لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

موتي ميڙيا مون

ھن ڪتاب ۾ مير حاجن مير سنڌ جي اھم ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون لکيا آھن جيڪي پڙھڻ وٽان آھن. شاھ لطيف، قلندر شھباز، سچل سرمست، استاد بخاري، سامي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، محمد ابراھيم جويو، وفا ناٿنشاھي، ارجن حاسد، احمد خان مدھوش، واسديو موھي، مدد علي سنڌي، ج ع منگهاڻي، پروفيسر فتح الله صديقي، مشتاق گبول، صادق فقير ۽ مشتاق بخاري جي شخصيتن ۽ تخليقي سفر تي لکيل مضمون وڏي محنت سان لکيا ويا آھن. ليکڪ پاران ”جديد سنڌي شاعري ۽ ان جو معيار“ جي نالي سان لکيل طويل مقالو پڻ اھميت جوڳو آھي.
Title Cover of book موتي ميڙيا مون

سيوهڻ جي قدامت ۽ لعل شهباز قلندر

[b]قدامت[/b]
سيوهڻ جي تاريخ ايتري پراڻي ٿي سگهي ٿي، جيتري انسان جي تاريخ آهي. سيوهڻ جي ڀرپاسي جي باري ۾ ايم. ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب ”پيرائٿي سنڌ ڪٿا“ ۾ لکي ٿو ته:
”47،000،000 39،000،000 سال اڳ لڪيءَ جي سامهون کان جهمپير وغيره تائين چوني جي پٿر واري لڪي سلسلي جو جڙڻ، زندگي ساڳي رني ڪوٽ سلسلي قسم واري ھلندي آئي، سواءِ ان جي ته هڏائين مڇين ۽ پکين ۾ وڌيڪ اوسر ٿي، ٿڻن وارا جانور به سرجڻ جي اڳڀرن ڏاڪن تي اچي پهتا.“(1)
سيوهڻ انسان جي ابتدائي دور وارو شهر رهيو آهي. جنهن دور ۾ انسان غارن ۾ رهندو هو. ان دور جون غارون سيوهڻ، ڀڳي ٽوڙي جبل، نئنگ، ڪائي ۽ لڪيءَ ۾ ملن ٿيون. تاريخ ۾ سيوهڻ کي سنڊو نما، سنڌوستان، سيوستان، سهواڻ، سهوڻ ۽ ٻين نالن سان سڏيو ويو آهي. موجوده دور ۾ سيوهڻ شريف نالو مشهور آهي. يوناني هاڪاري سڪندر اعظم مقدونيءَ 26 325 ق.م. ۾ سيوهڻ جي قلعي تي قبضو ڪيو هو. سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ چيو هو.
جي تو اڃا نه ڄاتو آ ڪير ديس واسي،
تنهنجو جنم اجايو تنهنجي مٽي اڻاسي،
آيو ويو سڪندر، سيوهڻ اڃا اُتي آ،
هو کيرٿر کڙو آ، ويندا رهيا وناسي.
موريا گهراڻي جو راڄ به سيوهڻ تي رهيو. سيوهڻ ايرانين جي اثر هيٺ به رهيو. يونانين شاڪن ۽ ڪشن پڻ حڪومت ڪئي. گيت شهنشاهت جي به سيوهڻ ۾ حڪومت رهي، گپت شهنشاهت جي دور ۾ سيوهڻ ۾ ٻڌ مذهب زور ورتو. گپت شهنشاهت کان پوءِ سٿين سيوهڻ تي حڪومت ڪئي. سٿين هندو ذات جي ماڻهن سان شاديون ڪيو، ان بعد هندو مذهب زور ورتو. راءِ گهراڻي (راجپوتن) جي دور ۾ سيوهڻ مشهور قلعو هو ۽ سنڌ (سنڌ سمه) سڏبي هئي. راءِ گهراڻي جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ برهمڻ گهراڻو آيو. ان دور ۾ سيوهڻ جا رکوالا راجا چنديرام هالو ۽ راجا متو هئا.
بني اميه دور ۾ سنڌ تي جام ڪاهون ٿيون. خير محمد ٻرڙو پنهنجي ڪتاب ”سيوهڻ صدين کان“ ۾ لکي ٿو: محمد بن قاسم ثقفي 17 سالن جو نوجوان مڪران، ديبل، ٺٽو، نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) فتح ڪرڻ کان پوءِ بندهان (ٻلهڻ) کان ٿيندو، سيوهڻ کي فتح ڪرڻ لاءِ سن 93هه/ 712ع ۾ ريگستان واري دروازي وٽ لهي، منجنيق سان ڪوٽ تي حملو ڪيو.“(2)
