حضرت سچل سرمست جي مذهبي رواداري
سچل سچ جي پاسي آهي. ”آڳاٽي زماني ۾ انسان جو پهريون ويساهه جادو (magic) منتر (Harms) ڏائڻين (Witches) ڀوتن، پرين ۽ قدرتي نظارن ۾ هوندو هو، تن ۾ هُن جو ويساهه هو. اهي ويساهه پوءِ روايتن طور هلندا رهيا ۽ انهن جي سمجهائڻ جو ڪم قبيلن جي داناءُ ماڻهن جو هوندو هو. جڏهن انسان ۾ سوچ وڌيڪ پيدا ٿي، ضرورتون وڌڻ لڳيون، تڏهن انهن قدرت جي قائم ڪيل حقيقتن، خيالن، راين، تعلقاتن کي معلوم ڪيو ۽ پرکيو. جيئن چيو ويندو هو ته جيڪڏهن چانڊوڪيءَ ۾ پوک ڪبي ته فصل ڀلو ٿيندو، جي اونداهين ۾ پوک ڪبي ته فصل سٺو نه ٿيندو. اهي سڀ بي سمجهيءَ جا عقيدا هئا. (1)
عقل ۽ عقيدو جدا جدا شيون آهن، ڪي ماڻهو عقيدي جي تقليد ڪن ٿا، بنا ڇنڊ ڇاڻ جي عقيدي کي عقل جي ميزان ۾ تورجي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪجي بعد ۾ عقيدي کي اپنائڻ گهرجي. سچل عقل کي اڳيان رکي مذهب کي اپنايو آهي. سچل جي سيني ۾ عشق آهي، عشق ئي سچل کي منزل تي پڄايو آهي. عشق ئي راهه جو رهبر اٿس، مجازي عشق کي حقيقي عشق جي پل چيو ويندو آهي. سچو عشق ئي زندگي تبديل ڪري چڱائي ڏي وٺي وڃي ٿو. برين عادتن ۽ خرابين کان روڪي ٿو.
سچل پنڌ عشق دا سچا، ٻيا ڪل پنڌ اجايا.
سنڌ جو ناميارو محقق پير حسام الدين راشدي لکي ٿو:
”سچل مان سمجهان ٿو ڪيترين ڳالهين ۾ اسان جي شاهه لطيف کان تمام گهڻو مٿي آهي. هن لحاظ کان مٿي آ ته شاهه پنهنجو پيغام فقط پاڻ تائين محدود رکي ٿو، پاڻ ئي ان جو شارح ۽ پاڻ ئي ان تي تڪميل ٿئي ٿي. ليڪن سچل پنهنجي زماني کان وٺي ويندي اڄ تائين ۽ مون کي يقين آ ته هن کان پوءِ به جيڪو سنڌي شاعري ڪندو اهو سچل جي پيغام کي اڳتي وڌائيندو.“ (2) سچل جو فڪر وسيع آهي. مختلف ڪيفيتن ۾ لکيو اٿس. هر شاعر جي لکڻ جو انداز الڳ هوندو آهي. سچل جو فڪر ٻين شاعرن تي به حاوي ٿيو آهي. روحل فقير به اهي رمزون ورتيون جيڪي سچل ورتيون هيون سچل چوي ٿو:
نينهن واري نماز جو عشق ٿيو امام،
نڪو اٿڻ نه ڪو ويهڻ نڪو آهي قيام،
سجدو ۽ سلام، پنهنجو ڪيوسين پاڻ کي.
روحل چوي ٿو:
ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀرين ابتا پير،
هڪ هندو ٻيو مسلمان، ٽيو وچ وڌائون وير،
انڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،
پر روحل راهه پرين جي جان گهڙي ڏٺوسين گهير،
ته رب مڙني ۾ هيڪڙو جنهن ۾ ڦند نه ڦير،
سا ڪاڏي ڪندي پير، جا ستي ڪعبت الله ۾.
سچل سجاڳي ۽ آزاد خيال ڏيندڙ شاعر آهي. ”سچل جهڙو آزاد خيال شاعر سنڌ ۾ ٻيو ڪونهي، ”سچو راهه ڪفر دي سانون مرشد آپ بتايا.“ ”دين ڪفر، اسلام ڇڏڻ درڪار“ هو محسوس ڪري ٿو ته ظاهري مذهبن پابندين جو ٻوساٽيندڙ قفس آهي جنهن ۾ زنده دل آزادي جو ڪوڏيو پکي پل به گهاري نه سگهندو.“ (3)
ڏسو عشق جو انصاف
سڀئي مذهب ڪيئن معاف
مڪي جا وڻ مقصد ڪيهو
ڪر اندر تن طواف
وادي ۾ وحدت جي
جُڙي لام نه ڪاف
الا انسان سري واناسره
غازين آهي غلاف.
