انٽرويو
جواب: مون کي خوشي پئي محسوس ٿئي، منهنجو انٽرويو ان رسالي ۾ شايع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ منهنجو سڀ کان خوبصورت ناول “نجومي” شايع ٿيو ۽ “عبدالله افغانيءَ جون ٻڪريون” جهڙي ڪهاڻي پڻ ڇپي جنهن لاءِ مون کي وڌ ۾ وڌ حوصلا افزائيءَ جا ايس ايم ايس پهتا.
سوال: اوهان لکڻ جي شروعات ڪيئن ڪئي؟ ڇا اوهان جي خاندان ۾ ڪنهن کي لکڻ سان دلچسپي هئي؟
جواب: 1960ع ڌاري اسان جي گهر ۾ “نئين زندگي” رسالو هر مهيني ايندو هو، مون کي ننڍپڻ کان ادب پڙهڻ جو موقعو مليو. ان رسالي ۾ هڪ مصري ڪهاڻي پڙهي هئي. جنهن ۾ هن دنيا کان ناراض پوڙهو برپٽ ۾ وڃي خدا کي دنيا جي تباهيءَ لاءِ ٻاڏائي ٿو، ڇو جو اهو دنيا مان بيزار آهي. اهو جيئن ٻڪ کڻي خدا کان دعا گهري ٿو ته هڪ جهرڪي ان جي ٻڪ ۾ ڪک رکي هلي وڃي ٿي ۽ اتي آکيرو ٺاهي آنا ڏئي ٿي. آري ڪرڻ کانپوءِ ان مان ٻچا نڪرن ٿا ته پوڙهو پنهنجا هٿ ان ڪري نه ٿو کولي ته متان ٻچا هيٺ ڪِري مري نه وڃن پوءِ ان کي احساس ٿئي ٿو ته جڏهن سندس دل ۾ جهرڪيءَ جي ٻچن لاءِ ايڏو رحم آهي ته پوءِ خدا انسانن لاءِ بيرحم ڪئين ٿو ٿي سگهي؟ ڇو جو انسان ئي خدا جا ٻچا آهن. اهو پوڙهو توبهه تائب ٿئي ٿو. اڳتي هلي مون جڏهن سکر جي معصوم شاهه لائبريريءَ ۾ ڪتاب پڙهيا ته چوڏهن سالن جي عمر ۾ مون پهرين ڪهاڻي لکي.
سوال: ان دور ۾ اوهان ڪهڙي ليکڪ کان متاثر رهيا؟
جواب: ان عمر ۾ مون سنڌي ڪهاڻيڪارن مان امر جليل ۽ جمال ابڙي جون ڪهاڻيون پڙهيون، جن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ هڪ حسرت هوندي هئي ته جيڪر مان به انهن جهڙيون ڪهاڻيون لکي سگهان. شروعاتي دور ۾ منهنجون لکيل ڪهاڻيون اهڙي قسم جي مشق هيون جن اڳتي هلي مون کي لکڻ جي سگهه ڏني ۽ جڏهن 1976ع ۾ منهنجي ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب “امن جي نالي” شايع ٿيو ته ان جي لکت جو اسلوب بلڪل الڳ هو. جنهن مون کي شناخت ڏني.
سوال: اوهان کي شروع ۾ واکاڻ ڪهڙي صنف ۾ ملي؟
جواب: 1974ع ۾ سکر ۾ هڪ وڏو مشاعرو ٿيو هو جنهن ۾ نوجوانن مان ادل سومري ۽ اياز گل سان گڏ مون به ان مشاعري ۾ شرڪت ڪئي هئي. ان مشاعري جي صدارت پير حسام الدين راشدي ڪري رهيو هو ۽ خاص مهمان شيخ اياز هو. مون ان مشاعري ۾ بيت پڙهيا هيا. مان جيئن بيت پڙهي موٽيس ته پير حسام الدين راشديءَ مون کي هٿ جي اشاري سان سڏ ڪيو ۽ بيت ورتا. هلندڙ مشاعري دوران مون ڏٺو پير حسام الدين راشدي ۽ شيخ اياز پاڻ ۾ ڪجهه بحث ڪندا رهيا.
