کرو ۽ کوٽو
ننڍي هوندي کان گناهه جي احساس ۾ مبتلا هوندو هيو. هن کي گناهه جو احساس وراثت ۾ مليو هيو، سندس پيءُ زال جي وفات کانپوءِ ان احساس هيٺ دنيا مان جلد روانو ٿي ويو ته ان هڪ بيواهه جي مجبوريءَ جو ناجائز فائدو ورتو هيو.
وراثت ۾ مليل گناهن جي احساس ڪري کيس مذهب سان لڳاءُ هيو. نماز پڙهندو هيو، روزا رکندو هيو، خيرات ۽ زڪوات ڏيندو هيو. حج جي حسرت ان ڪري دل ۾ نه هئي جو اڪيلائي پسند هيو.
هن جي ڪڻڪ رنگي منهن تي ڪڏهن ڏاڙهي نه هئي پر افروز جي آخري خط کانپوءِ ڏاڙهيءَ ڪري هن جي منهن جي رونق ائين موٽي آئي جيئن مينهن وسڻ کانپوءِ وارياسو.
هو هڪ وڏي آفيس جو ننڍو ڪلارڪ هيو، سندس آمدني ايتري هئي جو پنهنجو ۽ گهر ۾ رهندڙ ٻليءَ جو پيٽ پالي سگهي. گهر خالي هجي ته اداسيءَ سان ڀريل هوندو آهي. پيءُ جي وفات کانپوءِ ان جو بستر ائين پيل هيو، گهنجيل چادر مٿان هڪ پاسي سريل سوڙ، جيئن اهو ڄاڻ نماز پڙهي موٽيو. آخري ڏينهن ۾ سندس پيءُ تسبيهه ائين پڙهندو هيو جيئن کيس پڪ ٿي وئي هجي ته ڪيل گناهن ڪري عبادتن جي صلي ۾ بخشيو نه ويو آهي ۽ تڪڙ ۾ جيترو جلد ٿي سگهي ٿوري وقت ۾ گهڻي عبادت ڪري گناهن جي احساس کان آجو ٿي سگهي. پيءَ هن لاءِ ٻن ڪمرن واري جاءِ ڇڏي، جنهن جون ڀتيون ڳوڙهن سان آليون هونديون هيون. هن کي آلاڻ جو احساس ڏاڙهيءَ ڇهڻ سان به ٿيندو هيو، کيس اعتبار نه ايندو هيو ڇو جو اکيون خشڪ هونديون هيون، هن کي خبر هئي، دل روئندي آهي ته آڱرين تي آلاڻ جو سبب ڳوڙها نه هوندا آهن.
ان ڏينهن هن اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍيا ڇو جو بجليءَ جو بل ڏيڻو هيو ۽ ڪجهه پئسا انڪري ضرورت ۾ هيا ته نئون بوٽ وٺي پائي ان پراڻي شهر جي جهوني دوست ڏي وڃي سگهي جنهن جي شادي هئي. هن ٻه سال اڳ هڪ فل سوٽ سبرايو هيو ۽ ٻن سالن ۾ اهڙن موقعن تي ٽي دفعا پاتو هيو. هاڻي اهو ڪافي هيو ته چوٿون دفعو پائي پنجين درجي تائين ڪلاس ۾ پڙهيل دوست جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿئي. جيڪو ڇهه دفعا هن کي فون ڪري چڪو هيو ته جيڪڏهن شريڪ نه ٿيندين ته توکي ست دفعا معاف نه ڪندس.
ڏاڍي کل جهڙي ڳالهه هئي ته هن جي پنهنجي شادي نه ٿيل هئي، ڪيترا دفعا نماز پڙهندي کيس افروز ياد آئي ته هن کان ٽهڪ نڪري ويو، جنهن لاءِ نماز ڀڃي ٻيهر وضو ڪرڻو پيو. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، ڏک جو احساس وڌي وڃي ته ماڻهو روئڻ جا ٽهڪ ڏيندو آهي ۽ ڪڏهن خوشيءَ جو احساس کلي روئاري وجهندو آهي. هن وٽ سڀ احساس هيا پر گناهن جو احساس آري تي ويٺل پکيءَ جيان هيو، جنهن هيٺان هر احساس آنن جيان هوندو آهي.
