سنڌ جو منفرد ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌي
سچ وڏو ڏوهاري آهي،
روز ازل کان پڪڙ يو ويو آ،
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،
ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،
ڪڏهن زهر پياريو ويو آ،
ڪڏهن ڦاهيءَ چاڙهيو ويو آ،
تيل ڪڙهائي ڪاڙهيو ويو، آ،
گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ،
چوٽيءَ تان اڇلايو ويو آ،
ها! پر پوءِ به ان جي ساڳي،
رهندي آئي ريت اڀاڳي،
جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو،
تنهنجو سارو چين کڻي ٿو،
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ،
پر، تو هي به ڪڏهن سوچيو آ!
ڪنهن سان تنهنجي ياري آ،
سچ وڏو ڏوهاري آهي.
سنڌي ادب ۾ ڪيترائي ڪهاڻيڪار گهڻي وقت کان ڪهاڻيون لکندا پيا اچن. پر انهن ۾ مدد علي سنڌي صاحب، انهن ڪهاڻيڪار کان مختلف، منفرد ۽ جداگانا ڪهاڻيڪار آهي. هو جڏهن لکي ٿو ته لفظ سندس وٽ، ڊوڙندا ٿا اچن. ڄڻ ڪي لفظ سندس مريد هجن. سندس خيال جي اڏام تمام گهڻي مٿاهين آهي. ان مٿاهين تي پهچڻ جهڙي تهڙي ڪهاڻيڪار جي وس ۾ نه آهي. هو لفظن ۾ ساهه وجهي ڄاڻي! هو نه رڳو ڪهاڻيڪار آهي پر شاعر، ناول نگار، مترجم، سفرناما به لکندڙ آهي ۽ مختلف اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. جن اخبارن جو مدد علي سنڌي ايڊيٽر رهيو آهي. اهي اخبارون پنهنجي دور جون مشهور اخبارون رهيون آهن. پاڻ اڳتي قدم رسالي جو روح روان به رهيو آهي. ماهوار سوجهري جو ايڊيٽر، سنڌ جو نامور شاعر تاج بلوچ مدد علي سنڌي جي ڪتاب ”شهر صحرا ڀانيان“ جي مُهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مرحوم طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل جيڪي نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ سنڌ جو درد رکندڙ فرد هئا، تن ڪتابي سلسلو شروع ڪيو، جيڪو اڳتي هلي ماهوار سهڻي جي صورت ۾ انقلاب لاءِ، دنگئي پٿر ثابت ٿيو. شايد ٻئي ڄڻا حيدرآباد جي ميونسپالٽي ۾ پٿاري وارن کان آنو آنو، چار چار آنا، سرڪاري محصول طور اوڳاڙڻ واري ننڍڙي نوڪري به ڪندا هئا، ته انقلابي راهه کي هموار ڪرڻ لاءِ سڄو وقت پيا جاکوڙيندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ ’اڳتي قدم‘ نالي هڪ پرچو حيدرآباد مان پڌرو ٿيو، جنهن ٻين کي کڻي نه ڇرڪايو هجي پر ان پرچي مون کي وڏو اُتساهه ڏنو. ان ڪتابي سلسلي جو سهيڙيندڙ مدد علي سنڌي هو.“ (1)
مون پنهنجي ڪتاب ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“ ۾ پڻ لکيو هو ته سنڌي ٻولي ۾ سيوهڻ جي ادبي شخصيتن جو ادبي ڪم نمايان، تعريف لائق ۽ اُتساهيندڙ آهن. محمد جعفر جي ڪتاب ’حل العقود في طلاق السنود‘ ۾ سنڌي نثر جا فقرا ’شرح محمد جي مون مڃي‘،، ’الله جي رسول هي فرمايو‘، ’آئون واڻيو ناهيان‘، هل آئون تو جهڙو نه آهيان، وغيره. جيڪي سنڌي نثر جا (ٽڪرا) فڪرا چيا وڃن ٿا. سنڌي ٻولي جو پهريون بيت جو ڪلاسيڪل شاعر قاضي قادن کي چيو وڃي ٿو. سنڌي ٻولي جو پهريون درسي ڪتاب جو مرتب ڪندڙ ديوان نندي رام مير چنداڻي سيوهاڻي پڻ سيوهڻ جو هو. سنڌي ٻولي جو وڏو مرثيي جو شاعر به سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي سيوهاڻي آهي. سنڌي نثري شاعري جو پهريون مڪمل ڪتاب مدد علي سنڌي صاحب جو آهي. سنڌي ٻولي ۾ سڀ کان پهرين سنڌي انسائيڪلوپيڊيا به پروفيسر فتح الله صديقي لکي جنهن جي بعد ۾ تقليد سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پڻ ڪئي. سنڌي ٻولي ۾ پهرين ذاتين جي انسائيڪلوپيديا پڻ خير محمد ٻرڙي سيوهاڻي جي آهي. منهنجو لکڻ جو مقصد اِهو قطعي نه آهي ته سيوهڻ جي اديبن شاعرن، ڪهاڻيڪارن، محققن کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ٻين بهتر نه ڪيو آهي. بلڪ هر هڪ ليکڪ سنڌي ٻوليءَ لاءِ رات ڏينهن جاکوڙيو آهي. اهو ليکڪ سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ رهندو هجي، سندس لاءِ احترام آهي.