سيوهڻ غوري گهراڻي ۽ دهلي، جي سلطانن جي دور ۾ ناصرالدين قباچه سنڌ ۽ ملتان وارو گورنريءَ وارو عهدو برقرار رکيو، ان وقت سيوهڻ اُچ جي حڪومت هيٺ هو. خلجي دور 695هه /1295ع ۾ علاء الدين خلجي (محمد شاهه) پنهنجي چاچي ۽ سهري جلال الدين فيروز خلجيءَ کي قتل ڪري، دهليءَ جو باشاهه مقرر ٿيو. جنهن نصرت خان ۽ الخ خان کي سيوهڻ، ملتان، اُچ ۽ بکر پرڳڻن لاءِ گورنر مقرر ڪيو. تغلق دور ۾ محمد شاهه تغلق 2 مهينا دهليءَ مان اچي سيوهڻ رهيو، جنهن سيوهڻ جو تخت گاهه ختم ڪري ڇڏيو، هن سيوهڻ لاءِ راجا رتن جاڙيجي کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو، راجا رتن سيوهڻ جو رهاڪو هو.
مشهور سياح ابنِ بطوطا 734هه/ 1333ع تي سيوهڻ پهتو، جنهن لکيو آهي ته سنڌ ۾ ’سيوستان‘ نالي شهر موجود آهي. مان سيوهڻ آيس، مون ماڻهن جون منڍيون ٽنگيل ڏٺيون. مان ڊپ ۾ مسجد جي ڇت تي رهيس.
تغلقن کان پوءِ ڄام انڙ سيوهڻ تي حملو ڪيون ملڪ رتن کي ماري. سيوهڻ قلعي تي قبضو ڪيائين ۽ حڪمران ٿيو. سومرا دور اٽڪل ٽي سو پنجاهه سال رهيو هو. 443هه کان 1051ع کان 752هه 1351ع تائين هو. سومرن جي حڪومت ان وقت سيوهڻ کان لاڙ تائين هئي. سيوهڻ کان اتر مٿي تائين تغلقن جي حڪومت هئي. اِن دور ۾ قلندر لعل شهباز سيوهڻ پهتو هو. سومرن جي حڪومت ڪمزور ٿي ته سمن زور ورتو 734هه /1333ع ۾ سيوهڻ ۾ اونار/ انڙ کي پنهنجو اڳواڻ بنائي، ان کي ڄام جو لقب ڏنئون، سومرن جي (آرميل) همير کي قتل ڪري حڪومت تي قبضو ڪيائون ۽ نئين حڪومت جو بنياد وڌائون. ڄام فيروز جي شڪست کان پوءِ سنڌ ارغونن جي هٿ هيٺ هلي وئي، ارغونن کان پوءِ سيوهڻ ترخانن جي قبضي هيٺ اچي ويو. جڏهن ترخانن جي حڪومت ختم ٿي ته سيوهڻ مغل سلطنت جي حڪومت هيٺ اچي ويو. مغل حڪومت ماڻهن تي وڏا ظلم ڪيا. ماڻهن کان بيگاري ڪم، جبري محصول جي اوڳاڙي، غير قانوني محصول، سرڪاري اهلڪارن ۽ عملدارن طرفان منظم ڪيل ڦرلٽ ۽ چوريون، عوامي ملڪيتن تي قبضا ۽ جانورن تي غير قانوني قبضو، اچ وڃ وارن رستن تي تباهي ۽ بربادي، واهن جي کوٽائي نه ٿيڻ، وڌيڪ ڍلن جو وٺڻ، مختلف قبيلن جي ماڻهن کي قيد رکڻ بنا سبب جي، مرزا يوسف بيگ ۽ مرزا احمد بيگ ماڻهن کي سيوهڻ جي قلعي ڀرسان ڪوڙا هڻندا هئا. مغلن کان پوءِ سيوهڻ ۾ ڪلهوڙن حڪومت هلائي. سندن حڪومت جي شروعات ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کان ٿي. ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن حڪومت ڪئي، اصل ۾ ٽالپر بلوچ آهن. 1259هه/ 1843ع ۾ انگريزن ٽالپرن کي شڪست ڏئي، حڪومت تي قبضو ڪيو ۽ سيوهڻ کي ڊپٽي ضلعي جي حيثيت ڏنائون. 1947ع ۾ سيوهڻ سنڌ صوبي ۾ شامل هئڻ ڪري، پاڪستان سرڪار جي حڪومت سان ڳنڍجي ويو.

