ڊيميئرز Demiurge
ڏند ڪٿائون انسان جي حسرتن جو پورائو ڪن ٿيون، جيئڻ لئي ننڊ ۾ خواب ضروري آهن ۽ جاڳ ۾ جيئڻ لئي ڏند ڪٿائون.
هيانءُ جي حسرت آهي ته دل ڌڙڪندي رهي، هونئن چئي سگهجي ٿو ته ڪهڙي طاقت آهي، جيڪا دل ڌڙڪائي ٿي؟ دل کي جيئري رکڻ لاءِ ان اندر هڪڙي دل آهي ۽ ان دل اندر دل آهي ۽ ان دل اندر دل ۽ ان....... دل الف کان اڳ موجودگيءَ جو مسئلو بنجي ڏند ڪٿا ۾ تبديل ٿي وڃائجي وڃي ٿي.
وڃائجڻ لاءِ ميلا ضروري نه هوندا آهن، پر سڃ وڌيڪ وڃائيندڙ آهي، ڏند ڪٿائون چون ٿيون، خدا جو ڪائنات سان ڪو واسطو نه آهي، نه رنگيءَ رنگ بنايو آهي، نه رنگي رنگ ڏسڻ آيو آهي، نه آدم، نه حوا، نه انسان، نه تخليق، خدا کي ضرورت نه هئي ته اهو ڪائنات ٺاهي ۽ تماشو ڏسي، هيڏي وڏي هستي، ڪائنات ٺاهي ڇو انسانن جو امتحان وٺندي؟ خدا بي پرواهه آهي، پاڪ ۽ افضل آهي. ڪائنات بدي ۽ برائي آهي، هڪ هستي، پستيءَ کي ڇو وجود ڏيندي؟ اهو ڪو ٻيو آهي، جنهن ڪائنات ٺاهي يا خدا جي ڪائنات ڪا ٻئي آهي ۽ هيءَ ڪائنات خدا جي ڪائنات جهڙي آهي، خدا جي ڪائنات ان جيان پاڪ ۽ صاف آهي ۽ خدا جي ڪائنات جهڙي هيءَ ڪائنات برائين، اڻبرابرين، ظلم، مفلسي ۽ ويڙهه سان ڀريل آهي، اهو رمزين (Gnostics) جو خيال آهي، هيءَ ڪائنات، ڪائنات نه آهي، ڪائنات ڪنهن ٻئي هنڌ آهي، هيءَ دنيا، دنيا نه آهي، پر دنيا جهڙي ڪا همشڪل دنيا آهي. (1)
ڏند ڪٿائون چون ٿيون، هيءَ ڪائنات اهڙي فنڪار ٺاهي جيڪو خدا نه هيو، پر ڊيميئرز هيو.
اهو خدا جي مرضيءَ خلاف قدم هيو جو ڪائنات ٺهي، ڪائنات برائي (Evil) آهي. اها مادي مان ٺهيل آهي ۽ مادو برو (Malevolent) آهي. رمزي خيال آهي ته غير مادو (Non-material) سچو خدا آهي. (2)
غيب کي غيب تڏهن مڃي سگهجي ٿو، جڏهن نظر اچڻ جي قابل هجي، نظر لئي اکيون ڪافي نه آهن، پر نظر کي پنهنجيون اکيون آهن، جيئن غيب نظر ايندو وڃي ٿو، اهو مادي ۾ ڍلجندو وڃي ٿو، ڪا به شيءِ مادي کان ٻاهر نه آهي، مادي کان ٻاهر اهڙو مادو آهي، جيڪو اڃان مادي ۾ شامل نه ٿيو آهي.
