حوصلي ۽ بهادري جو شاعر استاد بخاري
پر جنهن جي فن ۾ ڪا کوٽ هوندي ۽ فن فڪر کان وانجهيل هوندو آهي. خيال جي پختگي نه هوندي آهي. اهو فن جي کوٽ سبب عوام کان ڪٽجي ويندو آهي. جن جو فن، فڪر، فهم، اعليٰ مقصد وارو هوندو آهي، جدت سان گڏ نوان استعارا، نيون تشبيهون، نوان خيال، نيون راهون جنهن شاعري ۾ هونديون آهن. اها شاعري پنهنجي مقصد ۽ منزل تي پهچندي آهي. سنڌي شاعري ۾ استاد بخاري جنهن نموني شاعري سان نڀاءُ ۽ سنڌي شاعريءَ کي بلند رکيو آهي. سو سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ مٿانهون ۽ اعليٰ مقام وارو آهي. استاد حوصلن، همٿن، اميدن، آسن، امنگن ۽ سوجهرن جو شاعر آهي، سورهيائي ۽ بهادري جو شاعر آهي، تمنا ۽ تحريڪ جو شاعر آهي.
تمنا ۾ تحريڪ موجود آهي،
ترقي جي تاريخ موجود آھي،
جتي آرزو اُتي جستجو آ،
زماني جي تصديق موجود آھي.
ٽي ايس ايلٽ چيو ته ”حقيقي شاعري جو معيار ئي اهو آهي ته ڪنهن به مقبول لاڙي جي تبديلي کان پوءِ زنده رهندي آهي.“ جيئن لطيف فرمايو ”وکر سو وهائج جو پئي پراڻو نه ٿئي.“ استاد بخاري جي شاعري جو لهجو عوامي لهجو آهي. ان عوامي لهجي هوندي استاد جيڪي شاعري ۾، جدت جا گل پوکيا آهن، يا رستو ورتو هيو، اهو رستو خوبصورت رستو هيو. جنهن ۾ ڌرتي سان محبت، ٻوليءَ سان پيار ۽ انساني جدوجهد شامل آهي.
بحر ٿي اي دوست ڇر ٿيندو نه ڪر،
تون آن ڪارونجهر، ڪڪر ٿيندو نه ڪر.
پير پختا ڪر پپر جي پاڙ جان،
واءَ وانگر دربدر ٿيندو نه ڪر.
*
ڪير ٿو جهلي ته تون دودو نه ٿي،
شينهن ٿي شهمير ٿي پر شودو نه ٿي،
تون مهراڻ ٿي موج ٿي هالار ٿي سمنڊ ٿي،
پر اي نوجوان بازار جو سستو سودو نه ٿي.
The beautiful is that good which is pleasant becase it is good.
”جماليات شاعري جي شهه رڳ رهي آ. هيرا اقليطس بنيادي طور پهريون فيلسوف هو، جنهن کي جديد ڏاهپ جو روح روان ۽ ”جدليات جو ابو“ مڃيو وڃي ٿو. ان بعد ڪيئي فيلسوف، ڏاها، سائنسدان، مفڪر، اديب شاعر، سونهن جو ذڪر ڪندا رهيا آهن. سونهن کان سواءِ هي دنيا خالي آهي.“ انساني وجود مان سمجهان ٿو جماليات سان لاڳاپيل آهي. استاد بخاري جي شاعري ۾ ڪمال جي جماليات ۽ جدت آهي. جنهن جا رنگ هر موسم ۾ رونق افروز آهن. استاد جي شاعري جماليات جو ذڪر اوهان کي عام جام ملندو.
اسان سرهاڻ جا گيسو صبا بڻجي سنواريون ٿا.
ڪندا شبنم جي قطرن کي نگاهن سان سلام آهيون،
نه ڪنڊن کي کيڪاريون نه ٿو هر سان رکون ياريون،
مگر رابيل جا نوڪر گلابن جا غلام آهيون.
*
چاهيان ٿو تنهنجو عشق لڪايان، لڪي نه ٿو،
مان ٿو مُٺين ۾ مشڪ ڇُپايان ڇُپي نه ٿو.
