لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

موتي ميڙيا مون

ھن ڪتاب ۾ مير حاجن مير سنڌ جي اھم ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون لکيا آھن جيڪي پڙھڻ وٽان آھن. شاھ لطيف، قلندر شھباز، سچل سرمست، استاد بخاري، سامي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، محمد ابراھيم جويو، وفا ناٿنشاھي، ارجن حاسد، احمد خان مدھوش، واسديو موھي، مدد علي سنڌي، ج ع منگهاڻي، پروفيسر فتح الله صديقي، مشتاق گبول، صادق فقير ۽ مشتاق بخاري جي شخصيتن ۽ تخليقي سفر تي لکيل مضمون وڏي محنت سان لکيا ويا آھن. ليکڪ پاران ”جديد سنڌي شاعري ۽ ان جو معيار“ جي نالي سان لکيل طويل مقالو پڻ اھميت جوڳو آھي.
Title Cover of book موتي ميڙيا مون

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ بهادري ۽ سورهيائيءَ جو تصور

انسان جڏهن کان وجود ۾ آيو آهي، اُن وقت کان ان ۾ فطري بهادري، جرئتمندي ۽ جستجو موجود رهي آهي. سنڌي ماڻهن هر دور ۾ پنهنجي بهادري ۽ سورهيائيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. سڪندر مقدونيءَ سان ويڙهه کان پوءِ عربن ڪيتريون ئي شروعاتي جنگيون سنڌ وارن سان لڙيون. محمد بن قاسم سان راجا ڏاهر جي جنگ، سنڌ جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ٿي ۽ راجا ڏاهر کي سرخرو ڪري بيهاري ٿي. سومرن جي دور ۾ دودي سومري ۽ علاءُ الدين جي جنگ، سنڌ جي ماڻهن جي سورهيائيءَ جو ثبوت ڏئي ٿي.
مريد خان بلوچ جو مرزا محمد صالح ترخان کي مارڻ، انڙپور واري جنگ، مغلن ۽ چنن جي جنگ، جهوڪ واري جنگ، (صوفي شاهه عنايت جي) ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ مير عبدالله خان جي جنگ، آجڻي واري جنگ، ڪرنين واري جنگ، مڪلي جي پهرين جنگ، جوکين ۽ لاشارين جي جنگ، مير فتح علي خان جي تيمور شاهه جي ڪابلي لشڪر تي چڙهائي، کرڙيءَ واري جنگ، ڪلي واري ٻي جنگ، سنڌ جي لشڪر جي انگريزن جي ڪئمپ تي ڪاهه، مياڻيءَ جي جنگ، دوآٻي جي جنگ حرن جون انگريزن خلاف بغاوتون ۽ جنگيون، ميانوال تحريڪ ۽ بلاولي تحريڪ سنڌي ماڻهن جي بهادريءَ جا ثبوت آهن.
مٿين جنگين جو بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته، سنڌ جو ماڻهو هر دور ۾ بهادري، سورهيائي ۽ جرئتمنديءَ سان جنگ لڙيو آهي. جنگ کٽڻ يا هارڻ جا اسباب الڳ الڳ هوندا آهن. سنڌ جي ماڻهن جنهن ديده دليريءَ سان پنهنجي جرئتمنديءَ جو ثبوت ڏنو آهي، ان جي تاريخ گواهه آهي.
جنگ جو مقصد رڳو وڙهڻ نه آهي. انسان هر دور ۾ جيئڻ جي جنگ وڙهندو پيو آيو آهي. حقن جي حاصلات لاءِ جنگ، بهادريءَ سان زندگي گذارڻ انسان جي عبادت رهي آهي. شاعرن هميشه دليرن کي همٿايو ۽ ڳايو آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ وطنيت، قوميت، جدوجهد، شجاعت، صداقت، جرئتمندي، بهادري، سورهيائي، انساني قدرن جي ڳالهه، حوصلي ۽ همٿ جو اهڃاڻ آهي. شاهه لطيف مرد توڙي عورت جي بهادري، سورهيائي اهڙي نموني پيش ڪئي آهي، جو اُھي تاريخي ڪردار جيئرا جاڳندا ٿي پيا آهن لطيف ساهه، ويساهه ۽ اتساهه ڏيندڙ شاعر آهي. آس، اميد ادراڪ، فهم ۽ فڪر ڏيندڙ شاعر آهي. لطيف جو هر سر حوصلي ۽ سورهيائيءَ سان ڀريو پيو آهي. لطيف همت هارڻ بدران جيئڻ جي جدوجهد جو چوي ٿو.
