لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

موتي ميڙيا مون

ھن ڪتاب ۾ مير حاجن مير سنڌ جي اھم ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون لکيا آھن جيڪي پڙھڻ وٽان آھن. شاھ لطيف، قلندر شھباز، سچل سرمست، استاد بخاري، سامي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، محمد ابراھيم جويو، وفا ناٿنشاھي، ارجن حاسد، احمد خان مدھوش، واسديو موھي، مدد علي سنڌي، ج ع منگهاڻي، پروفيسر فتح الله صديقي، مشتاق گبول، صادق فقير ۽ مشتاق بخاري جي شخصيتن ۽ تخليقي سفر تي لکيل مضمون وڏي محنت سان لکيا ويا آھن. ليکڪ پاران ”جديد سنڌي شاعري ۽ ان جو معيار“ جي نالي سان لکيل طويل مقالو پڻ اھميت جوڳو آھي.
Title Cover of book موتي ميڙيا مون

سامي، مايا، ڪوڙ ۽ نفرت کي نندي ٿو

سامي ويدانيت، صوفيت ۽ تصوف جو شاعر آهي. هي مايا، ڪوڙ ۽ نفرت کي نندي ٿو. انسانيت، محبت ۽ پيار جو درس ڏئي ٿو، ڪلفت ڪدورت ۽ ٻيائيءَ کي من مان صاف ڪرڻ جو چوي ٿو. سچ سونهن ۽ اخلاق جو راهي آهي، ساميءَ جا سلوڪ (شلوڪ) مختصر هوندي به هت چئن سٽن ۾ جامع ڳالهه ڪئي آهي. ڪائنات جو شعور پرکي حقيقت تي پهچڻ جو چوي ٿو. دنيا هڪ خواب آهي يا ڪجهه ڏينهن لاءِ مهمان گهر، هتي ڪيئن رهجي سامي ان ڳالهه کي واضح ڪري سمجهايو آهي ته ڪايا مايا جي پويان نه پئجي محبت وارو رستو اختيار ڪجي، جنهن ۾ انسانيت ۽ زندگي آهي.
”شاهه، سچل ۽ سامي پنهنجي سماج جا حساس ۽ سڄاڻ شاعر هئا. هنن کي اُن جي دک ۽ ان جي امنگ جي خبر هئي. هنن ان جي اُمنگ جي ترجماني ڪئي ۽ ان جي دک جو علاج تجويز ڪيو. سنڌي سماج کي هڪ آزاد ۽ باعزت سماج ٿي رهڻو هو. ان مان نفاق ۽ ٻيائيءَ کي ختم ٿيڻو هو. ان کي دوئيءَ جي بدران وحدت جي ضرورت هئي. ان ۾ پنهنجي اجتمائي وجود جو شعور پيدا ٿيڻو هو. ان ۾ فرد ۽ گروهه جي مفاد کي جماعت جي مفاد تي قربان ٿيڻ سکڻو هو. يعني اُن جي سڀني انفرادي غرضن کي گهٽجي هڪ گڏيل ۽ جامع غرض جي صورت وٺڻي هئي ته جيئن گهڻي گهڻا مفاد ۽ گهڻي ۾ گهڻيون خود پسنديون اُن ۾ سمائجي وڃن ۽ راضي ٿين ۽ نيٺ پنهنجو وجود اُن ۾ گم ڪري ڇڏين، ان جي بهتر شهرين ۾ فرض جو احساس جاڳڻو هو. جنهن کي وطن وستيءَ يا قوم لاءِ قربانيءَ جو جذبو چئبو آهي.“(1) سامي، مايا، ڪروڌ، کي ننديو آهي. مايا عارضي آهي انسان، انسانيت کي اهميت ڏئي.
مايا ڀُلائي، وِڌو جيءَ ڀرم ۾،
پاڻ پانهنجو پاڻ ۾، ويٺو وڃائي،
اَڻَ هوندي درياءَ ۾، غوطا نِتُ کائي،
منهن مڙهيءَ پائي، سامي ڏسي ڪينڪي.

مايا جڳ ٺڳي، سامي سارو وس ڪيو،
جن تي سايو سنت جو، تن کي ڪين لڳي،
هو لنگهي وَرَ سراپ کون، پهتا پار اڳي،
جتي جوت جڳي، اَٺ ئي پهر انيئي.

