لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

موتي ميڙيا مون

ھن ڪتاب ۾ مير حاجن مير سنڌ جي اھم ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون لکيا آھن جيڪي پڙھڻ وٽان آھن. شاھ لطيف، قلندر شھباز، سچل سرمست، استاد بخاري، سامي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، محمد ابراھيم جويو، وفا ناٿنشاھي، ارجن حاسد، احمد خان مدھوش، واسديو موھي، مدد علي سنڌي، ج ع منگهاڻي، پروفيسر فتح الله صديقي، مشتاق گبول، صادق فقير ۽ مشتاق بخاري جي شخصيتن ۽ تخليقي سفر تي لکيل مضمون وڏي محنت سان لکيا ويا آھن. ليکڪ پاران ”جديد سنڌي شاعري ۽ ان جو معيار“ جي نالي سان لکيل طويل مقالو پڻ اھميت جوڳو آھي.
Title Cover of book موتي ميڙيا مون

وفا غريب سهي بي ضمير ناهي ڙي

جديد سنڌي شاعري ۾ غزل جي صنف ۾ ڪيترن شاعرن پاڻ مڃايو آهي. پر سنڌي جديد غزل ۾ وفا ناٿن شاهي ساهه وِڌو آهي. وفا ناٿن شاهي جو غزل عمدو ۽ اعليٰ پايي وارو آهي. وفا غزل ۾ نوان تجربا ڪيا آهن. سنڌي جديد غزل کي مٿاهون ۽ نمايان رکيو آهي. وفا جديد سنڌي غزل کي تاج پهرايو آهي. جنهن سان غزل من موهيندڙ، دل کي ڇهندڙ، نازڪ، نفيس ملائم ٿي پيو آھي.

ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان.
نرم سهي بي ساهه ته ناهيان.

ايڏو ڇو ٿا ڇرڪو مونکان،
مان دوزخ جي باهه ته ناهيان.

نيٺ خطا ٿي ويندي مونکان،
آدم هان، الله ته ناهيان.

قيد ٿيا سوني پڃري ۾،
واڻيي جو ويساهه ته ناهيان.

ڇو ٿا مونکي ڦاهيءَ چاڙهيو،
ايڏو حق آگاهه ته ناهيان.

”سندس انداز بيان ڏاڍو رنگين ۽ پيارو آهي، ذوق جماليات جو عنصر به سندس ڪلام ۾ جام آهي. ان کي اگر معتدل ۽ محتاط انداز ۾ نه رکبو ته پوءِ فن کان متجاور ٿي وڃي ٿو ۽ ممڪن آهي ته اهو ناقابل برداشت حدن تائين پهچي وڃي. هر صنف تي وفا جا تجربا موجود آهن، غزل نظم، آزاد نظم، رباعي قطعي وغيره ۾سندس خيال آفريني پسنديده حدن تائين موجود آهي“ (1)
اک جي رستي تان کڻي ڇڏ مونکي.
دل جي بندوق هڻي ڇڏ مونکي.

ڇو ٿو ٺڪرائين ننڌڻڪن وانگر،
ڪنهن جي ڌڻ سان ته ڌڻي ڇڏ مونکي.

پيار جا پنڌ، جبل جون چاڙهيون،
آهه تڪليف گهڻي، ڇڏ مونکي.
*
مونکي دُنيا وفا وفا ٿي سڏي،
معجزو تنهنجي پيار جو آهي.
”ياد رکڻ گهرجي ته شاعري ۾ ڪچي جي ٻولي، پڪي جي ٻولي، پڪي جي ٻولي يا شهري ٻوليءَ جي ووڪيو بليري استعمال ڪرڻ سان ڪوبه وڏو يا ننڍو شاعر ناهي بڻجي سگهندو. اصل ڳالهه شاعر جي گهرائي ۽ بيان جي بيساتگي، جنهن جي بنياد تي شاعر جي عظمت جا ماڻ ۽ ماپا مقرر ٿيندا آهن. ها! ائين ضرور آهي ته شاعر جنهن ٻوليءَ کي اظهار جو ميڊيم بڻائيندو آهي، هن کي ان جو پارکو ۽ محافظ ضرور هجڻ گهرجي. ان سطح تي ’وفا‘ کي ووٽ آهي ته توڙي جو سنڌي ٻولي هن جي ماءُ ٻولي ڪانهي، پر ان ئي ٻولي ۾ هن بيساخته شاعري ڪري آئوٽ سائيڊ شاعر سڏرائڻ کان پاڻ کي بچائي ورتو آهي ۽ ننڍپڻ کان، سنڌ جي خاص ڪري رُورل ايرياز ۾ رهڻ ۽ پرورش پائڻ سبب هن سنڌ جي وستين واهڻن، ثقافت، لوڪ داستانن، روماني ڪردارن، اهڃاڻن ۽ تمثيلن کي پنهنجي تخيل جي مٽيءَ ۾ ڳوهي سموهي، هر سطح تي پاڻ کي هن ڌرتي جو ڄائو شاعر ثابت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي آهي. (2) هو ڌرتي جو غيور شاعر هيو، سڄي عمر سنڌي ٻولي سنڌي عوام ۽ سنڌيت سان سچو رهيو وفا ڌرتي جو شاعر هو.
ٻڌي ڪفن ۾ کڻي ويو هزار ڏک تنهنجا،
تتي ٿڌي ۾ ويو جو توسان نباهي ڙي.
*
رستن مٿان ڪاوا اُڀا
منهنجا اُگهاڙا پير ٿئي.
وفا ناٿن شاهي رومانوي شاعري ۾ ته ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. نوان خيال نيون تشبيهون، وفا جي شاعري جو پهريون مرڪز آهي. هر غزل ۾ نئون رنگ آهي. هر سٽ ۾ ساهه آهي، هر خيال ۾ چاهه آهي، غزل جو گلاب شاعر آهي.
وئين جڏهن پير پائي باغ ۾.
باغ پيو پاسا ورائي باغ ۾.

