اڌ رنگو + اڌ رنگو
مان ننڍپڻ کان شرميلو ۽ الڳ ٿلڳ رهيو آهيان. سوال پڇڻ کان لهرائيندو آهيان. جيئن سمجهندو هجان ته جواب ڏيڻ وارو سوال ٻڌي ناراض ٿي ويندو ۽ چوندو “غير ضرور سوال کان چڱو آهي ته غير ضروري جواب ڏجي ۽ ان غير ضروري جواب جو غير ضروري سوال سان ڪو تعلق نه هجي.”
مان ڪڏهن پوڙهي کي ويجهو وڃي نه سگهيس ۽ ان کان حال احوال پڇي نه سگهيس. منهنجو گهر شهر کان ڏور اهڙي هنڌ آهي جتي روڊ جي پاسن کان قديم وڻ آهن، انهن جون لڙڪندڙ پاڙون هوا ۾ ائين جهولينديون آهن جيئن نظر نه ايندڙ مخلوق پاڙن سان چنبڙيل هجي. هر گهر ۾ مانارا آهن پر ماکي کائڻ وارو ڪير به نه آهي. ائين نه آهي ته گهر خالي آهن پر کين ماکيءَ کان نفرت آهي. وسنديءَ ۾ ڪوهيڙو ائين ڦهليل هوندو آهي جيئن وٻائي مرض ۽ پنن مان ماڪ ائين ڇڻندي آهي جيئن وڻ جهڙ جا ٺهيل هجن، هتي نه سج لهندو، نه اڀرندو آهي، پر پاڇا ننڍا ۽ وڏا ٿي ڦهلجي ويندا آهن. اوندهه جو راڄ آهي ۽ ستارا ٽانڊن جيئن ٽمڪندا آهن. لنگهي ويل ڏينهن جي ڌوڙ سانجهيءَ ۾ سمائجي رات ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ اڀ ۾ کلندڙ چنڊ جا ڏند هيڊا آهن. اوندهه ۾ ڏيئو ٻارڻ انڪري ڏوهه آهي جو اها قدرت سان بغاوت آهي. تيلي ٻاري اوندهه ساڙڻ ۽ غير ضروري وار ڪوڙڻ ۾ ڪو تفاوت نه آهي. منهنجو ننڍپڻ ڪوهيڙي ۾ گذرڻ ڪري طبيعت نرم آهي. هتي رهندڙ انسانن جون دليون يادن جي پپل ۾ ڦٽيل پنن جيان آهن.
اهو پراسرار پوڙهو جنهن کي ست پٽ روز ويل چيئر تي گهمائيندا هيا، روڊن جي پاسن کان لڳل گهاٽن وڻن جي وچ مان ايندي ائين لڳندو هيو جيئن اوندهه ۾ اڇن ڪپڙن وارا فرشتا ڪنهن وليءَ کي ويهاري جنت جو رستو ڳولهيندا هجن ۽ جنت جو رستو انهن کان وڃائجي ويو هجي. فرشتن جي منهن تي ندامت هجي ته “جيڪڏهن فرشتن کان جنت جو دڳ وسري وڃي ته کين خدا ڳولهيندو دوزخ تائين پهچي ويندو.”
سانجهيءَ وقت جڏهن منهنجي عمر پنج سال هئي ۽ اهي ست پٽ پوڙهي پويان پئي هليا ته ڄڻ ويل چيئر پنهنجو پاڻ پئي هلي. جڏهن منهنجي عمر ڏهه سال ٿي ته پوڙهي پويان ڇهه پٽ هيا ۽ اهو سومهڻيءَ جو وقت هيو. دل چاهيو پوڙهي کان پڇان “تون ڪير آهين؟... ڪيتري وقت کان بيمار آهين؟”
پر مان ڪڏهن پڇي نه سگهيس.
پوءِ پوڙهي پويان پنج پٽ هيا ۽ هو ويل چيئر تي اکيون بند ڪري ڄڻ ماضيءَ ۾ گم هيو. ان بند اکين پويان ڏٺو، ان جا ٻه پٽ قبر کوٽي رهيا هيا. قبر جي ماپ تي بحث ڪري رهيا هيا. هڪ چئي رهيو هيو “بابو منهنجي قد جو آهي” ۽ ٻيو چئي رهيو هيو “منهنجو قد بابي جيترو آهي.”
