لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

موتي ميڙيا مون

ھن ڪتاب ۾ مير حاجن مير سنڌ جي اھم ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون لکيا آھن جيڪي پڙھڻ وٽان آھن. شاھ لطيف، قلندر شھباز، سچل سرمست، استاد بخاري، سامي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، محمد ابراھيم جويو، وفا ناٿنشاھي، ارجن حاسد، احمد خان مدھوش، واسديو موھي، مدد علي سنڌي، ج ع منگهاڻي، پروفيسر فتح الله صديقي، مشتاق گبول، صادق فقير ۽ مشتاق بخاري جي شخصيتن ۽ تخليقي سفر تي لکيل مضمون وڏي محنت سان لکيا ويا آھن. ليکڪ پاران ”جديد سنڌي شاعري ۽ ان جو معيار“ جي نالي سان لکيل طويل مقالو پڻ اھميت جوڳو آھي.
Title Cover of book موتي ميڙيا مون

ارجن حاسد جي شاعري ۾ ساهه آهي چري ڦري ٿي

سنڌي شاعري جي باغ ۾ جيڪي گل آهن، هر ان گل جي خوشبو پنهنجي پنهنجي آهي. شاعر ته ڪيئي آهن پر ڪن جي شاعري، ساهه کڻندي چر پر ڪندي نظر اچي ٿي. اهڙن خوبصورت شاعرن ۾ ارجن حاسد به آهي. جنهن ڌرتيءَ کان دور رهندي به پنهنجي ماءِ جي ٿڃ ملهائي آهي، سنڌ ٻولي جي خدمت ڪئي آهي. غزل اهڙو ته لکيو اٿس، جنهن جو ڪو مثال ئي ڪونهي اهڙي ته ٻولي استعمال ڪئي اٿس غزل ۾، جو غزل ڪهڪشان تي پهچي ويو آهي. ۽ دل ورائي ورائي پڙهڻ تي چئي ٿي. اُهي تجربا ڪيا اٿس، جيڪي شايد ٻين نه ڪيا آهن. اڻ ٿيل تجربا جيڪي ارجن حاسد ئي انهن کي پنهنجي فن ۾ قابو ڪيو آهي.
هوا خريد ڪندو آهيان، وڪڻندو آهيان،
وڏي ۾ وڏو سيٺ سڏجندو آهيان.
زمين مان ٿو ڦٽي نڪري، نرم ٻوٽي جيان،
ڪڏهن ته ٽار تي ميوو ٿي مهڪندو آهيان.
”ارجن حاسد صاحب جو هر شعر شعور سان ڀريل آهي. هن جو شعر اڄ جي زندگي جي تصوري تنقيد آهي ۽ دل جي ڌڙڪن آهي، فن شعر جو جسم آهي ۽ خيال روح، حاسد جي غزلن ۾ جسم ۽ روح ٻئي ملوڪ آهن.“ ڪجهه غزلن جا بند هيٺ ڏيان ٿو:
ڀاڪر ٻنهي جا، ڄڻ ته ٿي ڳٺڙي چُري پُري،
لئه تال کي ستار ڪا هوريا ڇهي ٿي جيئن.
*
اداس آهي چنتا، ٿو ٻوساٽجي من،
اُرهه چمندي پهتو هو دن وٽ اچي ڇو.
*
مرچن کي ٿُوم کي به ڏنو هُن سواد ڪيئن،
ٻاجهر جي روٽلي ۾، الاچي، اهو ته ڏس.
*
کُليل تاڪ سوساٽ، رُلندڙ پڙاڏا،
ڇڻيا پن سرءَ جا بڻيا وڻ اگهاڙا.
*
مڇي پچايم سپنن جي پر، ٿالهي کي اُپواس،
پرڇيان ڪنهن لئه احساس تي آيو ٿي ڪهڪاءُ.
*
مٺ ڀري ڳوڙها تتل چُلهه ۾ وڌئي،
ڪنهن جي لئه چانور رڌيندي سڏ ڪندي!
ڳٺڙي جو چرڻ پرڻ، ارهه چمندي دن وٽ پهچڻ، ٻاجهر جي روٽلي ۾ الاچي، بڻيا وڻ اگهاڙا، مڇي جو سپنن ۾ پچڻ، ڳوڙها تتل چلهه ۾ وجهڻ، ڇا ته تشبيهون اشارا، ڪنايا ۽ نواڻ آهي. ارجن حاسد جي هر غزل اهڙي جدت سان ڀريو پيو آهي. ارجن جي هڪ غزل تي پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو، ڇو ته سندس شاعري سنڌي شاعري جو اهم حصو آهي. ارجن حاسد 2004ع ۾ سنڌ آيو هو ۽ قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي (ھن مقالي لکندڙ) سان ڀاڪري ڀائي مليو، سو اهو پيار اڄ به نه ٿو وسري مون ارجن حاسد کي مون چيو ته مان اوهان جي شاعري سان تمام گهڻي محبت ڪريان ٿو. اها اسان جي پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. هو انڊيا ويو هليو، ان بعد پنهنجو ڪتاب ساهي پٽجي مون ڏي موڪليائين. ساهي پٽجي سڄو مجموعو غزلن تي مشتمل آهي. وطن جي وڇڙڻ جو درد ساهي پٽجي ۾ به موجود آهي.
چوان سنڌ جي پاڪ مٽي ڇهان مان،
اکين تي رکان مان، پو چپن سان چمان مان،
ڪڏهن ڪو نياپو، چٺي ٿي اچي جي،
سڄو ڏينهن حاسد لڇي ٿو لڇان مان.
ارجن حاسد ڪينجهر ڍنڍ تي 26 ڊسمبر 2004ع تي رات جو ٻين بجي جيڪو غزل لکيو هو ان جا ٻه بند آهن ته:
مان هڪ هڪ وڻ کي هٿ لايان،
هر ماڻهوءَ سان ڀاڪي پايان،
مان ٻار نڌڻڪو ڄڻ حاسد،
ٿو کير وٽي لئه واجهايان.
ارجن حاسد سنڌ کي ڇڏڻ کان پوءِ پاڻ نڌڻڪو محسوس ٿو ڪري ”ٻولي کي مان بخشڻ سان گڏوگڏ، حاسد تصويرون چِٽڻ ۽ اسٿيون کڙيون ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ٿو.
ڌرتي جي ساهه ساهه ۾ انڊلٺ جا ترورا،
مکڙين جي لوڏ لوڏ اکين کي وڻي ٿي جيئن.
هيءَ انڊلٺ آسمان ۾ ڪانهي نڪو برسات جي ڪري آهي. هيءَ بهار جي انڊلٺ آهي، رنگين مکڙين جو هوا ۾ لڏڻ رنگن جا جهلڪا ۽ هڪ تصوير جا سامهون اچڻ اهڙي ئي نموني هڪ ٻي تصوير:
گرجندڙ بادل، وڄون، من چهچٽو،
فرش تي بوندون اڱڻ ۾ ناچڻيون.
هاڻي ٻه اسٿتيون ڏسو جيڪي پاڻ ۾ ڪهاڻي کڻي ٿيون اچن:
ڪڪڙن جي ويڙهه شام جو،
رات جو ٿاڻي تي گڏ جون جي.
(ويڙهه صرف ڪڪڙن جي ڪٿي هوندي آهي)
*
چؤنڪ تان ويڻي به هڪ ورتم کڻي،
رات ڇنڇر جي اگهاڙي بي حيا.
غزل ۽ رومان هڪ ٻئي سان جڙيل، هڪ ٻئي ۾ وڪوڙيل جسم هوندا آهن. حاسد جو جسم گهڻو ڪري بي جسم Abstract آهي ۽ جتي هو رومان کي جسم بخشي ٿو، اُتي به هو رومان جو صرف ساماڻيل احساس تخليق ڪري ٿو.
ڀاڪر ٻنهي جا، ڄڻ ته ٿي ڳٺڙي چري پري (جسم)
لئه تال کي ستار ڪا هوريان ڇهي ٿو جيئن. (احساس)
ڄڻ ته ڀڻ ڀڻ اچي هٿ اکين تي رکيو. (جسم)
ڪنهن جي چوڙين جي آهٽ ٻڌڻ ۾ اچي. (احساس)
ارجن حاسد جي غزل ۾ تشبيهه استعاري جي ڪن اهڙين سمڀاونائن جو نوٽ وٺي سگهجي ٿو.
نهار ٿي لڳي جهريل عورت،
ليئاڪا جهڙا سونهن جا پاڇا،
ٿانوَ کڻي ٿي گهمي ڪنڀارڻ،
جسم سڄو ئي چيڪي مٽي.“ (2)
ارجن حاسد جي شاعري جا رنگ ڪڏهن ميرا ٿيڻا ناهن صدين تائين پکڙيل رهندا، سنڌي ۽ سنڌي ٻولي جا عاشق واس (خوشبو) وٺندا رهندا.
هزار ڀيرا رُٺاسين، رُناسين پڻ حاسد،
تڏهن به من ته هميشه رهيو ئي ٿانيئڪو.

گُل تي شبنم جي روشنيءَ جهڙي،
ڳَل جي سرهاڻ زندگيءَ جهڙي.



حوالا
1. حوالا ۽ مددي ڪتاب ارجن حاسد (اُڃ) گوپلاڻي چيئرٽيبل ٽرسٽ انڊيا 1999ع
2. ارجن حاس، (ساهي پٽجي) احمد آباد انڊيا مارچ 2006ع
3. شاعري ارجن حاسد جا ٻه ڪتاب اڃ ۽ ساهي پٽجي تان ورتل.