مداري
پڃري ۾ بند،
ڪلهه مون ڏٺا،
اهڙا ڪبوتر،
جن جون اکيون،
ڳاڙهيون هيون.
اهي سٺا ڏينهن نه هيا، شهر جون بازارون اڪثر بند هونديون هيون، ڏهاڙيءَ تي مزدوري ڪندڙ ماڻهن شايد ئي ڪڏهن اهڙو وقت ڏٺو هجي. بئريج روڊ تي ڳوڙها گئس جا خول ۽ پٿر ائين پيل هوندا هيا جيئن آسمان مان انهن جو مينهن وسيو هجي. اتي اوچتو گهٽين مان ماڻهن جا ولر ظاهر ٿيندا هيا ۽ پوءِ اُڀ انهن جي نعرن سان گونجڻ لڳندو هيو.
“جمهوريت زنده آباد... آمريت مرده آباد”
سوين هٿ هوا ۾ بلند ٿيندا هيا ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي بند هٿن جون مٺيون ڏاڍيون زوردار محسوس ٿينديون هيون. پري کان ٻرندڙ ٽائرن جي دونهي ۾ اهو روڊ جنگ جي ميدان جو ڏيک ڏيندو هيو. اتي فوج جون گاڏيون پهچنديون هيون ته ماڻهو پٿراءُ ڪندا هيا ۽ ان کان پوءِ ڳوڙها گيس جا گولا وسڻ شروع ٿي ويندا هيا. هجوم ۾ موجود ماڻهو ڳوڙها گيس جي دونهي ۾ پنهنجي قسمت تي روئندا هيا.
تن ڏينهن ملٽري روڊ تي رائيس ڪئنال جي ڪڙ تي رهندڙ مداريءَ جي گهر جون حالتون ٻين کان مختلف نه هيون. هن جي آمدني گهٽجي نه هجڻ برابر ٿي وئي هئي. جن روڊن تي بيهي هو مجموعو هڻي ڪرتب ڏيکاريندو هيو انهن روڊن تي ماڻهو ڪٺا ٿي جهموريت لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هيا. بئريج روڊ جنهن تي هر وقت ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي اتي ان مداريءَ ماڻهن جي وچ ۾ ويهي ڪيترا ڪرتب ڏيکاريا هيا. هن جي هر ڪرتب تي هجوم ۾ حيرت ڇانيل هوندي هئي ۽ هن جي پر مزاح جملن تي ٽهڪڙا هوندا هيا. پر هاڻي اهو سڀ ختم ٿي چڪو هيو. روڊ ماڻهن جي رت سان رنگجي چڪا هيا. اهي ڳوڙها گيس جي دونهي ۾ ويڙهجي چڪا هيا. لب مهراڻ ڀرسان سرڪٽ هائوس کان ٿورو پري رائيس ڪئنال جي ساڄي ڪڙ تي ڪنهن وقت زير زمين پاڻي نڪاس جو منصوبو شروع ڪيو ويو هيو. اهو منصوبو پورو نه ٿيو، اتي واهه جي ڪناري گپ ۾ وڏا سيمنٽ جا پائيپ پيل هوندا هيا. مداريءَ جو گهر انهن مان هڪ ويڪري پائيپ اندر هيو. پائيپ کي هڪ پاسي پتر ڏئي مداري ان کي ڪمري جيان استعمال ڪندو هيو. پائيپ اڳيان چادرون ڏئي اڱڻ ٺاهي ويو هيو، جتي ڪنڊ ۾ ٽن سرن واري چلهه هوندي هئي ۽ ڀرسان ڪارا ٿانوَ مکين ۾ پيل هوندا هيا. هڪ پاسي ڪاٺ جي پيٽي رکيل هوندي هئي جنهن تي پراڻيون سوڙيون وڇايل هونديون هيون. گهر اڳيان گپ ۾ سروٽا رکيل هوندا هيا جن تان لنگهي گهر ۾ اچڻو ۽ وڃڻو پوندو هيو. اتي هر طرف مئل جانورن جي بوءِ ڦهليل هوندي هئي. پريان گند جي ڍيرن تي ان سيمنٽ جي پائيپ واري گهر ۾ چار ڄڻا رهندا هيا. هڪ هو، هن جي زال جيڪا سلهه جي مريض هئي، هن جو