اهي ٻئي ساڳي قبر ۾ سمهيا ۽ دفن ٿي ويا. ڇو جو جاڙا ڀائر هيا.
پوڙهي اکيون کوليون ته منهنجي عمر ويهه سال هئي، مون کي ڏاڙهي رکائڻ جو شوق ننڍي هوندي کان هيو. شوقينن جي ڏاڙهيءَ جو رنگ ڪارو هوندو آهي پر منهنجي عمر ننڍي هئي، ڏاڙهي ڪاري ڪري سگهجي ٿي پر شوق ۾ عمر ننڍي ڪرڻ ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه نه آهي.
اهي سخت سياري جا ڏينهن هيا، سيءَ ۾ اس سڙي رهي هئي. مون ڪوٽ لاهي اس تي وڌو، اس ڪوهيڙي ۾ ائين هئي جيئن سج تي مينهن وسي رهيو هجي، لفظ وات مان ٻاڦ بنجي ڪنن ۾ رجي رهيا هيا. ويهه ڪلوميٽر پري بادلن جيان اٿندڙ شينهن جي گاج گهر جي اڱڻ ۾ ٻڌل ٻڪريءَ مٿان ڪو به مينهن وسائڻ بنا لنگهي وئي.
ان رات جڏهن پوڙهو پنهنجن پٽن سميت لنگهيو ته مان گهر جي چانٺ تي يادن ۾ وڪوڙيل هيس “روحانا” ڪروڙين ڪلوميٽر پري چنڊ ۾ نظر اچي رهي هئي. منهنجو ڪنڌ مٿي هجڻ ڪري پڪ پوڙهي سوچيو هوندو ته چانٺ تي بيٺل شخص وڏو مغرور آهي، پر ان مغرور پوڙهي کي ڪهڙي خبر ته محبوبائن لاءِ ڳاٽ اونچا ڪري بيٺل شخص جا ڪنڌ ائين جهڪيل هوندا آهن جيئن اڏيءَ تي ڪات جو انتظار ڪندا هجن.
“روحانا” منهنجي محبوبا، جنهن سان عشق ٿيو ته لڳو پهريون دفعو ڪمري ۾ بلب ٻريو هجي. منهنجو وقت اوندهه ۾ گذرڻ ڪري اکيون ننڍيون ۽ دل وڏي آهي. ٻاهر اوندهه هجي ته اندر روشنيءَ سان ڀرجي ويندو آهي. منهنجي دل سان اوندهه جا ڪرڻا ٽڪرائجي موٽ کائي رهيا هيا ته روشنيءَ ۾ روحانا جو چهرو ٺهي رهيو هيو. مان تعليم، نوڪري، روزگار ۽ هر شيءِ ۾ ناڪاميءَ جو منهن ڏٺو ڇو جو عشق ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن “روحانا” زندگيءَ م داخل ٿي ته پوڙهي جي ويل چيئر پويان چار پٽ هيا، پوءِ مون کي پٽ ڄايو اهو وڏو ٿيو، ٻيو پٽ ڄايو، وڏو ٿيو. ٽيون پٽ ڄايو، وڏو... مان پٽن سان در جي چانٺ تي بيٺل هوندو هيس ته پوڙهي جي ويل چيئر پويان چار پٽ هلندا هيا، ويل چيئر ائين هلندي هئي جيئن ان ۾ پوڙهي جو روح سمائجي ويو هجي، اها پوڙهي جي جسم جو حصو هجي، ان جون ٻانهون ويل چيئر جون ٻانهون هجن ۽ ڄنگهون ويل چيئر جا ڦيٿا جيڪي ائين ڦرندا هيا جيئن پوڙهو وقت جي مدار ۾ گردش ڪندو هجي.
مان ڊڄڻو آهيان، آئيني کان انڪري ڊڄندو آهيان جو پاڻ جهڙو ٻيو ڏسي نه سگهندو آهيان. پاڻ تي رحم ايندو آهي ڇو جو زندگي بي رحم آهي، گهڻا ڏک پيئڻ ڪري ڳوڙهن جو لوڻ ڇڊو ٿي چڪو آهي. انڪري سمنڊ جا ڪنارا وڻندا آهن.