تشبيهه ڪا به تو سان ملايان ملي نه ٿي،
شعرن سان شان تنهنجو وڌايان وڌي نه ٿو.
ٻوليءَ جا وارث منهندار شاعر ئي هوندا آهن جيڪي لفظن کي گهڙي، لسائي ڪري آسان بنائي شاعري ۾ ڪتب آڻيندا آهن. جيئن هر عام ماڻهو هر لفظ کي آساني سان سمجهي سگهي. شاعر لفظن کي دوام بخشيندا آهن. انهن کي امرڪندا آهن. ڪٿي نوان لفظ ڪم آڻيندا آهن ته ڪٿي گم ٿي ويل لفظ به ڪم آڻيندا آهن. اهو شاعر جي ائپروچ تي هوندو آهي. هو لفظن کي ڪيئن ٿو استعمال ڪري. لفظن کي ڪيئن ٿو جلا بخشي. هڪ سجاڳ شاعر جو ڪم پنهنجي ٻوليءَ جو بچاءُ ڪرڻ به آهي ته ڏيهه جي ماڻهن سان سکن، خوشين ڏکن، ڏوجهرن ۾ گڏ رهڻ به آهي. ناانصافي ڏاڍ، حق سچ جي به ڳالهه ڪرڻي اٿس. ماڻهن جي ستل شعور کي جاڳائي همٿون حوصلا به ڏيڻا آهن. استاد جي شاعري ۾ ٻوليءَ جو حسن، تشبيهي حسن، تجنيس حرفي ۽ اندوني قافين جو استعمال، عوامي ٻولي جو استعمال، مرڪب لفظ ۽ ٻيا انيڪ نوان خيال ملن ٿا. استاد بخاري حوصلن ۽ همٿن جو امين شاعر آهي. هو سجاڳي به ڏئي ٿو ته حق وٺڻ جي راهه به ٻڌائي ٿو جدوجهد ۾ به گڏ رهي ٿو. ڪنهن انسان سان ڏاڍ جبر ٿيڻ تي دانهون، ڪوڪون، واڪا به ڪري ٿو. حقن جي حاصلات لاءِ اڳتي هلڻ لاءِ ”هوڪا“ به ڏئي ٿو.
استاد بخاري جرئتمندي بهادري ۽ سورهيائي جو شاعر آهي.
ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو! ارتقا رڪجي نه ٿي،
زندگي جي آرزوءَ ۾ جستجو ٿڪجي نه ٿي،
ساٿيو سندرا ٻڌي هلندا هلو وڌندا هلو،
پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نه ٿي.
*
ٻاٽ ڪٽجي روشني جو ڳاٽ اوچو ٿي پوي،
جان جا ڪپڙا ڇا منهنجا بُڪَ ڪٻٽ ساڙي ڇڏيو.
سيج آ جائيءَ جي منهنجي قوم سنڌيءَ کي ملي،
مون کي ڇا منهنجو قبيلو سوليءَ تي چاڙهي ڇڏيو.
*
صحرا ساگر بنجي وڃن هي ممڪن آ،
بحرن مان بر بنجي وڃن هي ممڪن آ،
نا ممڪن ڪجهه ڪو نه رهيو آ، او ڏاڍا!
ڏونگر ڀوڀر بنجي وڃن هي ممڪن آ.
رودڪي جي پيداوار غزل ايران کان ٿيندو جڏهن سنڌ ۾ پهتو ته سنڌ جي شاعرن ان غزل کي سنڌي اجرڪ جو ويس پارايو ته سنڌ جي صوفيت جهڙو ٿي پيو. استاد بخاري بيت، وائي، هائيڪو، گيت، لوڪ گيت ڪافي، نظم، چوسٽو ۽ صنفن سان گڏ جديد سنڌي غزل لکيو.
حسينن کي هر وقت تحفا ڏيون ٿا،
جي نغما نه آهن ته سُڏڪا ڏيون ٿا.
اوهان جيڪي دلدار دوکا ڏيو ٿا،
سي دل کي بنائي دلاسا ڏيون ٿا.