جوئي مذهب عشق جو
سوئي آهي صاف
”سچو“ انهيءَ ڳالهه ۾
خس نه آهي خلاف.
سچل وڏو عاشق پرست هو، سچل سچو عاشق، هو لالچ کان پري نفرت جو مخالف، انسان جي چڱائي جو حامي ۽ پراين جي خلاف هيو. ”سچل حق پرست، اعليٰ دماغ، فراخ دل، همدرد انسان هو. اقتدار جو مخالف، دنڀ ۽ فريب جو دشمن آزاد خيال ۽ بي ڊپو شخص واجهه وجهي به ڳوليو نه لڀي. هن وقت هجي ها ته انقلابي بڻجي پوي ها. سندس صدق ۽ دل جي صفائي ۽ قربُ سنگدل کي موم بڻايو ڇڏي.“ (4) سچل بغض رکڻ وارو ناهي سچي دل سان سڀ ڪجهه چيو ڇڏي.
مذهبن ملڪ ۾، ماڻهون منجهايا،
شيخي پيريءَ، بزرگيءَ بيحد ڀلايا،
ڪي نمازون پڙهن نوڙي، ڪن ممبر وسايا،
اوڏا ڪين آيا عقل وارا عشق جي.
*
بزرگ شيخ مشائخ يارو، نا مخدوم ٿياسين،
نڪي قاضي نڪي مُلا، معلم پير بڻياسين،
نڪي ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهي، رنگ رساهه رکياسين،
”سچل“ ٻاجهو عشق الله جي، نه ڪوئي هنر سکياسين.
سچل جي شاعريءَ ۾ مذهبي رواداري، عشق ۽ صوفيت نظر اچي ٿي. هو خاموش ويهندڙ شاعر ناهي حق ۽ سچ چوندڙ شاعر آهي. سندس شاعريءَ جا فڪري رخ وسيع آهن. جيڪي انسان ذات جا همدرد آهن. سچل عشق ۾ هر شيءِ ڇڏي ڏئي ٿو. ڳچي ۾ ڳارو وجهي منصور جي محبت ۾ گرفتار ٿو ٿئي.
عقل علم سڀ ڇوڙ ڏتوسين، عشق ڏنو اولارو،
محبت مؤن منصور وجهايو، ڳچي جي وچ ڳارو.
حضرت سچل سرمست مذهب جو انڪاري ناهي، سچل مذهب جي خراب روين ۽ غلط رسمن جو انڪاري آهي. تڏهن ته خود چوي ٿو.
ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، آئون جو ئي آهيان سوئي آهيان،
ڪو مؤمن چوي ڪو ڪافر چوي، ڪو جاهل نالو ظاهر چوي
ڪو ساحر چوي ڪو شاعر چوي، آئون جو ئي آهيان سوئي آهيان.
ڪو پنٿ چوي ڪو سنت چوي، ڪو باغ بهار بسنت چوي،
ڪو ميراثي ڪلونت چوي، آئون جوئي آهيان سوئي آهيان.
ڪو مُلا چوي ڪو قاضي چوي ڪو مفتي چوي ڪو غازي چوي،
ڪو روزيدار نمازي چوي، آئون جوئي آهيان سوئي آهيان.
ڪو رد چوي ڪو بد چوي ڪو بيديني بيحد چوي،
ڪو مشرڪ ڀي ملحد چوي، آئون جو ئي آهيان سوئي آهيان.
ڪو صورت ۾ انسان چوي، ڪو شر ڀريو شيطان چوي،
ڪو بزرگ ڪو مستان چوي آئون جوئي آهيان سوئي آهيان.
ڪو خاص چوي ڪو عام چوي ڪو پختو ڪو خام چوي،
ڪو ”سچو“ سچو نام چوي آئون جوئي آهيان سوئي آهيان.
