لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

موتي ميڙيا مون

ھن ڪتاب ۾ مير حاجن مير سنڌ جي اھم ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون لکيا آھن جيڪي پڙھڻ وٽان آھن. شاھ لطيف، قلندر شھباز، سچل سرمست، استاد بخاري، سامي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، محمد ابراھيم جويو، وفا ناٿنشاھي، ارجن حاسد، احمد خان مدھوش، واسديو موھي، مدد علي سنڌي، ج ع منگهاڻي، پروفيسر فتح الله صديقي، مشتاق گبول، صادق فقير ۽ مشتاق بخاري جي شخصيتن ۽ تخليقي سفر تي لکيل مضمون وڏي محنت سان لکيا ويا آھن. ليکڪ پاران ”جديد سنڌي شاعري ۽ ان جو معيار“ جي نالي سان لکيل طويل مقالو پڻ اھميت جوڳو آھي.
Title Cover of book موتي ميڙيا مون

شيخ اياز جي جديديت جو فڪري جائزو

سنڌي شاعريءَ جو ڪئنواس وسيع آهي. اتهاس جي ورقن جو حصو آهي. اساسي شاعري ثقافت، تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جو مينار هوندي آهي. شاعريءَ ۾ مختلف صنفون ٿين ٿيون، اهي هر ديس (ملڪ) جي سڃاڻپ ٿي ويون آهن. جيئن غزل ايران ۽ عربستان، هائيڪو (Haiko) جاپان، ترائيل (Troilet) فرانس، آزاد نظم فرانس، دوهو هند، بيت ۽ وائي سنڌ جي پيداوار آهن.
غزل کي سنڌي شاعرن پنهنجي ديس جو ويس پارائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هاڻي ڌارين خوشبو نه رهي آهي. جڏهن ته علم عروض اهو ئي استعمال ٿئي ٿو. ڇو ته علم عروض پيداوار عربن جي آهي. ترائيل کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻ وارو شخص هري دلگير آهي.
بيت سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي، اصلوڪي اساسي صنف آهي، ان ۾ وقت سان گڏ جدتون اينديون رهيون آهن. بيت سومرا دور (1050ع 1350ع) ۾ ڳاهه جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. سومرا دور جا شاعر سمنگ چارڻ، پير پٺو، ڀاڳو ڀان، مائي مرکان شيخڻ جا نالا ملن ٿا. سمادور (1351ع 1521ع) ۾ شاعر شيخ حماد جمالي وفات (700هه) نوهه هوٿياڻي، شيخ اسحاق آهنگر قاضي قادن (جنم 1463ع وفات 1551ع) ارغون، ترخان ۽ مغل دور (1521ع 1718ع) جا شاعر مخدوم پير محمد لکوي، مخدوم نوح. شاهه لطف الله قادري (جنم 1611ع وفات 1679ع) شاهه عنايت رضوي (جنم 1621ع وفات 1721ع)، جمن چارڻ (1628ع وفات 1738ع) ڪلهوڙا دور (1718ع 1783ع) جا شاعر مخدوم ابوالحسن سنڌي، (جنم 1616ع ۽ وفات 1715ع) مخدوم ضياء الدين (جنم 16177ع وفات 1757ع) مخدوم عبدالرؤف ڀٽي (1682ع وفات 1752ع) شاهه عبداللطيف ڀٽائي (جنم 1689ع وفات 1752ع) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (جنم 1690ع وفات 1761ع.) مولوي عبدالخالق، مولوي محمد حسين خواجه محمد زمان لنواري وارو، روحل فقير، عبدالرحيم گرهوڙي، مخدوم عبدالله نرئي واور ۽ ٻيا شاعر ملن ٿا. ٽالپر دور (1783ع 1843ع) ۾ سچل سرمست (جنم 1739ع وفات 1829ع،) سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي (جنم 1740ع وفات 1810ع)، مراد فقير (1744ع ڌاري ڄائو وفات 1796ع)، سامي (1750ع وفات 1850ع) پير محمد راشد روضي ڌڻي (جنم 1756ع) صوفي دلپت راءِ (جنم 1777ع سيوهڻ ۾ ڄائو، وفات 1841ع حيدرآباد.) فقير عثمان سانگي، خليفو نبي بخش قاسم، خوش خير محمد فقير، فقير نانڪ يوسف، شاهو فقير، درياء خان فقير، حمل فقير ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر اچي وڃن ٿا.
سمنگ چارڻ، پير پٺو، ڀاڳو ڀان، مائي مرکان شيخڻ، شيخ حماد جمالي نوح هوٿياڻي، شيخ اسحاق آهنگر جو بيت روايتي بيت آهي. ”قاضي قادن جي ڪلام ۾ ”سنڌي بيت“ هيئت ۽ فن جي لحاظ کان تڪميلي صورت کي پهتو“.(1) ”قاضي قادن کي سنڌ جو پهريون بيت جو ڪلاسيڪل شاعر سڏيو وڃي ٿو.“ (2) قاضي قادن روايتي بيت کي پاسيرو ڪري ان کي نئين هيئت ڏني. شاهه لطف الله قادريءَ وري ڊگهن بيتن جو رواج وڌو.
سنڌي بيت جي اوسر
”بيت سنڌي شاعريءَ جي اُها اعليٰ ۽ اصل صنف آهي، جيڪا سنڌ جي سچي سماج مان (سرجي) جنهن کي سڄاڻ چارڻن، ڀانن، ڀٽن ۽ سگهڙن پنهنجي سينن ۾ محفوظ ڪيو ۽ پوءِ هڪ نسل کان ٻي نسل تائين، ڳائي وڄائي پهچايو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ به سنڌي بيت پنهنجي فني سٽاءَ موجب سلامت آهي، سنڌي بيت، سنڌ جي ماحول ۽ زماني جي فڪري اظهار جو ذريعو آهي. آڳاٽي وقت ۾ ڪي ڳاهون ڪن داستانن جو سينگار بڻيون، ڪي بيت وري مجازي محبت جا موتي بڻيا، ته ڪي وري سالڪن جي سلوڪ واري واٽ جا سڳنڌ ڀريا سرها گل ثابت ٿيا.“ (3)
اوائلي بيت ڀٽن، ڀانن، چارڻن، مڱڻهارن، ڳاهن رجزن ۽ قصن طور ڳايو جيڪو لوڪ ادب ۾ شامل ٿيو. بيت جڏهن ڀٽن، ڀانن، چارڻن کان اڳتي وڌيو ته قاضي قادن، شاهه لطف الله قادري، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو شاهه عبداللطيف ۽ ٻين بيت کي امرتا بخشي ۽ شاعري جي هڪ اصلي صنف طور سڃاڻجڻ لڳو.
”فني لحاظ کان گهڻو ڪري بيت هندي دوهي ۽ سورٺي سان ملندڙ جلندڙ ٿين ٿا. اهڙي طرح ڪن بيتن ۾ دوهي جيان ٻن سٽن تي مشتمل قافيا ٻنهي سٽن جي پويان ٿين ته ڪي وري سورٺي جيان ٻنهي سٽن تي مشتمل ۽ قافيا ٻنهي سٽن جي وچ ۾ استعمال ٿيل هوندا آهن. اهڙي طرح بيت، سورٺي ۽ دوهي کان اڳتي وڌي ٻن سٽن جي قيد مان آجو ٿيو.“(4) قديم دور ۾ بيت گهٽ وڌ ماترائن تي جو لکيو ويو آهي اهو قبول ڪيو ويو آهي. اڳئين دور ۾ دوها بيت ۽ سورٺا بيت پڻ لکيا ويا آهن. بيت ماترائن تي ئي لکجي ٿو. جديد بيت 13+11 ماترائون يا 11+13 ماترائون جي فارميٽ تي لکيو وڃي ٿو، جديد بيت شيخ اياز کان شروع ٿئي ٿو. شيخ اياز جا همعصر ۽ ان کان پوءِ جا شاعر، ان ئي فارميٽ ۾ لکن ٿا ۽ ان ئي فارميٽ کي تسليم ڪن ٿا.

