لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

موتي ميڙيا مون

ھن ڪتاب ۾ مير حاجن مير سنڌ جي اھم ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون لکيا آھن جيڪي پڙھڻ وٽان آھن. شاھ لطيف، قلندر شھباز، سچل سرمست، استاد بخاري، سامي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، محمد ابراھيم جويو، وفا ناٿنشاھي، ارجن حاسد، احمد خان مدھوش، واسديو موھي، مدد علي سنڌي، ج ع منگهاڻي، پروفيسر فتح الله صديقي، مشتاق گبول، صادق فقير ۽ مشتاق بخاري جي شخصيتن ۽ تخليقي سفر تي لکيل مضمون وڏي محنت سان لکيا ويا آھن. ليکڪ پاران ”جديد سنڌي شاعري ۽ ان جو معيار“ جي نالي سان لکيل طويل مقالو پڻ اھميت جوڳو آھي.
Title Cover of book موتي ميڙيا مون

نارائڻ شيام جي غزل تي هڪ نظر

سنڌي ٻولي ۾ سنڌي هندن جو ادبي ڪم تاريخي آهي. ڪن تاريخ تي لکيو ته ڪن ڪهاڻي، شاعري، ناول، درسي ڪتابن، تنقيد ۽ لغات وغيره تي پاڻ ارپيو.
سامي، صوفي دلپت راءِ سيوهاڻي، ديوان ننديرام سيوهاڻي، منشي اڌارام ٿانو داس، ديوان ڪوڙومل چندن کلناڻي، پرمانند ميوارا ۾، ڪشن چند بيوس، ريٽا شاهاڻي، رشي ڏيارام گدومل، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، امر لعل هنگوراڻي، ڄيٺمل پراسرام گلراجاڻي، لعل چند امر ڏنو مل جڳتياڻي، ديوان خانچند شاماس منگترام واسواڻي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، نارائڻ داس ميوارام واسواڻي، چندا سنگهه شاهاڻي، ديوان وطڻ مل سيوهاڻي، هوندراج دکايل، هري دلگير، هري موٽواڻي، لڇمل ڪومل، واسديو موهي، موتي پرڪاش،
آنڌي ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي،
مٽيءَ مان سون بنائڻ وارا سنڌي.
(موتي پرڪاش)

گورڌن محبوباڻي ڀارتي، وينا شرنگي، چيتن ماڙيولا سيوهاڻي، لعل پشپ، سترام داس سائل، گوبند مالهي (بنياد وجهندڙ سنڌي ادبي سنگت)، پروفيسر رام پنجواڻي، ڊاڪٽر سدا رنگاڻي (خادم) سڳن آهوجا، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، ڊاڪٽر مرلي ڌر ڪشنچند جيٽلي، ۽ ٻيا ڪيئي نالا اچي وڃن ٿا جن ادبي ميدان ۾ پاڻ مڃايو آهي.
ٻئي پاسي ڀٽائي جي شارحن جو ڪريڊيٽ به اسان جي هندو ڀائرن ڏي وڃي ٿو. جن ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ۽ ڪلياڻ آڏواڻي اهم آهن.
پاڪستان ڇڏي وڃڻ کان پوءِ سندن خدمتون ادب سان لاڳاپيل رهيون، هو سنڌ جا اصل رهاڪو هيا، مذهبي بنياد تي انهن کي جدا ڪيو ويو، هندستان موڪليو ويو.
نارائڻ شيام ڳوٺ کاهي قاسم تعلقي نوشهري فيروز ۾ 25 جولاءِ 1922ع تي پيدا ٿيو. سندس تخليق ۾ جدت، سادگي ۽ نواڻ آهي، جيڪا وڻندڙ ۽ موهيندڙ به آهي ته خوبصورت به آهي. ”رائيڊن جو چوڻ هو ته رڳو زندگي جو مشاهدو ئي شاعري لاءِ ضروري ڪو نهي بلڪه، ان مشاهدي جي تخليقاتي استعمال سان ئي شاعري وجود ۾ ايندي آهي پر ضروري آهي ته تخيل کي عقل ۽ شعور ذريعي، وزن ۽ قافيي جي مدد سان ضابطي ۾ رکجي. شاعر وٽ فن جو شعور ضروري آهي، پر ته به تخيل بنيادي شي آهي، جيڪا شعر کي زندگي ڏي ٿي. (1)
”نارائڻ شيام غزل ۾ نوان تجربا ڪيا، ”غزل عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: عورت سان پريم، رهاڻيون ڪرڻ. هيءَ صنف ايران مان / يعني فارسي زبان مان سنڌي زبان ۾ آئي. ان جا اوائلي اهڃاڻ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ملن ٿا. علم عروض جي قائدن ۽ ضابطن وارين صنفن ۾ غزل جي جاءِ مٿاهين آهي.“ (2)
”قصيدي وانگر غزل جو هر بند ٻن سٽن جو ٿيندو آهي، جنهن ۾ شاعر مڪمل خيال سمائيندو آهي. غزل جي هڪ بند جو ٻي بند سان تعلق نه هوندو آهي، پهرين بند کي مطلع، پوئين کي مقطع چيو ويندو آهي. پهرين بند جون ٻئي مصرئون هم قافيه ٿينديون آهن. ٻين بندن جون پويون مصرئون پهرين بند سان هم قافيه ٿينديون آهن. غزل ۾ 5 کان گهٽ ۽ 17 کان مٿي بند نه هئڻ گهرجن.“ (3)
نارائڻ شيام شاعري جي ٻين صنفن سان گڏ غزل جو نڀاءُ ڪيو آهي. ان جي سنڌي شاعري گواهه آهي. شيام غزل جي صنف کي ڪهڪشان ٿي پهچايو آهي.
نه دل پنهنجي نه تون پنهنجو،
سهارو مان وٺان ڪنهن جو.