سوال: ان کانسواءِ ٻيا ڪهڙا دوست هيا جن مان اوهان پرايو؟
جواب: اسان جي سنگت ۾ رفيق سومرو سڀ کان وڌيڪ لکيل پڙهيل هو. جيڪو ڪچهريءَ ۾ دانشورن وانگر بحث ڪندو هيو. مون ان کان پرايو، رفيق سومري جون ڪهاڻيون ايڏيون جاندارن ته نه هونديون هيون ڇو جو اهي امر جليل جي اسٽائيل ۾ لکيل هونديون هيون، پر ان جو مطالعو عمر جي لحاظ کان تمام گهڻو وسيع هوندو هيو.
سوال: ادبي سنگت يا ٻي ڪنهن ادبي فورم اوهان جي تربيت ڪئي؟
جواب: 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون فتاح ملڪ جي والس روڊ واري آفيس ۾ ٿينديون هيون، جتي مان شرڪت ڪندو هيس. مون پنهنجي زندگيءَ جون خوبصورت ڪهاڻيون اتي پڙهيون. اتي مون هڪ اهڙي ڪهاڻي “شينهن جو ٻچو” پڙهي هئي. جنهن متعلق امر جليل هڪ انٽرويو ۾ چيو هيو ته مون گذريل پنجويهن سالن دوران اهڙي خوبصورت ڪهاڻي نه پڙهي آهي. فتاح ملڪ جو ڪردار هڪ استاد ۽ وڏي ڀاءُ جهڙو هوندو هيو. هو سکر جو مصروف وڪيل هيو. هن جا اصيل ٻاهر ويٺا هوندا هيا ۽ آفيس ۾ فتاح اسان نوجوانن سان ادبي ڪچهرين ۾ مصروف هوندو هيو. ان کان پوءِ ادبي گڏجاڻين جو مرڪز رشيد ڀٽيءَ جي جاڳيراڻي پاڙي واري آفيس رهيو. ڀٽي صاحب اسان نوجوانن جي تربيت ڪئي. هو کلي دل ۽ منهن تي چئي ڏيڻ وارو ماڻهو هيو. ان ڪري هن جي راءِ ۾ اسان کي پنهنجيون خاميون نظر اينديون هيون. سکر جي ان وقت جي نوجوان ٽهيءَ ڀٽي صاحب جي زير اثر پنهنجيون الڳ راهون ٺاهيون انهن گڏجاڻين ۾ ادل سومرو، اياز گل، رفيق سومرو، ولي دائود پوٽو، حبيب بروهي باقاعده شرڪت ڪندا هيا. اوچتو ڪڏهن ڀٽي صاحب وٽ شيخ اياز اچي نڪرندو هيو ۽ سنگت ۾ پوءِ هڪ رعب طاري ٿي ويندو هو.
سوال: ان دور ۾ شيخ اياز بحيثيت شخص ۽ شاعر ڪيئن هو؟
جواب: اياز ماڻهوءَ کي ڏسي مان ڏيندو هيو، شخصي طرح هن وٽ سڀ ماڻهو هڪ جهڙا نه هيا. اياز جي اکين ۾ ماڻهوءَ جي سڃاڻ هئي. هن کي خبر هئي ته ڪنهن سان هٿ ملائجي ڀاڪر پائجي يا پاسو وٺي لنگهي وڃجي. اياز ان وقت نوجوانن کي وڏو مان ڏنو. ان منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب “اوشا جي آشا” مارڪيٽ مان خريد ڪري پڙهيو هيو، هڪ دفعي ان رشيد ڀٽيءَ کي چيو ته رسول ميمڻ کي چئه مونسان ملاقات ڪري مان جڏهن ڪوئنس روڊ واري ان جي آفيس ۾ ويس ته اهي سياري جا ڏينهن هيا ۽ اياز اڳيان ٽانڊن واري سگري رکيل هئي. جنهن تي هو هٿ سيڪي ڳالهائڻ ۾ مصرف هيو. جڏهن مون پنهنجو تعارف ڪرايو ته هن مون کي سامهون ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو. اياز جي چهري جي شفقت جيڪا مون ڏٺي شايد ئي ڪنهن ڏٺي هجي. مون ان جي اندر ۾ هڪ معصوم انسان ڏٺو. باقي شاعر جي لحاظ کان اياز نه صرف سنڌ جو پر دنيا جو وڏو شاعر آهي.
