyclopedia of philosophy.
12. Cargile , J.(1995).
“Qualities”
Honderich. T. (ed) (2005). The oxford companion to philosophy (2nd. Ed). Oxford.
13. Studtmann , P. (2007). Zalta , E.N , ed.
“Aristotles categories”.
Standford encyclopedia of ph:losophy (Regarding) “Habits and dispositions: Natural capabilities and incapabilities; Affective qualities and affections; and shapes. Ackril finds Aristotles division of qualities at best unmotivated”.
14. Christine Baron , Manfred Engel , (2010). Realism / Antirealism in 20th century literature.
15. John sellars,
“Stoicism”.
First nominalists rejecting the existence of universal concepts altogether. Routledge 2014, p-84-85.
16. Singh , simon (2005) Big bang: The origin of the universe. Harper perennial.p-560.
17. The dictionary definition of
“Predicate” at wiktionary.
***