سچل چوي ٿو اوهان کي جو چوڻو آهي اهو چئو ملحد چئو، ڪافر چئو مسلمان يا مستان چئو، ملا چئو، قاضي چئو آئون جيڪو آهيان اهو ئي آهيان. سچل سرمست پنهنجي وقت جو بيباڪ شاعر آهي. هو جتي هر جاءِ جانب جو جلوو پسي ٿو، اتي هو مستيءَ واري حالت ۾ پاڻ کي حق چوڻ واري حجت به ڏاڍي بي ڊپائي مان ساري ٿو. سرمست جي ڪلام ۾ ان جا به ڪيترائي مثال موجود آهن. هو چئي ٿو ته مالڪ پاڻ آدم جو پوش پائي آيو آهي. ان لاءِ هو جٿي ڪٿي پاڻ آهي. هو ئي منصور آهي ته هو پاڻ ئي ان جي خلاف فتويٰ جاري ڪندڙ آهي. مطلب ته هر رنگ ۽ هر منظر ۾ ”حق“ پاڻ ئي موجود آهي. اها صوفين جي آخري منزل فنا جو حال آهي. فنا ۾ ئي سالڪ کي بقا حاصل ٿئي ٿي ۽ هو ان منزل تي خود حق جو پرتو بڻجي پوي ٿو. در حقيقت اها ئي اُها منزل آهي.“ (5)
ڪن مڙيئي قتلام، پاڻ ڪريان جي پڌرو،
جدا جماعت کان، آهيان پاڻ امام،
دم نه اڳيون دين ٿيو، ڪفر نه ڪو اسلام،
فارغ هو وڻ فرض ڪنون، سنت کي سلام،
سچو آيو سچ ۾، ناهي حلال حرام.
*
نه ڪا مسجد تڪيو، نه ڪو ٽڪاڻو،
تاتي ٿين ٿاڻو، جاتي ”مون“ ”تون“ ناهه ڪا.
”ڪلچر جو وجود انسان جي عملن تي دارومدار رکي ٿو. ان جي بقا ۽ مدد به ساڳي طريقي سان ٿي سگهي ٿي. ڪلچر کي سرشتي (System) ۾ آڻڻ واري شيءِ خود فطرت (Nature) آهي. جنهن ڪلچر کي عام طريقو (Comman way) يا (Gneral way) جوڙ جڪ (Structure) ۽ ڪارڪردگي (Behaviour) ڏنا آهن، ان جوڙ جڪ ۾ انساني جسماني جوڙ جڪ ۽ ان جون صلاحيتون موجود آهن.“ (6) سچل جي ميرن حڪمرانن سان عليڪ سليڪ هئي. سچل انهن جي تابع نه هو، ڇو ته ان کي لالچ ڪا نه هئي. سچل ان دور ۾ غلط رسمن، ڪوڙن ملن، پنڊتن، پادرين جي ڊوهي عملن کي رد ڪيو. انساني چڱائي ۽ انسانن جي حقن جي ڳالهه ڪئي. سچل فقيرن غريبن درويشن ۽ حقيرن جو شاعر آهي. سچل جي شاعري ۾ ٻه فلسفا عام آهن، هڪ عشق ۽ ٻيو مذهب، لطيف جو فڪر ڳوڙهو فڪر آهي ته سچل جو فڪر ۽ فلسفو عام ۽ آسان آهي. سچل جي شاعري سنڌي، سرائڪي، فارسي، اردو ۽ پنجابي ۽ ٻين ٻولين ۾ ملي ٿي. ”سچل سرمست جي شاعريءَ جو هڪ مکيه نقطو وحدانيت آهي، جنهن کي سمجهائڻ لاءِ هن جي شاعريءَ جو ڳچ حصو وحدانيت جي چوڌاري ڦري ٿو. سنڌي اساسي شاعرن ائين به وحدانيت / پاڻ سڃاڻڻ واري فلسفي جي گهڻي اپٽار ڪئي آهي، پر سچل سرمست انهن سمورن ۾ ٻين کان ڪجهه وڌيڪ اڳتي آهي. هو حق جو سچو عاشق آهي. ان ڪري هو ڪٿي به ”پاڻ کي“ ڪجهه به نه ٿو سجهي. بلڪ هن جي نظر ۾ اهو شرڪ آهي ته هن کي پاڻ کي جدا جدا سمجهي. سچل جي نظر ۾ خدا ۽ بندو هڪ آهي. (7)
اول ڪفر پوءِ مڃڻ، پوءِ منجهه اسلام،
مُلا سمجهين ڪين ڪي، تون محبوبن جي مام،
ڪهج هي ڪلام، جيڪي ناقصئون نِگيا.