سوال: سکر جا ڏينهن ۽ راتيون ڪيئن گذريون؟
جواب: مون سکر ۾ زندگيءَ جا مصروف ترين ڏينهن گذاريا آهن. سکر ۾ ڪجهه اهڙي قسم جي گرمي آهي جيڪا لکڻ لاءِ توانائي پهچائي ٿي. سکر جا منظر ڪهاڻين جون منفرد تشبيهون آهن. سنڌوءَ جا ڪنارا جتي منهنجو ننڍپڻ گذريو. اڄ به منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار انهن ڪنارن تي پاڻيءَ ۾ پير وجهي ويٺل آهن. هڪ پيٿالاجسٽ (Pathologist) جي حيثيت ۾ سکر مون کي معاشي ترقي ڏني. ماڻهو جو سٺو وقت ان جو ننڍپڻ آهي. هو ڀل وڏو ٿي وڃي پر پنهنجي ننڍپڻ ئي جيئرو رهي ٿو. گذريل تيرهن سالن کان ڪراچي ۾ رهندي مون لاءِ سکر جا ڌنڌلا رستا ۽ گهٽيون خوابناڪ ٿي رهيا آهن. اهو شهر منهنجي لاءِ پراسرار نگري جي حيثيت رکي ٿو.
سوال: اسان سمجهيون پيا ته لکڻ وري سنڌي ۾، جنهن ۾ نه ڪم جو قدر آهي نه ئي واهه واهه اوهان سنڌي ۾ پيا لکو اوهان ڪيئن ٿا محسوس ڪريو؟
جواب: اها راءِ بلڪل صحيح آهي ته اسان سنڌي اديبن کي علاقائي سمجهي اهميت نٿي ڏني وڃي. سنڌي اديب جي سرڪاري سطح تي ڪا به حوصلا افزائي نه آهي. سنڌي ادب جا پڙهندڙ هن وقت به موجود آهن. سوال اهو آهي ته انهن تائين سنڌي ادب کي سستو ۽ سهڻو ڪري ڪيئن پهچائي سگهجي ٿو. مهانگائيءَ اسان جي معاشري کي گهڻو متاثر ڪيو آهي. ادب اتي مقبول آهي جتي ڳڀو موجود آهي. ان ڪري ادب جي حيثيت به طبقاتي ٿئي ٿي. اسان جو سنڌي اڄ به بنيادي تعليم کان محروم آهي ۽ جيڪي پڙهيل آهن انهن جي بنيادي تعليم سٺي نه آهي. پڙهندڙ پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي تعليم جي ميدان ۾ سڌارو آڻڻو پوندو، جيڪو معاشي خوشحالي طرف وٺي ويندو ۽ ماڻهو مفلسيءَ مان جان ڇڏائي ادب جهڙن لوازمات سان فيضياب ٿيندا. منهنجي خيالن ۾ لکڻ جو تعلق پڙهندڙ سان نه آهي. هڪ سٺو اديب پڙهندڙ جي نفسيات کي سامهون رکي نٿو لکي پر اهو ڪجهه لکي ٿو جنهن ۾ هن جي پنهنجي ڪيٿارسس آهي. اديب لکڻ کانپوءِ ائين محسوس ڪندو آهي. جيئن ڪنهن عورت سان سمهيو هجي. هو لکڻ ۾ پنهنجي تسڪين ڳولهي ٿو. دراصل لکندڙ ۽ پڙهندڙ وچ ۾ هڪ وڏي وڇوٽي پيدا ٿي چڪي آهي. تعليم ئي اهڙو عنصر آهي جيڪو پڙهندڙ کي ان اوچائي تي وٺي وڃي سگهي ٿو. جتي هو لکندڙ جي معيار کي ڇهي سگهي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ اڄ به ادب جا لکين پڙهندڙ آهن. ڇو جو اتان جي بنيادي تعليم ۾ ٻارن کي ادب پڙهڻ جي ترغيب ڏني وڃي ٿي ۽ ادب پڙهڻ عادت بڻجي وڃي ٿو.
سوال: جيئن ته اسان وٽ تعليم جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي. سنڌي ڪتابن، رسالن جو تعداد ڏينهن به ڏينهن گهٽجي رهيو آهي اتي ادب ڪا تبديلي آڻيندو اهو ته ناممڪن ٿو لڳي؟
جواب: ادب جو ڪم تبديلي آڻڻ نه آهي. ادب معاشري جي فڪري معيار کي وڌائڻ لاءِ ڪامياب ذريعو آهي. معاشري کي تبديل ڪرڻ ۾ تعليم جو ڪردار آهي. تعليم هر لحاظ کان روزگار جا رستا کولي ٿي. معاشي ترقيءَ جو سفر شروع ٿئي ٿو. ماڻهو ظلم خلاف آواز اٿارڻ جي قابل ٿئي ٿو. ادب ذهني خوراڪ فراهم ڪري ٿو. اهو هڪ معاشري کي سٺي سرشتي جو دڳ ڏيکاري ٿو. انقلاب ادب نه معاشي صورتحال آڻيندي آهي. ادب ظلم کي وائکو ڪندو آهي. باقي سنڌي رسالن جو تعداد گهٽيو نه وڌيو آهي. پهريون جي ڀيٽ ۾ تمام خوبصورت ۽ گهڻي تعداد ۾ رسالا، ڪتاب ۽ اخبارون شايع ٿين ٿيون. سنڌي زبان جو پرنٽ ميڊيا پاڪستان جي ٻين زبانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي.