سنڌ جو نامور شاعر محترم امداد حسيني مدد علي سنڌي جي ڪتاب ”پُنر ملن“ جي مُهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”پنر ملن جي رچنائن لاءِ سڌي سنواٽي سٽ اُهائي آهي ته اهي وڇوڙي جا ورلاپ آهن ۽ اڪيلائي جي احساس ان کي جنميو آهي. توهان انهن رچنائن کي شعري نثر / نثري شعر سڏي سگهو ٿا. هونئن سنڌي ادب ۾ اِها ڪا نئين شيءِ نه آهي ورهاڱي کان اڳ سدا گلاب ۾ اچي چڪي آهي. مدد علي سنڌي جو ’پنر ملن‘ اِن صنف تي پهريون مڪمل ڪتاب آهي.(2)
مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين جا موضوع به من موهيندڙ دل کي ڇهندڙ آهن. ’پکا پکن سامهان اوري اچي اڏ‘ ’1970ع ۾ ڇپي سنڌ بلڪ هند ۾ به مڃتا ماڻيائين. مدد ڀاڳوند ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻين جا نالا به منفرد اٿس. ڪرانيڪار، ڀڪشو، ويا گذاري ڏينهڙا، احساسن ۽ جذبن جو موت، کنڊر، دونهين ڌنڌ نه لاٽ، دل اندر درياوَ، اڀريو ڏينهن ڏکن جو، هستيءَ جي اجاڙ ايوان ۾، ٽٽل زندگي جي اڻپوري ڪهاڻي، اڌوري پنڌ جا آخري سپنا، هينئڙو ڪچي تند جيان ڪهاڻين جا نالا ئي اهڙا آهن، جيڪي ڪهاڻي جو مقصد ئي ظاهر ٿا ڪن. ڪهاڻين ۾ اهي احساس آهن جيڪي بيمار کي چاڪ ٿا ڪن ته مئلن کي جيئرو ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن، مدد علي سنڌي سنڌين جو سچو سياسي ڪارڪن رهيو ٻه ڀيرا جيل به ويو. مدد علي جي گرفتاري تي سنڌ جي نامور شاعر غلام حسين رنگريز مدد صاحب لاءِ نظم لکيو:
اي اهل فِڪرو اهلِ فن،
زهر جا ڍُڪ پيئو چُپُ رهو،
۽ چپن کي سبو
ڪجهه ڪڇو جي قصيدا لکو
ور نه فڪرو نظر کي ڌريو ڌوڙ ۾
ڪچ قبوليو ۽ سوريءَ تي سچ چاڙهيو،
اي اهل قلم، اڄ قلم جو ڀڃو ڪنڌ هٿن سان
پنن تي سياهيءَ کي هاري ڇڏيو
خيالن ۽ جذبن کي ماري ڇڏيو
جيو پر جنازن جيان
ور نه هر چونڪ تي چوڪسي
هر ڳلي دار هوندي
۽ اهل نظر پابجولان
قطارن ۾ ايندا
۽ زندان کُلندا
۽ زندان ڀربا
۽ زندان ڀربا.
اَسڪرووائلڊ چيو هو ته ”تخليقار کان وڌيڪ تخليق وڏي عمر ماڻي (پائي) ٿي.“ تخليقار پنهنجي تخليق ۾ ئي زنده رهندو آهي جسم فاني آهي پر تخليق فاني ناهي. تخليق صديون گذرڻ کان پوءِ به جهوني (پراڻي) نه ٿيندي آهي، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ ڀٽائي ۽ ٻيا شاعر آهن ڀٽائي جي تخليق صدين پڄاڻا پراڻي، نه ٿي آهي اُها سدا حيات گلاب آهي. شيخ اياز فرمايو:
وکر سو وِهائج جو پئي پراڻو نه ٿئي.
تخليق اهڙي ئي لکجي جا صديون گذرڻ کان پوءِ به زنده رهي. محترم مدد علي سنڌي جون ڪجهه سٽون اوهان جي نظر ڪريان ٿو.
