حسرتن جا ڪتاب
منهنجي نظر رسي ويل محبوب جي موڙيل منهن ۾ گم ٿي وئي آهي. عمر جي هن حصي ۾ جڏهن ڪتابن جا لفظ منهنجيءَ نظر جيئن ڪمزور ٿي چڪا آهن ۽ ائين ڌنڌلڪا ٿي ويا آهن جيئن ڪوهيڙو منهنجن ڳوڙهن کي جلا بخشڻ چاهيندو هجي. اڄ اهي ڪتاب ياد ڪيان ٿو جيڪي منهنجي ذهن ۾ هيا، اهي ڪتاب جن مون کي جيئرو رکيو، اهي جن مون کي ٿڻ آڇيا.
منهنجي نظر ائين جَهڪي ٿي چڪي آهي جيئن آئيني تي ٻاڦ، کنڊر مان لڌل سڪو، کيسي ۾ وسري ويل بارش ۾ ڀڳل خط، مان ڪتابن پڙهڻ کان قاصر ٿي چڪو آهيان، اي حياتي تنهنجي پڇ ۾ اهڙو ڪنڊو آهيان جنهن جو زهر توکي ماري وجهندو، مان وٽ وقت نه آهي، وقت جي هڙ ۾ ويڙهيل اهڙو ساهوارو آهيان، جنهن جا هٿ وڍيل ۽ پير زخمي آهن. اکين ۾ روشني ايتري آهي جو اوندهه ڏسي سگهي.
ڪڏهن لفظ عمارتن جيئن اڀريل هوندا هيا، اهي عشق جا مينار هيا ۽ جملا صفن ۾ بيٺل سجدي جا منتظر.
زندگي اهڙي رسي جيان آهي جنهن تي نانگ جا چِٽ آهن، رسو نانگ جو ڏنگيل آهي ۽ ان ۾ زندگي ڊوڙي ٿي، زهر جيئرو رکي ٿو. حياتي تنهنجي تڙپ جي معياد آهي. اکين جي مڻ سنڍ ٿي چڪي آهي. ڳوڙهن جي تازگي معنا وڃائي ويٺي آهي. ڪو اهڙو ترياق نه آهي جيڪو رسي ويل منظر موٽائي سگهي. اهي چهرا، اهي ماڻهو، اهي موسمون، اهي بهار، خزان جا پيلا پن، اهي مرڪون، اهي ڳوڙها ۽ ڪتابن جا سرسبز، گلابي، نيرا جلد، اهي مري ويل مصنف، مفڪر، شاعر ۽ سوچن جا منصف. جن جي نظر گهٽ هوندي آهي، اهي چٽا خواب ڏسندا آهن پر منهنجو تصور خوابن کان رنگين آهي. منهنجي تصور ۾ ڪتاب پکين جيئن اڏامن ٿا. مان پکين جي پڃري ۾ بند ٿيل آهيان.
مون ڪئي ڪتاب پڙهيا، هاڻي سوچيان ٿو، ڇا اهي ٻيهر پڙهي سگهندس؟ منهنجي نظر گهٽ آهي ۽ وقت محدود، پر مونکي اهي سڀ ڪتاب ياد آهن. اها لئبريري جيڪا سڄي رات کليل هوندي هئي. ان اڇي سنگمرمر جي لئبريريءَ تي جڏهن چانڊوڪي پوندي هئي ته ان جو رنگ هلڪو نيرو ٿي ويندو هيو. اها قديم لئبريري اهڙن ٿنڀن تي بيٺل هئي جيئن ڊگهي قد وارا دانشور کيس پنهنجين ترين تي جهلي بيٺا هجن. مون کي ان لئبريريءَ جي اتر پاسي پيل اها ٽيبل ياد آهي جنهن تي مون “نڪوريا ماريا” جو ڪتاب “گونيا” پڙهيو، اهو جيڪو ٽيون جنم وٺي ڌرتيءَ تي آيو ته ازدها هيو. هو ڳالهائيندو هيو ته ان جي وات مان باهه نڪرندي هئي. پوءِ خدا ان کي معاف ڪيو ۽ ستين جنم ۾ آيو ته سندس وات مان گل ڇڻندا هيا. ان شاعريءَ جا ستونجاهه ڪتاب لکيا، سندس شاعري پڙهڻ ۾ ائين هوندي هئي جيئن چپن ۾ ساز وڄندو هجي. ان جي شاعري ياد جي اهڙي نانگ جيان هئي جيڪو ماضيءَ جي قبرستان ۾ هر واقعي جي قبر مٿان وڪڙ هڻندو هلندو پيو وڃي. ان جي اندر جو ازدها پوءِ به مري نه سگهيو. سندس شاعري ڪڏهن ايڏو جذباتي رنگ اختيار ڪري پئي وئي جو ان تي باهه جو گمان پئي ٿيو.