[b]جديد بيت
[/b]جديد سنڌي بيت جو 20 صدي جي ڇوٿين ڏهاڪي ۾ بنياد پيو. جديد سنڌي شاعري جو باني ڪشنچند (بيوس) جنم 1885ع وفات 1947ع آهي. ڪشن چند بيوس جو ننڍڙو ڪتاب شيرين شعر 1937ع ۾ ڇپيو. ان وقت اڪيلو ”بيوس“ ئي هو، جيڪو عروضي شاعري جي وچ ۾ ان جي مضمونن کان آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هُن موضوع جي تبديلي آڻي، انفراديت قائم ڪئي. بيوس پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي، محسوس ڪيو ته غير وطني شين مان ڪجهه ورڻو سرڻو ناهي. (5)
”1944ع ڌاري سنڌي شاعرن مان ڪن اهو واضح طور محسوس ڪيو ته سنڌي شاعري جي جمود کي ٽوڙڻ کپي، اهي شاعر شيخ اياز، شيخ راز ۽ نارائڻ شيام هيا. جن آزاد نظم، گيت ۽ سانيٽ لکڻ جي ابتدا ڪئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ادبي حلقن ۾ جديد شاعري ۽ خاص طور آزاد نظم تي گهڻي ڏي وٺ ٿي، جديد شاعرن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. پر آهستي آهستي تنقيد جو طوفان ڍرو ٿي ويو. ڇو جو انهن شاعرن ۾ اهڙا شاعر به هئا. جن ماضي ۾ عروضي ۽ روايتي ڪلام به چيو هو. هنن کي جن بزرگن قبول نه ٿي ڪيو، تن وٽ دليل عروض ۽ ايراني اثر هو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته عروضي شاعر هن نئين طرز کي پنهنجو ڪري نه ٿي سگهيا ۽ هر نئون شاعر هن نئين گروهه ڏي ڇڪجي پئي آيو. جن، ڪڏهن ڪو تخليقي ڪارنامو انجام ڪو نه ڏنو هو ۽ ”ڪفر جو پوش“ ڪنهن نه ڪنهن شاعر تي پئي ڏنائون.“ (6)
ڪشنچند بيوس کان پوءِ جيد سنڌي ٻوليءَ جو شاعر شيخ اياز ئي آهي. شيخ اياز جديد سنڌي شاعري کي محرڪ ڏيندڙ آهي اياز گيت غزل، وائي، بيت، نظم دوهو، ٽيڙو، ڏيڍڻو ۽ ٻين صنفن کي اوج بخشيو، جديد سنڌي شاعري جو مهاراجه، هيرو ۽ منهندار شاعر آهي. ان ڪارنامي ۾ شيخ اياز سان گڏ ان دور جا همعصر شاعر به آهن.
شيخ اياز جديد سنڌي شاعري ۾ اُهي جدتون آنديون جن سان سنڌي شاعري ڪر کڻي بيهي رهي ۽ روايتي شاعر کي پٺيرو ڪري ڇڏيائين. جتي شيخ اياز سنڌي شاعري ۾ نوان تجربا ڪيا، اُتي ٻوليءَ ۾ نئين وستار آڻي سنڌي شاعر کي جلا بخشي. نوان خيال، نيون تشبيهون، نوان گهاڙيٽا نوان استعارا ۽ ڪنايا آندائين.
فارسي شاعري جي اثر کان جان ڇڏايائين. شيخ اياز جي شاعري انسان ذات جي فڪري فلسفي جي لوچ سوچ آهي. شيخ اياز جو بيت احساس، جذبن، مزدورن، هارين، هيڻن، ڪمزورن، حقيرن ۽ هر انسان جي ڳالهه ڪري ٿو. شيخ اياز خود پنهنجي بيت بابت چئي ٿو:
”منهنجي بيت جي هيئت قديم شاعري جي بيت جهڙي آهي، باقي اُن جي موضوع ۾ جدت آهي. بيتن ۾ ڪم آندل ٻولي ٺيٺ سنڌي آهي، ڇو ته بيت جي ٻولي ۾ فارسي آميزيءَ جي گنجائش بلڪل نه آهي ۽ هندي آميزيءَ جي گنجائش به گهٽ آهي. بيت سنڌي زبان جي منفرد صنف سخن آهي. شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻولي جي مقفيٰ شعر ۾، قافيه لفظ ائين سٽ جي وچ ۾ ملندا، جيئن بيت ۾ آهن. اِهو سنڌي بيت جو ڪمال آهي ته اُن جي پهرينءَ ۽ پوئينءَ سِٽ جي آخر ۾ نه ڪافيو آهي نه رديف، پر اُن جي باوجود بيت ۾ ترنم ۽ هم آهنگي، ٻيءَ هر صنف سخن کان زياده آهي. اهو خيال غلط آهي ته سنڌي بيت ناموزون شعر آهي. جيتوڻيڪ اُن جو فارسي بحر وزن سان ڪوئي به تعلق نه آهي. بيت جي تقطيع به ايتري پختگي ۽ گرفت سان ٿي سگهي ٿي، جيتريءَ ٻيءَ ڪنهن صنف سخن جي ڪئي وڃي ٿي. دراصل سُٺي سنڌي بيت جي تخليق نهايت مشڪل آهي ۽ سٺو بيت اهو ئي لکي سگهي ٿو، جنهن کي روح ۾ رواني ۽ ٻولي تي بي انتها قدرت هجي سنڌي بيت الهامي شعر آهي، آيت آهي، مون سنڌي بيت کي تصوف ۽ روايتي شاعري جي ڍير مان ڪڍي اَڇو اُجرو ڪري نئين رنگ ۽ روپ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها ڪوشش ڪيستائين ڪامياب آهي اُن جو منصف مان نه آهيان. (7)
پرين کي پهچاءِ، ڪانگا! منهنجون ماڻڪيون،
جنهن جي سونهن سواءِ، ڏسان ته ڏوهي ٿيان.

