پنجاهين سال
شاعري ڇو ٿي ڪئي وڃي؟
شايد اسين ڪهاڻي لکي سچ اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ڇو جو زندگي گذارڻ ڪوڙ کي Justify ڪرڻ آهي.
ڪهاڻي ڪنهن ٻي دنيا جو سير آهي، هڪ اهڙي دنيا جنهن جا نظارا پڙهندڙ کي لکندڙ جون اکيون فراهم ڪن ٿا. لکڻ ائين عبادت آهي جيئن نماز پڙهڻ، ڪنهن جي نماز قضا ٿي وڃي ته کيس دل تي ٻوجهه محسوس ٿيند وآهي ۽ ڪهاڻي قضا ٿي وڃي ته اندر ۾ خال رهجي ويندو آهي.
شاعري پنهنجين سوچن جي تعريف آهي. شاعر محبوب ٺاهيندا آهن، ڊاهيندا آهن، سندن مرضي آهي، اکيون خلقي انهن ۾ ڪجل وجهن يا ڌوڙ، اکين ۾ ڌوڙ وجهن ته جادوئي حقيقت نگاري (Magical Realism) جي ڪجل وجهن ته حقيقت نگار (Realism).
مان رزاق سهتي جي ڪهاڻين ۾ سحرانگيزي ڳولهيندو رهيس پر ٻه ڪجلاريون اکيون ڏسڻ ۾ آيون جيڪي حقيقت سان ڀرپور هيون. حقيقت اها آهي ته حقيقت کان وڌيڪ سحرانگيزي آهي ئي ڪونه. حقيقت پاڻ جادوگري آهي. حقيقت کان پراسرار ڪهڙي شئي آهي؟ حقيقت اندر سوين سوال سمايل هوندا آهن. حقيقت گوناگون آهي. حقيقت تجريد جي ماءُ آهي. ڀلا جيڪڏهن لوهه نه هجي ها ته زنجير جون ڪڙيون ڪيئن ٺهن ها؟ ڪپهه نه هجي ها ته سُٽ ڪيئن منجهي ها؟.
رزاق سهتو حقيقت نگار آهي، سندس لفظ سادن اکرن جا جڙيل آهن ۽ جملا قطار ۾ بيٺل لفظن جون اهي عمارتون آهن جن جي ڪمرن جون دريون کليل آهن. ڪردارن کي ڏسڻ لاءِ علامتي دوربنين جي ضرورت نه آهي.
صحافت حقيقت نگاريءَ جو مثال ٿي سگهي ٿي. خبر ۽ ڪهاڻيءَ ۾ فرق اثرانگيزيءَ جو آهي. صحافت ادب نه آهي، پر صحافتي ادب لکيو ويو آهي ۽ لکجي رهيو آهي. مئڪسم گورڪيءَ جو فن اهڙي ادب جو مثال آهي. هن وٽ حقيقت نگاريءَ جي انتها آهي پر هو ڪردارن جا اندروني احساس قلم سان محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ليکڪ پاڻ ڪردارن جو حصو بنجي وڃي ٿو. جڏهن ته دوستو فسڪيءَ جي عظمت وڌيڪ آهي ڇو جو حقيقت نگار هوندي، هن جا ڪردار آزاد آهن. انهن جون ڀوڳنائون پڙهندڙ پاڻ محسوس ڪري ٿو.
رزاق سهتو انهن اديبن مان آهي جيڪي ڪهاڻي کيتر جو وساميل مچ مچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. مچ دونهي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. مچ مچائڻ لاءِ هوا جي جهوٽي جي ضرورت آهي. هوا جو جهوٽو وڏو معناخيز آهي. اهو وفادار آهي، دغاباز آهي، ڇو جو هوا باهه ٻاريندي آهي. هوا باهه وسائيندي آهي. ڦوڪ سان وسيل باهه ٻري سگهي ٿي. ڦوڪ سان وساميل ڏيئي جي وٽ نه ٻرندي آهي پر ڦوڪ سان ٻرندڙ ڏيئو وسامي ويندو آهي.
