گارشيا گذاري ويو
جنهن جي ڪتابن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. آئون جڏهن علامتن جي جهنگ، پراسرار محلاتن ۽ ويران گهٽين جي وحشتن ۾ ڊوڙي رهيو هيس ته گارشيا اهڙي سحر ۾ ڦاسائي وڌو جو شايد ئي نڪري سگهان.
گارشيا جو تيزيءَ سان هلندڙ ۽ ڪڏهن نه ٿڪجندڙ قلم خاموش ٿي ويو. سال اڳ هن مٿان Dementia ويساري جو حملو ٿيو هو. شايد ان جو سبب اهو هو جو هن حياتيءَ ۾ سڀ يادون پڙهندڙن کي آڇي ڇڏيون ۽ هن وٽ ياد رکڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو.
ماضي هن جي زندگيءَ جو لازوال ورثو هيو. يادون ۽ يادن ۾ ٻڌل پراسرار خوشبوءِ، هڪ اهڙي خوشبوءِ جيڪا مئلن جي جسم ۾ سمائجي انهن کي جيئرو ڪري وجهي.
گارشيا جو وڇوڙو هڪ ڪائنات جو موت آهي. اهڙي ڪائنات جيڪا گارشيائي تخليق ڪري سگهي پيو. ان سحرانگيزي ڪائنات جا چنڊ ستارا، آسمان ۽ اجنبي ڪردار سڀ ساڪت ٿي چڪا آهن. شايد اهي حيرت ۾ ٻڏل آهن. گارشيا اهڙو استاد هو جنهن کي پڙهي نامور ليکڪن لکڻ سکيو. هو جديد قصا گوئيءَ جو موجد هو. ان جي هر ڪتاب جي هر جملي ۾ ڏهه معنائون سمايل آهن. ور ور پڙهڻ سان هر هر معنيٰ بدلجي ٿي. پڙهي هر ڪو پنهنجي مزاج موجب کلي يا روئي سگهي ٿو. هن جي لکڻين جو (Hidden Humour) لڪيل مزاح پڙهندڙ کي مرڪي روئاري وجهي ٿو.
ڪجهه هن جي حياتيءَ متعلق ٻڌائيندو هلان ته ان عظيم اديب 6 اپريل 1928ع ۾ جنم ورتو. هن ڊگري ته قانون جي ورتي پر پيشو صحافت کي بڻائي حادثن ۽ سانحن کي ايڏو ته ويجهو ويو جو اهي سانحا ۽ حادثا پنهنجون معنائون بدلائي ويٺا. هن جي پهرين ڪهاڻي، “ٽئين مايوسي” (Third Resignation) ۽ پهريون ناول “پنن جو طوفان” (Storm of Leaves) 1955ع ۾ شايع ٿيا.
1958ع ۾ هن “مرسيدس پارچا” سان شادي ڪئي، اهي هن جي گمناميءَ ۽ غربت جا ڏينهن هيا، تن ڏينهن سندس ڪهاڻين جو مجموعو “وڏي امڙ جو جنازو” (Big Mama’s Funeral) شايع ٿيو. ان ڪهاڻين جي مجموعي ۾ شامل سڀ ڪهاڻيون اڳتي هلي هن جي ناولن جا موضوع بڻيون. اهي منفرد ڪهاڻيون پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو، اهڙيون ڪهاڻيون اڳ ساڳي اسلوب ۾ ڪنهن جون لکيل نه آهن. ڪهاڻي “وڏي امڙ جو جنازو” هڪ ڪراڙي عورت جي آخري ڏينهن جي ڪهاڻي آهي. جنهن پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن وڏي حشمت ۽ دٻدٻي سان گهاريا آهن. جيڪا پنهنجي شخصيت ڪري سڄي خطي ۾ مشهور آهي. اها هڪ وڏي اوڳرائي ڏئي مري وڃي ٿي ۽ سندس موت تي پوري اسٽيٽ سوڳ ۾ وٺجي وڃي ٿي.
