نوم
ننڊ هن جي اکين کان ڏور نه هئي پر وڃائجي چڪي هئي. ڏور ويلن جو ڏس هوندو آهي، وڃائجي ويلن جي ڪا خبر نه هوندي آهي.
جڏهن کان سندس حق بخشرايو ويو هيو، کيس قرآن سان پيار ٿي ويو هيو، سڄو ڏينهن عبادت ۾ گذاريندي هئي ۽ رات جاڳي رب کي ياد ڪندي هئي. هڪ دفعي هن سوچيو “جڏهن رب وسريو ئي نه آهي ته ياد ڪرڻ سان ڇا حاصل؟ ياد ان کي ڪبو آهي جيڪو وسري وڃي.”
جڏهن ٻاويهن سالن جي هئي ته هن کي زوار خان محمد ڏاڍو وڻندو هيو، حويليءَ اڳيان ڳوٺ جي وڏي پڌر ۾ کٻي پاسي سنهي گهٽيءَ ۾ رهندڙ زوار خان محمد جيڪو انهن ڏينهن اڃان زوار نه هيو، جڏهن زوار ٿي موٽيو هيو ته ان کان اڳ هن جا حق بخشرائجي چڪا هيا.
کٽ تي پاسا ورائي ننڊ جو انتظار ڪندڙ زليخان تصور ۾ ڏٺو زوار خان محمد ڳوٺ جي ويڪري پڌر وٽ سرنهن جي تيل تي ٻرندڙ نباتنما فانوس جي ڏنڊي کي ٽيڪ ڏيئي ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻي رهيو آهي. جڏهن ٻيڙيءَ جو دونهون مرد جي شڪل ۾ بدلجي هن جي نڪ وٽ لهرائڻ لڳو ته هوءَ هٿ هڻي ان کي هڪليندي اٿي ويهي رهي.
“اي رب معاف ڪر” هن چيو ۽ رئو نڪ کي ڏئي ڇڏيو، پوءِ هن سڏ ڪيا “مائي جانل... او مائي جانل.”
هن جي سڏن تي اڱڻ وٽ کاري ۾ پيل تتر کنڀيون ٽرڪيون “ڪُڙ ڪُڙ” ڪري جاڳي پيون، جانل اکيون مهٽيندي اندر پهتي ته زليخان نڪ تان رئو هٽايو.
“ٻاهر چوڪيدارن کي چئه ته اهي ٻيڙي نه پيئن.” هن کيس چيو.
جانل ٻاهر وئي، ان ڏٺو، چئن چوڪيدارن مان هڪ جاڳي رهيو هيو، هن کيس سانئڻ جو حڪم ٻڌايو.
“جانل ٻيڙي دکائي ٻه ڪلاڪ ٿي ويا.” ان اوٻاسي ڏيندي چيو “دونهي جو ڪهڙو ڀروسو، باقي رک کي وقت ٿيو مٽيءَ ۾ ملي چڪي.”
جانل اندر آئي ۽ زليخان مٿان ائين بيهي رهي جيئن وڃايل ننڊ ڳولهڻ نڪتي هئي ۽ نراس واپس پهتي هجي.
“ويهه جانل... ويهه” زليخان ٿڪيل آواز ۾ چيو، جيئن جانل جي ويهڻ سان سندس ٿڪ لهي ويندا.
“وضو ٿيل اٿئي؟” زليخان اڌ کليل اوجاڳيل اکين سان کيس ڏسندي چيو.
جانل هيٺ ڪنڌ ڪري ويهي رهي.
“خالي پيٽ مسڪينن جا وضو گهٽ ٽٽندا آهن.” ان چيو ۽ تختي تان قرآن لاهي آخري آيت پڙهي، زليخان ان کان قرآن ورتو ۽ چمي سيني سان لائي واپس ڪيو.
“گهڻي رات گذري چڪي آهي.” جانل چيو. “سانئڻ سمهڻ جي ڪوشش ڪر، سمهڻ بنا انسان عبادت ڪيئن ڪري سگهي ٿو، دماغ جاءِ هوندو ته رب کي جاءِ ملندي.”
جانل جي ڳالهه ۾ وڏي بي آرامي لڪيل هئي.
“ٿڪيل آهين؟” زليخان چيو “وڃ آرام ڪر، توکي به سڄو ڏينهن عبادت جيان گهر جو ڪم ڪرڻو پوي ٿو.”