سوال: تازو اوهان جا ٻه ڪتاب آيل آهن ان تي پڙهندڙن پاران ڪيئن موٽ ملي؟
جواب: منهنجي انهن ٻنهي ڪتابن کي پڙهندڙن پاران ساراهيو ويو آهي. انهن ۾ منهنجو پهريون ناول “اڻويهه عورتون” شايع ٿيو آهي. جيڪو تاريخ جي کوٽ هوندي. مون پنهنجي هڪ اهڙي علامتي تاريخ جوڙي آهي. جيڪا مان سمجهان ٿو ته لڳ ڀڳ ائين هوندي جيئن اڄ کان تيرهن سئو سال پهرين هئي. مون ڪهاڻيءَ کي علامتي Symbolic ۽ سريئلسٽ Surrealistic گهاڙيٽو ڏنو آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ پڙهندڙن کي هڪ وڏو عرصو لڳي ويندو ۽ هاڻي محسوس ٿي رهيو آهي ته پڙهندڙ منهنجي لکڻ جي سحرانگيزيءَ ۾ ڄڻ ڦاسندا پيا وڃن. گذريل هڪ سال کان منهنجي پڙهندڙن جو حلقو وسيع ٿيندو پيو وڃي.
سوال: اوهان جو سورس آف انسپائريشن Inspiration ڪهڙو آهي؟ مثال طور ڪردار ۽ انهن جو وارتائون اوهان گهڻو ڪري پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ ڏيو پيا اهو ڪيئن؟
جواب: بنيادي طرح منهنجي لکڻين جو پس منظر قصا گوئي آهي. مان ماضيءَ جي واقعن ۾ وچڙيل آهيان. مون وٽ اهڙي ناسٽلجيا Nostalgia آهي جنهن ۾ گذريل راتين جا خواب آهن. مون وٽ قصا گوئي کي سحرانگيزي بنائڻ لاءِ علامتن ۽ تشبيهن جا انبار آهن. مان لکڻ ۾ تجريد Abstract کي پسند ڪريان ٿو ۽ ڪوشش ڪندو آهيان هر ليک ۾ نواڻ هجي. مون وٽ اڻ کٽ موضوع آهن.
سوال: سنڌي ادب کي مجموعي طور ڪيئن پيا ڏسو؟
جواب: سنڌي ادب زوال پذير آهي. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته ورهاڱي کان ٿورو اڳ سنڌي ادب جي شروعات زبردست وڏي زور ۽ شور سان ٿي. اوچتو وڏا ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ تخليقڪار سامهون اچي ويا. ستر واري ڏهاڪي تائين اسان کي شاهڪار ڪهاڻيون ۽ خوبصورت شعر سرجندي نظر اچن ٿا. ون يونٽ واري تحريڪ وقت خوبصورت قومپرست شاعري اڀرندي نظر اچي ٿي. ان وقت جي نعري باز ادب جو پنهنجو مٺاس آهي. پر پوءِ ادب جو معيار برقرار رهي نه سگهيو ۽ ڪجهه ليکڪن کي ڇڏي باقي سڀ ادب جي معيار تي پورا نه لهي رهيا آهن. الميو اهو آهي ته سنڌي ادب جن جا بنياد ايڏا مضبوط آهن ان تي هڪ عاليشان عمارت اڏجڻ گهربي هئي اتي ڊٺل کنڊر آهن. نثر سٺو نه سرجي رهيو آهي پر پوءِ به شاعريءَ ۾ سنڌي ادب ترقي ڪري رهيو آهي.