آيل آُن نه وسَهان، هنجون جي هارين،
آڻيو آب اکين ۾ ڏيهه کي ڏيکارين،
سڄڻ جي سارين، سي نه ڪي رون نه چون ڪي.
(سر يمن ڪلياڻ)
مارئيءَ جي زندگيءَ جي جستجو ۽ اهڃاڻ، ڀٽائيءَ بي نظير ڪري پيش ڪيا آهن. جيڪا پنهنجي وطن ۽ پنهنجي عزيزن سان سچائيءَ ۾ جدوجهد ڪري ٿي. ان سورميءَ جو ڪردار ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو اعليٰ مثال آهي. مارئي ڏکن ڏاکڙن ۾ زندگي گهاري ٿي، پر طعام، وهاڻا، طول، هار، سينگار اڇلي ڇڏي ٿي، پنهنجي ضمير کي زندهه رکي وفا جا وچن ڪري ٿي پنهنجي بهادري ۽ سورهيائي ۾ چوي ٿي:
وَرَ سي وطن ڄائيون، صحرا سَتر جِن!
گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ اَباڻن،
ويڙهيا گهُمن ولين، جهانگي منجهه جهنگن،
مون کي ماروئڙن، سُڃ ڳَڻائي سيجَ ۾!
مارئيءَ جي ڪردار کي لطيف سرڪار همٿ ۽ جرئتمنديءَ وارو ڪري پيش ڪيو آهي. سهڻو ٿي پيو آهي، سچائيءَ سان ڀريو پيو آهي، سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ نقاد تاج بلوچ لکي ٿو:
”سٺو شاعر عام تجربن جي جاکوڙ ۾ هوندو آهي. جڏهن ته وڏو شاعر تخيل ۽ احساس کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ سان گڏوگڏ ذهنن کي پڻ متحرڪ بڻائڻ لاءِ ووڙيندو آهي.(1)“ لطيف آفاقي شاعر آهي، ذهنن کي متحرڪ بڻائي ٿو.
ڳِچيءَ ڳانا لوهه جا، زيريون ۽ زَنجير،
پيڪڙا پيرن ۾، ڪوٺِينُ اَندر ڪيرَ،
چاري چؤ گاننِ ۾، واهيت ڪن وزير،
ڇَنِ نه ڇَڄي آهيان، اَهڙي سِٽ سريرَ،
مارو ڄام مَلير، پُڇج ڪي پنوهار کي.
مارئيءَ کي لوهه جا ڪڙا زنجيرون ۽ پيرن ۾ ٻيڙيون پيون آهن پوءِ به هوءَ همٿ هارڻ بجاءِ مارن جي لاءِ اتساهه واري ڳالهه ڪري ٿي.
ارسطو چيو ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي“
”شيلي پنهنجي مضمون (Defiance of poetry) ۾ لکي ٿو: (The poet is the un acknowledged legislator of mankind) ”يعني جيڪي ڪجهه اڄ لکي ٿو سا اڄ جي شاعري آهي پر سڀاڻ اُها قانون بڻجي ويندي.“ جنهن جو مقصد اهو آهي. اها شاعري اوهان جي حقن جي ڳالهه ڪندي. اوهان سان گڏ هوندي، اوهان جو ساٿ ڏيندي، اوهان جي رهبري ڪندي اوهان جي احساسن جو ڀرم رکندي. اُها قانون (حق) جو ڪم ڏيندي.
لطيف سرڪار اهڙو ئي شاعر آهي، جيڪو صديون گذرڻ باوجود به هو اسان سان گڏ آهي ۽ اسان سان صديون اڳتي به گڏ هلندو. جنهن جو سفر طويل آهي. انساني سورهيائي آهي. جستجو سان جيئڻ جو لطيف چوي ٿو.
ٽيئي پرچيا پاڻ ۾ تند ڪٽارو ڪنڌ
*
آئون ڪيئن سوَڙين سمهان، مون وَر گهاري ولهه.