انڌن ڏي آئي، مايا بڻجي موهڻي،
ڦري ڪيائين ڦوڪ سڀ، ڏيئي وڏا ئي،
سامي سُجاڳن کون، ڀڳي ڀئه کائي،
ڪن شادي سدائي، ماتامي گُر گيات سان.
سامي محبت جو شاعر آهي، ”جي ساميءَ کي مجاز ۾ پسجي ته هُن جي لفظن مان اهڙو تاثر ملي ٿو، جڏهن چوي ٿو ته آءُ ته پياريانءِ، ڀري پيالو پريم جو! هونئن سامي هڪ ويدانتي شاعر آهي. هو روحانيت جي باري ۾ واضح طور پنهنجا خيال ظاهر ڪري ٿو، مايا جي موهه کي نندي ٿو. اوديا جي اونهي کوهه مان نڪرڻ جي تلقين ڪري، ستگروءَ جي شرڌا رکڻ، اُن جي مهما ۽ پيروي لاءِ چوي ٿو. سندس سلوڪن کي جن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي. اُهي بنيادي طور روحانيت جي تعليم بابت آهن. محبت، پريم ۽ عشق وغيره وارا عنوان به مالڪ جي حقيقي عشق بابت آهن. اڪثر سلوڪن جي ظاهر مضمون کي ڏسجي ته اُهي محبت ۽ مجاز جي مضمون ۾ آهن اُنهن ۾ سڄڻ جي سڪ جو بيان موجود آهي ۽ چوي ٿو.
بنا سڪ سڄڻ جي، ڪنهن پاتو ڪينڪي،
نڪري ڪيئن ڏهيءَ ري منجهون کير مکڻ،
ڦل ورائي وڻ، سامي سُڃو سکڻون.(2)

محبت جو مت، ڪامل آهي ڪهڙو،
سَچُ ڄاڻن، سائينءَ کي، ڄاڻي جوٺ جڳت،
سامي پڇ پرتيت سان، گورک، نادر دت،
ڇڏي ويل وقت، لنگهي چڙهيا چِٽَ تي.

دوست ڏني ديد، جنهن کي پرچي پانهنجي،
مري ٿيا سي محبتي، سامي سڀ شهيد،
حاضر رهن حضور ۾، ماهر مل خريد،
اَٺَئي پهر عيد، ملي ڪن محبوب سان.
سامي محبوب سان ملڻ ئي عيد سمجهي ٿو. محبوب سان ملڻ لاءِ سچو عشق ضروري آهي، سچو عشق ئي محبوب سان ملائيندو. محبوب سان ملڻ کان پوءِ ئي، زندگي مقصد ماڻي ٿي. سامي وٽ عشق اهم ئي آهي. ”هيڏو پريم ساگر، خوشيءَ ۽ اسان جو سامي ڀڳتي ۽ ست سنگ وسيلي سچي سائينءَ کي حاصل ڪرڻ جي پرارٿنا ڪري ٿو، تنهن وٽ مجاز به آهي. ان جو زبان ۽ بيان ۾ ڪن بابن ۾ ذڪر ملي ٿو. اڪثر هنڌن تي حقيقت جو اشارو به آهي. پر پريم، نيهي، عشق، عاشق، سڪ ۽ سهاڳڻ وارن بابن ۾ مجاز جا اشارا موجود آهن. اهڙن ڪجهه سلوڪن جي حوالي سان هيءَ ڳالهه بيان ڪرڻ گهران ٿو ته ساميءَ وٽ مجاز به آهي ته عشق به آهي.(3)
عشق آسان نه ڄاڻ، سامي چيو ستگروءَ،
مڇيءَ مرگهه ڀَنوَرَ کون، پڇي ڏس پَرماڻُ،
ڏئو ڏسي نه رهي، پتنگ جلائي پاڻ،
چَڪَويءَ جو چندر ساڻ، هميشه ئي هت رهي.