ڊيميئرز جيڪو خدا کان غافل آهي، رهڻ لاءِ اوطاق ٺاهي ٿو، اها اوطاق ڪائنات آهي، ان اوطاق ۾ مهمانن جي اچ وڃ آهي، ان محل سراءِ جي در جي چانٺ تي ڪو مون جهڙو فقير ويٺل آهي، جيڪو بادشاهه سان گفتگو ڪري ٿو، “محل ڪنهن جي ميراث نه آهي” ڪيترا بادشاهه آيا ۽ ڪيترا ويا، محلن جا مالڪ بادشاهه نه آهن، هر محل، سراءِ آهي ۽ سرائون فقيرن جا آستانا هونديون آهن”
وچين دور جي اسڪول آف فلاسافيءَ جي افلاطوني ۽ نئين فيثاغورسين خيال موجب ڊيميئرز هڪ فنڪار جهڙو آهي، جيڪو ڪائنات کي هر وقت سنواريندو ۽ سينگاريندو اچي ٿو. (3)
ڊيميئرز يوناني لفظ مان ورتل آهي، جنهن جي معنا آهي، ڪاريگر (Craftsman) رمزين موجب ڪائنات خدا نه ٺاهي آهي، پر اها ڊيميئرز ٺاهي آهي. (4)
ويلنٽيانيزم (Valentinianism) رمزي تحريڪ هئي، جنهن جو بنياد ويلنٽس وڌو، ان عقيدي موجب ڊيميئرز گمراهه ۽ ناواقف هيو.(5)
ڊيميئرز اڪيلو (One) نه آهي، پر ان سامهون دوبدو (Dual) ڪو ٻيو به آهي، جيئن هو برو (Malevolent) آهي، ائين سندس پوروڇوٽ چڱو (Benevolent) پڻ آهي، ڇو جو مادي مان ٺهيل دنيا گند ۽ غير مادي دنيا گُلَ آهي، رمزين جي خيال موجب خدا ۽ ڊيميئرز ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي، خدا متعلق ڪا ڄاڻ نه آهي پر ڊيمئرز ان لحاظ کان سمجهه ۾ ايندڙ آهي ته اهو مادو آهي ۽ مادي مان تخليق ڪئي، ان جو اهڙو عمل خدا جي مرضيءَ خلاف هيو، اهو ڊيميئرز جو لاشعوري عمل هيو جو ان کان ڪائنات تخليق ٿي وئي، جنهن جو مقصد خدائي رمزن کي مادي اندر قيد ڪرڻ هيو. (6)
فلسفي جو اهڙو خيال ابراهيمي مذهبن جي وحدانيت کان الڳ آهي ڇو جو خدا لاشريڪ ۽ خلقيندڙ آهي. (7)
ڊيميئرز جي ڏند ڪٿا موجب.
صوفيا (Sophia) ڊيميئرز جي ماءُ هئي، صوفيا جو مطلب ڏاهپ (Wisdom) آهي، صوفيا اڌ انسان ۽ اڌ خدا هئي، اها “هڪ” (Aeon) جي محبوبا هئي. ان جي اڌ انساني سوچ ۾ خيال آيو ته ڇو نه هوءَ خدا جهڙي ٻئي ڪائنات ٺاهي، اهڙي حسرت ۾ کيس ڊيميئرز جهڙو مانسٽر (Monster) ڄايو، ڊيميئرز جي بدصورتيءَ کي ڏسي کيس بُڇان آئي، سوچيائين هن ته خدا جهڙي ڪائنات ڄڻڻ جو خواب ڏٺو هيو، پر کيس بدصورت اولاد ڄائي، هن کي پنهنجي تخليق تي شرم آيو، هن ڊيميئرز کي جُهڙ ۾ ويڙهي ڇڏي ڏنو.