ننڍڙو پٽ ۽ رسي ۾ ٻڌل پيٽيءَ تي ويٺل ڀولڙو. واندڪائي وقت مداري پائيپ ۾ ويهي جهونگاريندو هيو ته پورو پائيپ ڪنهن ساز جيان وڄڻ لڳندو هيو. هو ان اندر ٽيڪ ڏئي لت لت تي چاڙهي وڏي مزي سان درديلا گيت چوندو هيو ۽ اڱڻ ۾ هن جي زال ائين مانيون پچائيندي هئي جيئن اها مداريءَ جي گيتن تي تاڙيون وڄائيندي هجي. ٻار ڪاٺ جي پيٽيءَ تي ويٺل ڀولڙي کي هڪلي ان مان ميري گودڙي کولي بنسري ۽ ڊبڪڻي ڪڍي وڄائڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. ڀولڙو هر وقت ڪاٺ جي پيٽيءَ تي ويٺو جسم کنهندو هيو. ٻار لاءِ اها بنسري ۽ ڊبڪڻي قيمتي سرمايو هئي. هن کي اها ئي خبر هئي ته ان بنسريءَ جي سرن ۽ ڊبڪڻيءَ جي کڙڪي تي چلهه جي باهه ٻري ٿي ۽ مئل جمهورو جيئرو ٿئي ٿو. ان بنسريءَ جي سر ۾ سوين جادو آهن جن تي مجموعا لڳن ٿا. ماڻهن کي حيرت لڳي ٿي ۽ ٽهڪڙا مچن ٿا. ٻار جي عمر ان وقت چار سال هئي پر پيءَ سان ان گرم شهر جي رجندڙ روڊن تي گهمي هن جا پير پٿر جيان سخت ٿي چڪا هيا. مداري صبح جو گهران نڪرندو رهيو ته هن جي ڪلهي ۾ اها ميري گودڙي پاتل هوندي هئي جنهن اندر ڪجهه وڏيون چادرون، بنسري ۽ ڊبڪڻيءَ کانسواءِ ڪاٺ جو انساني انگ، ٽين جو دٻو، ڪٽ لڳل چاقو ۽ ٻيو سامان هوندو هيو. هن جي هڪ هٿ ۾ ڀولڙي جي رسي هوندي هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ ٻار جي آڱر، هو ملٽري روڊ ٽپي آدم شاهه ڪالونيءَ اندران نڪري بئريج روڊ تي پهچندو هيو. بئريج روڊ تي نور محمد نوناريءَ جو نوجوان پٽ هن جي انتظار ۾ بيٺل هوندو هيو. اهو نوجوان هن لاءِ جمهوري جو ڪردار ادا ڪندو هيو. جڏهن هو مداريءَ کي پريان ايندي ڏسندو هيو ته اڳتي وڌي ان سان ملندو هيو.
“استاد اڄ مون کي ڏهين جو نوٽ ضرور ڏجانءِ.” اهو چوندو هيو “ڏس استاد امڙ لاءِ ڏهي وٺڻي آهي، بابي لاءِ ڀاڄي وٺڻي آهي، مان به رات کان ڪجهه نه کاڌو آهي.”
مداري ان کي آٿت ڏيندو هيو.
“پرواهه نه ڪر” هو چوندو هيو “مليا ته ضرور ڏيندو مانءِ... مان ڪي سڀ کيسي ۾ وجهي گهر ته نه کڻي ويندس.”
مداري روڊ جي پاسي کان بيهي هڪ هٿ سان ڊبڪڻي وڄائي ٻئي سان بنسريءَ کي چپن تي رکي ڦوڪ ڏيندو هيو ۽ ڀولڙو ابتا سبتا ٽپا ڏئي نچڻ شروع ڪندو هيو. ماڻهون چوڌاري ڪٺا ٿيڻ شروع ٿي ويندا هيا. ڀولڙو اتي پيل ٽين جي دٻي مان چاقو هٿ ۾ کڻي وات مان آواز ڪڍي ماڻهن تي الر ڪندو هيو. ماڻهو پوئتي هٽي ويندا هيا ۽ هر طرف ٽهڪڙو مچي ويندو هيو، جڏهن هجوم وڌي ويندو هيو ته مداري ڀولڙي کي ٻڌي ڇڏيندو هيو ۽ ڀولڙو آرام سان ويهي جسم کنهندو هيو. مداري گودڙيءَ مان ڪاٺ جو انساني انگ ڪڍندو هيو، ان کي وچ مجموعي ۾ رکي چوندو هيو.