اَچي عشق اُٺو، جاني تنهنجي جيءَ ۾،
تنهن حالون بيحال ڪيو، وجهي پير پُٺو،
گهلي ويو گمراهه ۾، پڇي ڪين ڪٺو،
رهندين اَڃا رُٺو، ڪي ڪندين مهر مٺن تي؟
سامي عاجزي نياز نوڙت سان هلڻ جي تلقين ڪري ٿو وڏائي خود خدا کي سُهين، هيٺائون هلڻ گهرجي.
چارئي ٿا چون، هَلُ هيٺاهينءَ واٽڙي،
مٿاهينءَ ۾ مامرو، ڌاڙا ڍير ڌون،
متا توهي سا ڪن، مڏيءَ ڌڻي مامرو.
سامي درد وندن جو شاعر آهي. ڏکن جي ماريل ظلمن جي ستايل جي همراهي ڪري ٿو.
ڪريان ڪهڙو حال، دروندن جي دل جو،
ڪُٺا ڪڇن ڪينڪي، لنولائي ٿيا لال،
صدقي ڪيائون سڪ تون، سامي تن من مال،
تن کي ڪوهه ڪريندو ڪال، جي مرڻ کان اڳي مئا.
”شاهه، سچل ۽ سامي عظمت جي صحيح معنيٰ ۾ سنڌي سماج جا عظيم ماڻهو آهن. اهي سنڌي سماج جي هڪ وڏي بحراني دور جا پيداوار آهن. هو ذهني (روحاني) دنيا جا عظيم تخليقار آهن. هو پنهنجي ڏات ۽ ڏاتاريءَ ٻنهي ۾ بي مثل ۽ بي بدل آهن. هو سنڌي سماج جي نئين جنم جا نقين آهن. هو مفڪر به شاعر به فنڪار به هئا. هو ٻين لاءِ جيئندڙ، عام مفاد لاءِ لڇندڙ ۽ سڄي پنهنجي زندگي هڪ ئي مقصد لاءِ پاڻ پچائيندڙ ۽ هڪ ئي آدرش جا فدائي هئا“(4) شاهه لطيف ۽ سامي جو فڪر هڪ جهڙو آهي.
شاهه لطيف چوي ٿو:
وحدت مان ڪثرت ڪثرت مان ٿي ڪل.
ته سامي چوي ٿو:
عاشق سي چئجن، جن تي عاشق پاڻ ٿيو،
جتي ڏس نيڻ ڀري تتي پير ڀرن،
اٿندي وهندي ننڊ ۾، سامي مليا رهن،
اهڙي رنگ رچن، سي عاشق معشوق ٿيا.
لطيف چوي ٿو:
عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،
فنا ڪيا فراق ته به آهه نه سلن عام سين.
سامي،
جيئن مڇي جَل ري، تيئن عاشق مرن عجيب ري،
سچي سڪ اندر جي، ڪنهن کي سلن ڪين،
سدا رهن لنو لين، سامي درس ديدار ۾.
”سامي ويدانت جو متي جو فقير هو ۽ پنهنجي ڪلام ۾ اُهي نج ويدانت وارا اصول ڪم آندا اٿس، جن جو تصوف ۾ به ذڪر آهي ۽ ڪي تصوف وارا اصول به ڪم آندا اٿس جي سڀني صوفين عام طور پنهنجي ڪلام ۾ ڳايا آهن.“ (5)
”سنڌ جي سڀني وڏن شاعرن جي برعڪس ڀائي چئنراءِ جا بيت ۽ سلوڪ نه ڪي سنڌ جي قصن وانگر داستانن جي عام روايت سان وابسته آهن. (6) بلڪه ساميءَ جو پنهنجو خيال آهي، صرف مرشد جي ڳالهه ڪري، باقي مذهب جي ڳالهه نه ٿو ڪري جيئن اسان وٽ شاهه لطيف، سچل، لطف الله قادري مذهب جي ڳالهه ڪن ٿا.
ساميءَ جو فڪر وسيع آهي، عشق محبت، ان جا اهم رڪن آهن ته ڪوڙ، منافقي، مايا، جو سخت مخالف آهي ۽ عشق ۾ عميق آهي. جيئن ڪو سمنڊ گهرو هجي ۽ ان جي اونهائي ماپي نه ٿي سگهجي. سندس پرين عشق ئي آهي.
چڻنگ پيئي چولي، عجائب عشق جي،
ده دس بيٺس، دوس کي، فڪر سان ڦولي،
اچي چڙهيس اوچتي، حيرت هندولي،
سامي سر اولي، سهجي مليا سپرين.
*
عاشق ڪوٺائين، ته صرفو ڇڏ سرير جو،
ڏيئي ستگر کي، پير اڳي پائين،
تڏي لنولائين، سامي سپرين سان.


[b]حوالا[/b]
1. محمد ابراهيم جويو. شاهه، سچل، سامي. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2006ع، صفحو 66.
2. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي تاريخ جلد 2، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد 2004ع صفحو 252.
3. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي تاريخ جلد 2. حوالو اڳ آيل آهي صفحو 254.
4. محمد ابراهيم جويو. شاهه، سچل، سامي. حوالو اڳ آيل آهي صفحو 28.
5. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي تاريخ جلد 2. حوالو آيل آهي صفحو 240.
6. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي تاريخ جلد 2 حوالو آيل آهي صفحو 243.
7. سامي جا سلوڪ (مرتب) بي ايڇ ناگراڻي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2007ع.
8. شاهه جو رسالو ڪلياڻ آڏواڻي، روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 1997ع.