“ها سانئڻ” جانل چيو “شايد عبات ۾ ٿڪ نه آهي پر مان ڏاڍي ٿڪيل آهيان، امام جعفر جا ڪونڊا آهن، اڃان انهن جو بندوبست ڪرڻو آهي.”
هوءَ هلي وئي ۽ زليخان هڪ دفعو وري تصور جي دنيا ۾ گم ٿي وئي. تن ڏينهن سندس ڀاءُ ڀوتار واحد بخش جيئرو هيو، ان جي ٻني ڪجهه آباد هئي ۽ باقي غير آباد، آباد ٻنيءَ ۾ ڪمدار جو ڪارن چٽن وارو اڇو گهوڙو صبح سان هلندو هيو ۽ سج لٿي تائين ان جون حدون نه کٽنديون هيون، اهو رات اهڙي ڳوٺ ۾ گذاريندو هيو جتي سهڙن جا ولر هوندا هيا، ڇري واري بندوق ڪلهي تان لاهي اوندهه ۾ جتي به هلائيندو هيو ته ماچيس جي تيلي کانپوءِ مئل سهڙن جا ڍير پيا هوندا هيا. هو هڪ ڏينهن سهڙن جو گوشت پچائيندڙ ان عورت تي عاشق ٿي پيو جنهن کي ايڏيون ته سونيون ۽ وزندار واليون پاتل هونديون هيون جو انهن سندس ڪنن جا سوراخ وڏا ڪري وڌا هيا، ان عورت جو ٺاهيل ٺرو هن هڪ دفعي ڀوتار واحد بخش کي پياريو، جنهن کي اولاد جي ڏاڍي تمنا هوندي هئي. ان رات سندس زال اميد سان ٿي ۽ اڪيلي اولاد عمر حيات ڄايو، جيڪو پيءُ جي وفات کانپوءِ اسيمبلي ميمبر ٿيو ۽ پڦي زليخان کان پري شهر ۾ رهندو هيو.
ڳوٺ جي ڪن ماڻهن جو چوڻ هيو ته ٺري پيئڻ کانپوءِ وڏيرو واحد بخش زال سان سمهڻ کان اڳ بيهوش ٿي چڪو هيو، هو مسلسل ٽي راتيون بيهوش رهيو ۽ چوٿين رات جڏهن ماڻهو مزاج پرسي ڪرڻ سندس اوطاق تي آيا ته هر هٿ ملائيندڙ شخص محسوس ڪيو، وڏيري جو هٿ برف جيان ٺريل هيو.
وڏيري واحد بخش جي زال واحد اولاد کي جنم ڏئي جوانيءَ ۾ گذاري وئي. عمر حيات کانپوءِ هن کي ڪا اولاد نه ٿي. شڪارپور جي شيوالي جي هڪ وئشيا جنهن سان ڪڏهن سندس ياري هئي، اها ڪجهه وقت حويليءَ ۾ رهي، ان جو اثر اهو ٿيو جو وئشيا جا جذبا سرد ٿي ويا ۽ واپس موٽي ان کي باقي زندگي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ گذارڻي پئي.
وڏيري واحد بخش پنهنجي ڀيڻ زليخان جي شادي نه ڪرائي پر حق بخشرائي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو. حق بخشرائڻ کان پهريون هن سوچيو هيو ته اهو ان جي شادي ڪرائي غير آباد زمين جو مالڪ بڻائيندو، پوءِ سوچيائين غير آباد زمين جو مالڪ بنائڻ کان بهتر آهي، اها پاڻ غير آباد هجي.
وڏيري واحد بخش جي غير آباد زمين پکين کانسواءِ ڪنهن نه ڏٺي، ڪمدار جو گهوڙو آباد زمين جي انت تي ان ڳوٺ وٽ ٿڪجي پوندو هجيو جتي سدائين سانجهيءَ جا پاڇولا هوندا هيا ۽ ان جو اسر سومهڻيءَ جهڙو هوندو هيو. ٺرو ٺاهيندڙ ڳورين والين واري عورت جي گهاڻي جو ڪمند ڪڏهن ڪين کٽو.