سوال: اوهان گهڻو ڪري اڪيلائي پسند آهي رائيٽر لاءِ ماڻهن سان ملڻ ضروري هوندو آهي. پوءِ ان جو پورائو ڪيئن پيا ڪريو؟
جواب: ماڻهن سان ملڻ جو هڪ بهترين ذريعو انهن جون لکڻيون آهن. منهنجي آس پاس ڪهاڻين جا ڪردار ويٺل هوندا آهن جنهن سان مان گفتگو ۾ مصروف هوندو آهيان. ان باوجود منهنجا ڪيترائي دوست آهن جن سان مان ادبي بحث ڪري سوچن کي نواڻ بخشيندو آهيان.
سوال: ڪهڙن رائيٽرن اوهان کي گهڻو ڪري پاڻ ڏانهن توجهه ڏياريو؟
جواب: امر جليل کي پڙهي لکڻ شروع ڪيو، امر جليل منهنجي پرائمري ڪلاس جو استاد آهي. جمال ابڙو ۽ نسيم کرل جون ڪهاڻيون ڪنهن وقت وڻنديون هيون. پر عمر جي هن حصي ۾ مان سمجهان ٿو ته سنڌي ادب کي عالمي سطح تي اچڻ لاءِ اڃا گهڻي جاکوڙ جي ضرورت آهي. مان ٽالسٽاءِ کان متاثر آهيان ۽ گارشيا مارڪيز جو سحر طاري آهي. پر ان باوجود مون وٽ لکڻ جي الڳ راهه آهي ۽ چاهيندس ته مون کي منهنجي نالي سان ئي سڃاتو وڃي.
سوال: سنڌي نقادن بابت اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
جواب: سنڌي نقاد ائين آهي جيئن ڪا عورت ابتو الحمد پڙهي ڏائڻ ٿي پوندي آهي ۽ ائين صورتخطيءَ کي ابتو پڙهڻ سان سنڌي نقاد ٿي پوندو آهي. نقاد هجڻ جو درجو هڪ وڏي ليکڪ کان به وڏو آهي. پر اسان وٽ نقاد ناسمجهه پڙهندڙ کان به ننڍو آهي. تنقيد جو مقصد ڪنهن کي نندڻ نه آهي. پر سڌاري جو ڏس ڏيڻو آهي. اسان وٽ تنقيد نگاري پنهنجي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي. گهڻا نوجوان صرف ادب ۽ اديب کي نندن ئي ان لاءِ ٿا ته جيئن اهي جلد مشهوري ماڻي سگهن. تخليقون لکندڙ جو پورهيو آهن. ان پورهئي کي لتاڙڻ واجب ناهي. اسان وٽ اهڙن تنقيد نگارن جي کوٽ آهي. جيڪي لکيل پڙهيل هجن ۽ لکڻيءَ کي سمجهي ان کي حوالن سان صحيح راهه تي گامزن ڪري سگهن.
سوال: گارشيا مارڪيز جي باري ۾ اڃا ڪجهه وڌيڪ بيان ڪريون ڇاڪاڻ جو گارشيا هن صديءَ جو وڏو اسٽوري ٽيلر آهي؟
جواب: گارشيا دنيا جو پهريون اديب آهي. جنهن لکڻ جي ڏانوَ کي بدلائي وڌو آهي. گارشيا جي هر سِٽ ۾ سوين معنائون لڪل آهن. هر دفعي ورجائي پڙهڻ سان نئين معنيٰ سامهون اچي ٿي. گارشيا ناسٽلجڪ Nostalgic قصا گو آهي. هن جو ماحول هڪ نئين دنيا جو ماحول آهي. هن جي پرستان ۾ اهي داخل ٿي سگهن ٿا. جيڪي پاڻ جادوگر آهن.