[b]قلندر لعل شهباز
[/b]مخدوم قلندر لعل شهباز مروندي ولد ڪبير الدين (لقب) سيد ابراهيم جو جنم 538هه/ 1143ع تي ”مروند“ ۾ ٿيو، بعد ۾ سيوهڻ شريف (سيوستان) ۾ اچي رهيو. پاڻ حافظ قرآن، جيد عالم، صرف نحو جو ماهر، عظيم شاعر ۽ مصنف هو. سندس اصل نالو ”عثمان“ آهي.(3) سندس شجرو هن ريت ملي ٿو:
سيد عثمان مروندي ولد ڪبيرالدين (لقب سيد ابراهيم) ولد شمس الدين ولد سيد نور شاهه ولد سيد محمود شاهه ولد سيد احمد شاهه ولد سيد هادي شاهه ولد سيد مهدي شاهه ولد سيد منتخب شاهه، ولد سيد غالب شاهه ولد سيد منصور شاهه ولد سيد اسماعيل شاهه ولد سيد امام جعفر رضي الله.
ڪتابن ۾ اچي ٿو ته ”مروند“ آذربائيجان ۽ تبريز ڏانهن اقليم پنجين ۾ آهي ۽ مروند ۾ سندس ولد سيد ڪبير الدين جو مقبرو زيارت گاهه عوام لاءِ آهي. ٻي روايت آهي قلندر لعل شهباز جي والد موجوده عراق ۾ ڪربلا معليٰ دروازي تي ابراهيم جوابي جي مزار آهي. قلندر لعل شهباز بابا ابراهيم جو مريد هو. حضرت ابراهيم، مريد شاهه جمال مجرد جو هو. قلندر لعل شهباز جا ٽي گهاٽا دوست هئا، انهن سان خاص ڪچهريون ڪندو هو اهي هئا:
1. بابا فريد الدين گنج شڪر پاڪ پٽڻ وارو.
2. غوث بهاءُالحق ذڪريا ملتاني.
3. سيد جلال الدين سرخ بخاري اچ وارو.