مون ڪٿي پڙهيو ته اوائلي دور ۾ ڪو پارسي پڌر ۾ باهه ٻاري عبادت ۾ مشغول هيو. تيز هوا جو جهوٽو آيو ۽ باهه ڦڙ ڦڙ ڪري وسامڻ لڳي. پارسيءَ پاڻ چوڌاري ويڙهيل ڪپڙو لاهي پاند ڏئي باهه بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس پاند سڙي ويو. سو ڪرڻو ائين آهي ته باهه به بچي ۽ پاند به نه سڙي.
ادب به اهڙو مچ آهي، جنهن کي ڏسي ڪو چوي ٿو.
“باهه ٻري ٿي”
ڪو چوي ٿو.
“بکايل جي پيٽ ۾ باهه ٻري ٿي.”
ڪو چوي ٿو.
“باهه ٻاهر نه ٻري ٿي، من ۾ ٻري ٿي.”
ڪو چوي ٿو.
“باهه ٻري ئي ڪونه ٿي، نظر جو دوکو آهي.”
ڪو چوي ٿو.
“جيڪا پاڻيءَ سان وسامي وڃي، اها باهه نه آهي.”
اديب وهم ۽ گمان جي دائري اندر حقيقت کي نئون روپ ڏيڻ لاءِ Obsessional ٿي ويو آهي. کيس پڪ نه آهي، هو گهر جي ٻاهرين در جو ڪڙو بند ڪري سمهيو آهي. سمهڻ کانپوءِ سوچي ٿو ڪڙو کليل ته نه آهي؟
نفسات (Psychology) جو ڪو وجود نه آهي. اسان جنهن کي نفسيات چئون ٿا اهو رويو (Behaviour) آهي.
تخم (Gene) جتي Specie کي عيان ڪري ٿو، اتي سڀ رويا به ظاهر ٿين ٿا. هر انسان Hysterical يا هيجاني آهي. اها هن جي تخم (Gene) جي صلاحيت آهي ته اها ڪيتري قدر هن جي مثبتي ۽ منفي ڪردارن کي دٻائي يا اجاگر ڪري ٿي. دنيا ۾ ڪي انسان مثبت رويا رکن ٿا ڪي منفي ۽ ڪي وچ ٿرا، جيڪڏهن ڪو منفي رويو رکي ٿو ته اهو مجبور آهي، ڇو جو اهو ان جي تخم ۾ موجود آهي. منفي روين کي روڪڻ لاءِ قانون انصاف ۽ مذهب جو خوف ضروري آهي. گناهن جي سزا، ثوابن جي لالچ، خدا ۽ شيطان جو تذڪرو، قيامت جو ذڪر، دوزخ جي باهه ۽ جنت جا باغ انسان جي منفي روين کي دٻائڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ڪمينو پوءِ به ڪمينائپ ظاهر ڪرڻ تي مجبور آهي ڇو جو اهو تخم جو غلام آهي.
فطرت (Nature) انسان جي تخم تي اثرانداز ٿئي ٿي، تخم جي تبديلي (Mutation) وايو منڊل ۽ فطرتي ماحول مطابق ٿئي ٿي. سٺو ماحول سٺا تخم پيدا ڪري ٿو. خبر نه آهي آهي دنيا اندر سٺو ماحول ڪڏهن ٿيندو، جو انسان جا تخم پاڪ (Purify) ٿي سٺائيون ساڻ کڻي سٺا انسان پيدا ڪندا.
مون فطرت ۽ روين جو ذڪر ان ڪري ڪيو جو رزاق سهتو پنهنجين ڪهاڻين ۾ فطرت ۽ روين جو اظهار ڪري ٿو. هن جا ڪردار روين جي چادر جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن ۽ اهي ڪردار جيئن ڦتڪن ٿا وڃن ٿا ڦاسندا.
جتي سنڌي زبان شاعريءَ ۾ پاڻ ملهايو آهي، اتي نثر نسري نه سگهيو آهي. ٿيڻ ته ائين گهربو هيو جو شاعريءَ جي پس منظر سان ملامال هوندي نثر کي ترقي وٺڻ گهربي هئي، انڪري جو شاعري ٻوليءَ کي لفظن سان ملامال ڪري ٿي، جملن جي جوڙجڪ ۽ ترتيب ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ نثر لکڻ لاءِ وڏو مواد فراهم ڪري ٿي.
