لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

موتي ميڙيا مون

ھن ڪتاب ۾ مير حاجن مير سنڌ جي اھم ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون لکيا آھن جيڪي پڙھڻ وٽان آھن. شاھ لطيف، قلندر شھباز، سچل سرمست، استاد بخاري، سامي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، محمد ابراھيم جويو، وفا ناٿنشاھي، ارجن حاسد، احمد خان مدھوش، واسديو موھي، مدد علي سنڌي، ج ع منگهاڻي، پروفيسر فتح الله صديقي، مشتاق گبول، صادق فقير ۽ مشتاق بخاري جي شخصيتن ۽ تخليقي سفر تي لکيل مضمون وڏي محنت سان لکيا ويا آھن. ليکڪ پاران ”جديد سنڌي شاعري ۽ ان جو معيار“ جي نالي سان لکيل طويل مقالو پڻ اھميت جوڳو آھي.
Title Cover of book موتي ميڙيا مون

نئين ڪويتا جو شاعر واسديو موهي

شاعري سڀني لطيف فنن جو روح ۽ سڀني کان اُتم آهي. شاعري کان موسيقيءَ جو درجو گهٽ، موسيقي کان مصوري جو درجو گهٽ، مصوريءَ کان بت تراشيءَ جو درجو گهٽ، بت تراشيءَ کان عمارت سازي جو درجو گهٽ آهي.(1)
جديد سنڌي شاعري ۾ نظم پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جي پيداوار آهي. نظم جا چار نمونا لکيا وڃن ٿا.
1. نظم
2. آزاد نظم
3. نثري نظم
4. تجريدي نظم
پهرئين دور ۾ سنڌي شاعري ۾ نظم قبول نه پئي ڪيو ويو ۽ ان کي مڃرائڻ ۾ ڪافي تڪليفون شاعرن کي پهتيون. روايتي شاعرن جو چوڻ هو ته نظم شاعري ناهي. ٻي پاسي، جديد شاعرن ان کي شاعري تسليم ڪيو نظم لکيو. نظم ۽ آزاد نظم وزن ۾ لکيو ويندو آھي ليڪن ان ۾ قافين رديفن جي ڦير غير جي اجازت هوندي آهي.
جڏهن ته نثري نظم ۾ وزن جي ڪا پابندي نه آهي ۽ ته ان ۾ خيال جي پختگي، گهرائپ مقصديت هئڻ گهرجي، خالي نثري سٽون نه هجن.

[b]نثري نظم ڇا آهي؟
[/b]”نثراڻو نظم شاعري جي هڪ اهڙي صنف آهي جيڪا هڪ اهم ضروري پيغام کي پابندي شاعري جي صنف ۾ لکي سگهڻ جي ڪري، ٿورڙي رعايت سان نثراڻن لفظن کي شاعراڻي انداز ۾ بيان ڪري پنهنجو سنيهو ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. شاعري جي هيءَ صنف وزن ۽ بحر جي پابندين کان آجي آهي.
مان جي سرمد هجان ها، ته قطب مينار جي
چوٽي تي چڙهي نغارو وڄائي چوان ها
جاڳو اي ننڊ ۾ الوٽ انسانو جاڳو
پنهنجن حويلين ۽ حجرن مان
هو چوڏهين جو چنڊ ڏسو
جي سانوڻ جي گهٽائن ۾ ڇپي ويو آهي
۽ جي ان ڪري اورنگزيب جي هٿان ماريو
وڃان ها ته مون کي افسوس نه ٿئي ها
اگهاڙپ اوڇڻ ٿيندي آهي بي عيب انسان جو
پر ٻن رباعين لاءِ رڳو جلاد اڳيان سر
جهڪائڻ زندگيءَ جو ڪهڙو نه اجايو اڪلاء آهي!“
(شيخ اياز)(2)
موجوده دور ۾ نثري نظم کي نئين ڪويتا سڏيو وڃي ٿو، ڪن شاعرن کي اعتراض آهي ته ان صنف کي نثري نظم سڏيو وڃي، اڪثريت شاعرن جي اها راءِ آهي ته انهيءَ کي نئين ڪويتا سڏيو وڃي. انڊيا ۾ سنڌي شاعرن نثري نظم کي نئين ڪويتا جي نالي سان لکيو آهي ۽ انڊيا ۾ ڪجهه ڪتاب نئين ڪويتا جي نالي سان به ڇپيا آهن. هن وقت سنڌ ۾ اڪثريت سان نئين ڪويتا لکي وڃي ٿي.
واسديو موهي غزل سان گڏ نئين ڪويتا لکي آهي، جيڪا خوبصورتي ، نواڻ، خيال، مقصد سان ڀرپور آهي. واسديوَ موهي جي ڪتاب ”ريل جي پٽڙي ميري“ ۾ غزل ۽ ڪوتائون آهن. واسديو نثري نظم ڪوتا جي نالي سان لکيا آهن. واسديوَ موهي جي ٻئي ڪتاب ’چهنب ۾ ڪک‘ غزل ۽ ڪوتا تي مشتمل آهي. نئين ڪويتا سان نڀاءُ واسديوَ موهي ڪمال جو ڪيو آهي. جنهن سان نئين ڪويتا پنهنجي حيثيت ماڻي چڪي آهي.