رڳو مرڪي نهارڻ ڀي،
پرين! توکي لڳو اَهنجو!
*
سڄي جهان جي اوندهه جي زور لائيندي،
ته ڇا چراغ اسان جو ڪوئي وسائيندي.
*
لکندي ھن جا وار کليل ھا،
خط جي خوشبو ھيءُ به ڏسيو پئي.
*
پنهنجو سور سڀن کي هرڪو پنهنجو سور سڻائي،
ڪوئي ڪنهن جي پيڙ نه ڄاڻي، جيسين پاڻ به ساڳي چوٽ نه کائي.
*
تنهن جي هر مُرڪ تان نثار بهار،
ڇا ته رنگيني، ڇا ته رعنائي.
سنڌ جو عظيم شاعر شيخ اياز، نارائڻ شيام سان بي انتها پيار ڪندو هيو، شيخ اياز هڪ ڪتاب سر نارائڻ شيام جي نالي سان لکيو. نارائڻ شيام جي وڇوڙي تي شيخ اياز کي دلي صدمو پهتو، ان صدمي جي شدت ۾ سر نارائڻ شيام لکيائين.
تنهنجي رک کڻي ويون، گنگا جون لهرون،
سنڌوءَ اُٻهريون، ٻانهون ڦهلايون گهڻو.
(شيخ اياز)

شيخ اياز لکي ٿو:
”مون 1965ع واريءَ جنگ ۾ هن کي علامت بڻائي نظم لکيو هو،
هي سنگرام
سامهون آ
نارائڻ شيام...
”ان نظم جي اشاعت تي مون کي جيڪي سهڻو پيو، مون خوشي سان سَٺو ۽ ان کان پوءِ شيام ڄڻ منهنجي وجود جو حصو ٿي چڪو آهي.“ (4) ٻئي پاسي نارائڻ شيام به اهڙو محبت جو اظهار شاعري ۾ ڪندو رهيو.
وطن ڇڏڻ وقت مون ٿي سمجهيو، ڪندو نه ڀلجي ڪو ياد ليڪن،
اياز، احسان، راز پارا، ڪي قرب وارا اڃان به آهن.
ٻٽن لفظن جو استعمال شاعري کي سهڻو بنائي ان ۾ رڌم رواني، ترنم ۽ لسائي پيدا ڪري ٿو. نارائڻ شيام پڻ غزل ۾ اهڙا ڪيئي ٻٽا لفظ استعمال ڪيا آهن، جن سان شاعري ۾ ترنم به پيدا ٿيو آهي ته سلاست به وڌي وئي آهي. جنهن جا ڪيئي مثال موجود آهن.
آهيس لا شعور ۾ ڇا پيڙا ايتري،
هر شخص ڇو لڳي ٿو ائين ئي دُکي دُکي.
*
انڪار جفا، جفا ٿيو پر،
اقرار وفا، وفا نه آهي.
*
رهان ٿو دور ته ڇا هي اِتي وسي ٿي دل،
ٿيو ملڻ کان به وڇڙڻ گهڻو گهڻو مشڪل.
*
وکون وڌياسين جي تن جو ڪرين ڇو شيام شمار،
اڃا ته آهه اسان جي پري پري منزل.
*
ڦرندي ته لفظ لفظ جي معنيٰ ڦري وئي،
ساڳي ئي ڳالهه ڳالهه جدا ڀائنجي پئي.
”شيام جي شاعري ۾ ٻوليءَ جي مڌرتا، ڪلپنا جي اڏام، ڌرتيءَ جي سونهن ۽ سڳنڌ سان لڳاءُ، سنڌ ۽ انسان جي رنگا رنگ جذبات جو اظهار ملي ٿو. شيام، سنڌي شاعري ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ اسان جي ادبي حصي جو اَٽوٽ حصو آهي.“ (5) نارائڻ شيام ٻين صنفن سان گڏ جيڪي غزل ۾ نوان تجربا ڪيا نوان گهاڙيٽا ڏنا جدت جي نئين راهه ورتي، فني فڪري نوان رستا تلاشي ان تي سفر ڪيو. اهو سفر منفرد به آهي ته لاجواب به آهي.
باهه مجبور جي محفل کي لڳايون، ساٿي!
جوت جا دل جي وساڻي سا جلايون ساٿي!