سوال: هن سال چين جي اديب مويان کي نوبل پرائيز ڏنو ويو آهي پر هن ايمانداريءَ سان چيني معاشري تي ڪنهن به قسم جي تنقيد ڪرڻ کان سواءِ هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪيون آهن اوهان جي نظر ۾ وڏا اديب پورو سچ چوڻ يا لکڻ کان ڪيٻائين ٿا اوهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: مويان جيڪو لکيو آهي اهو سچ آهي. مويان جي لکڻين جو موضوع سياست نه آهي. مويان هڪ قصا گو آهي. جيڪو ڪنهن حد تائين گارشيا مارڪيز کان متاثر نظر اچي ٿو. مويان وٽ به تمام سادن لفظن ۾ پنهنجن وڏڙن کان ٻڌل اهي ڪهاڻيون آهن، جن کي هو پنهنجي ڍنگ ۾ پيش ڪري ٿو. چين جي سياسي يا معاشي مسئلن تي لکڻ لاءِ هڪ صحافيءَ جي ضرورت پئي ٿي. صحافين جو ڪم آهي ته اهي سياسي ۽ معاشي انساني حقن تي سنوان سڌا ليک پيش ڪن پر هڪ اديب وٽ اهو سڀ هن جي تخليقن ۾ اڻ سڌي طرح موجود هوندو آهي. ڪو به سٺو اديب تخليقن جي ڪردارن جي باري ۾ غير جانبدار رهي ٿو جڏهن ته ان جا ڪردار آزادانه طور معاشري جي خامين کي از خود سامهون آڻين ٿا. دنيا ۾ سٺن اديبن وٽ سياسي موضوع تمام گهٽ رهيا آهن. جيڪڏهن اسان گورڪيءَ جو مثال ڏيون ته هن جو ناول “ماءُ” ڪميونزم جو سياسي پمفليٽ هوندي به تخليقي صلاحيتن سان ڀرپور آهي. ساڳي طرح ڪولڊ وار جي ڏينهن ۾ جتي سامراجي ۽ اشتراڪي قوتون هڪ ٻئي جي مد مقابل هيون اهڙي ريت عالمي ادب به ٻن ڌڙن ۾ ورهايل نظر اچي ٿو. اديبن جي اهڙي پروپيگنڊا واري سلسلي کي برقرار رکڻ لاءِ نوبل پرائيز ۽ لينن ايوارڊ جهڙا انعام آڇيا ويا.
سوال: جيئن ته ميلان ڪنڊيرا جي ناولن کانپوءِ ناول لکڻ ڪافي مشڪل ٿي ويو آهي. ناول کي ڪنڊيرا جنهن جاءِ تي بيهاريو آهي اوهان ڪيئن ٿا سمجهيو ته هر قسم جو ناول لکجي چڪو آهي زندگي ايتري ته گوناگون آهي ليکڪ ڪٿي نه ڪٿي ڦاسي ٿو پئي؟
جواب: منهنجي نظر ۾ ميلان ڪنڊيرا ايڏو وڏو ناول نويس ناهي، پر چيڪو سلواڪيا ۾ هن جا همعصر وڏا ناول نگار آهن. ميلان ڪنڊيرا جي مشهور ٿيڻ جو سبب هن جي ڪميونزم خلاف پروپيگنڊا هئي جنهن کي يورپ ۽ آمريڪا هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. ميلان ڪنڊيرا سي آئي اي جو پگهاردار هيو. پر پوءِ به هن جون ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهندڙ کي متاثر ڪن ٿا. لکڻ لاءِ دنيا ۾ ڪڏهن به موضوعن جي کوٽ ٿيڻي نه آهي. آسمان جيئن ستارن سان ڀريل آهي. تيئن دنيا موضوعن سان ٽمٽار آهي. ڌرتيءَ جي لاوارث ڪک تي ڪروڙين ڪهاڻيون لکي سگهجن ٿيون. هڪ موضوع ٻئي موضوع کي جنم ڏئي ٿو ۽ ائين موضوع ڪڏهن ختم نه ٿيڻا آهن. موضوعن جي فنا ڪائنات جي انت ئي ٿي سگهي ٿي.
سوال: اوهان ٽالسٽاءِ جي وڻڻ جو ذڪر ڪيو ٽالسٽاءِ جي پسند اچڻ جا ڪي سبب؟
جواب: ٽالسٽاءِ اهو اڇي ڏاڙهيءَ وارو بزرگ آهي، جيڪو خدا کان ماڻهن جي ڏاهپ لاءِ دعا گهري ٿو. هو روس جو اهڙو صوفي آهي. جيڪو مذهب کي بچائڻ بنا انساني قدرن جو بچاءَ ڪري ٿو. هن جي ڪهاڻين يا ناول پڙهڻ سان ڪڏهن ورقن مان هڪ هٿ نڪري توهان جي پيشانيءَ کي ڇُهي ٿو ۽ توهان لکڻ جي قابل ٿي پئو ٿا.