جڏهن ڊيميئرز جُهڙ ۾ پروان چڙهيو ته وڏو ٿي کيس اڪيلائيءَ جو احساس ٿيو، هن محسوس ڪيو هو اڪيلو آهي ۽ هن جهڙو ڪو به نه آهي، هن اڪيلائين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪائنات ٺاهڻ جو ارادو ڪيو، ڪائنات جو تصور کيس لاشعوري طور ماءُ کان مليل هيو، صوفيا خدا جهڙي ٻي ڪائنات جو سوچيو هيو، اهو تصور ڊيميئرز جي ذهن ۾ رهجي ويو، اهي سڀ خيال جن ۾ ڪائنات جي تخليق موجود هئي، اهي ڊيميئرز کي ماءُ کان مليل هيا، هن لاشعوري طور ڪائنات ٺاهڻ شروع ڪئي، هن مادي مان ست آسمان ٺاهيا ۽ پوءِ مادي مان هر شيءِ ٺاهيندو ويو، جانور، ٻوٽا ۽ ٻيا ساهوارا، هن اکيون ٻوٽي هر شيءِ بي خوديءَ مان ٺاهي، هن پنهنجي ماءُ صوفيا پاران لاشعوري ورثي ۾ مليل هر نقش کي مڪمل ڪيو. هو ڪجهه انسان هيو، ڪجهه جانور، ڪجهه ازدها، ڪجهه باهه، ڪجهه پاڻي، ڪجهه هوا ۽ اهو سڀ جيڪو جهان ۾ موجود آهي، هن پوروڇوٽ ڪائنات ۾ پاڻ کي ڪاپي ڪيو هيو، صوفيا جو اڌ جيڪو مادو هيو، اهو ڊيميئرز معرفت ڪائنات ۾ سمائجي ويو. (8)
دنيا ۾ انسان سان ٿيندڙ زيادتيون ڏسي محسوس ٿئي ٿو، هيءَ دنيا واقعي ئي ڊيميئرز جي ٺاهيل آهي، خدا جي دنيا الڳ آهي، خدا جي دنيا ۾ ضرور انصاف ۽ هڪجهڙائي هوندي، اسين گهڻهيتي (Multiform) مانسٽر جا هڪهيتي (Uniform) ساهوارا آهيون، “هڪ” (Aeon) جو تخم صوفيا جي سوچن ۾ زائل ٿي چڪو آهي. اسين ڊيميئرز جي لاشعور ۾ صوفيا جو تصور آهيون، اسين مختلف منڍين وارا ڌرتيءَ تي گهمندڙ انسان آهيون، ڪنهن جي منڍي شينهن جهڙي آهي، ڪنهن جي هاٿيءَ جهڙي، ڪنهن جي بگهڙ جهڙي، ڪو اٺ آهي، ڪو گڏهه، ڪو گدڙ ۽ ڪو ڏاند، ڊيميئرز تصور ۾ پاڻ کي ازدها ڏسي ٿو، پاڻيءَ ۾ ترندڙ شارڪ يا اهڙن حيوانن وانگر جن جون منڍيون انسانن جهڙيون آهن. “هڪ” (Aeon) جو صوفيا سان عشق انسانن کي مهانگو پئجي ويو. صوفيا جي “هڪ” سان بيوفائي ۽ بي وفائيءَ صلي ۾ حقيقي ڪائنات جهڙي ٻئي ڪائنات جو وجود ڪڏهن به قياس (Chaos) مان نه نڪري سگهيو.
ڊيميئرز مادي جي پيداوار ۽ مادي کي ترتيب ڏيندڙ فنڪار جنهن ڪائنات کي ڪائنات ۾ نقل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، اصل نظر نه ٿو اچي، اصل جي نقالي نظر اچي ٿي، هڪ نقطو غيب جو پردو آهي، نقطو هٽائڻ سان غيب عيب ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
خدا، خدا آهي، خدا جهڙو ڪو ٻيو “هن” جهڙو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ اصل کي انفراديت آهي، اصل سان نقل جي عشق جو انجام، اصل جو نقل ۾ ظاهر ٿيڻ ۽ نقل جو اصل ۾ ظاهر ٿيڻ آهي، اسين ڪوڙ ۾ ويهي سچ سوچيون ٿا، وقت جا پيمانا ٺاهي ڪائنات ماپيون ٿا، وقت هِن ڪائنات سان لاڳو آهي، هُن ڪائنات سان نه، اصل ڪائنات وقت کان آجي آهي، الف کان اڳ وقت نه هيو، وقت ۾ ڪوڙ سمائجي سگهي ٿو، سچ وقت کان آزاد آهي، جيئن ته وقت جو وجود نه آهي، ان ڪري سچ نه آهي، وقت جو سچ، سچ جهڙو آهي، سچ ته ڪنهن ڏٺو ئي نه آهي، الف کان اڳ زمان ۽ مڪان ۾ دنيا جي سچ جي اصل ڪاپي ڪوڙ جي نظرن کان اوجهل آهي.