اي ٽي ايم کان نڪتل ٽي هزار جا نوٽ اهڙا ڪڙڪ هيا جيئن تازا پڪل پاپڙ، پاپڙ ڀڄي پوندو آهي پر هزار جو نوٽ ڀڄي هزار حصا ٿي سگهي ٿو. هن بجليءَ جي بل سان ٻارهن سئو ان دريءَ مان ڏنا جنهن اندر هڪ شخص ائين ويٺل هيو جيئن آخري ملاقات لاءِ ڦاهي جو منتظر جنهن کي پئسن جي ضرورت هجي. جيڪي وڪيل کي ڏئي رحم جي اپيل ڪري سگهي. دريءَ وٽ هڪ شخص کانپوءِ هن جو وارو آيو ۽ ٻيو شخص هن پويان بيٺل هيو. هن جڏهن هڪ هزار جو نوٽ ۽ ٻه سئو جا نوٽ ڏنا ته ٿوريءَ دير ۾ ٽپو لڳل بجليءَ جو بل واپس مليو. جڏهن هو موٽي هلڻ لڳو ۽ اڃان ڏهه قدم مس هليو هوندو ته پويان آواز آيو “اڙي او هيڏي... بيهه”
هن ڏٺو ساڳيو شخص جنهن کي هن بل ڏنو هيو، بئنڪ کان ٻاهر نڪري فٽ پاٿ تي بيهي هن کي سڏي رهيو هيو. هو مڙيو ۽ موٽي ان شخص وٽ آيو.
“اندر اچ” ان چيو “تون هزار جو نقلي نوٽ ڏنو آهي”
هو ڏوهه جي احساس کان ايڏو ته سنهون ٿي ويو جو بئنڪ جو ٻاهريون کليل سيخن وارو در جنهن مان پاسيرو ٿي اندر وڃڻو پوندو آهي، ان مان هو سڌو اندر هليو ويو. در تي بيٺل گارڊ هن کي خوني نظرن سان ڏٺو، جڏهن اندر پهتو ته بئنڪ جي پوري عملي هن تي لعنت ملامت ڪئي.
“هن کي پوليس حوالي ڪيو.” هڪ چيو
“ماڻهو شريف ٿو لڳي” ٻئي چيو.
“ها، لڳي نه ٿو ته ان گروهه جو ماڻهو آهي جيڪو شهر ۾ نقلي نوٽ ڦهلائي ٿو.” ٽئين چيو.
“هن کان پڇو ته سهي، هن نوٽ آندو ڪٿان؟” مينيجر اندران شيشي مان ڳالهايو، جنهن جو آواز شيشي شايد انڪري نه روڪيو جو شيشي کي به يقين ٿي ويو هيو ته هو ڏوهي آهي.
“توکي هيءُ نوٽ ڪٿان مليو؟” هڪ سوال ڪيو.
هو گناهه جي احساس کان ڏڪيو پئي.
“جوهر چورنگيءَ واري اي ٽي ايم مان.” هن لرزندڙ جواب ڏنو جيڪو ٻڌي سڀ حيران ٿي ويا.
“ته ڇا اڄڪلهه اي ٽي ايم وارن به نقلي نوٽ رکڻ شروع ڪيا آهن؟” هڪ بينڪ آفيسر حيرت جو اظهار ڪندي چيو.
“ها، ڪيشئر ڪنهن کان غلطيءَ ۾ ورتو هوندو ۽ جان ڇڏائڻ لاءِ اي ٽي ايم ۾ رکي ڇڏيو هوندو.” عملي جي هڪ شخص چيو.
هو خاموش ٻڌندو رهيو ۽ گناهه جي احساس کان رجي پاڻي ٿي فرش تي بيٺل ماڻهن جي قدمن ۾ وهڻ لڳو.
“نوٽ ڦاڙي ڇڏيو” هڪ شخص چيو.
“نه، ٺپو هڻي ڪينسل ڪيو” ٻئي شخص چيو.