1959ع ۾ فيڊل ڪاسترو هوانا (ڪيوبا) تي قبضو ڪيو. فيڊل هن جو ويجهو دوست هو. گارشيا ڪيوبا جي سوشلسٽ انقلاب کانپوءِ هوانا ۾ ڪجهه ڏينهن گذاريا. جيڪي هن جا سٺا ڏينهن هيا. فيڊل، گارشيا جي لکڻين کان متاثر هو. هن هڪ دفعي ڊگهو ساهه کڻي ان حسرت جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن کيس ٻيو جنم مليو ته هو به ناول نگار ٿيڻ پسند ڪندو. هونئن ته گارشيا جا مداح تمام گهڻا آهن. فرانس جو اڳوڻو صدر، “فرانسسوان متران” هن جي تعريف جا ڍڪ ڀريندو هو. فرانسسوان متران سان هن جو تعارف چليءَ جي جڳ مشهور شاعر پبلو نرودا ڪرايو هو.
گارشيا جي سڃاڻپ 1967ع ۾ ٿي. جڏهن سندس ڪتاب “اڪيلائيءَ جا سئو سال” شايع ٿيو. 1982ع ۾ هن کي نوبل انعام مليو. دولت ۽ شهرت هن جي مٿان مهربان ٿي پئي.
گارشيا، ادب ۽ صحافت کي لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا جي عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن انگولا ۽ نڪارا گوا جي عوام جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ جنگ ۾ انهن جو ساٿ ڏنو.
1985ع ۾ سندس هڪ ٻيو جڳ مشهور ناول “ڪالرا جي وقت پيار” (Love in the time of Cholera) شايع ٿيو. اهو ناول هن جي ٻين ناولن کان مختلف انداز ۾ لکيل آهي. ان جي ٻولي، تشبيهون ۽ پلاٽ الڳ طريقي سان تراشيل آهن. ان ناول جو پلاٽ مبهم ۽ غير واضح آهي. جڏهن ته لکڻيءَ جو انداز فڪرانگيز ۽ دلچسپ آهي. اها هڪ ڊاڪٽر جي ڪهاڻي آهي. ناول جو مک ڪردار ان جي هيروئن “فرمينا ڊازا” پنهنجي محبوب کي ڇڏي ان ڊاڪٽر سان شادي ڪري ٿي. اهو ڊاڪٽر ڪالرا جي بيماريءَ جو علاج ڳولهيندو رهي ٿو. هڪ منحوس طوطي کي پڪڙيندي ڊاڪٽر وڻ تان ڪري ٿو ۽ ڪهاڻي دلچسپ انداز اختيار ڪري ٿي.
جتي لکڻ فن آهي. اتي پڙهڻ پڻ وڏو فن آهي. گارشيا جي ڪنهن به ناول يا ڪهاڻيءَ جي وضاحت ان سان چرچو ڪرڻ آهي. گارشيا کي پڙهي محسوس ڪري سگهجي ٿو، بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
گارشيا جي هٿ ۾ جهليل قلم جادوءَ جي ڇڙي آهي. ان جي هر اشاري تي ماحول ۾ نوان رنگ ڀرجي وڃن ٿا.
مون هن جو ناول “عشق ۽ ٻيا آسيب” (of love and other demons) ٽي دفعا پڙهيو آهي. گارشيا جا ڪردار (Pedophilics) نابالغن جي جنسي تڪسين جا گهرجائو آهن.
هو پنهنجي ناولن ۾ نابالغ ڇوڪرين جي سونهن جي ساراهه دل کولي ڪري ٿي. جيئن “اڪيلائيءَ جا سئو سال” ۾ هڪ ڪردار کي تيرهن سالن جي ڇوڪري ڏسي هيٺ سٽ اچي ٿي يا “عشق ۽ ٻيا آسيب” ۾ تيرهن سالن جي ڇوڪري، “سروا ماريا” جنهن سان هڪ پادري پيار ڪري ٿو.