“آهي ڪوئي مجموعي ۾ جوان جو پٽ جيڪو وچ تي اچي ان کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي؟”
بيٺل ماڻهن مان ڪنهن کي همت نه ٿيندي هئي ته هو اڳتي وڌي سڀني جي سامهون ان کي هٿ ۾ کڻي، اوچتو جمهورو هجوم مان نڪري اڳتي ايندو هيو ۽ اتي اچي اهو ڪاٺ جو ٽڪر پنهنجي هٿ ۾ کڻندو هيو. مداري بنسري چپن تي رکي ڊبڪڻي وڄائي هٿن کي گول ڦيرائيندو هيو ته اهو ڪاٺ جو ٽڪر هن جي هٿن ۾ جڪڙجي ويندو هيو. نوجوان ان کي هٿ کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. اهو ان کي هيٺ جهٽڪا ڏئي ڪيرائڻ جي ڪندو هيو پر اهو ڪاٺ جو ٽڪر ڄڻ ان جي هٿ سان ڄمي ويندو هيو. هجوم ۾ ٽهڪڙا پئجي ويندا هيا ۽ پوءِ وري جڏهن هو بنسري ۽ ڊبڪڻي وڄائي هٿن کي ابتو ڦيريندو هيو ته اهو ڪاٺ جو ٽڪر هن جي هٿ مان ڇڏائجي هيٺ ڪري پوندو هيو. پوءِ هو مختلف ڪرتب ڏيکاريندو هيو. ٽين جي دٻي ۾ سڪو وجهي ان جهڙا ڪيترائي سڪا ٺاهي ڏيکاريندو هيو. هڪ رومال ۾ گهڙي ويڙهي ان کي ڌڪ هڻي ٽڪر ڪندو هيو ۽ پوءِ بنسري وڄائي جادو پڙهي رومال مان صحيح حالت ۾ ٻاهر ڪڍي ڏيکاريندو هيو. شيشي جي گلاس ۾ پاڻيءَ اندر رنگ وجهي ٻئي رنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو هيو. هڪ رسيءَ کي وچ تان ڪٽي پوءِ ويڙهي کوليندو هيو ته رسي پاڻ ۾ ڳنڍيل هوندي هئي. آخر ۾ هو پنهنجو دل ڏاريندڙ ڪرتب ڏيکاريندو هيو. هو بکايل پيلي منهن واري جمهوري کي سمهاري چاقو کڻي ان جي زبان ڪٽيندو هيو، جمهوري جي وات جي ڪناري کان رت ٻاهر وهندو هيو ۽ هو تڙپڻ لڳندو هيو.
“ٻچا جلدي ڪر چادر کڻي آ” مداري ٻار کي ڪاوڙ مان وڏي آواز ۾ چوندو هيو، ٻار ٽپو ڏئي اٿي گودڙيءَ مان چادر ڪڍي پيءُ کي ڏيندو هيو. جمهورو ائين شانت ٿي ويندو هيو جيئن هو مري ويو هجي. مداري چادر کولي هن مٿان وجهندو هيو ۽ پوءِ بنسري چپن تي رکي ڊبڪڻيءَ وڄائي ان چوڌاريءَ گول ڦرندو هيو.
“انتر منتر، لال بجهڪڙ، پئسن جي آ کڙ کڙ کڙ کڙ، کائيندو مکڻ چورو، اٿندو هاڻي پٽ جمهورو!” مداري چوندو هيو ۽ پوءِ جڏهن هو جمهوري مٿان چادر هٽائيندو هيو ته جمهورو کلندو چادر هيٺان اٿندو هيو ۽ ماڻهو تاڙيون وڄائيندا هيا. مداري ٽين جو دٻو ٻار کي ڏيندو هيو ۽ ٻار جڏهن هجوم ۾ چڪر لڳائيندو هيو ته دٻي ۾ پئسن جي کڙ کڙ ٿي ويندي هئي. هجوم مان دٻي اندر ايترا پئسا ڪٺا ٿي ويندا هيا جو هو پنج روپيا جمهوري کي ڏيندو هيو ۽ باقي پئسن مان ٽن سِرن واري چلهي تي رکيل ديڳڙيءَ ۾ دال ٽهڪندي هئي.