هي چوٽا، هي چهچٽا، ٻيهر ملندا ڇا،
ٻيهر کِلندا ڇا، چپَ کير ولين وانگيان.

جڏهن املتاس جا، ڇڻيا ڪالهه ڇُڳا،
تنهنجا ڳل رُڳا، ڇو آيا سوچ ۾.

سانجهيءَ سج لهي ويو، اِن کان ڪهڙي پوءِ!
وَڃ نه پرين ووءِ، منهنجو جيءُ جهري پيو.

ٻانهون گلن ٽاريون، ڳچيءَ ۾ پائي،
ڇاتيءَ سان لائي، مون ۾ ڇُپيا سپرين.

1. شيخ اياز جي بيت ۾ جدت.
2. شيخ اياز جي بيت ۾ اکين جو ذڪر.
3. شيخ اياز جي بيت ۾ جماليات.
4. شيخ اياز جي بيت ۾ ڪيڏارو.
5. شيخ اياز جي بيت ۾ عڪسي مشاهدو.
6. شيخ اياز جي بيت ۾ رواني.
7. شيخ اياز جي بيت ۾ تجنيسي حرفي.
8. شيخ اياز جي بيت ۾ منظر نگاري.
9. شيخ اياز جي بيت ۾ ٻولي جو حسن.
10. شيخ اياز جي بيت ۾ ضمير جو آواز.

[b]1. شيخ اياز جي بيت ۾ جدت
[/b]جدت جي معنيٰ ئي آهي نئين ڳالهه، نواڻ، نئون خيال، نئون مشاهدو، جديد شاعري ۾ جيڪا نئين ڳالهه ڪيل هوندي، نئين تشبيهه، نئون استعارو نئون رستو اختيار ڪري ته اھا جديد شاعري چئجي ٿي، جنهن شاعريءَ ۾ پراڻين روايتن جو اثر نه هجي. ”قديم توڙي جديد شاعرن ۾ هي پهريون شاعر آهي، جنهن گهڻي کان گهڻو شعر لکيو آهي. جديد شاعري جي حوالي سان شيخ اياز جو تمام وڏو نالو آهي. هو جديد شاعري ۾ سڀني کان مٿاهون مقام رکي ٿو. اياز ئي جديد سنڌي شاعريءَ جي ٻوٽي جي آبياري ڪري کيس ميويدار وڻ بنايو آهي. هو واحد جديد سنڌي شاعر آهي جنهن جديد توڙي قديم شاعريءَ جي سڀني صنفن جهڙوڪ: وائي، ڪافي، غزل گيت، بيت، نظم، قطعو ڏيڍڻو، چوسٽو، هائيڪو، آزاد نظم، ڇيڄ وغيره صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. نه فقط طبع آزمائي ڪئي آهي، پر مڙني صنفن تي چڱو چوکو لکيو آهي ۽ هر صنف تي قائدن ۽ قانونن مطابق لکيو اٿس. هن شاعري جي هر صنف ۾ موضوع خواهه هيئت جي لحاظ کان پورو پورو حق ادا ڪيو آهي.“ (8)
”اسان وٽ جديديت ۽ جديديت پڄاڻان واري حالت (Modern/Post modern condition) جو اهو روپ ناهي، جيڪو اولهه ۾ آهي. اهي تيزي سان ايندڙ تبديلي کي ويجهي کان ڏسن ٿا. ۽ انهن جو رد عمل پڻ اوتري تيزي سان ايندو آهي. اسان وٽ ادب ۾ ته دنيا جي نقطئه نظر World wiew آهي ئي ڪو نه (لطيف سرڪار، اياز، امداد ۽ ڪجهه ٻين تخليقارن کان سواءِ) اسان جو اديب انهن بين الاقوامي مسئلن ڏي توجهه ئي ڪو نه ٿو ڏئي.“ (9)
مٿي حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته شيخ اياز رڳو سنڌ جو نه پر بين الاقوامي (دنيا جو) شاعر آهي. سڄي دنيا جي شاعرن جا جيڪي موضوع آهن، اُهي شيخ اياز جي شاعري جا موضوع آهن. امن آزادي انقلاب سچ سونهن، پيار جي ڳالهه جديد نموني ڪئي آهي. شيخ اياز جديد شاعري ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. نوان موضوع آندا، نوان خيال قلمبند ڪيا.
تڙ تي ايئين نينگريون، ٽڙي ٽَهه ٽَهه ڪَن،
موراڙيون مَهڪن، جيئين سانوڻ مينهن ۾.

ڪيڏا مون مهمان، ڄڻ ته ستارا لان ۾،
سڀ آپي ۾ اوپرا، سڀڪنهن پنهنجي آن،
اَلا! هي اِنسان، آخر تائين اجنبي!

ڇوري هُونئن به ڇيڳري، ويتر اُتر اوت،
چارئي چُنيءَ پوت، اُڏرن پيا واءَ ۾.

آنءُ رڳو لهرون، تون ئي ساگر سونهن جو،
ها، پر مون ۾ تون، مان جو ڇُلان ڇوهه سان.

موتي موتي ٿي ويو، سورٺ تنهنجو مُک،
ڌرتيءَ ويڙهيو دُک، تو جو ڏنا ٽهڪڙا.

لوڪ ٿو ننڊون ڪري، جلي منهنجي جاڳ،
ازل جي آواز مان، روح بڻيا راڳ،
ڀڙڪيا الا آڳ، جرڪڻ لڳي جندڙي.