مون کي “ازبيلا” جو ڳاڙهي جلد وارو ڪتاب ياد آهي، جنهن تي سونهري اکرن ۾ “واويلا” لکيل هيو. اهي ڳاڙهو جلد جنهن تي هزارين هٿن جا نشان هيا. ان جي پاسن کان ڇڳل ڪپڙي جي جلد جا ڌاڳا ائين لڙڪندا هيا جيئن وڻ جي ٿڙ مان کونئر، ازبيلا جنهن هڪ ڪتاب جا ٻارنهن جلد لکيا ۽ ان جون اکيون انڌيون ٿي ويون. مسلسل قلم جهلڻ ڪري سندس وچين آڱر وٽ نشان ائين هوندو هيو جيئن نمازيءَ جي پيشانيءَ تي محراب، اهو نابين مصنف جيڪو لٺ کي خدا کان وڏو سهارو سمجهندو هيو. ان جي ڪتاب جا يارهن جلد “پولاپاري” جنگ کان پوءِ ساڙيا ويا، صرف هڪ جلد اڪيلي سپهه سالار جيان بچيو جيڪو پنهنجي مئل فوج جو سربراهه هيو، چون ٿا اهو اڪيلو جلد ان ڪري بچي ويو جو “ازبيلا” پنهنجي ساهه جي رڳ ڪٽي ڪتاب کي رت سان آلو ڪري ڇڏيو هيو. ڳوڙهن سان ٻارنهن جلد لکندڙ مصنف جو رت صرف ان لاءِ ڪافي هيو ته اهو هڪ جلد کي آلو ڪري سگهيو.
ازبيلا ان ڪتاب ۾ پنهنجي ڌيءَ جي عاشقن کي دعائون ڏنيون آهن. هن پنهنجي دل جي منظر ڪشي ڪندي لکيو “دل اهڙو پهاڙ آهي جنهن ۾ پٿر ناياب آهن، دنيا اتي آهي جتي سمنڊ جو ڪنارو آهي ۽ سمنڊ جو ڪنارو اهڙو خواب آهي جيڪو ننڊ جو انتظار ڪري ٿو.”
مان جڏهن هڪ نارنگي جلد وارو ڪتاب ياد ڪيان ٿو ته مونکي ساڌو “سوا نند” ياد اچي ٿو. جيڪو ڪتاب جي پهرين صفحي تي هڪ ڪاري فوٽوءَ ۾ سرمئي ٻاڦ جيان بيٺل هيو، سندس اگهاڙي پيٽ تي دُن جي چپن تي هڪ اداس مرڪ هئي. ساڌوءَ جو هڪ هٿ ائين مٿي کنيل هيو جيئن هو ڪتاب کي اڳتي کولڻ کان روڪيندو هجي. ڪتاب جو پهريون اکر ڪفر مان نڪتل آهي. جڏهن ڪتاب دوزخ ۾ پوندا ته باهه کي ساڙي وجهندا، عاشق جي دل کٻڙ جي پيرونءَ جهڙي آهي ۽ حياتي پير جي لڦ جيان نرم، ساڌوءَ جي ڪتاب جو هر حرف، جنهن ۾ لوبان جي خوشبوءِ هئي، ان ۾ اندر تلسيءَ جا پن پيل هيا. ڪڏهن ڪتابن جا ورق درد انگريز لکڻين جو بار نه کڻندي پيلا ٿي پوندا آهن. عظيم ڪتابن کي ساڙيو وڃي ته انهن مان اگربتين جي دونهي جي خوشبوءِ ايندي آهي، ساڌو سوانند جنهن جي لکڻين جو موضوع دردن کي پنهنجو ڪري انهن کان آجو ٿيڻ هيو.
آٿتا (Placebo) حڪمت جو هٿيار آهي. دلاسو دل کي اطمينان ڏئي ٿو، ساڌو سوانند جنهن جون ڪاري فوٽوءَ ۾ دونهاٽيل اکيون رات جي اوندهه ۾ عبادتگاهه جي دروازن جيان بند هيون. ساڌوءَ جو اهو ڪتاب جنهن جي وچين صفحي تي لکيل هيو “اي خدا! مون کي ائين لڪاءِ جيئن تون لڪيل آهين، ڪافر جي من ۾ خدا، وسامي ويل مچ ۾ چڻنگ جيان دکي ٿو، ڪڏهن خدا دونهي جو روپ ڌاري رنڌڻي ۾ رزق جو جائزو وٺندو آهي.”