ان کان پوءِ ڏينهن ڏاڍا خراب ٿي ويا، آسمان ۾ روز اڀرندڙ سج جا رنگ ساڳيا نه آهن. وقت شڪاريءَ جي هٿ تي ويٺل باز جيان آهي، شانت آهي ته سٺو. اڏامي ته ماري وجهي. ماڻهن مٿان اهي ڏينهن ڳوڙها گيس جي بادلن جيان هياجن مان لڙڪ وسندا هيا. مداري سج لٿي مهل گهر موٽندو هيو ته هن جي زال وڏي پائيپ اندر رلهيءَ تي ليٽيل هوندي هئي. ان جي کنگهه وقت سان وڌندي پئي وئي. ڪمزوريءَ کان اها اٿڻ ويهڻ لائق نه رهي هئي. مداريءَ جي هڙ ۾ ايترا پئسا نه هيا جو هو ان جو علاج ڪرائي سگهي. هو هڪ دفعي بشيرآباد جي علائقي مان ڪنهن ڊاڪٽر کي وٺي آيو هيو. ڊاڪٽر هن جي زال جو معائنو ڪري ٻڌايو هيو ته “تنهنجي زال سلهه جي مريض آهي، هن جو مڪمل علاج ڪراءِ نه ته هن جي حياتيءَ کي خطرو آهي.”
پوءِ ان ڊاڪٽر هن کي دوائون لکي ڏنيون هيون جيڪي هو خريد ڪري نه سگهيو.
شهر جا سڀ روڊ جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿي چڪا هيا، ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي سخت قلم لاڳو ڪيو ويو هيو. مداريءَ لاءِ اهو ممڪن نه هيو ته هو وچ روڊ تي ماڻهو ڪٺا ڪري پنهنجا ڪرتب ڏيکاري. هو واندن جيان گهر ٻاهران گند جي ڍيرن تي چڪر ڏيندو هيو. هو ڪڏهن ڪاٺ جي پيٽيءَ مان بنسري ڪڍي وڄائڻ شروع ڪندو هيو. ڀرسان گند تان ڪانءُ اڏامي هن جي اڱڻ تي لهندا هيا ۽ مايوس ٿي واپس اڏامي ويندا هيا. ٻار پيءُ جي ڀر ۾ ويهي بنسريءَ جا آلاپ ٻڌندو هيو.
“بابا مون کي بنسري سيکار.” ٻار پيءُ کي چوندو هيو “مان اها تو وانگر وڄائيندس.”
مداري بنسري چپن تان هٽائي ٻار کي ڏيندو هيو ۽ ٻار ان کي چپن تي رکي سوراخن مٿان ابتيون سبتيون آڱريون ڦيرائيندو هيو. مداري ٻار جي اهڙي حرڪت تي کلندو هيو.
“اڙي ائين نه ڀوڪ” هو چوندو هيو “او... هيئن”
هو بنسريءَ کي ٻار جي هٿن ۾ سڌو جهلڻ لاءِ چوندو هيو ۽ پوءِ هن جي آڱرين کي پنهنجي هٿن سان حرڪت ڏيندو هيو. ٻار وڏي شوق مان بنسري سکندو هيو. جڏهن ماءُ جي تڪليف حد کان وڌي ويندي هئي ته ٻار ان جي دل وندرائڻ لاءِ بنسري کڻي هن مٿان ويهي وڄائڻ شروع ڪندو هيو ۽ ان جي بي ترتيب سرن ۾ ماءُ وڏو سڪون محسوس ڪندي هئي. اها هن جي اڻڀن وارن ۾ هٿ ڦيريندي هئي ۽ پوءِ هن کي پنهنجي ڇاتيءَ لائي ڇڏيندي هئي.
ٻار ڪڏهن سيمنٽ جي وڏي پائيپ مٿان چڙهي ويهي رهندو هيو ۽ انهن فوجي گاڏين کي ڏسندو هيو جيڪي سرڪٽ هائوس ڏانهن اينديون وينديون هيون. انهن جي وڄندڙ سائرن جا آواز هر وقت فضا ۾ گونجندا رهندا هيا ۽ ٻار پائيپ تي بيهي وات مان ساڳيا تيز آواز ڪڍندو هيو.
“آمريت مرده آباد” هڪ دفعي هن پائيپ مٿان بيهي نعرو هنيو، هن جو پيءُ هڪدم پائيپ اندران نڪري ٻاهر آيو ۽ پادر کڻي هن کي وهائي ڪڍيائين.
“لهه هيٺ” هن چيو ۽ ٻار ٽپو ڏئي هيٺ لهي ڀولڙي جي ڀرسان اچي ڪاٺ جي پيٽيءَ تي ويهي رهيو هيو. ٻار کي ڪا خبر نه هئي ته ان نعري جو مطلب ڇا آهي. هن اهو نعرو بئريج روڊ تي مظاهري دوران ٻڌو هيو.