رنگ ۽ خوشبو جي پٺيان رُلي،
پاڻ کي ويٺس وڃائي باغ ۾.

تنهنجي واعدن سان ڪچهريون ٿو ڪريان،
آس جي چادر وڇائي باغ ۾.

تون ڀي وئين گل ڀي ويا هاڻي مٺا،
ڪير ويٺو ڌوڙ پائي باغ ۾.

بند اکيون موسم گل جون وفا،
ڪو پيو ڪپڙا مٽائي باغ ۾.

”وفا ناٿن شاهيءَ جي شاعريءَ، غزل جي اهڙي روايتي ماحُول ۾ هر ڀيري تخيلقي تازگيءَ جو احساس پئي ڏياريو آهي، هن جا سوين شعر زبان زد عام آهن ۽ اهي پنهنجي سادگيءَ معصوميت ۽ سچائي سبب پڙهندڙن جي دل ۾ ڌڙڪن وانگر رهن ٿا. ان جو سبب آهي، هن جي سادي کان سادي شعر ۾ به، موجود بي پناهه گهرائي، بي انداز وسعت ۽ بي مثال تخليقي حسن. فني سماجي شعور ته هن جي شعر ۾ درياهه جي ٻن ڪنارن وانگر گڏوگڏ هلي ٿو. هن وٽ لفظ مُئل، مردار، غير متحرڪ ۽ بي معنيٰ نه آهن، بلڪه زندهه متحرڪ ۽ با معنيٰ آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن جي شاعريءَ جي ذري ذري ۾ زندگي پنهنجي پوري حُسن ۽ ڀريل سيني جهڙي مقناطيسي ڇِڪ ۽ ڪشش سان موجود آهي. هو سنڌيءَ جو واحد شاعر آهي، جنهن هزارين غزل لکيا آهن ۽ انهن غزلن، دلين جا اُهي اُهي قلعا فتح ڪيا آهن. جيڪي اڃان تائين ته ڪنهن سڪندراعظم جي نصيب ۾ به نه آيا آهن. (3)
برسي پئي برسات وڃين ٿي ڪاڏي!
حيرت ۾ اڌرات وڃين ٿي ڪاڏي!
*
سنهيون آڱريون ۽ ڇلا موڪرا،
پريشان سڀ ڇوڪريون ڇوڪرا.
*
بي عيب بدن تنهنجو، سنڊول بدن تنهنجو،
ناياب بدن تنهنجو، انمول بدن تنهنجو .
*
لڙڪ منهنجا تنهنجي رُخسارن مٿان،
سنگ مرمر تي ٽٽل ڳانيءَ جيان.
*
اکيون پور نه ٿيندو ڪر،
دل کان دور نه ٿيندو ڪر.

سڀ ڪو حاتم ناهه وافا،
سوچي جهول جهليندو ڪر.
*
زندگي فڪر خام، ڇا ڪريون،
خودڪشي ڀي حرام ڇا ڪريون.
مئڪشن جو وضو شرابن سان،
مئڪشي پيش امام ڇا ڪريون.

تون اکيون ئي نه ٿو ملائين وفا!
توسان دل جو ڪلام ڇا ڪريون.
*
بدن ۾ جيستائين ساهه رهندو،
اسان جو توسان چريو چاهه رهندو.
*
ڪڙي هئي ٽوهه جي هر ڦاڪ وانگر زندگي پنهنجي،
مگر ماکيءَ جيان ڪوڙن ڪسارن مان لنگهي وياسين.
وفا ناٿن شاهي سنڌي جديد شاعري جو هڪ اهم نالو آهي، جنهن پنهنجي قلم سان سنڌي غزل جو مان اوچو ڪيو. ان ۾ خوشبو پکيڙي هر سٽ کي مھڪايو پنهنجي فن کي صدين تائين زندهه رکيو.
نه فرض پالي سگهان ٿو، نه پيار ساهيڙي!
ٻُڌاءِ اهڙِي جيئڻ مان مراد ڇاهي ڙي!
هو تنهنجا ٿورا نه لاهي سگهيو ته ڳائيندو،
وفا غريب سهي، بي ضمير ناهي ڙي.



[b]حوالا ۽ مدد ڪتاب
[/b]1. مهراڻ شاعر نمبر سنڌي ادبي بورد ڄام شورو 1990ع ص 67
2. ’وفا‘ وفا ناٿن شاهي روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2003ع ص 19،20.
3. ’وفا‘ وفا ناٿن شاهي روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2003ع بئيڪ ٽائيٽل لکندڙ اسحاق سميجو
4. ’وفا‘ وفا ناٿن شاهي روشني پبليڪيشن ڪنديارو 2003ع.