مون جڏهن به ڪو ڪتاب پڙهيو ته لفظن لڪيرن جو روپ ڌاري منهنجي دماغ ۾ ان ليکڪ جو چهرو ٺاهيو. اهڙا سوين چهرا لفظن جي صورت ۾ منهنجي چوگرد موجود هيا.
مونکي “اينٽونيوٽا” جو چهرو ياد آهي، ان جي سڪل منهن جي صحتمند ڏاڙهي، لفظن جي لڪيرن جيان هيٺ لڙڪي رهي آهي. مون جڏهن ان جو ڪتاب “ڪاٺ جي پتلي” پڙهيو هيو ته منهنجي نظرن اڳيان سندس اڀري آيل چهرو ان حقيقي فوٽوءَ کان گهڻو مختلف نه هيو جيڪو مون “لابيلا” جي ان لئبريريءَ ۾ مک دروازي سامهون عظيم اديبن جي ٽنگيل فوٽن جي قطار ۾ ڏٺو هيو. اهو هوبهو ائين ئي هيو جيئن سندس ڪتاب “ڪاٺ جي پتلي” پڙهڻ کانپوءِ منهنجي ذهن ۾ اڀريو هيو ۽ “هيوگو سرواسي” جنهن جي مٿين چپ تي ليڪ جهڙيون مُڇون هيون. ان جو ناول “بزاگيا” جنهن مان درد، بند تي ڊوڙندڙ ريل جي ڪاري انجڻ جي دونهي جيان پري پري تائين ڦهليل سرنهن جي پيلن گلن مٿان اڏامندو پيو وڃي. ان جو هيرو “يوري” جيڪو ريل ۾ ويٺل محبوبا پويان ڊوڙي پليٽ فارم تي ڪري پنهنجيءَ جان جو نذرانو پيش ڪري ٿو.
“جان فدل” جو اهو ڪتاب جنهن ۾ هڪ فقير ٿڌ ۾ ايڏو ته ڏڪي ٿو جو هٿن ۾ جهليل ڪافيءَ جو ڪوپ پنهنجن چپن تائين آڻي نه سگهي ٿو ۽ پنهنجي مٿان هاري ڇڏي ٿو. مون کي ڪتابن جا چهرا ياد آهن. سجيل ڳاڙهين اکين وارا، ڀڀوت ڀنڀين ڏاڙهين وارا، وکريل وڏن وارن وارا، ڊگهن وڏن ڪوٽن وارا.
ڌرتيءَ تي پيل هيڊيون نموريون “السوفڪيءَ” جا ڳوڙها ئي ته آهن. “السوفڪيءَ” جون ڀوريون نڪ وٽان وهندڙ زڪام جهڙيون مُڇون، ان جو کوپڙيءَ جهڙو منهن، سندس اکين جي سوراخن ۾ ڀنورن جا مانارا هيا، السوفڪيءَ جا ڪتاب ڏک جو سمنڊ آهن. جنهن ۾ دنيا جو سج غروب ٿي ڪڏهن نه اڀريو آهي. اهي ندامت جا ماريل ڪردار، نه ڪيل گناهن جو ٻوجهه پنهنجن ڪلهن تي کڻي ذلت جي رستن تي هلندا نظر اچن ٿا. اهي نيڪيون ڪندي گناهن جي احساس ۾ دٻيل آهن.
“ميخائيل اينو ڪوف” جو ڪتاب “زاويو” جنهن ۾ انسان ڏيڏرن جيان مفادن جي کوج ۾ ٽپا کائيندي نظر اچن ٿا. اهي تصور ۾ مسرور ڪردار جيڪي خيالي دنيائن ۾ ناحاصل سرورن سان دل وندرائين ٿا. اهو تصور جيڪو محروم انسانن کي خيالي تفريح فراهم ڪري ٿو. اهي اوجاڳي جا خواب جيڪي پهچ کان پري حسين عورتن جي چپن جا ڇهاءُ کين پنهنن چپن تي محسوس ڪرائين ٿا.