انهن ڏينهن ملٽري روڊ تي گاڏين جي اچ وڃ وڌي وئي هئي. شهر ۽ ڀرپاسي ڳوٺن ۾ ماڻهو مقابلي لاءِ هٿيار کڻي ٻاهر نڪري آيا هيا. فضا ۾ هر هر هيليڪاپٽرن پرواز پئي ڪيو. مداريءَ کي ڪنهن ٻڌايو ته ڳوٺن تي بم وسايا ويا آهن ۽ سوين ماڻهو ٽينڪن هيٺان اچي ماريا ويا آهن. انهن افراتفريءَ جي ڏينهن ۾ مداريءَ جي زال جي طبيعت ڏاڍي خراب ٿي وئي. اها کنگهندي سيني تي هٿ رکي هيٺ ڪري پئي. مداريءَ سهارو ڏئي ان کي پائيپ اندر سمهاريو ۽ ٻاهر اڱڻ ۾ ڀولڙي اڳيان اچي روئڻ لڳو پوءِ هن ڪاٺ جي پيٽي کولي ان مان گودڙي ٻاهر ڪڍي پنهنجي ڪلهي ۾ وڌي ۽ ٽوال مٿي کي ويڙهي هن ٻار ۽ ڀولڙي کي ساڻ ڪري شهر جو رخ ڪيو.
هو جڏهن بئريج روڊ تي پهچڻ وارو هيو ته پري کان هن کي اڀ ڦاڙ نعرا ٻڌڻ ۾ آيا. اتي هر طرف ماڻهن جا ڪارا مٿا هيا ۽ هر هر هٿ هوا ۾ بلند ٿي رهيا هيا. اتي ان ڏينهن مشهور اديب کي گرفتار ڪيو ويو هيو. ڪجهه ماڻهو جنرل ضياءَ جو پتلو کڻي آيا ۽ ان کي اتي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. نعرن جا آواز تيز ٿي ويا ۽ ان سان گڏ ڳوڙها گيس جا گولا هر طرف ڪرڻ لڳا. پوري ماحول ۾ فائرنگ جي آواز تي ڏهڪاءُ ڦهلجي ويو. ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن گهٽين ۾ ڀڳا. مداري به ڀولڙي ۽ ٻار کي ساڻ ڪري مياڻي روڊ طرف روانو ٿي ويو. هو پاسا وٺندو ڪپڙي مارڪيٽ جي ڪنڊ وٽ پهتو ته هن کي پري کان جمهورو نظر آيو.
“مري وياسي استاد” جمهوري هن وٽ ويجهو ايندي چيو “چڱو ٿيو ملاقات ٿي وئي. ڳڀي جو ڪجهه ته آسرو ٿيو.”
هو جمهوري کي ساڻ ڪري بندر روڊ طرف هڪ گهٽيءَ ۾ مڙيو، اتي ڪجهه سانت هئي. ٿورا گهڻا ماڻهو هيا جيڪي اتي نظر اچي رهيا هيا. مداريءَ ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ اها جاءِ مناسب سمجهي، هن گودڙي هيٺ لاهي ان مان بنسري ۽ ڊبڪڻيءَ ڪڍي وڄائڻ شروع ڪئي. ڀولڙو ابتا سبتا ٽپا ڏيڻ لڳو. ڪجهه ماڻهو ڪٺا ٿي ويا. ڀرسان هوٽل تي ڪجهه واندا ويٺل مهاڻا به اچي مجموعي ۾ بيٺا ۽ مداريءَ پنهنجا ڪرتب ڏيکارڻ شروع ڪيا. اڃا هو ڪرتب ڏيکاري ئي رهيو هيو ته ڀرسان پوليس جي گاڏي اچي بيٺي، پوليس گاڏيءَ مان لهڻ سان ماڻهن تي لٺيون وسائڻ شروع ڪيون. سڀ وٺي ڀڳا، خوف کان ڀولڙو ٽهي رڙيون ڪرڻ لڳو، ٻن پوليس وارن مداريءَ کي اچي ڳچيءَ کان جهليو ۽ هن کي منهن ۾ ڌڪ هنيا جنهن کان هن کي مٿي تي ويڙهيل ٽوال هيٺ ڪري پيو. ٻار روئندو اڳتي وڌيو ۽ ان پيءَ جو ٽوال هٿ ۾ کنيو. جمهورو وجهه وٺي ڪنهن گهٽيءَ ۾ ڀڄي ويو. پوليس مداري کي ماريندي گاڏيءَ ۾ ويهاري وٺي وئي. روڊ تي ٻار ۽ ڀولڙو رڙيون ڪندا رهيا. سڄو روڊ سنسان ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ جمهورو هڪ گهٽيءَ مان ظاهر ٿيو. ان مداريءَ جو وکريل سامان گودڙيءَ ۾ وڌو پوءِ هو ٻار ۽ ڀولڙي کي ساڻ ڪري ملٽري روڊ طرف روانو ٿيو. جڏهن هو گهر پهتو ته مداريءَ جي زال جي طبيعت ڏاڍي خراب ٿي چڪي هئي. اها اڌ بيهوش پائيپ اندر رلهي تي پيل هئي. جمهوري ٻار ۽ ڀولڙي کي اتي ڇڏي وٺي پويان پير ڪيا، ٻار پائيپ اندر وڃي روئڻ لڳو. اڌ بيهوش ماءُ جون اکيون آهستي کليون. انهن ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ اهي اکين جي ڪنڊن کان وهندا هيٺ مري وهاڻي ۾ جذب ٿي ويا.