سوال: اوهان جو پرک ۾ هڪ مضمون شايع ٿيو هو جنهن جو عنوان آتم نرآستي هيو. اوهان ان ۾ موت جي باري ۾ به لکيو آهي ڇا اوهان کي به موت جو ڊپ لڳي ٿو؟
جواب: موت جو ڊپ لاشعوري طور هر جاندار ۾ موجود آهي، پر فطرت اسان کي پنهنجو پاڻ وقت سان گڏ موت لاءِ تيار ڪري ٿي. اسان ۾ اندر هر شيءِ پري پروگرامڊ (Preprogrammed) آهي. اسين جين آف ڊيٿ جي زيراثر آهيون جنهن تحت موت کي مرڻ کان اڳ قبول ڪرڻو پوي ٿو. غير فطري موت عذاب ناڪ آهي، موت جو لاشعوري خوف اسان کي جيئڻ جي سگهه ڏئي ٿو. هر خوف جو اثر دل جي ڌڙڪن کي جلا بخشي ٿو. موت بذات خود ڪجهه نه آهي. موت جو تصور ائين آهي، جيئن ڄمڻ کان اڳ اڻ هوندو جو تصور جڏهن اسان نه هياسي دنيا هئي ۽ موت کان پوءِ به ائين آهي جيئن اسان نه هونداسين ۽ دنيا هوندي. موت مئل نه پر جيئرن لاءِ هوندو آهي. ڇو جو جيڪو مري ويو ان کي موت جي ڪهڙي خبر، خبر ان کي هوندي آهي جنهن موت ڏٺو.
سوال: اوهان هن دنيا کي هڪ صوفيءَ جيان يا مذهبي ماڻهو جيان يا ٻي ڪنهن لقاءَ ۾ ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: نه مان صوفي آهيان ۽ نه دهريو. مذهب اهڙي ڊهندڙ عمارت آهي، جنهن کي صوفي ٿوڻين جو سهارو ڏئي ٿو. صوفي مذهب کي قابل قبول بنائڻ لاءِ ان ۾ ترميمون ڪري سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مان خدا جي وجود جو انڪاري نه آهيان. پر گاڊ جين جو دعويدار آهيان، جيڪا انسان جي جيو گهرڙي جي ڪروموسوم ۾ لڪيل آهي ۽ سائنسي طرح ان کي هڪ ڏينهن ڳولهي لڌو ويندو. انڪري مان اٿيسٽ نه پر ايگنوسٽڪ آهيان. ڪائنات جي گهڻن رازن تان پردو نه کڄڻ ڪري منجهيل آهيان. منهنجي دنيا منهنجو دوزخ منهنجي جنت منهنجيون حورون منهنجا شيطان سڀ مون سان گڏ جيئن ٿا. انهن مون سان گڏ جنم ورتو آهي ۽ مون سان گڏ فنا ٿيڻا آهن.
سوال: پنر جنم جيئن ته هندي مذهب وارن جو عقيدو آهي ان ۾ ڪنهن قسم جي سچائي آهي اوهان جو ڇا خيال آهي انسان وري ٻيهر هن دنيا ۾ موٽي اچي سگهي ٿو؟
جواب: توهمات ۾ منهنجو يقين نه آهي، دراصل هر مذهب ۾ انسان جي نفسيات کي سامهون رکي اهڙا من گهڙت قصا جوڙيا ويا آهن جيئن انسان جي اندر خوف پيدا ڪري ان کي سنئينءِ واٽ هلائي سگهجي. انسان جي اندر جو حيوان اڃا مئو نه آهي، مذهبن ضروري سمجهيو ته انسان جي ڳچيءَ ۾ اهڙو زنجير وڌو وڃي جو هو حڪم جي تابع ٿئي سگهي. پنر جنم به اهڙن ئي من گهڙت قصن جو ترجمان آهي. جنهن تحت انسان کي ڊيڄاريو ويو آهي ته جيڪڏهن هو چڱايون ڪندو ته چڱي نسل ۾ نروار ٿيندو ۽ مدايون ڪندو ته سزا طور خراب نسل ۾ واپس ورندو.
سوال: بنيادي طور خوف ڇا آهي؟ اسان خوف کي لفظن ۾ بيان ڪيئن ڪنداسين؟
جواب: ڪائنات ۾ سڀ کان وڏو خوف زندگيءَ کي برقرار رکڻ جو آهي، انسان هر حال ۾ جيئڻ چاهي ٿو. ڪائنات جي هر شيءِ خوف جي پيداوار آهي. سائنسي طرح ڪائنات جي شروعات هڪ ڌماڪي سان ٿي. ان ڌماڪي جو اثر اڃا جاري آهي. انسان ازل کان ڊنل آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي پاڇي جي پوڄا ڪري ٿو. انسان خوف جي باري ۾ ايڏو ته حقير آهي جو هو ماڪوڙي کي مرشد مڃي ٿو ۽ اهو ڪائنات جي هر ان فطري لقاءَ جي عبادت ڪندو آيو آهي. جيڪو هن جي سمجهه کان مٿانهون آهي. هن باهه کان وٺي پاڻيءَ تائين سج ستارن کان چنڊ تائين هر ان شيءِ جي عبادت ڪئي آهي جنهن ۾ ڏاند ڳئون، مينهون ۽ ڪيترا جانور شامل آهن، ڏٺو وڃي ته خوف انسان کي جيئاري ٿو هن کي سوچ ۽ ڳڻتيءَ سان هم ڪنار ڪري ٿو.