“ايوتو ڪيشو” جي ڪتاب جي حسين “جماليا” جنهن جي نڪ جي ڪوڪي ۾ دليون لڙڪن ٿيون. ان جو حسن ريشم جا ڪيڙا اهڙي رومال جيئن اڻن ٿا، جنهن رومال تي “آذري” پهاڙن جي اڻ ڏٺل سونهن ڪنهن آسيب جيئن لڪيل آهي.
“ايوتو” جي ڪتاب جي بيوفا “راڪيل” جيڪا محبوب کان رسي وهاڻي کي ٻه حصا ڪري، اڌ وهاڻو کڻي هلي وڃي ٿي.
اهي “وائلڊ” جي ڪتاب جا عظيم منظر، برف ۾ ڄميل پهاڙ ۽ پهاڙن ۾ رهندڙ انسانن جي وجود مان موت کانپوءِ ٻاڦ جي صورت ۾ نڪرندڙ روح، ٿڌ ۾ انهن جي گفتگوءَ جا وات مان نڪري برف ٿي هيٺ ڪرندڙ لفظ، پليٽ فارمن تي ريل ۾ ويٺلن کي ڇٽيون جهلي بيٺل ڊگهن ڪوٽن وارا مينهن ۾ روئندڙ “الوداع” چوندڙ ڪردار.
“ايملي نرويو” جي ڪتاب جو اهو امر ڪردار جيڪو پنهنجي پياريءَ جي قبر تي سنگمرمر جي ڪتبي کي چمي ڏيندي، ڪتبي جي ٿڌ چپن تي محسوس ڪندي ڏڪڻ لڳي ٿو. ان شهر جي ڳالهه جنهن ۾ مرڪڻ تي پابندي آهي. نديءَ مٿان بيٺل ٽٻڻي جيڪا هر هر هيٺ گهت هڻي، ڪا به مڇي نه ٿي پڪڙي سگهي.
“هيما نار” جو ڪتاب “ٻه منهي ٻلهڻ” جنهن ۾ ڏند ڪٿائي مڇيءَ جو هڪ پاسو عورت جو آهي ۽ ٻيو پاسو مرد جو آهي. دوزخ جي جبل مان وهندڙ برف جو لاوو ۽ ان کان اڳتي خدا کي ڳولهيندڙ ڪردار جيڪو ماڪوڙي کي ڏسي بيهوش ٿي وڃي ٿو.
“گبريليا گياگنيءَ” جو ڪتاب “انسان نما ڪتو” ۽ “اهي ڏند جن کي ڪو کائي نه سگهيو” ان جو لافاني ڪتاب “سئو سالن کانپوءِ هزار سال” ان جي عظيم ڪتابن ۾ ڏک هيٺان لڪيل کل جهڙي مذاق، ان جا مخفي اشارا جڪي گناهه گارن کي وڌيڪ گناهه گار ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. سندس تشبيهون جن ۾ هو انسان کي پاڻيءَ سان ڀيٽي، واش روم ڌوئي ٿو.
اڄ جڏهن پنهنجي ناڪافي ياد سان اهي وسري ويل ڪتاب ياد ڪيان ٿو ته سڀ اهڙن هوائي گهوڙن جيان اڏامندي نظر اچن ٿا جن گهوڙن جون منڍيون منهنجي زندگيءَ ۾ آيل عورتن جي چهرن جهڙيون آهن. اهي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل مصنف، اهي ڪتاب جن جا حرف وقت جي واءُ مٽائي ڌنڌلڪا ڪري ڇڏيا آهن. اهو سڀ اهڙو خواب آهي جنهن ۾ مان چنڊ هيٺان سمهي ننڊ جو انتظار ڪيان ٿو. سوچيان ٿو. دنيا ۾ ڪي به اهڙا ڪتاب نه آهن جن کي مون ياد ڪيو. دنيا ۾ ڪي به اهڙا مصنف نه آهن جن کي مون ڪڏهن پڙهيو. اهي سڀ وهم آهن. منهنجو گمان آهن. ها اهي سڀ منهنجا ڪتاب هيا جيڪي وسري چڪا هيا. جن کي ڪڏهن مان لکي نه سگهيس. اهي سڀ سوچن جا پاڇا هيا ۽ پاڇن هيٺان ويٺل اهڙا مصنف هيا، جن جو وجود دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ نه آهي. اسين پاڇن جا وجود آهيون. سورج غروب ٿيڻ کانپوءِ پاڇا اوندهه ۾ مٽجي ويندا آهن. اهي سڀ چهرا منهنجا هيا، اهي سڀ ڪتاب منهنجا هيا.