[b]2. شيخ اياز جي بيت ۾ اکين جو ذڪر
[/b]اکين سان ئي هن دنيا کي ڏسبو آهي. شيخ اياز جي شاعري ۾ اکين جو ذڪر عام جام آهي، اکيون حسين ۽ خوبصورت هونديون آهن. اکيون محبوب جون ته هر عاشق کي موهي وجهنديون آهن. ڪي زخمي به ٿيندا آهن ته ڪي قتل به اکين سان ٿيندا آهن. اکين جو ذڪر هر شاعر ڪيو آهي. شيخ اياز اکين جو ذڪر منفرد ۽ جدا گانه ڪيو آهي.
ڪي ڪي ”اکيون“ اوپريون، توڙي ڄاڻ سُڃاڻ،
ڪي ڪي اکيون آرسيون، جن ۾ نينهن نياڻ،
ڇڪجي پنهنجو پاڻ، جڙجي وڃن جيءَ ۾.

آءُ ڀٽائي آءُ تنهنجي کَههِ، منهنجون ”اکيون“،
ڏس مون تنهنجو ڪينرو، ڀوريو ناهي ڀاءُ،
ساڳيو جوڳ جڙاءُ، ساڳيا سڏڙا ساز جا.

”اکيون“ تنهنجون ڪامڻي! مَڌُ ڀَريون پياليون،
نِتُ نِتُ نراليون کيپُ کُٽي ئي ڪو نه ٿو.

هي جي ڪولهي پارڪر، پيرين اگهاڙا،
ڪيڏا ڪُهاڙا، آهن تن جون ”اکيون“.

آهي اَنتُ اَٿاههُ، ساگر تنهنجي سونهن جو،
”اکين“ آ ويساههُ موتي ڏسي مُٺِ ۾.

[b]3. شيخ اياز جي بيت ۾ جماليات
[/b]جماليات جو تصور دنيا جي شاعرن، مفڪرن، فليسوفن، ڏاهن، ٿيلس، اينگريمينڊر، انيگزيمنس، پيٿاگورس، هير اقليطس، وليم بليڪ، سقراط، افلاطون، وڪٽرهيوگر، ڪانٽ، هيگل شاپنهار، رومي، سعدي، ڪروچي، شاهه عبداللطيف، شيخ اياز ۽ ٻين وٽان ملي ٿو. شيخ اياز جي بيت ۾ جماليات جرڪا ڏيئي رهي آهي.
The aesthetics of nature can be understand to certain itself either with certain distincitive properties of natural phenomena that can be classified as aesthetic e.g., Beauty, sublimity, grandeur or profusion, or with certain kins of experience distinctively provoked by nature or certain kin of atttudes appropriately brought to nature. (10)
”جمالياتي احساس هڪ اهڙو انساني جذبو آهي، جنهن کي تخليقي عمل کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري جماليات، عمل جو سڀ کان وڏو محرڪ آهي. جمالياتي احساس انسان جي اِرادي کي تحرڪ يا عمل ۾ آڻي ٿو ۽ تخيل کي هڪ اهڙي درجي تي پهچائي ٿو، جتان تخليق جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. اها ڳالهه عام پورهيت جي پورهئي ۾ موجود هئڻ جي باوجود پهرين نظر ۾ نظر نه ٿي اچي. جڏهن ته فنڪار يا ليکڪ جي تخليقي عمل ۾ وڌيڪ چٽي ۽ سڌي نظر اچي ٿي.“ (11) شيخ اياز جي بيت ۾ جماليات، محبوبه جهڙي سهڻي نظر اچي ٿي.
چولو لاهي چٽ ۾، آرس ڀڳائين،
ڇاتيءَ مٿان پت کي، گهوري ڏٺائين،
ڀتر هنيائين، اڱڻ آيل ڪانو کي.

مون جو تنهنجا چَپَ، چميا پئي ننڊ ۾،
ڪهڙيءَ نديءَ ڪپ، مليا پئي پاڻ ۾.

اهڙي سونهن نه اڳ ڌٺي، اَڙي اَلاڙي!
وار ته بلاڙي، ٻانهون گلن ٽاريون.

پنهنجي پوتيءَ جا پلئه، ڪيئن وَرايا ٿي،
ڄمون ڄايا ٿي، مان ٿو ڀانيان نينگري!

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، نور ڀري نيراڻ،
آيو پرين پاڻ، چمڪيا چنڊ زمين تي.

موناليزا مرڪ، رنگ مُهاڻيءَ ڪارڙو،
منهنجي اکين سُرڪ، هن مان ڀري ڪيتري.

انبن پڪيون انبڙيون، لڳي پئي لُڪ،
چوراهي تي چُڪ، ڪنهن کي ڳولي ٿي پئي.