منهنجي خيال ۾ شاعر کان وڌيڪ ڪو نثرنگاري نه ٿو ٿي سگهي، ٺلهو نثرنگار جيڪو شاعريءَ جي ذوق کان عاري آهي. اهو سگهارو نثرنگار نه آهي، خبر نه آهي ڇو سنڌ ۾ سٺي نثرنگاري ٿي نه رهي آهي، ان جو جواب شايد منهنجا دوست نڪ چڙهيا نقاد ڏئي نه سگهن باقي رزاق سهتي کي شابس آهي جيڪو لکي رهيو آهي. جڏهن نثر ناياب آهي ته هن لکي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيڪڏهن ٻوليءَ کي جيئرو رکڻو آهي ته چپ ڪري ويهڻ گناهن ۽ قوم سان وفاداري نه آهي.
رزاق سهتو انهن آڱرين تي ڳڻجندڙ اديبن مان هڪ آهي، جيڪي گذريل ٽيهن سالن کان مسلسل لکي رهيا آهن. هن جون ڪهاڻيون اسان جي معاشري جون ترجمان آهن. هن جا ڪردار عام رواجي انسان آهن جن جون ڀوڳنائون هو منفرد انداز ۾ پيش ڪري ٿو. روزمرهه جا ننڍا واقعا جيڪي عام رواجي طور ڌيان ۾ نه ايندا آهن، اهي رزاق جي ڪنواس تي اچي اجاگر ٿين ٿا.
هو هڪ ڪهاڻي “خالي پاٽ” ۾ لکي ٿو.
“ابا قبر جي سامي ٺاهيون يا ڪوٺي؟”
ويٺلن مان ڪنهن جواب ڏنو.
“سوڪهڙي جي مند آهي، زمين سڪي ڏرا ڏئي وئي آهي، سيڪ آهي ڪونه سامي ٺاهيو.”
سوڪهڙي جي مند ۾ زمين ايڏي ته سڪل هوندي آهي جو دفنائڻ لاءِ سامي مضبوط ثابت ٿيندي آهي، هن وٽ ڪردار نگاريءَ جو فن آهي، گفتگو ۽ جملن جي ادائگيءَ جو ڏانءُ آهي، سندس ڪهاڻين جو گهڻو حصو مڪالماتي آهي، هن جا مڪالما وقت ۽ ماحول مطابق ادا ٿين ٿا.
لنگهڻ جو ڀت کائيندي هڪ ڪردار چوي ٿو.
“ادا هيڏي چانور ڏجانءِ”
ڪنهن چيو.
“ميان هن ڪنڊ جي سار ئي نه ٿا لهو.”
مئل کي قبر جي جيئرن کي ڀت جي، رزاق روين کي خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو.
ڪهاڻي “ڇٽل ڪارتوس” ۾ هو ويجهن ۽ آس پاس رهندڙ ڪردارن جي روين کي نندي ٿو، هن جي ڪردارن کي پڙهي محسوس ٿئي ٿو جيئن هر رشتو مفاد جي تند سان ٻڌل آهي. اسين مفادن ڪري هڪ ٻئي جي ويجهو آهيون.
ڪهاڻي “ٽيڙو نڪ” ۾ هو لکي ٿو.
“عام ماڻهو ڪاوڙ ڪندا آهن ۽ وڏا ماڻهو ڏمربا آهن.”
رزاق جي اها ڪهاڻي Semiabstract آهي. هو جيڪي چوڻ چاهي ٿو، اهو سڌو اظهار نه آهي. ٽيڙو نڪ ۽ ننڍو ڪن علامت طور استعمال ٿيل آهن جيئن ان ڪهاڻيءَ کي پڙهي پڙهندڙ پنهنجيءَ سوچ مطابق سمجهي سگهي.