ڪمدار هڪ دفعي غير آباد زمين جو انت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر اتي آکيرن ۾ مئل جهرڪيون ڏسي واپس موٽيو هيو. ان ڏينهن هن کي سهڙن کان خوف محسوس ٿيو هيو. اهي سياري جا ڏينهن هياجڏهن وڏيري واحد بخش تي اڌر رنگي جي بيماريءَ جو حملو ٿيو، هن جو هڪ پاسو سڪي ويو ۽ ٻيو سائو هيو. هو آباد ۽ غير آباد زمين جيئن ورهائجي ويو. هن جي واڇ لڙڪي پئي ۽ سندس سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظ لڙڪيل واڇ مان وهي هن جي ڪلهي تي ڪرڻ لڳا. حويليءَ ٻاهران ويٺل چار چوڪيدار بيماريءَ جو رستو روڪي نه سگهيا. انهن وڏيري لاءِ ايترو ڪيو جو جڏهن کين ڏس ملندو هيو ته فلاڻي هنڌ جهنگلي ڪبوتر ويٺل آهي ته انهن چئن چوڪيدارن مان هڪ دونالي سنڀالي اٿندو هيو ۽ اتي پهچندو هيو جتي جهنگلي ڪبوتر ويٺل هوندو هيو. اهو دونالي سڌي ڪري ڇريا ڇڏيندو هيو ۽ ڪبوتر هيٺ ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ جا ننڍا ٻار سِير ڏنل ڪبوتر کڻي ان پويان جلوس جي صورت ۾ هلندا هيا. حڪيم حضور بخش جي نسخي تي عمل ڪندي ڳوٺ جا سڀ ڪبوتر ماري وڏيري کي کارايا ويا ته جيئن کيس جسم ۾ گرمي پيدا ٿئي ۽ سڪل سائو ٿي پر وڏيري جو سڪل پاسو ڪڏهن سائو نه ٿيو ۽ هڪ ڏينهن دنيا مان موڪلائي ويو.
ان ڏينهن زوار خان محمد جيڪو هاڻي پوڙهو ٿي چڪو هيو مئل ڪبوترن جو نوحو لکيو. هن کي پنهنجي ڪوٺي جي پلوڙي تي ويٺل ڪبوترن جو جوڙو ياد آيو جيڪو بندوق جي وار سان ائين هيٺ ڪريو هيو جيئن کجيءَ ۾ پٿر هڻڻ سان کارڪون ڪريون هجن. هن انهن جي ڳاڙهن پيرن جو نوحو لکيو ۽ اکيون ٻوٽي جڏهن پرسوز آواز ۾ ڳايو ته اکين کولڻ کانپوءِ سوين ڪبوتر هن چوڌاري گڏ ٿي چڪا هيا. کٽ تي ننڊ جو انتظار ڪندڙ زليخان وٽ سوچون سندس دماغ ۾ ڪولين جي قطار جيان اينديون رهيون. هن تسبيح کي کڻي چميو، مڻيا کيس رت جا ڦڙا محسوس ٿيا، جن ۾ زوار خان محمد جو نوحو سمائجي چڪو هيو. تسبيح ۾ رت جا ڦڙا زوار خان محمد جي ياد جيان پويل هيا. زوار خان محمد هن سامهون ڀت تي ڇاپيل هيو. هن جي ترين تي، ترين جي پويان، منهن تي ۽ ڪلهن پويان بيٺل هيو.
هن سوچن مان جان ڇڏائڻ لاءِ رب تي سوچڻ شروع ڪيو. هن کي رب ڪاري ماتمي لباس ۾ نظر آيو. هن اٿي ٻه رڪعتون نفل پڙهيا ۽ تسبيح جو ورد ڪيو.
“اي رب گناهن کان پناهه ڏي” هن دعا لاءِ ٻڪ جهليو ته لڙڪندڙ تسبيح جا داڻا ڳوڙهن ۾ تبديل ٿي ويا. “انسان کي سوچون گناهگار ڪن ٿيون. منهنجين سوچين کي روڪ، اهي بند ڀڳل سيلاب جيان آهن، مونکي وهڻ کان بچاءِ.”
لهندڙ وهيءَ ۾ هن جا جذبا چنبيليءَ جي ول جهڙا هيا، جيڪا سڙڻ کان اڳ پنهنجي حياتيءَ جا سڀ کان سهڻا گل ڏيندي آهي. انسان جي اڌ حياتي تجربي ۾ گذري ٿي ۽ اڌ حياتي تجربي جو کٽيو کائي ٿو. ڦل پچي ڦاٽندو آهي ۽ ٻج ڇڻندا آهن. نانگ کي ڪو ڏنگڻ لاءِ نه ملندو آهي ته پٿر کي ڏنگيندو آهي.