[b]رشتو[/b]
بابو ڳوڙها ڳاڙڻ تي
سخت چڙندو آهي
مامي جي گهر جو در
رڌڻي جي دريءَ کان نظر ايندو آهي
روز ڏهين بجي
مامو آفيس لاءِ نڪرندو آهي
امان دريءَ وٽ بيهي
بصر وڍيندي آهي.
ورهين کان
ڏهين بجي
مان ساڳيو نظارو ڏسندو آهيان
امان بصر وڍيندي ڳوڙها ڳاڙيندي آهي...!
*

[b]جياپو[/b]
مون کي ٻوليون وڻنديون آهن
پر ٽن کي پيار ڪندو آهيان
انگريزي کي
مونکي روٽي ڏيندي آهي
هنديءَ کي
مون کي ديس سان جوڙيندي آهي.
سنڌيءَ کي
مون کي سپنا ڏيندي آهي.
”موهيءَ جو پنهنجو پيچرو پري پري کان ڏيکاري ڏيڻ لڳو آهي. شروع شروع ۾ نئين ڪوتا لکندي، سندس شعاع پري کان پڌرو هو. ڀاوَ، ٻوڌ، لهجو، معنوي سمپورڻتا، سهج سرل مزاج، هر ڪنهن جو شعور ته نه ٿو پهچي. فن ۽ فڪر جو ڪٿي به ڇيهه ڪونهي ڪنهن سان ڪا ڀيٽ ڪانهي“(3) وا سديوَ موهي سنڌي شاعري پنهنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ رکڻ وارو شاعرآھي هن جي شاعري ۾ جدت به آهي فڪر به آهي. ڌرتي کان ڏور رهڻ جو صدمو اڃا سهي پيو ۽ لکي ٿو:

[b]پيرَ[/b]
مان ڌرتي منهنجي امان ڳايان،
آسماني پنن تي
ان جي ڪوتا لکان
پنهنجي گهميل اک سُڪائڻ لاءِ ليڪن
اُن جي گود
ڪٿان آڻيان
مٽيءَ جو سڳنڌ ماڻيان
مينهن پوي جي...
هن ريتيلي ملڪ ۾
بارش سڙڪن تي
صرف غاليچو بڻجي
جنهن زمين تي
منهنجا پير هئا
منهنجي ڀاءُ اُتان ڌڪي ڇڏيو
اڃا
ٻيءَ تي ٽڪيائي مس
چلهه گم ٿي ويئي
هاڻي هي پير
هوا ۾ آهن.
واسديوَ موهي غزل ۾ به پاڻ ملهايو آهي، پر مون سندس نئين ڪويتا تي ڪجهه لکيو، ان ڪري ته هن صنف تي گهٽ لکيو ويو آهي. واسديي جي نئين ڪويتا پڙهڻ سان من کي سڪون ملي ٿو ۽ دل چوي ٿي هر هر ان کي پڙهجي، ان مان مقصد ماڻجي ۽ هن جون ٻيون ڪيئي نيون ڪوتائون آهن جيڪي پڙهڻ گهرجن. سسئي ۽ ليلا، سنڌي، خون، سورميون، هٿ، ترقي، ورڇيل، سزا، وڻ، کير، ٽماٽي جي ڦار، جلندڙ گهر ٻاهران، دوست، دشمن، درجا، شنک، راز ميلاپ سپاهي، ماڻهو، ٽِرپ... ٽِرپ... ٽِرپ، نئون وطن، سمجهاڻي ۽ ٻيو ڪيئي نيون ڪوتائون من ڇهن ٿيون. واسديو موهي جو هڪ طويل نئين ڪويتا ڏئي مقالي کي پورو ٿو ڪريان. دل ته چوي سندس غزل تي هڪ جدا مضمون لکان ها! جي وقت اجازت ڏني ته سندس غزل تي به لکندس ڇو ته سندس غزل ڪمال جو آهي. هتي سنڌؤ جيان وهي پيو ته انڊيا ۾ جمنا جيئن وهي پيو.

[b]وڻ[/b]
پهرين مون ڪهاڙي کان ڪم ورتو،
ٿورو واڪو واڪاڻ کان پوءِ،
نيٺ ڍيري ٿي پيو.
پوءِ مون هن جا ڇوڏا لاهڻ شروع ڪيا،
دک هن کي وڌيڪ ٻٺڪايو.
مان هن کي مِل وٺي ويس،
هو ضرور ڊنو هوندو
پهچڻ شرط هو
ٿاٻڙيو، ڪريو ۽ گولاٽيون کائڻ لڳو
هن کي پڪڙي، مون
وڏيءَ آريءَ هيٺان ڌڪي ڇڏيو
چالاڪي ڪري
مون آري جو گانو
گانو
تيز رکيو
هن جا هنياءُ ڏار
سڏڪا
ڪير ٻڌي نه سگهيو
پوءِ... رندو هڻي
مون هن جي ٿولهه گهٽائڻ شروع ڪئي.
(هن جي ڪرڪڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ، مون ڪڏهو ڪو ڇڏي ڏنو هو)

هن جو تنتي سرشتو
چمڪڻ لڳو
مون هن جا عضوا کنيا
اُنهن ۾ ڪو ڪو ٺوڪيا
هن جي ننگائپ کي
چادر سان ڍڪيو
۽ پوءِ
مان هن مٿان ليٽي پيس
مان پر اُپڪاري آهيان
ڏس وڻ!
مون توکي
پکين جي
گندگيءَ کان دور ڪيو
جي تنهنجي ڪلهن تي
آ کيرا ٻڌندا هئا
شور ڪري، تنهنجو سر کائيندا هئا
اُنهن نوريئڙن جي ڇن پٽ کان آجو ڪيو
جي تنهنجي شرير کي
رستا گليون پيچرا سمجهندا هئا.
تنهن کان سواءِ
انهن ڪيڙن ماڪوڙن کان بچايو
جي تنهنجي جسم کي
ڪوري ڪوري کائيندا هئا
سڀني کان وڏي مهرباني
تمام وڏي مهرباني
توکي صرف هڪ ٽنگ هئي
ٿوري تيز هوا به
توکي جهڪائي ڇڏيندي هئي
هاڻ
مون توکي
چار ٽنگون ڏنيون آهن.


[b]مددي ڪتاب ۽ حوالا
[/b]1. شمشيرالحيدري. سنڌي شاعري جو اڀياس. ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2012ع ص 70.
2. ميان مير چانديو. سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي هڪ نظر. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2007ع ص 113.
3. واسديوَ موهي ’چهنب ۾ ڪک‘ سنڌي ساهتيه اڪيڊمي انڊيا 2001ع ص 5.
4. واسديو موهي ’ريل جي پٽڙي ميري‘ تخليق پبليڪيشن انڊيا 2009ع.
5. واسديوَ موهي. چهنب ۾ ڪک 2009ع