رمزيت (Gnosticism) جو مطلب آهي ڄاڻ، رمزي چون ٿا، صوفيا جي معرفت ڊيميئرز جي ٺاهيل دنيا ۾ خدا جو وجود انسانن ۾ سمايل آهي، انسان جو اندر روشنيءَ سان ڀريل آهي، جيڪي آهي اندر (Insight) آهي.
رمزين جون ٻه شاخون آهن.
1. اوفائيٽ (Ophite) (235-170ع)
2. سيٿين (Sathian) (160-100ع)
اوفائيٽ جو مطلب آهي (Ophis=Snake) نانگ، اهي هپلائيٽس (Hipplytus) جي زير اثر هيا، اهو روم جي پادرين خلاف هيو، جنهن ڪري ان کي اينٽي پوپ (Antipope) چوندا هيا، کيس ٻن گهوڙن سان ٻڌي ڇڪي، چيريو ماريو ويو هيو. (9)
ان تخليق جو نانگ (Serpent of Genesis) کان متاثر ٿي اوفائٽ جو تصور ڏنو، نانگ جي علامت کي مذهبن ۽ ڪلچر ۾ خاص اهميت حاصل آهي، انهن علامتن ۾ برائي، طاقت، پيدائش، زندگي ۽ افاقو شامل آهن، نانگ جو نشان جن ثقافتن جو حصو رهيو آهي، انهن ۾ مصر، ڪنعان، ميسو پوٽيميا ۽ يونان شامل آهن، جنت جي باغ ۾ ان جي ڪردار جي سڀني کي خبر آهي. موسيٰ جي ڇڙي نانگ ۾ تبديل ٿي وئي هئي. (10)
ڊيميئرز جو تصور هڪ نانگ جي صورت ۾ پڻ آهي، اهو ازدها هيو جنهن جو ڌڙ نانگ جهڙو هيو، رمزين جي اوفائيٽ عقيدي موجب ڪائنات خدا نه ٺاهي آهي، پر اها برائين ۽ مادي جي پيداوار آهي جنهن ۾ اوفائيٽ جو ڪردار آهي. (11)
سيٿين (Sathian) جي عقيدي جا رمزي ويلنٽائينس (Valentinus) جي اثر هيٺ هيا، ان عقيدي پنهنجي وقت ۾ وڏو زور ورتو، ويلنٽائين جا ڪتاب ان ڪري ناياب آهن، جو اهي ضايع ڪيا ويا، انهن ۾ ترميمون ڪري سندس خيالن کي مخالف فلسفين جي ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪي صفحا صحيح حالت ۾ مليا آهن، انهن موجب انسان ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، روحاني، نفسياتي ۽ مادي. (12)
جيڪي روحاني آهن، اهي رمزي آهن، جنت رمزين لاءِ ٺهي آهي، جيڪي نفسياتي آهن، اهي عيسائي آهن، جن جي جاءِ جنت ۽ دوزخ جي وچ تي آهي.
جيڪي مادي آهن، دوزخ جا دروازا انهن لاءِ کليل آهن.