سوال: اوهان جي نظر ۾ زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي حاصلات ڪهڙي آهي؟
جواب: زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي حاصلات اهڙو خواب آهي جنهن جي تعبير ڪٿي به ملڻي نه آهي. انسان دنيا ۾ ڪجهه به حاصل نه ڪري پر هو حاصل ڪرڻ جي حسرت ۾ مايوسين جي ور چڙهي پاڻ کي اجاڙي ٿو مون ڪڏهن حاصلات نه سوچيو آهي پر ان لاءِ سوچيو آهي ته ڪجهه وڃائجي نه وڃي. جيڪڏهن ڪو انسان دنيا ۾ عزت جا چار ڏينهن گذاري هليو وڃي ٿو ته اها حاصلات آهي.
سوال: پراسراريت ڇا آهي؟
جواب: مون ڏٺو آهي ته پراسراريت ٻاهر نه پر انسان جي اندر ۾ آهي، هر انسان جو اندر هڪ جهڙو نه آهي، ڪي انسان پراسراريت موجود هوندي به محسوس نٿا ڪري سگهن ۽ ڪن کي ڪائنات جي هر شيءِ پراسرار نظر اچي ٿي. جيستائين جنهن شيءِ تان پڙدو نه کنيو ويو آهي اها پراسرار آهي. ڪائنات جي هر شيءِ اڃا پڙدي ۾ لڪل آهي. اسان صرف اهو ڄاتو آهي ته ڪير ڪٿي آهي، پر اها خبر نه آهي ته اهو ڇو آهي. ڪائنات جيستائين برقرار آهي اها پڙدي ۾ ئي رهندي ۽ ان ۾ ڪنهن به شيءِ جي پراسراريت ختم نه ٿيندي.
سوال: اڄ جي انسان جو وڏو الميو ڪهڙو آهي؟
جواب: اڄ جي انسان جو وڏو الميو ان جي اڪيلائي آهي. ٽيڪنالاجيءَ انسان کي اڪيلو ڪري وڌو آهي. ان جا سماجي رشتا ختم ٿي ويا آهن. هڪ ڪمري ۾ ويٺل چار فرد هڪ ٻئي سان نه ڳالهائي رهيا آهن. پر اهي سيل فون تي ڏورهين فاصلي تي موجود اڻ ڏٺل فرد سان مخاطب آهن. اسين ايل سي ڊي ٽنگي ڀت جو آواز ٻڌي رهيا آهيون. ڪمري ۾ چپ آهي. ڀت جو آواز گونجي ٿو. اليڪٽرانڪس زندگيءَ کي سهل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اسان کي معاشي مسئلن ۾ ڦاسائي وڌو آهي. ڪمائڻ جي جستجو وڌي رهي آهي. وقت جي اهميت وڌي چڪي آهي اسان کي پاڻ لاءِ وقت تمام گهٽ آهي.
سوال: آخر ۾ هڪ ليکڪ جو پاڻ کان پوءِ آيل پڙهندڙن ۽ لکندڙن لاءِ پيغام ڪهڙو ٿو ٿي سگهي؟
جواب: هڪ ليکڪ جو پڙهندڙن لاءِ ان جي لکڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو پيغام ٿي ٿو سگهي. سٺا پڙهندڙ اهي آهن جيڪي سمجهي سگهن ٿا ۽ انهن وٽ اهو ڏانوَ آهي ته ڳجهارت کي ڪيئن ڀڃي سگهجي ٿو ۽ پڙهڻ جو حض ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڇو جو پڙهندڙ کي اهو فن حاصل ٿئي ٿو ته ان جا هٿ ڪيترا ڊگها آهن جو اهي ڪنهن وڏي وڻ کي ڇُهي ان جو ميوو حاصل ڪري سگهن. باقي ٿو کٽا چوڻ ان جو جواب ناهي.
(مارچ 2013ع، رسالي “پرک” لاءِ نثار منصور کي ڏنل انٽرويو)