رزاق سهتي جي هن ڪتاب ۾ ٻاويهه ڪهاڻيون شامل آهن، انهن تي الڳ راءِ ان ڪري نه ٿي ڏئي سگهجي ته پڙهندڙ ڪنهن به وضاحت کان بغير پرتجسس ٿي پڙهن ته کين وڌيڪ وڻنديون. منهنجو مقصد ڪهاڻين جي وضاحت ڪرڻ نه آهي پر انهن جي خوبين کي سامهون آڻڻ آهي.
سنڌي ادب ۾ اهڙيون ڪهاڻيون گهٽ لکيون ويون آهن، جيڪي بين الاقوامي بلندين کي ڇهي سگهن. سنڌ ۾ چٽپٽو ادب وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو. اسين معياري پڙهندڙ پيدا نه ڪري سگهيا آهيون. دراصل ادب جي ترقي اتان جي ماڻهن جي ترقي هوندي آهي. سنڌ ۾ ذهني ترقي هڪ سطح تي اچي واپس موٽ شروع ڪئي آهي، ان ۾ اسان جي بنيادي تعليم ۽ سکيا جو ڏوهه آهي. هندستان ۽ سنڌ ۾ آيل هندستاني ڪلچر اسان جي نئين کيپ جو لهجو بدلائي وڌو آهي. ٿي سگهي ٿو اهو ارتقائي عمل جو حصو هجي، جنهن تحت خطي جي زبانن ۾ ڦير ڦار ۽ بگاڙ اچڻ کانپوءِ مختلف طبقا هڪ ٻئي جي ويجهو ايندا آهن يا اها تهذيبن جي ويڙهه آهي جنهن تحت طاقتور تهذيبون ڪمزور تهذيبن کي ڳهي وينديون آهن. ڪراچيءَ اندر سٺ واري ڏهاڪي ۾ جتي روڊن تي ڪڙتا ۽ پاجاما نظر ايندا هيا اتي هاڻي ورلي نظر ايندا. پان وات ۾ وجهي ٺيٺ اردو ڳالهائيندڙن جو لهجو بدلجي ويو آهي، جنهن ڪري سمجهڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه اچي رهي آهي. باقي نفرتن جي انتها آهي، جيڪا معاشي، سياسي ۽ مذهبي سببن ڪري ٿي سگهي ٿي. لساني نفرتن پويان به معاشي خوف آهي. گذريل پندرهن سالن اندر مهاجر طبقي ايڏو معاشي استحڪام حاصل ڪيو آهي جو جيڪڏهن ان وٽ ڪي محروميون هيون ته اهي ختم ٿيڻ گهرجن. ٿي سگهي ٿو انهن وٽ ڪجهه کسجي وڃڻ جو خوف هجي.
رزاق سهتو به ساڳي شهر جو رهواسي آهي ۽ هن اها اٿل پٿل اکين سان ڏٺي آهي، سندس ڪهاڻيون ساڳي معاشري جي چيرڦاڙ ڪن ٿيون. هن جو قلم حقيقت بيان ڪري ٿو ۽ سندس ڪردار جيئرا جاڳندا اکين اڳيان نظر اچن ٿا. هن جي ڪهاڻي “چوٿين دنيا جو ماڻهو” پڙهڻ سان ساڳيو احساس جاڳي ٿو. ان ۾ هڪ لکيل پڙهيل شخص جون ڀوڳنائون آهن، جيڪو شهر ۾ اچي مجبورين جي چڪيءَ ۾ پيسجي ختم ٿي وڃي ٿو.
رزاق وٽ جنسي تذڪرو منٽوءَ جيان معاشري جي هر عمل تي حاوي نه آهي، پر اهو وقتي ۽ ضرورت مطابق جائز هنڌن تي اجاگر ٿيل آهي.
هن جي ڪهاڻين جو مجموعو “پنجاهين سال” ڇپجڻ جي خوشي ان ڪري محسوس ٿي رهي آهي جو اها سنڌي زبان جي خوشقسمتي آهي ته ان جو پرنٽ ميڊيا پاڪستان جي سڀني ٻولين کان وڌيڪ آهي، رزاق جو هيءُ ڪتاب به ادب جي صنف ڪهاڻي ڪلا ۾ اهم اضافو ثابت ٿيندو.