“امان... پوليس بابا کي پڪڙي وئي” ٻار سڏڪندي چيو “بابا جي وات مان رت وهي رهيو هيو.”
ماءُ هٿ ٻار جي مٿي تي رکيو، ٻار روئندو رهيو ۽ ان پنهنجي ڦاٽل قميص سان ڳوڙها اگهيا. ماءُ محسوس ڪيو ٻار جو منهن ۽ چپ خشڪ آهن. ان ڪجهه نه کاڌو آهي، اهو بکايل آهي. اها رلهيءَ تان رڙهندي پائيپ مان ٻاهر نڪري آئي. ٻاهر چلهه وٽ پليٽ ۾ پاڻيءَ اندر سڪل ماني پيل هئي. هن اها کڻي ٻار کي ڏني ۽ پوءِ هو ميري پاند سان اکيون اگهي کائڻ لڳو. ماءُ اتي ئي چلهه ڀرسان پاٿاريءَ تي سمهي پئي ۽ پٽ جي منهن ڏانهن ڏسندي رهي. ٻار هر شيءِ وساري کائڻ ۾ محو ٿي ويو. اوچتو هن جي نظر ماءُ جي منهن تي پئي. ان جون بي جان اکيون ٻار ۾ کتل هيون ۽ ان جي وات مان ڪنارن کان رت وهي رهيو هيو. ٻار جو گرهه هن جي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو. هن ڳيت ڏئي ان کي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي. هو اٿيو ۽ ماءُ مٿان اچي هن کي لوڏڻ لڳو. اها چلهه ڀرسان شانت ليٽيل هئي. هن جون اڌ اکيون کليل هيون. ٻار ڏک مان ماءُ جي پيلي منهن کي ڏسندو رهيو. ان جي وات مان رت ائين وهي رهيو هيو جيئن مداريءَ ان جي زبان ڪٽي ڇڏي هجي. هن کي ماءُ جو منهن جمهوري جي منهن جيان نظر آيو جيڪو ڄڻ ماڻهن جي وچ ۾ بي سڌ ليٽيل هيو ۽ ان جي وات جي ڪنارن کان ڳاڙهو رت وهي رهيو هيو. ٻار محسوس ڪيو هن جي ماءُ جي زبان جمهوري جي زبان جيان ڪٽجي چڪي آهي. اها مري رهي آهي.
ٻار ڊڪندو ميري گودڙيءَ مٿان آيو، هن ان مان چادر ٻاهر ڪڍي کولي ماءُ مٿان وڌي، هن پيءُ جو ٽوال مٿي تي ويڙهيو ۽ پوءِ هو بنسري چپن تي رکي هٿ سان ڊبڪڻي وڄائي ماءُ جي چوڌاري گول ڦرڻ لڳو.
“انتر منتر، لال بجهڪڙ، پئسن جي آ کڙ کڙ کڙ کڙ. کائيندو مکڻ چورو، اٿندو هاڻي پٽ جمهورو”
هن مداريءَ جيان چيو ۽ ڪاٺ جي پيٽيءَ تي ويٺل ڀولڙو تاڙيون وڄائڻ لڳو.