[b]4. شيخ اياز جي بيت ۾ ڪيڏارو
[/b]”ڪيڏارو سنسڪرت لفظ ”ڪيدار“ جي بگڙيل صورت آهي. جنهن جي معنيٰ ”جنگ جو ميدان“ آهي. (12)
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته ”ڪيڏارو، گجراتي لفظ ”ڪيدارو“ ”ڪيڏارڻ“ ۽ سنسڪرت لفظ ”ڪيار“ جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي معنيٰ آهي جنگ.
هر قوم ۾ ڪي اهڙا مرد مانجهي ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي سورهيائي همٿ، جدوجهد ۽ بهادريءَ طور سڃاتا ويندا آهن. سنڌ اهڙن بهادرن، دليرن، دودن، هوشن سان ڀريل رهي آهي.
سنڌي ادب ۾ سُر ڪيڏارو ٻن حوالن سان چيو وڃي ٿو، هڪ: ڪربلا جو واقعو، ٻيو کرڙيءَ جي جنگ جو احوال، ”کڙي جي جنگ“ ميرن ۽ افغاني شاهه شجاع ملڪ جي وچ ۾ سکر جي ڀر ۾ کرڙيءَ جي ميدان تي لڳي، جنهن ۾ سنڌ جا جوڌا پنهنجو چيلهيون هڪٻئي سان ٻڌي پنهنجي ڌرتي جي تحفظ لاءِ لڙيا ۽ ڪافي شهيد ٿي ويا. اهڙن بهادرن کي (tribute) پيش ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي شاعرن ذڪر ڪيو آهي.
موجوده دور ۾ ظلم، ڏاڍ، بربريت، ناانصافي، جبر، بي واجبي، حق تلافي تي به ڪيڏارو چيو وڃي ٿو.
”شيخ اياز ”سنڌ جو آواز“ اهو خطاب ۽ اعزاز سنڌي قوم پنهنجي بي مثال قومي شاعر کي وڏي پيار ۽ پنهنجائپ منجهان ارپيو. شيخ اياز هڪ باڪمال ڏات ڌڻي، هڪ محب وطن، ۽ سنڌ دوست شاعر طور پنهنجي ڪل ڄمار قومي سجاڳي ۽ بيداريءَ واري ڪيفيت ۾ گذاري. سندس للاٽ جي لاٽ ڪڏهن نه اُجهاڻي، سندس من ۾ ديس جي محبت جو ڏيئو ڪڏهن به جهڪو نه ٿيو. سندس سياسي، وابستگيءَ (Commitment) جو مرڪز ۽ محور سنڌ هئي ۽ سنڌي ماڻهو ئي هئا. (15)
اياز صدين جو سرجڻهار آهي. هو انسان جي ماضيءَ جو مڻهيار، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو سونهون شاعر آهي. هن سنڌي شاعري ۾ جيڪو انقلاب، جيڪا نئين جاڳرتا (Renaissance) جيڪا بغاوت، جيڪي تجربا، جيڪو آهنگ، جيڪو لهجو ۽ جيڪا زبان ڪم آندي آهي. اهي سڀ ڳالهيون هن خطي جي سدا موجوده Status جي چوڪيدارن ۽ علمبردارن کي نه وڻيون ۽ هنن شيخ اياز ۽ سندس ساٿين تي الزامن جا تير وسايا فتوائون جاري ڪرايون.“ (16) پر پوءِ به شيخ ڪڏهن نه جهڪيو نه وڪيو، هر انسان کي جدوجهد، ۽ سجاڳي ڏيندو رهيو.
لهوءَ لَتِ پَتِ، ڌرتي منهنجي ديسَ جي،
پَرکي پيئي پَت، جهونجارَن جي جَنگ ۾.

سڻيم تنهنجو سڏ، پهتس پهتس او پرين،
هيڻو اٿم هڏ، پر سگهه ڏسين ٿو ساهه جي.

سدا آيا سنڌ ۾، نوان نادر شاهه،
ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سوا ٻي راهه،
متان سوچيو ساهه، متان موٽو ماڳ کان.

تلوارن جا تک، زرهن جا زپڪا،
لاکيڻن لپڪا، ڇڪيل واڳون ويڙهه ۾.
شاعري اها ئي آهي، جيڪا قومن جي ترجماني ڪري، انسانيت جي تڪليفن ۽ ڏکن ڏوجهرن ۾ مددگار ٿئي. هيڻن جي همراهه ٿئي، احساس ۽ جذبن جي ڳالهه ڪري، ذهن کي شعور ڏئي، جيڪا ذهن کي فولاد جي طاقت ڏئي، انسان کي اگهي ۾ ڪم اچي ته خوشين ۾ گيت ٿئي. شيخ اياز حوصلي بهادري جرئتمندي کي ساراهيو آهي، سندس شاعري ۾ بڙڇيون، ڀالا، تير، تلوارون اُڀا آهن. سورهيه ٿي بيٺو آهي.
سدا اُڀريا سنڌ ۾ ڪُوپا ڪنچل لوڏَ،
هُوڙهيايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان.

مٿان ڪُڻڪيون ڪونجڙيون، هيٺان ڪٽاريون،
راوت وڙهيا روههَ ۾، گهاوَ وجهي گهاريون،
اڱڻ تي آريون، ڪو مل ڪرڻا چنڊ جا.

ڀُونءِ به ساري ٽامِڻي، اڀ به اُلن وَسَ،
هڻي تيز تراريون، ڪُسيا ڪُلهن ڪس،
ترندي رت ترنگ ٿا، مور نه تاتن تس،
گس ٿيا سڀ گس، وار نه گسيو هڪڙو.

سرن مٿان سوڀ جون، پڳون جي پايو،
متان وڙهندي ويڙهه ۾، پٺ تي واجهايو،
لايو، سجايو، نيٺ ته ٿيندو لوءِ جو.

[b]5. شيخ اياز جي بيت ۾ عڪسي مشاهدو
[/b]شيخ اياز جي شاعري ۾ عڪس، اهڃاڻ ۽ مشاهدي جا چٽا پٽا رنگ، ظاهر آهن. شيخ اياز وسيع مطالعو ڪندڙ شاعر هو، جنهن پوري دنيا جو ادب پڙهيو هو. سنڌ جون وهڻ واستيون، ڳوٺ، بر ٿر چڱي طرح ڏٺا، جي شهرن ۾ ٺڪاڻو ٺاهيائين، ته سنڌو جون ٻئي ڪنڌيون گهميائين، اکين سان عڪس ورتائين ته هٿن سان گل چميائين، جبلن جا ڊگها ڪنڌ به ڏٺائين، ته سر سبز علائقا ڍنڍون ڍورا، وڻ واهڻ، ٻوٽا، هرڻ هٺيلا ۽ جوڳين سان جڙاءُ رکيائين. صوفيت کي ساهه ۾ سانڍيائين ۽ مشاهدو ماڻيائين.
عڪسي مشاهدي جون جيڪي عام صورتون آهن، سي هيٺ ڏجن ٿيون:
1. بصري مشاهدو (Visual imagery)
2. غير متحرڪ مشاهدو (Static imgery)
3. متحرڪ مشاهدو (Kinetic imagery)
4. رنگين عڪسي مشاهدو (Colour imagery)
5. انتقالي مشاهدو (Synaesthetic imagery)
6. ٻڌڻ واري مشاهدي جا عڪس (Auditory imagery)

[b]1. بصري مشاهدو
[/b]1. ڀنڀرڪي ۾ ڀونءَ تي، ٿڌا ٿرين ٿاڪ.
2. اڄ نه کوهيءَ نار، نه هو گهڙا چيلهه تي،
3. جيئن ڪي ڪهوءَ ڏار، تيئن هو مڙس ملير جا،
4. ڪارا ڪڪر اڀ ۾، چنگ چڙي جي لار.

[b]2. غير متحرڪ مشاهدو
[/b]1. اڃا پکي پار جا، مون ۾ لامن تي،
2. ڏس هي سينهوءَ سنگ، ڀڳل چوڙيون اڏ ۾.