هن جي آيل آخري ناول “منهنجون اداس رکيلون” (My Melancholy Whores) ۾ هڪ 80 سالن جو پوڙهو جيڪو 14 سالن جي ڇوڪريءَ جي فرمائش ڪري ٿو. سندس چوڻ موجب
* ادب، اسان جي لڪيل وحشتن جي تسڪين ڪري ٿو.
* ادب، ٻي صورت ۾ انسان جي دماغ جي گندگي ڌوئي صاف
ڪري ٿو.
* ادب، اندر جي لاحاصل گهرجن جو پورائو ڪري ٿو.
يقين ڪيو مان ڪتابن سان دوستي نه ڪيان ها ته چريو هجان ها، رَسُ صرف ميوي ۾ موجود نه هوندو آهي.
هن جو آخري ڪتاب “منهنجون اداس رکيلون” 2004ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪتاب تي ايران ۾ پابندي مڙهيل آهي. اهي کليل جنسي معاشقا آهن جيڪي حسرتن جي صورت ۾ هڪ پوڙهي دماغ اندر زندگيءَ جي تجربن جي صورت ۾ پڙهندڙ کي تڪسين ڏين ٿا. تمام خوبصورت ڪتاب آهي. سندس ٻيا مشهور ڪتاب “معصومه ارينڊرا ۽ ٻيون ڪهاڻيون” جيڪو 1979ع ۾ شايع ٿيو.
* جنرل مونجهارن ۾ 1990ع ۾ شايع ٿيو.
* زيتون جي مهڪ 1983ع ۾ شايع ٿيو.
ٻيا ڪيترائي ڪتاب آهن جن جو ذڪر هن ننڍڙي مضمون ۾ نٿو ڪري سگهجي.
هن جي لکڻين جو پراسرار ڳوٺ “ماڪوندو” جهڙ، ماڪ ۽ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هر هنڌ نظر اچي ٿو. ڪرنل، “اوليانو بوئندا” جيڪو هن جي ناني جو ڪردار آهي ۽ پنهنجي نانيءَ جي ٻڌايل ننڍپڻ جي قصن مان هو ڪٿي به جان ڇڏائي آزاد بيٺل نظر نه ٿو اچي. هو خود وڏڙن کان ورثي ۾ مليل قصا گوئي جي ٻاڦ ۾ وڙهيل آهي. هن جو نانو ڪولمبيا جي فوج ۾ ڪرنل هو. اهي ڪردار جن ڪولمبيا ۾ ٿيل بغاوتن ۾ جام شهادت نوش ڪيو. هن وٽ امر ٿي چڪا آهن. هن پنهنجي ڪتاب “زيتون جي مهڪ” ۾ ناني جو ذڪر تمام جذباتي انداز ۾ ڪيو آهي.
گارشيا دنيا ۾ به نه رهيو. اهو سوچي من تي وري اداسي ڇائنجي وڃي ٿي. اڄ جڏهن 18 هين اپريل 2014ع تي هي مضمون لکي رهيو آهيان ۽ گارشيا کي موڪلائي هڪ ڏينهن مس ٿيو آهي ته منهنجي سامهون بي بي سي تي اها خبر هلي رهي آهي، “ميڪسيڪو ۾ 7.5 ميگنيٽيوڊ جو زلزلو آيو پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.” حيرت ۾ وٺجي وڃان ٿو ته جڏهن اڃان گارشيا جو جنازو ان جي گهر ۾ پيل هوندو ته اتي ان جي زلزلي جو نقصان پهچائڻ بنا ائين اچڻ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو. ڇا اها به جادوئي سحرانگيزي آهي.
پاڻ کي ان ڪري خوشنصيب سمجهان ٿو ته منهنجو جنم به ان وقت ٿيو جڏهن دنيا ۾ گارشيا موجود هو. مان ان جو همعصر آهيان. ڀل اسان هڪ ٻئي کي نه ڏٺو. پر مان به ساڳي دنيا ۾ ساهه کڻي رهيو هئس. جنهن ۾ گارشيا. هن جي وڇوڙي تي سچ ته ساهه منجهيل محسوس ڪري رهيو آهيان.