[b]قلندر لعل شهباز جا مشهور مريد ۽ فيض حاصل ڪندڙ بزرگ
[/b]1. حضرت مخدوم بلاول (ٽلٽي)
2. حضرت ميان مير (لاهور)
3. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (ڀٽ شاهه)
4. حضرت قادر بخش بيدل (روهڙي)
5. خوش خير محمد فقير هيسباڻي
6. محمد حسن عرف بيڪس سائين (روهڙي)
7. سيد ناٿن شاهه (لڪي شاهه صدر جو رهاڪو)
8. لعل موسيٰ (ٺٽي جو رهاڪو)
9. نبن فقير (ڳڙهي ياسين وارو)
10. پير صلاح الدين (ڪوٽڙيءَ وارو)
11. حاڪم شاهه (پٽ وارو)
12. سيد محمد شاهه (مٽياري)
13. حاجي غلام نبي مهيسر (ميهڙ وارو)
انهن کان سواءِ وڏا وڏا عالم، بزرگ، مولوي، استاد، شاعر، اديب، سياح، زاهد، عابد، فنڪار، آرٽسٽ، ليکڪ، ذاڪر ديني عالم، بادشاھه، وزير درگاهه قلندر شهباز جي زيارت ڪرڻ ايندا آهن. سندس مريدن جو وڏو تعداد آهي، عقيدتمند پوري پاڪستان کان سواءِ ٻاهرين ملڪن مان به اچن ٿا. قلندر لعل شهباز جا فيض حاصل ڪندڙ ٻيا به ڪيئي مشهور بزرگ آهن.

[b]قلندر لعل شهباز جا ڪتاب
[/b]1. ميزان صرف
2. عقد (عقود التعليات) فارسي
3. اجناس
4. صرف صغير
’ميزان صرف‘ مولانا عبدالحئي ايڊٽ ڪري ڇپايو آهي. ’عقد‘ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ايڊٽ ڪري شايع ڪرايو آهي. ٻئي ڪتاب اڳ مدرسن ۾ پڙهايا ويندا هئا. عقد ۾ صرف نحو تي بحث ڪيو ويو آهي.

[b]قلندر لعل شهباز جي روضي جي اڏاوت
[/b]قلندر لعل شهباز جي وزير سيد علي سرمست 674هه ۾ قلندر لعل جي تربت تي ڇٽي ٺهرائي، جيڪا هن وقت صحن ۾ موجود نه آهي. پهرين مقبري جو قبو ملڪ اختيار الدين سيوهڻ جي گورنر ٺهرايو هو. جڏهن فيروز الدين تغلق هندستان جو حڪمران هو. مرزا جاني بيگ شهنشاهه اڪبر جي دور ۾ درگاهه جي توسيع ڪرائي ۽ صحن ۾ سنگ مرمر جي پٿر سان فرشبندي ڪرائي. نواب ديندار خان گورنر شهنشاهه شاهجهان جي دور ۾ ٻاهريون دروازو ۽ درگاهه جي ٻاهران مسجد ٺهرائي. ان کان علاوه سيوهڻ شهر ۾ ڇُٽي آمراڻي ۽ جمن جتي ستيءَ جا عاليشان مقبرا تعمير ڪرايائين. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي (وزير اعظم پاڪستان) 1977ع سونو دروازو (جيڪو ان کي ايران مان تحفي طور مليو) لڳرايو. روضو قديم هئڻ ڪري 1993ع ۾ قلندر لعل شهابز جو روضو شهيد ٿي ويو (ڪِري پيو). بعد ۾ وزير اعظم پاڪستان شهيد بينظير ڀٽو 1994ع ۾ درگاهه جي سڌاري واڌاري ۽ نئين گنبذ جو بنياد رکيو.

[b]قلندر لعل شهباز جو عرس ۽ ميندي
[/b]قلندر لعل شهباز جو عرس سيد سرمست سندس وڏي خليفي (وزير) پهريون عرس 18 شعبان 651 ۾ ملهايو هو اهو عرس اُن وقت کان هن وقت تائين جاري رهندو اچي، جيڪو هاڻي 18، 19، 20 شعبان تي ملهايو ويندو آهي. ٽئي ڏينهن ميندي جي رسم پڻ ٿيندي آهي. قلندر لعل شهباز ڪيترن ئي ملڪن جا سفر پڻ ڪيا هئا، عراق انڊيا ايران کان ٿيندو آخري ڏهاڙن ۾ سيوهڻ شريف ۾ اچي رهيو هو. سندس وفات 650هه: 1252ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي هئي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