[b]3. متحرڪ مشاهدو
[/b]1. ٺٽي جي رابيل ۾، وري کڙندس مان.
2. ڪتيون ڪر موڙن، آءُ اُٿي توتي لکان.
3. جيئن سنڌوءَ جي لهر گهري نيري سمنڊ ۾.
4. چپ اُتي ئي، چميون سڀ ڪاڏي ويون.
5. مان جو پوئينءَ رات جو پانڌيئڙو آهيان.
6. ڇا کان اڃا چُوسَ، تو ۾ ماڻهوءَ رَت جي.

[b]4. رنگين عڪس مشاهدو
[/b]1. لهسي نه لوساٽ، منهن ۾ ڦول ڦلايا.
2. آڌيءَ رات اُلاءُ، چانڊڪيءَ ۾ چنڊ جو.
3. سانجهي ڳاڙها وڻ، هاڻي ڪارا ٿي ويا.
4. چانديءَ جا پازيب ۽ ڳاڙهي ڇيٽ پڙو.
5. ڪنڊيءَ سايون سڱريون، پسي ڳاڙها گل.
6. کٿيرين خوشبوءَ، ويڙهيو مون کي واس ۾.

[b]5. انتقالي مشاهدو
[/b]1. مارين جيارين پيو، ٻي ڪنهن صورت ۾.
2. منهنجي مرقد تي اچي شمعون ٻاريندينءَ.
3. اڃا مارين، ڇو نه ٿو جيئڻ ۾ ڇاهي.
4. مرين ويندي موت تون، منهنجي چانئٽ تي.
5. اکيون پُوريندي ڪڏهن پنهنجي انت تي.
6. ماريندا ڪنهن موهه، توکي تنهنجا ڏاکڙا.
7. هي جا تنهنجي لحد تي، کڙي آ رابيل.

[b]6. ٻڌڻ وارو مشاهدو
[/b]1. اُنهيءَ جي سنگيت، ڪا ٻڌين ٿو ٻوڙا.
2. ڪَويليون ڪوڪن، جڏهن بڙ جي ڏار تي.
3. تون ته سوڙ تاڻي، ٻُڌين ٿوريون ڳالهڙيون.
4. ڇا لئه لرزين ٿو، گيت ڪنور جا تون ٻڌي.
5. ٻاٻيهي جو ٻڌان، ڪنيءَ ۾ پڙلاءِ.
6. ڪڪر ڪن ڏئي، پيا ٻُڌن مَيارون.

[b]6. شيخ اياز جي بيت ۾ رواني
[/b]شيخ اياز جي بيت ۾ رڌم، ترنم ۽ رواني، تازگي اهڙي ته آهي جيئن ڪو آبشار وهندو هجي. اياز بيت ۾ اهي احساس ميڙيا آهن، جيڪي ڏسندڙ واسندڙ آهن، اياز لفظن ۾ ساهه وجهي ٿو ڇڏي، اهي لفظ چرندڙ ڦرندڙ ٿي پيا آهن ۽ ڳالهائي رهيا آهن، ڪجهه چئي رهيا آهن پيغام ڏئي رهيا آهن. شيخ اياز جي بيتن ۾ مٽي جي مهڪ، ڇهندڙ احساس، سسئي جي سڪ، مومل جا ماڻا، سهڻيءَ جي سچائي، سورٺ جي سونهن، موکي جا مڌ، سورهيائي جا سڏ ملن ٿا. بيت جي رواني تمام خوبصورت آهي. اياز لفظن کي گهڙي، لسائي ڪري اهڙي نموني استعمال ڪيو آهي جو عام پڙهندڙ کي به ڪا به هٻڪ محسوس نه ٿي ٿئي، نه ئي ڪو اٽڪاءُ محسوس ٿئي ٿو.
تون چانڊوڪي چيٽ جي، منهنجو من چڪور،
اچي ڪڏهن اور، مون سان ڳالهيون ڳجهه جون.
مٿيون بيت ۾ ڏسو ڇا ته رواني اٿس اياز جي سڀني بيتن ۾ اهڙي ئي رواني آهي، جيڪا هڪ سٺي شاعر جي سڃاڻپ آهي.
آئي رت رابيل جي، پيا پرين پور،
نيهن جا ناسور، اندر ۾ اکلي پيا.

نهاريم نيراڻ ۾، تڪيندي تارا،
ڪٿي آن ڪنهن جاءِ تون، پرهه کان پيارا،
چنڊ پٺيان چارا، رُليم ڪيئي راتڙيون.

سدا سيلاني، آهي ساهه اياز جو،
ڳچي ۾ ڳاني، پرين وجهه نه پيار جي.

[b]7. شيخ اياز جي بيت ۾ تجنيس حرفي
[/b]”شاعر پنهنجي اشعار ۾ اهڙا لفظ لڳاتار ڪم آڻي ٿو جن جا پهريان اکر ساڳيا هوندا آهن، يعني هم جنس هوندا آهن تجنيس جي معنيٰ ئي آهي ”هم جنس“ لفظ ڪم آڻڻ.“ (17) شاعر اهي لفظ ان لاءِ گڏ آڻيندا آهن ته جيئن شعر سهڻو ٿي پوي ماڻهن کي پسند اچي، پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ تي جلد حاوي ٿئي. شيخ اياز به اهڙن لفظن جو استعمال ڪيو آهي.
سڄڻ سان سُر ٻاٽ، ساري جڳ ٻڌو پئي،
ڏس ڏس وئي ڦهلجي، ان مان نڪري لاٽ،
اڄ سڀئي گهر گهاٽ، ان سان گونجن ٿا پيا.
هن شعر ۾ پهريان چار لفظ (س) جي شروعات وارا آهن، وري ٻي سٽ ۾ ٻه لفظ (ڏ) وارا، وري ٽي سٽ ۾ (س) وارا 2 لفظ ۽ (گهه) وارا ٻه لفظ آهن، اهڙن لفظن جي استعمال کي تجنيس حرفي چئبو آهي.
هي ٿڌڙيءَ جي رات ٿر ۾ ڪيئي ڪو لهڻيون.
تاڙيون وڳيون اوچتو، چيري چپ چپات،
آئي تنهنجي بات، راسُوڙا رڪجي ويا.
پهرين سٽ ۾ 2 لفظ (ڪ) وارا، ٻي سٽ ۾ ٻي لفظ (چ) وارا ٽي سٽ ۾ ٻه لفظ (ر) وارا موجود آهن، شيخ اياز بيتن ۾ تجنس حرفي جو استعمال گهڻو ڪيو آهي، ته جيئن شعر سهڻو ۽ وڻندڙ ٿئي.