سڀ سوچن لڳا، ٿوري دير کانپوءِ عملي جي هڪ شخص چيو “هن کي نوٽ واپس ڪيو ته جوهر چورنگيءَ جي بينڪ وارن کي شڪايت ڪري، اهي اي ٽي ايم ۾ نقلي نوٽ ڇو ٿا وجهن؟”
هن کي نوٽ واپس ڪري ٻيو نوٽ ورتو ويو، هن نقلي نوٽ کي ويڙهي کيسي ۾ وڌو ۽ ذلت جي احساس کان پيشانيءَ جو پگهر اگهندو بينڪ جي در مان نڪتو ته جوهر چورنگي نه ويو، ڇو جو هن ۾ شڪايت جي همت نه هئي، هن جي زندگي اڪيلائي ۽ خوف ۾ گذري هئي. هن اعتماد سان ڳالهائڻ سکيو ئي نه هيو. جوهر چورنگيءَ جي بينڪ ۾ ڏڪندڙ ڄنگهن سان هو ائين ڪيئن پئي چئي سگهيو ته “اي ٽي ايم مان نقلي نوٽ نڪتو آهي.” هن وٽ ڪهڙو ثبوت هيو؟ هن کي اي ٽي ايم مان نقلي نوٽ ڪڍندي ڪنهن ڏٺو آهي؟ بينڪ وارا کيس الزام هڻڻ جي ڏوهه ۾ گارڊ کان ذليل ڪرائي پئي سگهيا. هو تيز وکون کڻندو گهر آيو ۽ چلهو ٻاري کيسي مان نوٽ ڪڍي ساڙي ڇڏيو.
ان ڏينهن کانپوءِ هو ڪٿي به هزار جو نوٽ ڏيندو هيو ته سندس من خوف سان ڀرجي ويندو هيو. هن کي ڪا خبر نه هوندي هئي ته هو جيڪو هزار جو نوٽ ڏئي رهيو آهي، اهو کرو آهي يا کوٽو.
ان هزار جي نقلي نوٽ کري ۽ کوٽي جي سڄاڻ انڪري وڃائي ڇڏي هئي جو اهو ڏسڻ ۾ صفا اصلي هيو، ساڳيو ڪاغذ، ساڳيو رنگ، هڪ پاسي کان ڏور پيل ۽ اڇي گول ۾ روشنيءَ اندر نظر ايندڙ جناح جي روح جي تصوير. جڏهن هن نوٽ ڪڍيا هيا ته انهن ۾ ڪو فرق نه هيو. کيس اهو سوچي حيرت ٿيندي هئي ته بل وٺندڙ شخص اهو ڪيئن سڃاڻي ويو ته اهو نقلي نوٽ هيو؟ کري ۽ کوٽي جي سڃاڻ رب جي ڏات آهي ۽ هو ان ڏات کان وانجهيل هيو. خدا کي جن بندن کان ڌرتيءَ تي بينڪ جي نوڪري ڪرائڻي هوندي آهي ته اهو انهن کي اهڙي ڏات ڏئي روانو ڪندو آهي. پر خدا هن کي اها ڏات ڏني هئي ته ڌرتيءَ تي وڃي گناهن کي ڪيئن محسوس ڪري سگهجي ٿو؟ گناهه جو احساس ئي آهي جيڪو عبادت ذريعي خدا جي ويجهو وٺي وڃي ٿو. جڏهن ڏوهه ۾ ويڙهيل انسان خدا کي ويجهو ٿئي ٿو ته خوف جو احساس اڃان به انڪري وڌي وڃي ٿو جو خدا جي ويجهڙائي ان احساس کي وڌيڪ خوفناڪ بنائي ٿي.
کري ۽ کوٽي جي سڃاڻ، سچ ۽ ڪوڙ کي الڳ ڪرڻ آهي. سچ ۽ ڪوڙ پاڻ ۾ ماٽيلا ڀائر آهن ڇو جو ٻنهي جون مائرون الڳ ۽ پيءُ ساڳيو آهي. سچ ۽ ڪوڙ ساڳي گهر ۾ رهندي هڪڙي پيءُ جا دعويدار آهن. سچ ۽ ڪوڙ جو پيءُ دنيا ۾ جيئرو آهي ۽ ٻنهي پٽن جي مرڻ جي انتظار ۾ ايڏو پوڙهو ٿي چڪو آهي جو ٽئين شاديءَ جي لائق نه آهي، جنهن مان ڄمندڙ اولاد سچ ۽ ڪوڙ جي جاءِ والاري سگهي.