اوجاڳي جي ماريل زليخان ڏينهن رات رب آڏو جهڪيل هوندي هئي، اها ان کي ٻاڏائيندي هئي ته کيس دل مان آواز ايندو هيو. هڪ سريلو آواز، چِٽ جي راتين ۾ ڪنهن وڻ تان اڀرندڙ ڪوڪ جو آواز. ڪارا ڪپڙا پائي مجلس ۾ پرسوز آواز ۾ نوحا پڙهندڙ خان محمد جو آواز. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ زليخان لاءِ ڪي ايڏيون پابنديون نه هيون. محرم جي ڏينهن ۾ ڪاري رئي سان منهن ڍڪي هن کي پلوڙي تان بيهي تعازين ڏسڻ جي اجازت هوندي هئي. هوءَ ڏسندي هئي ته ڪارن ڇولن جون ديڳيون باهه بنا ٽهڪڻ لڳنديون هيون. سونين والين واري سچل جي گهر ۾ تڏي تي رنگين ڪاغذن جا ڍير هوندا هيا. ڪينچون هلنديون هيون ۽ سائي رنگ جي لئيءَ ۾ آڱريون ٻوڙجي ٻاهر نڪرنديون هيون. ٺهڻ کانپوءِ تعازين جا گل ايڏا ته تازا لڳندا هيا جو انهن تي گمان ۾ پوپٽ لهندا هيا ۽ ماکيءَ جون مکيون مست ٿي پونديون هيون.
زوار خان محمد جي پرسوز نوحن تي قبرون سڏڪنديون هيون، هو جڏهن علي اصغر جو پينگهو لوڏي مجلس پڙهندو هيو ته ڇاتيون ڳاڙهيون ٿي وينديون هيون. سڏڪا آهُن ۾ تبديل ٿي ويندا هيا. اکين جو پاڻي ڳوڙهن جي گنجائش کان وڌي ڳلي ۾ گڏ ٿي ويندو هيو ۽ ماڻهو ڍڪ ڀريندا هيا. زوار خان محمد جي ڳلي جو سوز تڏهن جاڳيو جڏهن هن پيرين پنڌ عراق جو سفر ڪيو. هن ڪجهه ساڻ نه کنيو. هڪ ستن جي ٿيلهي ۽ ڀڳڙن جي هڙ، جڏهن عراق پهتو ته سندس کنيل ٻوجهه هلڪو ٿي چڪو هيو هن عراق پهچي حضرت حسين جي مزار تي هٿ کڻي صرف هڪ شيءِ جي گذارش ڪئي.
“ڳلي ۾ سُر ڏئي ۽ سوز ڏي ته تنهنجي ثنا ڳائي ستل درد کي جاڳائي وجهان.”
هو موٽيو ته ڳوٺ جون مجلسون پرسوز ٿي ويون، هن جي وجود مان ڦٽندڙ نوحا ڳوڙهن جا گل ڪڍندا، ولين جيان هر شيءِ کي وچڙندا گهرن گهٽين پاڙن محلن مان لنگهي چئن چوڪيدارن جي کٽ هيٺيان حويليءَ جو در ٽپي ان پپر تي چڙهيا، جنهن پپر هيٺان چٽ ڪٻريون ٽرڪي ڪڪڙيون ڳاڙهي جوئر کائي ناسي آنا ڏينديون هيون. پپر ڀرسان ٻير ۽ نم جا وڻ هيا. هڪ وڏو اڱڻ هيو ۽ پويان ڳاڙهين سرن جي پنجن ونگن واري دالي اندر ٽي ڪوٺيون هيون ۽ کٻي ڪنڊ واري ڪوٺيءَ ۾ حق بخشرايل زليخان رب آڏو سجدي ۾ جهڪيل هئي.
زليخان جو جهان ڪوٺي هيو ۽ ڪوٺو قبرستان، جتي هن جون اکيون پوريل هيون، زليخان جي جهان جون شيون ڏاڍيون گهٽ هيون، هڪ قرآن، هڪ تسبيح، هڪ مُسلو، هڪ پاڻ، هڪ کٽ ۽ کٽ هيٺان چمپلن جو جوڙو.