*
ڇنل ڇڄ هٿن ۾ ڪلهن ڪوڏارا.
*
هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ،
وجهن تان نه فرق، رڪ وهنديءَ راند ۾.
لطيف سرڪار سنڌي ٻوليءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن بهادري جرئتمندي، سورهيائي، جستجو ۽ انصاف جي ڳالهه اعليٰ نموني سان ڪئي آهي. سندس فن، فڪر جو فهم، ادراڪ اونهو ۽ عميق آهي. جنهن کي سمجهڻ پرکڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ هڪ سٺي ذهن جي ضرورت محسوس ٿيندي پئي رهي آهي.
”شاهه جي نظر ۾ سورهيه اُهو آهي، جو ويڙهه، يا ڪٽڪ ۾ بنا ڪنهن وسوسي يا ھٻڪ جي، ڪاهي ٿو پوي. نه زرهه ٿو بت تي پهري، نه پنهنجي بچاءَ ۾ ڍال اڳيان ٿو ڍاري. هو سرجو سانگو لاهي نيزي ۽ تلوار جو مارو ڪندو ٿو اچي. سواءِ ويڙهه جي ٻيو ڪو به ويچار اندر ۾ نه ٿو اچيس سچو سورهه اهو آهي.“ (2)
ڪلي وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي،
اَڃا اُن کي جيئڻ جو، اسانگو آهي،
سورهه سو چائي، جو رڳو ئي رڻ گهري.
*
سورهه! مرين سوڀ کي، دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
(سر ڪيڏارو)
لطيف جي شاعري جذبن، خيالن، ذهنن، احساسن کي متحرڪ ڪرڻ جو فن رکي ٿي. لطيف جو فڪر، اهو آھي، جو پئي پراڻو نه ٿو ٿئي. اتساهه ۽ ويساهه ڏيندڙ آهي. پراڻي دور ۾ عورت کي حقير، ڪمزور، نٻل ڏيکاريو ويو آهي. لطيف عورت جي ڪمزوريءَ جي نفي ڪري ٿو. هن معاشرتي نظام ۾ هاڻ دنيا گلوبل وليج ٿي وئي آهي. هن جديد دور ۾ دنيا هڪ ڳوٺ ٿي وئي آهي. ان هوندي به عورتن سان ڏاڍ، جبر، ظلم، ناانصافي ۽ سندن حقن جي لتاڙ ٿيندي رهي ٿي. سڌريل ملڪن ۾ عورت کي ڪجهه حق حاصل آهن پر الله في ملڪ ۾ عورت کي گهر جي اندر ئي رهڻو پوي ٿو. سندن حقن کي پائمال ڪرڻ، جنسي تشدد ڪرڻ، تعليم نه ڏيارڻ، مردن جو عورتن مٿان هاوي هئڻ، ٻهراڙي ۾ عورتن کان زمين جو ڪم ڪرائڻ. لطيف ان دور ۾ ئي عورتن جي حمايت ڪئي هئي ۽ انهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي هئي. لطيف سسئي، سهڻي، مارئي، مومل ۽ ٻين عورتن کي بهادر ڪري پيش ڪيو آهي. سندن بهادريءَ کي امر بڻايو آهي. سندس فڪر آهي ته: عورت هيڪلي هوندي به همٿ نه ٿي هاري، توڙي پير پٿون ٿا ٿينس، هٿ لهو لهان ٿا ٿينس، پوءِ به هوءَ پنهنجي سچائيءَ سان جبل ٿي جهاڳي ۽ رڻ جي راهي آهي.
واءَ! وڃاءِ مَ سو، پُٺيءَ جنهن پنڌ ڪريان،
ڇٽا ڇَپَر پرينءَ جو، پيرُ پرنيان تو،
بر ۾ بورائو جو، سو لڳي متان لٽئين.