”هو ۽ اينال سنڌوءَ جي ڪپر تي بيٺا هئا. سندس مٿان جنوري جو ڪڪرن سان ڀريل آڪاس هو. ڪڪر هڪ هڪ ٿي مڙيو پئي گڏ ٿيا. ٿڌي هوا، دور ڪٿان دلفريب هڳاءُ کڻي پئي آئي.“
”اسين جيڪي صبح جي ڳولا ڪندي، ڪنهن اونداهي رات ۾ مارجي وياسين.“
”نه نه مان هر دور ۾ ڪوئي اِتهاسڪ ڪردار بنجڻ نه ٿو چاهيان، مان سک ۽ سڪون جو ڳولائون آهيان ’هوءَ منهنجي ننڍي هوندي جو آدرش هئي منهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين جا سمورا رنگ رتا سپنا هُن جي هن جي رنگن سان چِٽيل هئا مان کيس پهريون ڀيرو ڏسڻ ويس.“
”هن پنهنجي ٻانهن تي نهار وڌي، جنهن تي هن سندس نالو اڪرايو هو. اُهو نشان ڏٺو، جيڪو سگريٽ سان ڏنڀيو ويو هو.“
”نه ائين ڪونهي منيزه! رڳو ڪڏهن ڪڏهن حقيقي جذبا پر ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي تون، تون مون سان شادي ڪر، مونکي هن اڪيلائيءَ کان هاڻ ڏينهون ڏينهن ڊپ وڪوڙيندو ٿو وڃي.“
”(صبح؟) (ڪهڙو صبح؟) + (صبح ته ڪيترا هئا؟) + صبح ته انيڪ هئا. صبح، صبح ٿيو ئي ڪو نه هو، يا جيڪڏهن ڪو صبح ٿيو به، هو ته، اُهو صبح سندس جيون جي اُماوس رات جي ڪک مان ڦٽندڙ صبح ته نه هو!!! هي اهو صبح ته هو، جنهن صبح لاءِ، ها، جنهن صبح لاءِ هن ڪيترائي ورھه واجهائيندي گهاريا هئا.“
”هي ته ڪهاڻين جا ٽڪرا هئا هڪ نظم به اوهان جي آڏو پيش ڪريان ٿو، نظم جو نالو آهي ’زندگي‘.“
[b]نظم[/b]
زندگي
اهو ئي سوچي
مان چپ آهيان
ته زندگي هر جنم ۾
۽ هر دور ۾
ڪيڏو نه دير سان ملائيندي آهي
۽ ڪيڏو نه جلد
جدا ڪندي آهي
مٿيون سڀئي سٽون ايتريون ته شاندار آهن، هي رڳو سٽون ڇو؟ مدد علي سنڌي سڀئي ڪتاب ڪنهن پاڪ صحيفي وانگر آهن. جنهن کي ويٺو چمچي، پڙهجي ۽ ان تي عمل ڪجي، نامور ليکڪا قرت العين حيدر کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ وارو شخص به مدد علي سنڌي آهي. سنڌ جو نامور شاعر مختيار ملڪ پنهنجي مضمون ’سگهارو ڪهاڻيڪار‘ ۾ لکي ٿو ته:
”انگريزي ڪهاڻي ۾ ورجينا وولف، جيمس جوائس، ٽيڪنڪ ۾ انقلاب آندو ۽ پنهنجن افسانن کي پلاٽ، ڪردار ۽ واقعن کان آجو ڪري لکيو. ائين مدد علي سنڌي جي هرڪا ڪهاڻي هڪ فني تجربو آهي. هو پلاٽ ۽ ڪردار سان جڙيل آهي. پر هو اظهار ۾ گهڻو بيانيه (Narrative) آهي جيئن ايڊگر ايلن، کان پوءِ هينري جيمس تائين انگريزي ڪهاڻي جو انداز بيانيه آهي.“
مدد علي سنڌي سنڌ جو وڏو ڪهاڻيڪار آهي سندس ڪهاڻين ۾ عشق ۽ پيار جا احساس، سچ ۽ محبت جي واٽ، روشن خيالي ۽ اِتهاس آهي. اهڙن ماڻهن لاءِ اياز چيو ته ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.
گهايل ڌرتيءَ جي سيني جي
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي.
جا دنيا کي بدلائي ٿي.
[b]حوالا ۽ مددي ڪتاب
[/b]1. احرامن جي سحر ۾ ڦاٿل مهاڳ شهر صحرا ڀانيان تاج بلوچ.
2. امداد حسيني مهاڳ ”پنرملن“.
3. پنرملن نثري نظر سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2013ع.
4. دل اندر دريا وَ مدد علي سنڌي، سڀئي گڏيل ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2013ع.
5. مختيار ملڪ مضمون سگهارو، ڪهاڻيڪار ماهوار سوجهرو، آڪٽوبر، 2013ع.