اهو پراسرار پوڙهو پٽن سان روز رات جو گشت ڪندو رهيو، نه ان ڪڏهن سلام ڪيو نه مون، نه ان ڪڏهن نهاريو، نه مون، جڏهن به ان کي اوڀر کان ايندي ڏسندو هيس ته منهن اولهه ڏي ڪري ڇڏيندو هيس، جيئن کيس چوندو هجان “تون سج اڀرڻ جو انتظار ڪر، مان سج لهندي ڏسان ٿو.”
پوءِ سج چڙهيا ۽ لٿا، پوڙهي جا ٻه پٽ بچيا، روحانا ستن پٽن ۾ روح ورهائي دنيا مان راهي ٿي وئي. اهي سرءُ جا ڏينهن هيا ۽ روحانا جو جسم هيڊو هيو. عربيءَ ۾ رت کي دم چوندا آهن ۽ اسين باهه هلڪي ڪري دم ڏيندا آهيون. جڏهن دم ڌڻيءَ حوالي ڪبو آهي ته دم تي رکيل چانور تڏي تي ويٺلن ۾ ورهائبا آهن. ان کان وڌيڪ ڪهڙي چوڻي ٿي سگهي ٿي ته “دم ڌڻيءَ حوالي، دم تي رکيل ماڻهن حوالي”
خدا دم ۽ دعائون قبول ڪندو آهي، خدا دعا نه ڪندو آهي ڇو جو هڪ آهي. خدا نصيحت ڪندو آهي. اسين نصيحت تي عمل ڪري صلاحون ڏيندا آهيون ۽ صلاحن تي عمل ڪري وري نصيحت ڪندا آهيون.
روحانا دنيا ۾ نه رهي سندس روح جون ست پتيون رهجي ويون. ڄڻ عيدالاضحيٰ هئي. مون ميرا ڪپڙا پائي ستن پٽن سان جنازي نماز پڙهي، عيد تي ماڻهو قبرستان ويندا آهن، مان به ويس، روحانا کي دفنائي موٽيس ته ڏاڙهي اڇي ٿي وئي.
منهنجا ست پٽ جوان ٿي چڪا هيا، هڪ کي مڇون هيون، ٻئي کي نه هيون، ٽئين کي ڏاڙهي هئي، چوٿين کي نه هئي، پنجين کي نه ڏاڙهي هئي نه مڇون. ڇهين کي ڏاڙهي به هئي ته مڇون به ۽ ستين کي ڏاڙهي مڇن ۾ دير هئي.
وقت ائين گذري ويو جيئن ڌوڙ اڏامي وئي. ڪک اڏامي ويو. سڪل پن اڏامي ويو. رسي تان رئو اڏامي ويو. روحانا جو رئو، سيفون جنهن مان سندس ڳل ڏسبا هيا، ناسي ڀورا، پاسي جي اڌ مرڪ جنهن ۾ زندگي جاڳندي هئي. روحانا روح مان ٺهيل هئي، جسم مان هيس ۽ جسم جيئري دفن ٿي ويو.
ست پٽ جوان ٿيا ته روز لنگهيندڙ پوڙهي پويان هڪ پٽ بچيو، منهنجي لاءِ حيرت جي ڳالهه هئي ته گذريل سٺ سالن اندر پوڙهي جي منهن ۾ ڪو فرق نه پيو هيو. ساڳيو ڪاٺ مان ٺهيل بند دروازي جهڙو منهن ۽ وات کي تالو، ان جو آخري پٽ گيتلو گسائيندو ويل چيئر پويان ائين هلي رهيو هيو جيئن گوشت جو گڏو هجي. حياتي مقرر آهي پر بي جان امر آهن. پٿر مرندو نه آهي، سون سڙندو نه آهي. پٿر کي پاڻيءَ جي دل هجي ها ته ڦسي پوي ها. ڪوئو پهاڙ ٽڪي پناهه وٺي ٿو. موت ڪوئي تي ايندو پهاڙ تي نه، پٿر ۽ پهاڙ مرن ها ته کين انسانن اندر دفنائيو وڃي ها.
