نجهه منجهان Ex-Nihilo
مان بائيبل کوليان ٿو، تخليق جو باب (Genesis): ڪائنات نجهه (Nothing) مان تخليق ٿي، تخليق مادي مان نه ٿي آهي، تخليق جاري آهي. (1)
ماورائي طبعات (Metaphysics): نجهه مان نجهه ئي ظاهر ٿيندو آهي.(2)
تاريخ: پهريون سبب (First Cause) ارسطوءَ موجب ساڪتي چرپر (Primum movens). ڪائنات خدا نه، خدا جي نالي تخليق ڪئي آهي، ان ڪري اهو نه آهي، جيڪي ڏسجي ٿو، خدا ڳجهه آهي ۽ تخليق اوجهل! سڀ نجهه آهي. (Genesis l:l). مون جڏهن به بائيبل پڙهيو ته سدائين ان جا صفحا هيڊي رنگ جا نظر آيا، بائيبل خدا جي خوف ۾ هيڊو آهي، پادريءَ چيو “عيسا جو منهن ميلنڪلي هيو” مان ڏسان ٿو، چانڊوڪي رات ۾ انتظار ڪندڙ جون اکيون چانڊوڪيءَ جيئن ميلنڪلي آهن، ڪير ايندو؟ نجهه آهي، نجهه جي ڪک ۾ هوند پروان چڙهي ٿي.
بائيبل چوي ٿو، مادو نظر جو دوکو آهي، ريگستان ۾ رهي ٻيڙيءَ جو انتظار ڪيئن ڪري سگهجي ٿو، جڏهن پاڻي نه هوندو ته وڻجارا ڪيئن ورندا؟
فلسفو جنهن کي هڪ وات ڏهه زبانون آهن، ان جي هڪ زبان اقرار ڪري ٿي، نجهه مان نجهه ئي ظاهر ٿيندو، ارسطو چوي ٿو خدا کان وڌيڪ ان جي صفت آهي، خدا، خدا جي صفت آهي، صفت موضوع آهي، ان ڪري صفت جي هر تخليق موضوعي آهي، اها معروض ڏسجي ٿي، پر معروض صفت جو روپ آهي، نجهه آهي، پهريون سبب (First Cause) ڪن فيڪون، ٻيو سبب، پهرين سبب جو سبب.
الغزالي چوي ٿو، جيڪا شيءِ نه ٿي نظري، اوجهل آهي، ان کي ان جي صفت ظاهر ڪري ٿي، خدا اوجهل آهي، پر خدا آهي. هر شيءِ ۾ رب سمايل آهي، ان ڪري هر شيءِ اوجهل آهي. (3)
هندو عقيدو: رگويداس، خدا کان اڳ ڇا هيو؟ ڪجهه نه هيو، نه هوا، نه پاڻي، نه باهه، ته پوءِ ڇا ٿيو؟ نه موت هيو نه زندگي، نه اوندهه نه روشني، تڏهن خول (Void) ساهه کنيو، اهو توانائي ٿي پيو، حسرت ۾ بدلجي ويو ۽ روح جو ٻج ٿي پيو، اڻ هوند جو خالق سدائين اتي هيو، ان تي وقت جو اثر نه هيو، ان کي ڪنهن نه ڄڻيو آهي، پر “نجهه” مان ڄايو آهي.
جديد طبعات (Modern physics) موجب ڪائنات توانائيءَ جي ٻڙي (Zero) تي بيٺل آهي، ان ڪري اها “نجهه” مان آيل آهي. (4)
منطق (Logic): ڪائنات جي ڪا به شيءِ پاڻ چرپر نه ٿي ڪري، ان ڪري “نجهه” “ڪجهه” اهڙو آهي، جيڪو ساڪتي چرپر (Primum Movens) آهي، پاڻ ساڪت آهي، پر ان جي زير اثر هر شيءِ حرڪت ڪري ٿي. (5)
بابل جي هيبرو (Biblical Hebrew) زبان ۾ لکيل تخليق (Genesis 1:2) موجب تخليق کان اڳ مونجهه جو راڄ هيو ۽ خالي پڻو ائين هيو، جيئن مايوس جو من.
تاهو و باهو (Tohu Wa Bohu) غائب ۽ مادي بنا.(6) نظر نه ايندڙ، هيت بنا، مونجهارو (Chaos) ۽ خول (Void) فرات ۽ دجلا، تاريخ جون ٻه اکيون، جيڪي اڃان انڌيون هيون، بابل، جتي گناهن جو ملهه ثوابن کان مهانگو هيو، خالي مَٽ مڌ جي اوسيئڙي ۾ هيا، گلابن ڳاڙها هار نه پاتا هيا، نينوا نمرود جي سوچن ۾ وجود نه ورتو هيو، خدائي ۽ ڪفر مٽيءَ ۾ مليل هيا.