چري دل کي تنهنجي چپن جو قسم آ،
دلاسا نه هوندا ته دڙڪا ڏيون ٿا.
گهڙيون چار بازار جو چهچٽو آ،
اسان کان وٺو پيار، هوڪا ڏيون ٿا.
ٻه ڳوڙها، ٿڌي ساهه ۾ يار ويڙهي،
اٿڻ وقت استاد ڀيٽا ڏيون ٿا.
*
تنهنجو نظرون مزو غضب جو آ!
توبهه توبهه نشو، غضب جو آ!
چنڊ جو آ رڳو چِٽو چهرو،
تنهنجو نقشو سڄو غضب جو آ.
کنڊ ماکي مِٺي، سُٺي ساٿي،
تنهنجو بوسو مٺو غضب جو آ.
هجر جو مسئلو قيامت پر،
وصل جو مرحلو غضب جو آ.
تنهنجي ’استاد‘ کي مٺا تنهنجي،
شوق، شعلو بڇيو غضب جو آ.
سنڌ جو ناميارو نقاد، محقق ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو استاد بخاري جي ڪتاب اوتون جوتون ۾ لکي ٿو ته ”استاد جو ڪلام اهڙا موضوع پيش ڪري ٿو، جيڪي ڪنهن قوم کي زنده رکڻ لاءِ ضروري آهن.“ استاد جي شاعري ست رنگي انڊلٺ وانگر جرڪا ڏيئي رهي آهي. استاد ٻوليءَ جو سونارو به آهي. ڪٿي طوفان به آهي ته ڪٿي مڻهيارو به آهي.
اٿن اوٿر گجن گوڙون، وهن واهڙ،
تڏهن سمجهو ته ڪجهه تڙپيا اسين آهيون.
ٽاڪاڻا ٽچڪايان ٿو پيو اکرن کي اوجاريان ٿيو پيو،
آءٌ سنڌيءَ جو سونارو.
ڪوڏيو مڻڪا، ماڻڪ، لال پيش پرين جي جهڙا حال،
ماروئڙن جو مڻهيارو.
استاد بخاري جي تخليق ۾ جيڪي مزاحمت جا اهڃاڻ آهن، اهي هر جابر بادشاهه سان اٽڪيو بيٺا آهن. جيئن سائنس چوي ٿي ته دنيا گول آهي ۽ هلندي رهي ٿي. تيئن استاد جي شاعري بيٺل پاڻي وانگر ناهي وهندڙ، آبشارن جهڙي آهي. جنهن جو پاڻي صاف به آهي ته مٺو به آهي. اهو پاڻي پياسن جي اڃ اُجهائي ٿو. ۽ اجهائيندو رهندو.
استاد سچ جو راهي آهي.
ڊاهيندا رهون ڊوهه اهو ڏوهه ته ناهي،
ڏوهن کي سڏيون ڏوهه اهو ڏوهه ته ناهي.
*
هيءَ ڪوڪ، سنهي وار کان خنجر کان تکي آ،
هيءَ ڦوڪ، ٿڌيءَ هير کان اوٿر کان تکي آ.
وهمن جي مقامن ۾ سُتي پئي آ مگر جي،
هيءَ قوم اُٿي پئي ته پوءِ محشر کان تکي آ.
*
اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو؟
۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو.
استاد بخاري کي کڻي دفن ڪريو،
ڌرتي کان مگر ڌار اهو ڪيئن ٿيندو.
سنڌ جو ناميارو شاعر تاج جويو پنهنجي ڪتاب ”استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر ۾ لکي ٿو ته ”استاد حوصلي جو هماليه ۽ خوداريءَ جو کير ٿر هو. هو سڄي زندگي حوصلي سان رهيو، حوصلو ڏيندو ۽ حوصلو ڏياريندو هو.“ استاد جي شاعري ۾ موسيقيت، رواني سلاست، نغمگي، ترنم ۽ شائستگي آهي.
ڇا قوم تي لکان مان يا حسن تي لکان مان،
افسوس زندگي هڪ پورو نه ٿو پوان مان.
مقتل کان ٿورو اڳتي محفل جو ڏس مليو آ،
مان موت کي لتاڙي ٿو زندگي کي ڳوليان.