سچل سرمست عشق جو امين شاعر آهي. فن ۽ فڪر ۾ عميق آهي، احساس ۽ جذبي جو سفير شاعر آهي: ”سچل سرمست جو فڪر انسان پر، انسان شناسي، خلوص سهپ، رواداري، امن، سُک ۽ شانتيءَ جو درس ڏئي ٿو. هو فرد جي شخصي احترام جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ فرقي پرستيءَ کي نندي ٿو. هن جي نظر ۾ انسان جو درجو اعليٰ آهي، تنهن ڪري انسان کي غصي، نفرت، ڪيني، حسد ۽ فرقي پرستيءَ جي بنياد تي سماج ۾ ڀڃ ڊاهه نه ڪرڻ گهرجي. بلڪه سچل سائين جي فڪر موجب انسان کي هن دنيا اندر پنهنجو مرتبو جيڪو هن کي شعور، سمجهه ۽ ساڃاهه جي طفيل عطا ٿيو آهي، سڃاڻڻ گهرجي.(8)
سچل جو پيغام ڏسنداسين ته اهو آسان آهي، گهڻو ڪو منجهيل نه آهي، سندس فڪر سمجهڻ ۾ آسان آهي. ”ڪو لرج شيڪسپيئر جي ڊرامن کي ذهن ۾ رکي چيو Willing suspension of dibbers life جو وجود آهي يعني پڙهندڙ پنهنجي غير يقيني ڪيفيت يا راءِ ۽ سوچ کي ٿورڙي دير لاءِ رضاڪارانه طور تي معطل ڪري آرٽ مان لطف وٺي ٿو پڙهندڙن ۾ پنهنجي راءِ کي معطل ڪرڻ جي جيتري صلاحيت هوندي اوترو ئي فن جي گهرائيءَ ۾ وڃي سگهجي ٿو ۽ ان مان مزو ماڻي سگهجي ٿو.“(9) مقصد پائي سگهجي ٿو، سڪون وٺي سگهجي ٿو، منزل تي پهچي سگهجي ٿو.
ڪيڙو مست پرين جي، کڻي ناز مون کي،
وسريو روزو، ناهي ياد نماز مون کي.
شوق شراب پيان، پڙ وٽ راتو ڏينهان،
ڪونهي وري قاضي مُلان جو ڪو لحاظ مون کي،
نيڻن ننڊڙي حرام آهي، تان روز ازل،
سرندو سوز سڄڻ جو آهي ساز مون کي.
وائي وات ڪهائي مئيءَ کي جيڪا پرين،
اچي وري ”هُو هُو“ پرين جو ٿو آواز مون کي،
سچل مقصد سارو تون هي تون هي الله،
ڏس ڪو راز پنهنجي جو ڪو نياز مون کي.
حضرت سچل سرمست جو فڪر، فهم، ادراڪ ۽ خيال عام آهي. جيڪو هر ماڻهو آساني سان سمجهي سگهي ٿو. عشق جي جام پيئڻ جي تلقين ڪري ٿو.
جنهن دل پيتا عشق دا جام سا دل مستوو مست مدام.
حوالا ۽ مددي ڪتاب
1. پٺاڻ، غلام حسين. تحقيق جو فن. سنڌي ساهت گهر 2007ع. ص8.
2. راشدي، پير حسام الدين ساريم اڄ سنگهار سهيڙيندڙ سيما 2007ع. ص18.
3. مورائي، رکيل مرتب سنڌ جو سرمست. ليکڪ اسانند مامتورا ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ 2009ع. ص 32.
4. تيرٿ بسنت، سنڌ جو سرمست مرتب (رکيل مورائي) ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ 2009ع. ص 31.
5. بخاري، مخمور. سچل سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر. ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، 2015ع. 334.
6. ٻوهيو، الهداد سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ2011ع صا 202 .
7. بخاري، مخمور سچل سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر. 2015ع. پبلشر نوٽ عبدالعزيز عقيلي صه 7.
8. تنيو، گل محمد (مرتب) سچل جو ڪلام. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو2005ع.
9. بيگ، مرزا علي قلي رسالو ميان سچل فقير جو. ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ2008ع.
10. آغا، غلام نبي گل حسن خان صوفي سچل سرمست. ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ2015ع.
11. بدوي، لطف الله ڪنڊڙي وارن جو ڪلام. سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو2006ع.