سڃ جي صحرا ۾ تاهو وباهو جا پڙاڏا هيا، جڏهن خاموشي رڙ ڪري ڦاٽڻ واري هئي، هستي ننڊ ۾ الوپ هئي، خاليپڻو هيو، خول هيو، مونجهه هئي، مونجهارو هيو.
هستيءَ جي جاڳڻ جو سبب خاموشيءَ جي رڙ هئي، تاهو وباهو، نجهه جي قلندر جو نعرو آهي، سروم، خماريل ۽ مئي ڪش آهي، هر شيءِ رقص ۾ آهي، قلندر جي گردش آهي، رنگ ۽ ستارا گردش ڪندڙ درويش جي چولي مان ڇڻي معروض وٺن ٿا.
“تاهو وباهو” خول (Void) ۾ آوازن جي رڃ آهي، ڪير آهي؟ ڪٿي آهي؟ ڪجهه نه آهي؟ صرف (One) آهي ته اُن کان اڳ ڪير هيو؟ ۽ ان کان اڳ ڪير؟ ۽ ان کان اڳ....
چُپ، سانت ۾ پنهنجو آواز ٻڌڻ قابل نه آهي، هوا ۾ تخليق جون آڱريون اڏرن ٿيون، انسان جي وجود جي حسرت ۾ خدا خلقجي پيو آهي، گهڻ ڪائناتون (Multiverse) هڪ آئيني اڳيان رکيل ٻيو آئينو آهي، آئينن جو طلسم آهي، اڻ کٽ عڪس آهن، منظر وسيع ۽ نظر لامحدود آهي، سامري پنهنجي طلسم ۾ نظري ٿو، غائب ۽ حاضر ان جي منتر جو ڪمال آهي، عقل، ظاهر ۽ غائب جي وچ تي بيٺل آهي، هيڏانهن اک ڦيراءِ ته هوڏانهن ظاهر، هوڏانهن اک ڦير ته هيڏانهن غائب، انساني عقل مائوف آهي، مفروضو آهي، اعتقاد جو خلل (Delusion) آهي.
تاهو: هيت بنا (Formless) آهي، تصور موضوعن (Subjects) جو عروج آهي، موضوعي معروض (Subejctive Objects) فطري هيتن کان منفرد ۽ دلڪش آهن، فطرت ڪائنات کان وڌيڪ تصور کي خوبصورت بنايو آهي. هيت بنا جو تصور تاهو آهي، تصور ڪجهه نه آهي، موضوع آهي، تاهو، حقيقت کان حيرانگين ۽ هيت جي هئيت (Formation) جي تصور کان مٿي تجسس جي ول ۾ لڙڪندڙ من اندر سمايل آهي.
باهو: خلائن جي لامحدود کاهي، جنهن ۾ اڻ هوند هيٺ لهندي ان جي انت کي پهچڻ لاءِ اونهائين ۾ سرگردان آهي، ابراهيم بارهيا (Abraham Barhiyya) ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ تاهو وباهو کي مادو ۽ هيت ڪوٺي ٿو. (7)
معقول هيت (Substantial Form) موجب مادي (Matter) کي قابل فهم (Intelligible) شڪل ٿئي ٿي، معقول هيتون معروض (Object) ڏانهن رسائيءَ جا وسيلا آهن، جن ۾ خاصيتون، ايڪائي، سڃاڻ، اڏاوت ۽ انهن متعلق معلومات شامل آهي. (8)
هر شيءِ پاڻ ۾ سمايل آهي (Things in itself) انڪري شيون مشاهدي کانسواءِ پاڻ معروض آهن، معروضيت شين جي خاصيت آهي ۽ اهي خاصيتن ۾ پاڻ معروض آهن.
امانل ڪانٽ (1804-1724ع) چيو، اسان شين کي ان جي ظاهر (Appearances) مان سڃاڻون ٿا، سمجهون ٿا ته ڪجهه اتي ضرور آهي، اهڙي شيءِ آهي جيڪا پاڻ اندر لڪيل آهي، اسان ان شيءِ متعلق نه ٿا ڄاڻون جيڪا شيءِ اندر موجود آهي، صرف ان جو ظاهر ڏسون ٿا. (9)
جيڪڏهن پٿر ۾ بت دفن آهي ته ان کي سنگتراش ڇيڻيءَ سان کوٽي ٻاهر ڪڍي ٿو، پر بت جي خاصيت پٿر آهي.