[b]قلندر لعل شهباز جي شاعري
[/b]زعشق دوست هر ساعت، درون نار مي رقصم،
گهي بر خاڪ مي غلطم گهي برخار مي رقصم.
ترجمو: دوست جي عشق ۾ هر گهڙي باهه جي مچ ۾ پچي رهيو آهيان، ڪڏهن مٽيءَ ۾ ليٿڙيون ٿو پايان ته ڪڏهن وري ڪنڊن تي نچي رهيو آهيان.
بيا اي مطربِ ساقي! سماع شوق لا درده،
ڪه من در شاديء و صلش، قلندر وار مي رقصم.
ترجمو: اي ساز وڄائڻ وارا ساقي اچ! ۽ دل ۾ راڳ ٻڌڻ وارو شوق ڏي، ڇاڪاڻ ته آءٌ ميلاپ جي خوشيءَ ۾ مست قلندر بڻجي نچي رهيو آهيان.
شدم بدنام در عشقش بيا اي پارسا هم بين،
نمي ترسم ز رُسوائي، سرِ بازار مي رقصم.
ترجمو: محبوب جي عشق ۾ بدنام بڻجي ويو آهيان، اي نيڪ پرهيزگار! تون به اچي ڏس خواري ۽ بڇڙائيءَ کان نه ٿو ڊڄان وچ بزار ۾ نچي رهيو آهيان.
مرا مخلوق مي گويد، چندان چه مي رقصم،
بدل دراريم اسراري، ازان اسرار مي رقصم.
ترجمو: مون کي ماڻهون چون ٿا اي فقير! ايترو ڇا لاءِ نچي رهيو آهين؟ کين جواب ڏيان ٿو ته ڪنهن اسرار خاطر نچان ٿو.
اگر صوفي شده يارم، بيا تاخرقه اي پوشم،
اگر زنار بر بستند، دران زنار مي رقصم.
ترجمو: جيڪڏهن صوفي آهين ته منهنجو يار آهين، اچ ته توکي صوفين واري گودڙي پهرين، پر جيڪڏهن جوڳي بڻجي جڻيا پائين ته مان انهيءَ ويس ۾ نچي رهيو آهيان.
من آن دُرم ڪه در بحر جلا الله بود استم،
بڪوءِ طور با موسيٰ ڪَليم الله بود استم.
ترجمو: مان اهو موتي آهيان جيڪو الله تعاليٰ جي جلال واري دريا ۾ موجود آهيان طور سينا جي جبل تي حضرت موسيٰ ڪليم الله سان آءٌ گڏ بيٺو هئس.
آيا ملا! مَڪُن ظاهر، سرا اسرار مردان را،
نمي داني نه دانستي، ڪه سر الله بود استم.
ترجمو: اڙي ملان! مڙسن جي رازن وارين ڳالهين کي ظاهر نه ڪر، تون نه ٿو ڄاڻين ۽ نه ڪي ڄاڻين سگهين ٿو ته مان الله تعاليٰ جو هڪ ڳجهه آهيان.
آيا عثمان مروندي! چرامستي درين عالم،
بجز مستي و مدهوشي، دگر چيزي نه دانستم.
ترجمو: اي عثمان مروندي! هن جهان ۾ ڇا جي ڪري مست آهين؟ جواب ڏيان ٿو ته سواءِ مستي ۽ مدهوشي جي آئون ٻي ڪا به ڳالهه نه ٿو ڄاڻان. 

[b]مددي ڪتاب
[/b]
1. ايم ايڇ پنهور ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“ عمر سومرو اڪيڊي، ڪراچي 2011ع.
2. ٻرڙو خير محمد سيوهاڻي ”سيوهڻ صين کان“ مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع.
3. مير حاجن مير سيوهڻ جون ادبي شخصيتون سچائي اشاعت گهر دڙو، حيدرآباد 2014ع
4. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2004ع.
5. يادگار قلندر مرتب انور ساگر ڪانڌڙو،
6. تاريخ مظهر شاهجهاني ”يوسف ميرڪ“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.