منهنجي عمر جڏهن پنج سال هئي ته ستر سالن جي پوڙهي کي ساڳي حالت ۾ ڏٺو جيئن پنهنجي عمر جي ستر سالن ۾ ڏسي رهيو هيس، دل چاهيو سندس ويل چيئر روڪي عمر جو راز پڇي سگهان. هڪ ڏينهن پڪو پهه ڪيو ته پوڙهي کان ضرور پڇندس، پر پوءِ مون تي اڌ رنگي حملو ڪيو ۽ پوڙهي کان پڇي نه سگهيس.
مان اڌ رنگي جو مريض کٽ تي پيو هوندو هيس، اڌ رنگي جو مريض اڌ مئل ۽ اڌ جيئرو هوندو آهي. ان جو جيئرو پاسو مئل کي سهارو ڏيندو آهي. ڪجهه ڏينهن گذريا گهڻي سمهڻ ڪري کڙين ۽ پاسن کان زخم ٿي ويا. ڊاڪٽر جي چوڻ تي هڪ ويل چيئر جو اهو سوچي بندوبست ڪيو ويو ته مون کي پٽ روز رات جو سير ڪرائيندا، ائين ڪرڻ سان من جي مونجهه گهٽبي ۽ طبيعت ۾ سڌارو ايندو.
نيٺ هڪ رات منهنجا پٽ ويل چيئر تي ويهاري روڊ تي وٺي آيا، هر طرف ڪوهيڙو ۽ اوندهه ڇانيل هئي. ويل چيئر ائين هلڻ لڳي جيئن ان جي ڦيٿن ۾ توانائي اچي وئي هجي. منهنجا پٽ ڏک کان خاموش ڪنڌ هيٺ ڪري پويان هلڻ لڳا. بيماريءَ ڪري صفا پوڙهو ٿي ويو هيس، هڪ هٿ ويل چيئر تي رکيل هيو ۽ اڌ رنگ سبب ٻيو هٿ جهول ۾ پيل هيو جنهن جون آڱريون ٽيڙيون هيون. گهڻن ڏينهن کانپوءِ تازي هوا ڪري دل کي راحت محسوس ٿي ۽ اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. جڏهن دل راحت سان ۽ اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هجن ته اهو درد جو عروج هوندو آهي. درد جو زوال موت کانسواءِ ڪو به نه آهي. منهنجا پٽ خاموشيءَ سان ويل چيئر پويان پئي آيا ۽ مان ڪنهن ڪاٺ جي در جيان بند وات کي تالو هڻي ويٺل هيس.
ڪوهيڙي ۾ پريان ساڳي پوڙهي جي ويل چيئر ظاهر ٿي جنهن تي اڪيلو ويٺل هيو، چانڊوڪيءَ ۾ وڻن جا پاڇا روڊ سان گسي رستو صاف ڪري رهيا هيا، منهنجن ڳوڙهن ۾ ستارن جون چڻنگون دکي رهيون هيون. مان ڌڌلڪين نظرن سان پوڙهي کي ايندي ڏٺو، ان پويان ڪو به موجود نه هيو. مون ان کي روڪڻ چاهيو پر هٿ کڻي نه سگهيس. ڳالهائڻ چاهيو پر چپ چوري نه سگهيس. جڏهن صفا سامهون آيو ته سندس ويل چيئر رڪجي وئي. مان ته ڳالهائي نه سگهيس پر ان ڳالهايو “ننڍي هوندي کان توکي ان حال ۾ ڏسندو آيو آهيان، مان توکي سڃاڻان ٿو، ڇا تون مون کي سڃاڻين ٿو؟ ياد رک، تنهنجي وجود جو اڌ حصو منهنجو ۽ منهنجي وجود جو اڌ حصو تنهنجو آهي.” ان چيو ۽ هليو ويو.
مان هڪ لفظ به ڳالهائي نه سگهيس، منهنجا پٽ بت بنجي ويا ۽ اڌ رنگو سڄي جسم تي حاوي ٿي ويو.