انسان خدا کي کوٽي نه سگهيو، ان خدا جهڙا کوٽي ڪڍيا، مادو صرف مادو آهي، ان ۾ تميز نه (Undifferentiation) آهي، تميز مان مقصد اهو منجهيل ۽ سڃاڻپ جي لائق نه آهي، تميز (Differentiation) شين وسيلي ڪيون ٿا، منجهيل مادي جي تميز ان جي ڏيکاءَ يا ظاهر سان ڪيون ٿا، اسان ان ڳجهه تائين نه ٿا پهچون جيڪو شيءِ اندر پاڻ شيءِ آهي، جيئن ته اسين ڳجهه نه ٿا ڄاڻون، ڪانٽ چواڻي “انڪري جيڪڏهن ڪو خدا جو ڏيک ڏسي ٿو ته کيس اجازت هجڻ گهرجي ته اهو ان خدا کي خدا ڪري مڃي، اهو خدا ان جي ذاتي پهچ آهي.”
سوال ٿو پيدا ٿئي ته مان ڇا آهيان؟ مان ڪهڙي شيءِ آهيان؟ مون اندر مون جهڙي اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن شيءِ جي مون جهڙي شيءِ کي ڄاڻ نه آهي؟
ڳجهه اندر ڳجهه آهي، اسين ڳجهه کي ان جي صفت سان سڃاڻون ٿا، مشاهدو ضروري نه آهي، هيت، خاصيتون، اڏاوت ڏسي ان کي سڃاڻپ ڏيون ٿا، اسين ٻاهر ڏسون ٿا، اندر ڇا آهي، اها ڪنهن کي ڄاڻ نه آهي، مادو جنهن جي وجود جي تميز نه ٿي ڪري سگهجي، اهو پنهنجي ڏيکاءَ ۾ معقول ۽ قابل فهم آهي، ان جو ڏيکاءُ شين جي تميز آهي.
نجهه (Nothing) کان وٺي ڪجهه (Something) تائين اک ٻوٽ آهي، راند آهي، مان لڪيل آهيان، پاڻ کي ڳولهيان ٿو، نجهه مان ڪجهه ٿي پوي ٿو ۽ ڪجهه مان نجهه، اسين لڪيل کي پاڻ ۾ وڃائي ويٺا آهيون، تارا، ڪتيون ۽ واٽهڙو هڪ ٻئي کي دڳ جو ڏس ڏين ٿا، تارا واٽ وڃائي ويٺا آهن، واٽهڙو کين ڌڻ جي صورت ۾ عرش ٽپائي ٿو.
شيءِ پاڻ ۾ آهي (Things in itself) بند گوبيءَ کي پن پن ڪري کوليو، اندر ڪجهه نه آهي، اهي پن گوبيءَ جي هيت آهن، ان جو نظارو گوبي آهي.
نجهه، ڪجهه، اجهل اوجهل، هُر کُر، ساڪتي چرپر، هيت، هئيت، دم تاهو حق باهو، دلل خلل، جڙي رڳو ٻڙي، ظاهر باطن، سڃاڻپ، سياڻپ، تميز مهميز، پساءَ پساهه.
مان لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهيان، فلسفو ڄار آهي، مهاڻا ڄار اڇلي مڇي پڪڙيندا آهن، فلسفي مڇيءَ جيئن لفظ پڪڙيندا آهن.
مون وٽ ڪو خفت يا خلل (Delusion) نه آهي، مان جديد سائنس جو شاگرد آهيان، سائنس اُلوءَ جي اکين جيان مون کي گهوري ٿي، سڀ اکيون وسري سگهن ٿيون، اُلوءَ جون اکيون وسارڻ ڏکيو آهي، منهنجي ڊائريءَ جا ورق ڳوڙها ڳاڙين ٿا، ڳوڙهن ۾ مينهن جي خوشبو آهي، مان ڊائريءَ جا ورق ڦاڙيان ٿو، ورقن ڦاڙڻ جو آواز ائين آهي، جيئن گريبان ڦاٽي پيو هجي، اڃان سيني اندر دل محفوظ آهي.
References:
1. Commentaries on the first book of Moses called Genesis by John calvin-1578-volume I Genesis,1:1-31.
2. Koyre ,Alaxandre (1957) Metaphysics and measurement. Harvard university press.p-80.
3. Smith , Margaret.
“The forerunner of al - Ghazali”
Journal of the Royal Asiatic society. 1936,p-65-78.
4. Lawrence Krauss et al.
“A universe from nothing”.
Retieved 17 oct.2011.
5. Kai Nielsen, Reason and practice: A modern introduction to philosophy.
Harper & Row , 1971-p.170-72.
6. Louis Issac Rabinowitz , Seymour Feldman. Yahoyada Amir (2007).
“Creation and cosmology in the Bible”.
Encyclopedia Judacia. 5 (2nd ed) Gale.p.273-80.
7. Langermann , Y. Tazvi (2007).
“Bar Hiyya: Abraham Bar Hiyya savasorda”
The biographical encyclopedia of astronomers. New York: springer.p-95-96.
8. Benjamin Hil.
“Substantial forms and the rise of modern science”..
9. Salomon Maimon.
“Kant faces concerns the issue of the thing in itself”.
Standford encyclopedia of philosophy.
***