بدن تنهنجو ريشمي آهي
اسان نانءُ ”مشتاق“ ماڻيو رڳو،
ها، توکي نه ماڻي سگهياسين مِٺي.
سنڌي شاعري ۾ جماليات جو ذڪر هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي، هر شاعر پنهنجي اک (آئيني) جي نظر سان لکيو آهي، حسناڪيءَ کي امرت بخشي آهي، تشبيهون، استعارا، ڪنايا مشتاق بخاري خوبصورتي سان استعمال ڪيا آهن.
نه ڀڃ چوڙيون چنڊ سوين ٺهي پوندا،
ستارا سڀئي ڌرتيءَ تي لهي پوندا.
ڦڙو رَت جو، جي تنهنجي ٻانهن مان نڪتو،
ته درياءَ اکين مان رَت جا وهي پوندا.
مشتاق جي سٽ ۾ ”نه ڀڃ ڇوڙيون چنڊ سوين ٺهي پوندا.“ چوڙين جو ڀڄڻ، ستارن جو ڌرتيءَ تي لهي اچڻ، ٻانهن مان رَت نڪرڻ، اکين مان رت جا درياءَ وهي پوڻ، چئن سٽن ۾ انهن خيالن کي قلمبند ڪيو آهي، اِها مشتاق جي فن جي ڪماليت آهي. فن سان سچائي آهي جيڪا هڪ سٺي شاعري جي ساکي آهي.
دنيا ۾ موناليزا جي ته مرڪ مشهور آهي. ان ئي تسلسل ۾ مشتاق پنهنجي محبوب کان هڪ مرڪ اُڌاري وٺي ٿو، ان مرڪ تي ئي جيئڻ چاهي ٿو.
جلد ٽشو ۾ ويڙهي سيڙهي،
تلسي ڪا سوپاري موڪل،
واپس پوءِ ڪندس مان توکي،
هڪڙي مرڪ اُڌاري موڪل.
مشتاق جي شاعري ۾ ڳوٺاڻي فطرتي جماليات جي منظر ڪشي، ٻوليءَ جو طلسماتي اثر، عوامي لهجو، ثقافتي رنگ، منفرد خيال، سادگي، رواني، وڇوڙو، وصل، درد، عشق، ڳوٺن ۽ شهرن جو ذڪر نمايان آهي.
کيس چئجو هتان گذر نه ڪري،
شهر جو شهر دربدر نه ڪري.
کيس چئجو اکيون ٿڪي پونديون،
منظرن جو ڊگهو سفر نه ڪري.
(اقبال رند)
*
مون لئه هرڪو غير تنهنجي شهر ۾،
اڳتي ايندو ڪير تنهنجي شهر ۾.
وک وک تي آهن وڇايل ڪنڊا هت،
پايان ڪيئن مان پير تنهنجي شهر ۾.
(مشتاق بخاري)
*
”مشتاق بخاري“ پي او ڊکڻ،
ڳوٺ لونگاڻي ياد نه ٿئي ڇا.
(مشتاق بخاري)
انسان سان درد جو رشتو پراڻو آهي زندگي ۾ ڪيئي درد ايندا ويندا آهن، انسان ان پيڙا مان گذري ٿو، گهڻو ڪجهه ڀوڳي ٿو. هونئن به شاعر پنهنجي دردن سان گڏ عوام جي دردن، ڏکن سورن، اهنجن جي ڳالهه ڪندا آهن. سنڌ جو ناميارو شاعر مير محمد پيرزادو هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”شاعري درد جي راهه آهي، ان راهه تي هلندڙ درد جا سفير ٿيندا آهن.“
سڀ درد اسان جي قسمت ۾،
بي درد اسان جي قسمت ۾،
لکيل ناهن پيارا پيارا،
ڪي فرد اسان جي قسمت.
مشتاق جي شاعري ۾ جٿي پيار، مرڪ، سونهن، انسانيت، عاجزي، اخلاقيات جو ذڪر آهي اتي خوشبو جو به ذڪر عام جام آهي.
وہ ایک بار آیا تھا مجھ سے ملنے کو،
میری مکاں سے اب تک گذر ہو رہا ہے خوشبو کا۔
(حنیف عاطر)
*
تنهنجي پار کان اڪثر جانان،
ايندي آهي پيار جي خوشبو،
من کي اڪثر مهڪائيندي آ،
تنهنجي سوچ ۽ سار جي خوشبو.
(مشتاق بخاري)
مشتاق جي شاعري ۾ فني فڪري کوٽ به هوندي انهن پاسن تي هڪ نقاد ئي لکي سگهي ٿو. سندس شاعري سندس دوستي جيتري مونکي عزيز آهي. مشتاق بخاري ريشمي احساس جو خوبصورت شاعر آهي.
بدن تنهنجو ريشمي آهي،
ديد تنهنجي دلڪشي آهي،
سونهن تنهنجي صاف ۽ اجري،
چنڊ جي ڄڻ روشني آهي.