[b]8. شيخ اياز جي بيت ۾ منظر نگاري
[/b]دنيا جي سمورن علمن جي ماءُ شاعري آهي، ڇاڪاڻ ته سوچ ۽ فڪر جا سمورا اوائلي نڪتا ان ۾ محفوظ ڪيا ويا، تنهنڪري علمن ۽ فنن جون ڪي به جدا جدا شاخون ڪو نه هيون، ايستائين جو خود علم ۽ فن به هڪ ئي شڪل ۾ هئا. (18)
شاعري ۾ منظر نگاري اهم رڪن آهي، شيخ اياز جي شاعري منظر نگاري سان مالا مال آهي شيخ اياز پنهنجي شاعراڻي اک سان اهي منظر ڪيچ ڪيا آهن، جيڪي جهڙي تهڙي شاعر جي وس جي ڳالهه نه آهي.
گهر کان ٻاهر مينهڙو، گهٽي ساري گپ،
نينگر اٽي لپ، وڌو پينوءَ پاند ۾.

جهرڪيءَ آکيري منجهان، ٻچا ٿي کائي،
بلا الائي آئي، ڪيئن وڻ جي مٿان.

چانديءَ ڦلڙيون پاکڙا، ڄڃ وڃي پيئي،
نؤ ورنيو نيئي، چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ جي.

سرتي سويري، وهنتي جيئن تلاوَ ۾،
آيا اُن ويري ڳڀرو ڪيئي ڳوٺ جا.

هو جي ٺڪراڻيو، جن جا نيرا گهاگهرا،
هو جي جيسلمير ۾، مون ڪلهه اُماڻيون،
واٽون ويڳاڻيون، تِن بِن سانوڻ مينهن ۾.

[b]9. شيخ اياز جي بيت ۾ ٻوليءَ جو حسن
[/b]اسان سڀ سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ دنيا يعني سماج ۾ رهون ٿا، جيڪو ٻولي سان گڏ ۽ ان جي ئي حدن اندر لڳاتار بدلجندڙ رهي ٿو ۽ ترقي ڪندو ٿو رهي. هونئن به انساني بنيادن تي تخليقي تهذيب (Creative civilization) ۾ ٻولي بدلجندڙ ۽ هميشه تيار ۽ مستعد طاقت جيان ڪم ڪندي آهي. ٻوليءَ جو هي ارتقائي ۽ حياتياتي پهلو (Biological Aspect) ٻوليءَ جي ڪارج کي سماج جي ارتقا ۽ حياتيات سان لاڳاپي ۾ آڻي ٿو. هنن خاص ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻولي جو اڀياس هاڻي سماجيات (Sociology)، حياتيات (Biology) نفسيات (Psychology)، سماجي نفسيات (Social Psychology) ۽ انسانيت (Anthropology) جهڙن علمن جي اصولن پٽاندر ڪرڻو پوندو. ائين علم ڪلچر (Cult urology) به ٻولي جي ماهرن سان واسطو رکي ٿو. اهڙي ريت ٻولي جي علم جي حيثيت هڪ اهڙي علم جهڙي ثابت ٿئي ٿي. جيڪو سڀني عمراني علمن سان تعلق رکي ٿو ۽ جنهن ۾ هنن سڀن علمن جي اصولن جو استعمال ٿي سگهي ٿو. (19)
چون ٿا هر 30 ڪلوميٽر کان پوءِ ٻولي جو لهجو مٽجي ٿو، سنڌ ۾ ڪجهه لهجا مشهور آهن، جهڙوڪ اتر جو لهجو، لاڙي لهجو، ڪاڇي جو لهجو، ڪوهستان جو لهجو، ٿري لهجو، وچولي سنڌ جو لهجو وغيره. سٺي شاعر جي اهائي سڃاڻپ آهي ته اهي سڀئي لهجا قبول ڪري، انهن سڀني لهجن کي عام رواجي لهجي ۾ جذب ڪري، ٻولي کي حسين ڪري پيش ڪري جيئن اهو محسوس نه ٿئي ڪنهن خاص لهجي جو اثر نه هجي، پنهنجي قلم سان پنهنجي لکت کي اهڙو ته حسين ۽ خوبصورت بنائي جا هڪ تاريخ ٿي وڃي. شيخ اياز به اهڙو معجزو ڪري پنهنجي ٻوليءَ کي حسين ڪري ڏيکاريو آهي. فارسي ٻولي جا لفظ ختم ڪري. نج سنڌي ٻوليءَ جا قديم ۽ جديد لفظ آڻي ٻوليءَ کي حسين بڻايو آهي، ته ٻولي زنده جاويد ٿي پئي صدين جي ڪٽ لڳل لفظن کي تراشيو آهي.
مون چيو مينديءَ کيت کي، اُٿي ڦُٽي پؤ،
مون کي ڪيئي سؤ، رتا گهرجن هٿڙا!
*
اَڪن نيرا ڦليا، مٿان مينهن وسن،
سارو ڏينهن گسن، ڪارونجهر سان ڪڪريون.
*
اُڀ ۾ نڪتي انڊلٺ، ڄڻ ڪوئي ڪٺمالُ،
مٿان پون مينهڙا، هيٺان چري مال،
ڪير چوي جنجالُ، آهن جيئڻ ڏينهڙا.
*
ماڻهوءَ گل گلاب جيئن، ٽڙندا ڏسان آنءُ،
مِڙندا ڏسان آنءٌ، اوشل! ڦٽ فراق جا.

[b]10. شيخ اياز جي شاعري ۾ ضمير جو آواز
[/b]شيخ اياز جي شاعري ”پختي شاعري“ آهي شاعري جي هر صنف کي اياز پنهنجي قلم جي نوڪ سان نواڻ بخشي آهي. جنهن ديس ۾ عدل ۽ انصاف جي اڻاٺ هجي، ظلم مٿان ظلم هجي، سچ چوڻ اوکو هجي، غريب تي مارو ماري هجي. شيخ اياز ان صورتحال ۾ پنهنجي ضمير جو اواز بلند ڪرڻ لئه چوي ٿو نه ڪنهن ظلم آڏو نه جهڪجي نه رڪجي، نه هٽجي نه وڪجي.
ڳڀو پاڻيءَ ڍڪ ۾، ٻوڙي جي کائين،
پنهنجي اوچي ڳاٽ کي، مور نه جهڪائين،
ته تنهنجي سائين ڏات ڏهوڻي ٿي پوي.

اوچو آهي رکَ کان، هي تنهنجو آواز،
جنهن جو پورو راز، تو نه پروڙيو جيئري.

سگهه ڏي اهڙي سچَ، منهنجي جڪڙيل جيءَ کي،
ڳچي ٿئي ڳچ، ته چوان جو چوڻو هجي.
شيخ اياز بيت کي اوليت جي بنياد تي هر ڪتاب ۾ پهريون رکيو آهي. بيت شيخ اياز جي پسنديده صنف آهي. بيت بابت پنهنجي دوست محمد ابراهيم جويو ڏانهن هيئن خط لکي ٿو:
”ڪڏهن سکر آءُ ته توکي پنهنجي ”بيتن“ جو پس منظر ڏيکاريان اچي ڏس ته ستارن جي سونهن ڇاٽ ڪيئن ٿي ڇڻي، چنڊ جا ڪرڻا وڻ منجهان واٽ ڪيئن ٿا ڪن، چنڊ جو گهرو گهاءُ ڪيئن ٿو چڪڻ لڳي ۽ ڪيئن صدين جو سوداءُ جيءَ ۾ جاڳي پوي ٿو.“ (20) شيخ اياز سنڌ جو عظيم شاعر آهي. جنهن سنڌي ادب، ٻولي کي امرتا بخشي، ڳوڙها خيال، ۽ جدت ڏني، سنڌي شاعري کي نئون موڙ ڏئي، بين الاقوامي ستطح تي پهچايائين.
وينگس ڦلڙي نڪ ۾، پايو لڏي ٿي،
سانجهي ٻڏي ٿي، تارا اڀريا اُڀ ۾.

ڪاريون راتيون ڪنبڻي، اتر اوتون ڏي،
ساهڙ پوءِ به سڏي، سهڻي توکي سير ۾.



[b]حوالا[/b]
1. ممتاز مرزا ”ميين عيسيٰ جا سنڌي بيت.“ ”مرتب“ شاهه عبدللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1993ع صه16.
2. مير حاجن مير ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“ سچائي اشاعت گهر حيدرآباد 2014ع ص 45.
3. ممتاز مرزا. مرتب حوالو ساڳيو ص 16.
4. ميان مير چانڊيو، ”سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي هڪ نظر.“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2007ع صفحو 103.
5. عبالجبار جوڻيجو. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد 2004ع صفحو 213.
6. عبالجبار جوڻيجو. ڪتاب حوالو مٿي آيل آهي صفحو 214.
7. شيخ اياز ”ڀؤنر ڀري آڪاس.“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2008ع صفحو 13.
8. ميمڻ عبالمجيد سنڌي ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2006ع صفحو 596.
9. مبارڪ لاشاري جديد، تنقيد ٻولي ۽ ادب سنڌيا پبليڪيشن شڪارپور 2016ع صفحو 163.
10. شير مهراڻي ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2013ع. صفحو 160.
11. بدر ابڙو، ”تنقيد ۽ تنقيد نگاري.“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2015ع ص 166.
12. هوتچند مولچند گربخشاڻي ”شاهه جو رسالو“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1996ع ص 665.
13. غلام قادر سومرو ”مقالو“ مرثيه نگاري ۽ سيد ثابت علي شاهه نئين زندگي حيدرآباد 1993ع ص 17.
14. الطاف حسين جوکيو. سر ڪيڏارو. مرتب: منظور احمد قناسرو، ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ 2008ع صفحو 17.
15. شيخ اياز ”اٿي اور الله سان“ مهاڳ محمد ابراهيم جويو. ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ 2010ع صفحو 19.
16. شيخ اياز ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ 2008ع صفحو 8.
17. ميان مير چانيو، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۽ صنفن تي هڪ نظر“ روشني پبلڪييسن ڪنڊيارو. 2007ع صفحو 137.
18. بدر ابڙو ”تنقيد ۽ تنقيد نگاري“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2015ع صفحو 36.
19. الهداد ٻوهيو. ”سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 2011ع.
20. شيخ اياز ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ سقافت کاتو حڪومت سنڌ 2010ع صفحو 45.
21. ”شيخ اياز ڀؤنر ڀري آڪاس“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2008ع.
22. ”شيخ اياز ڪلهي پاتم ڪينرو.“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2008ع.
23. شيخ اياز ڪي جو ٻيجل ٻوليو ======================2008ع.
24. وڄون وسڻ آيون ============================== 2008ع.
25. شيخ اياز ڪپر ٿو ڪن ڪري ====================== 2008ع.
26. شيخ اياز پتڻ ٿو پور ڪري ======================== 2008ع.
27. شيخ اياز ٽڪرا ٽٽل صليب جا ===================== 2008ع.
28. واٽون ڦلن ڇانئيون ============================ 2008ع.
29. راج گهاٽ تي چنڊ ============================ 2009ع.
30. بڙ جي ڇانوَ اڳ کان گهاٽي ======================== 2009ع.
31. شيخ اياز. اڪن نيرا ڦليا========================= 2009ع.
32. شيخ اياز. جهڙ نيڻان نه لهي ====================== (2009)ع
33. شيخ اياز اڀر چنڊ پس پرين======================== 2010ع.
34. شيخ اياز.، هيئنڙو ڏاڙهون گل جيئن ================== 2010ع.
35. شيخ اياز. الوداعي گيت ========================= 2010ع.
36. شيخ اياز ننڊ وليون ============================ 2010ع.
37. شيخ اياز ڪتين ڪر موڙيا جڏهن 1، 2،3، =============== 2010ع.
38. شيخ اياز. سر لوهيڙا ڳڀيا ========================= 2010ع.
39. شيخ اياز. سورج مکي سانجهه ====================== 2010ع
40. شيخ اياز. ڇوليون ٻوليون سمنڊ جو ن ================== 2010ع
41. شيخ اياز گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾ ==================2010ع
42. شيخ اياز. سانجهي سمنڊ سپون ===================== 2010ع.
43. شيخ اياز ڪونجون ڪر ڪن روهه تي ================= 2010ع.
44. شيخ اياز ڪاري رات ڪهنگ ===================== 2010ع.
45. شيخ اياز وڏا وڻ وڻڪار جا ======================== 2010ع.
46. شيخ اياز اٿي اور الله سان ========================= 2010ع.
47. شيخ اياز ================================== 2010ع.
48. شيخ اياز مينهن ڪڻيون ========================= 2010ع.
49. شيخ اياز اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀڻي=================== 2010ع.
50. شيخ اياز پکي ساڳي پار جا======================== 2010ع.
51. شيخ اياز هي جي نهرون ننڊ جون ========== 2010ع.