ڇا ٿيو ساز ڀڳل آهه تون نه ڇيڙينس کڻي،
ڪنهن طرح ڌيان ته محفل جو ڇڪايون ساٿي!

ڪيسين ائين راهه جي ڪنڊن کان بچائيندي قدم،
خون سان تن کي به رنگين بڻايون، ساٿي!

آهه اِنسان جي سر تي جو غلاميءَ جو داغ،
صاف سو داغ غلاميءَ جو مٽايون، ساٿي!

جنهن اڳيان چنڊ ۽ سورج به لڳن، ’شيام‘ ڦڪا،
جوت سنسار ۾ اهڙي ڪا جڳايون، ساٿي!
نارائڻ شيام جديد سنڌي شاعري جو سرموڙ شاعر آهي، جو غزل تي معراج تي پهچائڻ ۾ ساٿي رهيو ۽ پوءِ جديد سنڌي غزل ٽڙندو رهيو ۽ ڪيئي گلاب ڦٽي پيا، جديد سنڌي غزل اجرو ٿي پيو. جنهن ۾ سنڌوءَ جون لهرون ناچ ڪن ٿيون. شيام جي غزل ۾ اهي رنگ ظاهر ٿين ٿا، جيڪي سندر به آهن ته سادا ۽ سچا به آهن، جن ۾ سپنا به آهن ته تعبير به آهي. شيام غزل جو محبوب شاعر آهي. جنهن جي غزل ۾ هميشھ تازگي محسوس ٿئي ٿي.
سور کائي شعور پاتو سين.
زنگيءَ ڀر جو سور پاتو سين.

دل کي گهائي اکين ئي سوچيو ”شيام،“
دل وڃائي غرور پاتوسين.
*
ڪڏهن پلجي به ڪائي ڳالهه تو چوري نه مون چوري،
ملياسين ڪيئي ڀيرا پر اسان ويهي نه دل اوري،

اٿي محفل منجهان، تنهنجي هئم جلدي وڃڻ جي پر،
بهانا پڻ مون ڳوليا، دير جيئن ترسي سگهان ٿوري.

ڊني ڊپ جي ڪري اڄ پنهنجو پاڇو پڻ وٺي آئي،
جڏهن ڀي هونءَ ملڻ آئي هميشه هيڪلي آئي.
شيام بلند پايه شاعر هو ۽ جديد شاعرن ۾ سندس حيثيت تمام مٿانهين آهي. شاعر جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين ۽ هر صنف ۾ نوان لاڙا، نئون رنگ ۽ نوان اسلوب پيدا ڪيائين. شعر ۾ نئين اسلوب پيدا ڪرڻ وارو هي شاعر 10 جنوري 1989ع تي دهلي ۾ گذاري ويو. جديد سنڌي شاعري جا ڪيئي ڪتاب ڇڏي ويو. ڌرتي جو قرض لاهي ويو،
ٻار ڪمري ۾ اچي ماٺ ۾ نڪري ويا،
ميز تي اِئين ئي رکئي چاءِ تنهنجي ٿي ٿڌي.
*
بند پلڪون ٿيون شرم ٻوٽيءَ جان،
اک ملائيندي توکي لڄ آئي.

اهو ئي گهر دريون ساڳيون، وريل تن تي وليون ساڳيون،
مگر سا گل جهڙي ڏسڻ ۾ ڪينڪي آئي.

کليل بي نور اک وانگر لڳو پئي گهر جو دروازو،
اچي بيٺينءَ تون در تي، ڀانءِ اُن ۾ روشني آئي.



[b]حوالا[/b]
1. ڊاڪٽر فهميده حسين. ”ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ“ سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي 1997ع صفحو 63.
2. ميان، مير چانڊيو، سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي هڪ نظر. روشني پبليڪيشن ڪنيارو 2007ع صفحو 106.
3. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالحميد سنڌي ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2002ع صفحو 216.
4. شيخ اياز سر نارائڻ شيام ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2009ع صفحو 764.
5. شيخ اياز سر نارائڻ شيام حوالو اڳ آيل آهي صفحو 762.
6. نارائڻ شيام ”راهون پنڌ پيون“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو سنڌ.