افروز به ائين هئي، هو ان کي سڃاڻي نه سگهيو. پيار ۽ نفرت ۾ ٿورو فرق آهي. جڏهن ڪو پيار ڪندو آهي ته نفرت ڪندو آهي. ڇو جو پيار ڪرڻ کانسواءِ نفرت نه ٿيندي آهي ۽ جڏهن نفرت ڪندو آهي ته پيار ان جي دل ۾ هوندو آهي. ڀلا پيار دل ۾ نه هجي ته ماڻهو نفرت ڪيئن ڪري سگهندو؟ افروز به ائين هئي، جيئن نه هئي ۽ هاڻي ائين آهي جيئن هئي، هجڻ ۽ نه هجڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي ڇو جو سچ، ڪوڙ، کري ۽ کوٽي جي سڃاڻ ائين آهي جيئن نه سڃاڻڻ ۽ نه سڃاڻڻ معنا صفا سڃاڻڻ، افروز جي هجڻ يا نه هجڻ سان ڪو فرق نه ٿي پيو ڇو جو هو ان کي وساري ويٺو هيو. هوءَ بيوفا هئي پر ان جي بي وفائيءَ جو احساس هن لاءِ ائين هيو جيئن ان جي هر بيوفائيءَ پويان هو قصور وار هجي. ان جي وڇوڙي جو سبب هن جون ڪيل ڪوتاهيون هجن. هو ان جي بيوفائيءَ جو احساس پنهنجي کيسي ۾ هزار جي نقلي نوٽ جيان کڻي پئي هليو. کيس هزار جي نوٽ کان نفرت ته نه هئي پر ان کي ڏسي خوف ۾ مبتلا ٿي ويندو هيو. هو چاهيندو هيو ته هزار جو نوٽ سندس کيسي ۾ نه هجي پر ڪنهن به شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هزار جي نوٽ جي ضرورت پوي ٿي. سوَن جا نوٽ هن جي گناهن جي احساس جيان اڄڪلهه ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪيل آهن.
سبزيءَ وارو، بقالڪي وارو، گوشت وارو، هو جڏهن ڪنهن کي هزار جو نوٽ ڏئي اڳتي وڌندو هيو ته سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هئي جيئن کيس پڪ هجي ته ڏنل هزار جو نوٽ نقلي آهي ۽ ان ڄاڻ سڏ ڪري کيس ڀريل بازار ۾ ذليل ۽ خوار ڪيو.
هن هزار جا هزارين نوٽ ڏنا پر ڪڏهن پويان سڏ نه ٿيو. نه ڪڏهن بقالڪي، نه سبزيءَ واري، نه گوشت واري ۽ نه ڪڏهن فروٽ واري پويان سڏ ڪيو پر پوءِ به هو ان احساس کان گهٻرايل هوندو هيو ته سندس کيسي ۾ پيل هزار جي نوٽن مان هڪ نوٽ نقلي آهي، جنهن جي سڃاڻ هن وٽ نه آهي. هو نقلي نوٽ کي گهڻو وقت اڳ ساڙي چڪو هيو ۽ ان جي دونهي مان ايندڙ بوءِ اڃان به سندس مغز جي حرام حصي ۾ موجود هئي.
آخر هن کي يقين اچي ويو ته هو هزار جو نقلي نوٽ ساڙي ويٺو آهي. ان جي دونهي جي بوءِ هن جي ڪيل هر وضوءَ سان ڌوپجي چڪي آهي. هو هاڻي بازار مان لنگهيندو هيو ته نقلي نوٽ جي گناهه کانسواءِ ٻيا گناهه ان احساس جيئن موجود هوندا هيا ته اهي نقلي نه آهن.
هڪ دفعي هن بازار ۾ گوشت وٺي دوڪاندار کي هزار جو نوٽ ڏنو، ان بغير ڏسڻ جي نوٽ وٺي پيٽيءَ ۾ وڌو ۽ باقي پئسا ڳڻي هن کي ڏنا. هو گوشت وٺي اڳتي هليو ته کيس پويان سڏ ٿيو. هن جا قدم رڪجي ويا، جسم ٿڌو ٿي ويو. هٿ ۾ جهليل گوشت جي ٿيلهي ڏڪڻ لڳي، هن مڙي ڏٺو، اها افروز هئي، اها وڌي هن وٽ آئي ۽ پڇيائين “تون منهنجو آخري خط پڙهيو هيو؟”
هن جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو، اکين ملائڻ جي همت نه هئي، هن جهيڻي آواز ۾ چيو “مان هزار جو نقلي نوٽ ساڙي ڇڏيو آهي.”
پوءِ هو تيزيءَ سان بازار مان نڪري ويو.