هڪ دفعي جڏهن بيمار ٿي ته کيس ڪو به حڪيم شفاياب نه ڪري سگهيو، مسجد مان زوار خان محمد کي گهرايو ويو. ان پردي پويان بيهي اهڙي پرسوز تلاوت ڪئي جو ماڻهن ڏٺو بيماري ڳوڙها ڳاڙيندي پردو پري ڪري حويليءَ جي ٻاهرين در کان نڪري هلي وئي. خان محمد جي تلاوت کي ياد ڪري هن قرآن کي چار چميون ڏنيون.
“جيڏي دوا ڪوڙي آهي تيڏي دعا مٺي آهي” هن خدا کي سجدو ڪندي چيو “اي رب، ڀل دعائن کي ڪَوڙو ڪجانءِ، ڪُوڙو نه ڪجانءِ، منهنجيون بد دعائون ڪنهن لاءِ نه آهن، مان بخشيو، تون به ان کي بخشجانءِ، منهنجا حق بخشيل آهن، توکي حق آهي، بخشين ته بهتر، نه بخشين ته مالڪ آهين.”
جڏهن بيماريءَ مان اٿي ته سرنهن پيلا گل ڪڍيا هيا، چوڏهينءَ رات ۾ ڌرتي آسمان هڪ ٿي چڪا هيا. هوءَ ڪوٺي تي وئي ۽ پنهنجا نيڻ کوٽي ڪڍيا، کيس پريان مسجد جا اڇا منارا اهڙن فرشتن جيان نظر آيا، جيڪي اڇن پرن سان اتي لٿا هجن، پوءِ اهو سوچي اداس ٿي وئي ته مسجد جي منارن تي هڪ زخمي ڪبوتر اکيون بند ڪري هڪ ڄنگهه تي بيٺل آهي. چانڊوڪي سرنهن جي تيل ۾ بدلجي وئي ۽ چنڊ وسامي ويو. هن کٽ تي پاسو ورائي وارن کي هٿ هنيو ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪيائين.
“تيل ايڏو ٿي وجهي جو سڪي ئي نه ٿو.”
سندس من چاهيو ته رڙ ڪري جانل کي گهرائي، پر رات جو آخري پهر هيو، جانل ٿڪيل هئي ۽ صبح سان اٿي ان کي ڪونڊن جو بندوبست ڪرڻو هيو. امام جعفر جا ڪونڊا ياد ڪري کيس پنهنجو مرحوم ڀاءُ واحد بخش ياد اچي ويو. جيڪو هر سال اوطاق تي ڳوٺ جا سڀ ماڻهو گڏ ڪري کين کيرڻي کارائيندو هيو. زوار خان محمد امام جعفر جو قصو ٻڌائيندو هيو. اهڙي چپ هوندي هئي جيئن سڀ فنا ٿي چڪو هجي. خان محمد جو آواز گونجندو هيو. اهو پرسوز لفظن ۾ جڏهن ان گهڙيءَ جو ذڪر ڪندو هيو جڏهن امام صاحب جي رومال ۾ ويڙهيل منڍي گدري ۾ تبديل ٿي وئي ۽ گدري تي ڇري هلائي ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته زليخان جيڪا پردي پويان اهو سڀ ٻڌندي هئي، کيس محسوس ٿيندو هيو، ڇري هن جي دل تي هلي هجي.
زليخان کي ننڊ جو انتظار ڪندي اسر ٿي ويو، هوءَ اوڄاڳيل اکين سان ٿڪجي چڪي هئي. گهڙي گذري ته مسجد مان آزان جو سُريلو آواز اڀريو.
“الله اڪبر... الله اڪبر”
خان محمد جو آواز ٻڌي هن تي وجد طاري ٿي ويو.
“صدقو وڃان مٺي رب تان.” هن چيو ۽ هٿ چُمي اکين تي رکيا.
اسر جي سانت ۾ پرسوز سُريلو آواز هوا ۾ سمنڊ جيان ڇوليون هڻندو پئي آيو. هن تي گِهل طاري ٿي وئي، سندس اکيون بند ٿي ويون.
“الصوات خير من النوم” هن جي ڪن تي پيو ۽ پوءِ کيس ننڊ ائين ورائي وئي جيئن رب جي قدمن ۾ ڪري پئي هجي.