سنڌ جو ناميارو شاعر علي دوست عاجز لکي ٿو ”استاد بخاريءَ سنڌ جي وکريل سونهن ۽ ثقافت کي سموهي سٽن جو روپ ڏنو. ان ڪري ئي استاد جي شاعري ۾ برسات جي پهرين ڦڙين تي اُٿندڙ ڪچي ۽ ڪاڇي جي مٽيءَ جو هُڳاءُ آهي. سندس شاعري جي البم ۾ ڊڀن سان ڍڪيل پيچري کان وٺي اَڪن جي ڦلڙين، ڪنول جي گلن، درياءَ جي لڙئي پاڻي ۾ ترندڙ ٻيڙين جي اڇن سڙهن کي ڇهندڙ چنڊ جون تصويرون آهن. جن ۾ پورهيت جي پگهر ۽ محبوبه جي مُرڪ جي مهڪار رل مل آهي؟ سندس شاعري سنڌ جي تهذيب ثقافت جو آئينو ۽ سنڌي لفظن جي کاڻ آهي. سندس هر لفظ ۽ خيال احساس جي تارن کي ڇهندڙ جهرڻن وانگر شفاف سولو سڌو ۽ فطري نظارن وانگر وڻندڙ آهي. هن جي شاعري جي جڙ زمين ۾ آهي پر ان جي ڀاڪر ۾ آسمان به اچي وڃي ٿو.“ استاد جي شاعري ۾ سمنڊ واريون ڇوليون سنڌو درياهه جون ويرون، منڇر ڍنڍ جون لهرون ۽ نئين گاج جو رڌم موجود آهي.
ڪاٿي آ قوم سنڌي قومي زبان ڪٿي آ،
ٽي وي اسان جي اڌمن جو ترجمان ڪٿي آ.
تاريخ جو جبر ٿو طعنو هڻي پڇي پيو،
آزاد قوم، تنهنجو اوچو نشان ڪٿي آ.
*
ٽٽو دل جو شيشو بنائي نه سگهبو،
ڀڳو ڏار وڻ جو لڳائي نه سگهبو.
اهو آهي مشهور استاد ڪڏهن،
ويو وقت واپس ورائي نه سگهبو.
استاد هڪ سچيت آرٽسٽ هيو سندس فن فڪر جي اڏام وسيع هئي. لهجو / هيئت ڊڪشن پنهنجو هيس سنڌي شاعري ۾ وهائو تاري جي مثل آهي. سندس فن جي روشني جهيڻي ٿيڻي ناهي. هو ڪڏهن به مرڻو ناهي. ڇو ته فنڪار مري سگهي ٿو پر فن جو موت نه ٿيندو آهي.
کون کہتا ہے کے موت آئی گی تو مر جاؤنگا،
میں تو دریا ہوں سمندر میں اُتر جاؤنگا۔
بخاري ته ڇا پر ڀٽائي به برقعو مٽائي سميٽي ويو پٺيان ڪي چڱا چار اشعار رهندا هميشه هميشه،
ٻيلو نه جهلي ٻور اهو ناممڪن،
تنهنجو نه پوي پور اهو ناممڪن،
استاد جو آواز لٽيو ٿا لڙ ۾،
اونده ۾ لڪي نور اهو ناممڪن.
[b]حوالا[/b]
1. استاد ”او تون جو تون“ روشني پبليڪيشن ڪنيارو 2005ع.
2. استاد بخاري ”لهر لهر ريا“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009ع
3. تاج بلوچ ”جديد ادب جو تجزيو“ سوجهرو پبليڪيشن 2014ع
4. استاد بخاري ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
5. تاج جويو ”استا بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2012ع
6. استا بخاري، ”بخاري جا قطعا“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009ع
7. استا بخاري ”تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان“ روشني پبليڪيسن ڪنڊيارو 2001ع
8. استا بخاري هي گجرا هي گولا روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2004.
9. استاد بخاري وطن ۽ ويساهه روشني پبيليڪشن ڪنڊيارو 1997ع
10. شير مهراڻي ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ جماليات“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2013ع