(سر سسئي)
اي واءُ! جن پيرن جي نيشانن تي لڳي سفر پئي ڪريان، سي ڊاهي گم نه ڪري ڇڏ، اي طوفان! ڏونگرن ۾ پرين جو نشان توکي سونپيان ٿي سو رڻ ۾ منهنجو سونهون آهي... سو لڳي لٽي نه ڇڏ. سسئي اڪيلي سر بهادري ۽ جرئتمنديءَ جو اعليٰ مثال آهي. لطيف به ان سورهيائيءَ کي ڳائي ٿو، لطيف گهڻ رخو فنڪار آهي. لطيف سسئيءَ جي سونهن، عشق، همٿ، حوصلو، فراخدلي، جذبو جمال، جاکوڙ، جاڳ، جستجو فن جي ڪماليت سان پيش ڪئي آهي.
مَرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه ماتُ،
هوندا سي حياتُ جيئڻا اَڳي جي جئا.
(سر سسئي)
لطيف چوي ٿو جيڪي حوصلو بهادري همٿ رکن ٿا، سي مرڻا نه آهن، اُهي مري به جيئندا آهن، تن جو مرڻ به زنده هوندو آهي. ڏک، مشڪلاتون، تڪليفون اُهي زندگي جو حصو هونديون آهن پر دل هاري نه ويهجي.
جيئن سهڻي رات جي اونداهيءَ ۾ ڪچو گهڙو کڻي اڪيلي سر نڪري پئي ٿي. سهڻي پنهنجي حوصلي ۾ بلند آهي، سچائيءَ جو جذبو گڏ اٿس. همته جي هماليه آهي درياهه جي دهشت هُن لاءِ ڪجهه به نه آهي پڪي ارادي سان نڪري ٿي، ان جاءِ تي ان کي پهچڻو آهي. جتي وڃڻ سندس روز جو معمول هو.
ڪَنڌييءَ اڀيون ڪيتريون، ”ساهڙ ساهڙ“ ڪن،
ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي ”گهوريس“ گهڙن،
ساهڙ سندو تن، گها گهائي گهڙن جي.

ڪچي ساڻ ڪهي، پڪو پڇي نه سهڻي،
لنگهيو لڙ لطيف چئي، وڇارن وهي،
سا ڪيئن نينهن نهي، جنهن کي نينهن نڌوکڻي.
(سر سهڻي)
جنهن کي بهاري حوصلو همٿ هجي اُها ڪچي يا پڪي گهڙي جو ڇو سوچي؟ سهڻي جا ارادا مضبوط آهن، سيني ۾ کير ٿر اٿس. لطيف هيڻن، ڪمزورن، هارين، مزدورن ۽ ماروئڙن جو ساٿ ٿو ڏئي. انهن جو ڀرجهلو ٿو ٿئي. موت کان نه ڊڄڻ جو سبق ٿو ڏئي، عاشق مرندا ناهن شهادت ماڻيندا آهن.
”شعر ۾ آوازن جو ترنم يار دم (Rhytham) ۽ صوتي حسن ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي. اهڙين نعتن سان لطيف مالا مال آهي. خيال (Thought) جو تصور ڪهڪشائن کي پهچي ٿو. فني فڪري گهاڙيٽا هيئت اصلوڪا خوبصورت اٿس. فورڊ ميڊيڪس هيومر (Fard Madex Hueffer) چيو:
”شعر نالو آهي ناياب لفظن جي مجموعي جو“
لطيف جي فن جون حسناڪيون منفرد ۽ اعليٰ پايي جون آهن جيڪي پوپٽن جهڙيون حسين خوبصورت آهن. لطيف جو فڪر هر دور ۾ هڪ جهڙو آهي. پروقار ۽ دليراڻو آهي.
ڀَڳو آئون نه چوان، ماريو ته وسهان؛
ڪانڌ مُنهن ۾ ڌَڪڙا، سيڪندي سُونهان
ته پڻ لَڄَ مران، جي هُونس پُٺ ۾.
(سر ڪيڏارو)

شاهه صاحب نه صرف شاعر آهي، بلڪه هو اهڙو ڏاهو ۽ سونهون آهي جيڪو قدم قدم تي ڪردار سان گڏ هلندو رهي ٿو. اهو ڪردار اهڙي خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو جو لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ٿي وڃي. لطيف جذبن کي جلا بخشيندڙ شاعر آهي. شعر پڙهڻ سان ذهن طاقتور ٿي پوي ٿو. مومل جا عاشق بهادر هيا، سر ڏنائون موٽ نه کاڌائون ڀٽائي چوي ٿو. اُنهن عاشقن جو قبرون ٺهي ويون، پر پوئتي نه هٽيا. ٻيو اڳيان مومل جو حسن به هيو.
جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سجَ وڙاءُ،
اچي ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارنِ ڪڪوريو.

گجر کي گجميل جون، تارن ۾ تبرون،
هڻي حاڪمن کي، زور ڀريون زبرون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.
(سر مومل)
ڀٽائيءَ جو فڪر سماج لاءِ اتساهه جو ذريعو آهي. جيڪو هميشه شعور ڏيندو رهي ٿو، مدد ڪندو رهي ٿو. ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت ڏانهن روش جا ٻه مختلف دور معلوم ٿين ٿا، هڪ ان وقت جي دور جي جاگيرداري سماج ۾ عورت جي حيثيت ۽ ٻيو انهن قدرن کان هٽي، عورت جي خوداعتمادي ۽ خود اختياريءَ جي نمائندگي ٿو ڪري.“ (3)
لڙ مَ لاڙائو ٿيو، هَلي ڪر هِمٿ،
سڄ سامهون منهن ۾، متان ڪَرئين ڪٿ،
سپيريان جي سٿ، ڳاڙهي سِڄ ڳالهه مِڙين.
تون پاڻ نه پٺتي لڙ، سج ٿو لهي تون همٿ رکي اڳتي وڌ يا وڌندو رهه پنهنجي منزل تي پُڄ.
لطيف مورڙي کي جاکوڙي ڪري پيش ڪيو آهي. مورڙو ته معذور آهي! پوءِ به هو، وير وٺن لاءِ ترسي نه ٿو، بهادر ٿي مقابلو ٿو ڪري. پنهنجي حوصلي ۽ سورهيائي سان پلاند ٿو وٺي.
گهوريندي گهور پيا، اگهورِ گهوريائون،
ميڪر ماريائون، ملاحن مُنهن سنرا.
(سر گهاتو)
لطيف جو شعر گهڻ معنائن وارو آهي، جوڳي سنياسي کاهوڙي لطيف جا معشوق آهن،
مون سي ڏٺا ماءِ! جنين ڏٺو پرين کي،
رهي اچجي راتڙي، تن جنگن سنديءَ جاءِ،
تنين جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تارِ ۾.
(سر کاهوڙي)
اي امڙ! مون اهي فقير ڏٺا، جن سپرين جو ديدار ڪيو آهي، انهن ڪاملن وٽ هڪ رات گهاري اچجي، انهن جي سڃاڻپ هن اونهي ساگر ۾ ترهي (توڪل) جو سبق ٿي ڏئي، جذبو ٿي جاڳائي، جستجوءَ جي جاکوڙ ٿي ٿئي.
”سر سورٺ ۾ فن ۽ فنڪار اهم آهن. ٻيجل عام منگتو ناهي، هن کي پنهنجي فن تي ناز آهي. هو فن جي جذباتي اثر پذيريءَ سبب جو گهرڻ چاهي، وٺي سگهيو ٿي، پر جيئن ته هو عام فنڪار نه هو، هن جي اڳيان ڌن، دولت، تاج تخت بي معنيٰ هئا.“ راءِ ڏياچ بهادر ۽ سورهيه هيو ڊڄڻ وارو نه هيو، سر ڏنائين پاڻ کي امر ڪيائين.
سؤ سِرَن پائي، جي تند برابر توريان،
اُٽل اوڏانهن ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻرائي،
سَکِڻو هَڏُ آهي، سِر م سڃڻ ناهه ڪي.
(سر سورٺ)

[b]مددي ڪتاب
[/b]1. تاج بلوچ جديد ادب جو تجزيو سوجهرو پبليڪشن ڪراچي 2014ع صفحو 122 .
2. شاھه جو رسالو ڪلياڻ آڏ واڻي روشني پبليڪشن ڪنڊايارو 1997ع صفحو 54 .
3. تنوير عباسي ”شاھه لطيف جي شاعري“ روشني پبليڪشن ڪنڊ يارو 2000ع صفحو 78 .
4. شاهه جي شاعري، شاھه جي رسالي ڪلياڻ آڏوئي واري رسالي تان ورتل .