بائٿوز (Bythos) جو تصور ويلنٽائينس جو ڏنل آهي، صوفيا کي ان ڊيميئرز معرفت ڪائنات جو تخليقار ڪوٺيو آهي، ڪائنات کي غلطي (Error) چيو آهي ۽ مادي کي گناهن جي جڙ قرار ڏنو آهي. (13)
باطني، رمزي يا ادراڪي جيڪي ڄاڻ جي دعوا ڪن ٿا، انهن جي ڄاڻ وقت جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي چڪي آهي، ڄاڻ جي دعوا جو بنياد توهم نه آهي، ڄاڻ جي وات ۾ زبان آهي، ڄاڻ کي ڄاڻائي نه ٿو سگهجي، پر ڄاڻ پاڻ ڄاڻائي ٿي.
ابتوانس (Paradox) ضد جي صورت ۾ هر لقاءَ اندر جان نه ٿو ڇڏي، انسان همزاد، خدا شيطان، باهه پاڻي، روح مادو، اغيره وغيره.
ڪائنات ۽ ڪائنات جهڙي ٻئي ڪائنات، خدا جي ڪائنات، ڊيميئرز جي ڪائنات، انساني سوچون اليڪٽرانس (Electrons) جو تصادم (Collision) آهي. چڻگون نڪرن ٿيون، چڻگون سوچن جا ننڍا ذرا (Subparticles) آهن. تصادم جاري آهي ۽ چڻگون چپ نه ٿيون آهن. ننڍا ذرا، وري ننڍا ذرا، وري ننڍا ذرا، وري ننڍا ذرا، وري........
ارتقا جو ڪو انت نه آهي، ارتقا جو سفر جونءَ جو چُرڻ آهي. ڪائنات جي مٿي ۾ پيل جونئن ڪڏهن مرڻي ناهي. نانگ حوا کي گمراهه نه ڪري ها جيڪر آدم کي ڏنگي ها! نه صوفيا پيدا ٿي ها، نه ڊيميئرز، نه مادو هجي ها نه ڪائنات، انسان جي جان نه ڇٽي ها ڇو جو انسان هجي ئي نه ها ته جان ڇٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
ڊيميئرز جا هٿوڙا، ڇيڻيون، رنگ ۽ برش مون وٽ آهن. مان ڊائريءَ جا ورق ڦاڙي انهن تي رکي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيان ٿو.
References:
1. James , M Robinson et al (1990).
“Dark mirror of heaven: Gnostic cosmology”.
The Nag Hammadi library.
2. Hans Jonas
“The Gnostic religion”.
p.42. Beacon press.1963.
3. Wallis , Richard ; Bregman , Jay – (1992).
“Neoplatonism and Gnosticism”.
International society of Neoplatonic studies.
4. “Demiurge”. Wiktionary on line. “One who work for the people , a skilled workman , a handicraftsman”
5. Wilson , Robert McLachlan (1980)
“valentinianism and the Gospel of truth”.
In layton , Bentley. The rediscovery of Gnosticism. Leiden.p.133-45.
6. Roukema. Riemer (1998).
“Gnosis and faith in early christiantiy”.
Harrishurg: Trinity press. International.
7. “Monothesim”.
Wikiquote on line. “Say : He is Allah , the one and only , Allah , the eternal , Absolute. He begotten , and there is non like unto Him”.
Quran , Al Ikhlas. 112:1-4 (Yusuf Ali).
8. Anderson , Albert A. (2002).
“Mythos , Logos , and Telos : How to regain the love of wisdom”.
9. Hippolytus , The treatise on the Apostolic tradition of St, Hippolytus of Rome. Bishop and martyr. London: Alban press , 1992.
10. Rasimus , Tuomas. (2007).
“The serpents in Gnostic and related texts”.
Painchaud, Louis ; Poirier , Paul. Hurbert. Nag Hammadi : Colleque international press university laval.
11. Bob Becking , Pieter, W; vander Horst. (1998). Dictionary of deities and demons in the bible leiden: Brill. p-746-47.
12. Bousset , Wilhelm (1911).
“Valentines and valentinanians”
Chislom , Hugh Encylopendia Britannica. 27 (11th ed) Cambridge university press.p-852-57.
13. Rudolph , kurt (1977). Gnosis: The nature and history of Gnosticism. San Francisco. Harper and Row publishers.
***