خاموش ڪچهريون
“بيهڻ کان سوَ وار وهڻ ئي بهتر”
اهو اوڻويهه سؤ چوهتر هيو، جڏهن ايازگل سان ملاقات ٿي. سکر ۾ ٿيل ان مشاعري جي صدارت پير حسام الدين راشدي ڪري رهيو هيو ۽ مهمان خاص شيخ اياز هيو. اسان نوجوانن پنهنجا شعرَ پڙهيا ۽ شعرَ پڙهي دوست ٿي وياسين.
شاعرن جي الڳ دنيا آهي. اها دُنيا ايڏي ته خوابناڪ آهي جو ڪوهيڙي ۾ لاتعداد لکندڙن جي موجودگيءَ باوجود نظر ڏهن فُٽن تائين مسَ پوي ٿي. هر شاعر جي حسرت آهي ته اهو اڇي جُهڙ ۾ ناسي ڪپڙا پائي، گلابي رنگ واري ٽائيٽل سان ڍڪيل شاعريءَ جو ڪِتاب کڻي گهمي ۽ کيس ڪو فرشتو نظر اچي ته ان کي ڪتاب کولي پنهنجووسري ويل نثري نظم ٻُڌائي سگهي.
ايازگل اسان جي ٽهيءَ جو سگهارو شاعر آهي. ٻيا شاعر ڀل فرشتا ڳولهين، پر مان ايازگل کي ڳولهيندو آهيان. ڪو به رسالو کولي ڏسندو آهيان، جيڪڏهن ايازگل نـظر اچي وڃي ته پهريون پڙهندو آهيان. ڪراچيءَ ۾ رهندي محسوس ٿيندو آهي، سکر ۾ روح وساري آيو آهيان. ٻه پليون جيڪي ٻه ٽُڪر ٿيل دل کي جوڙين ٿيون. بئريج روڊ، جِتي اسان دوستن جي لاتعداد قدمن جا نشان هوا مِٽائي پيرَ ڇُهي معافي وٺي ٿي. ننڍا پير، وڏا پير، پوڙها پير ۽ پيرَ جيڪي هاڻي نه رهيا آهن.
اسين ڏاڍا حساس آهيون. پاڻيءَ ۾ پُسيل اسپنج جيان. پَٽ تي پڪل پيرونءَ جيان، نرم انبن جيان، حساس ماڻهوءَ کي روئڻ جو بهانو گهرجي. نَلَ مان پاڻي نه اچي ته اکين ۾ اچي ويندو آهي. خدا شاعر کي ڳوڙهن سان ڳوٿو ــ ان بندو ٺاهي روح ڦوڪيو، پر شاعر کي روح هٿ ۾ ڏنو، ان ڪري ته اهو ڌرتيءَ تي روح ورهائي، ڇو جو ان وٽ ورهائڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. ڪڏهن سوچيندو آهيان ليبارٽريءَ ۾ چيڪ ڪري رت ڏئي سگهجي ٿي، جيڪر روح به ائين هجي ها، اهو عطيي ۾ ڏئي سگهجي ها ـــ دنيا ڏکي آهي. بُکي آهي، پوءِ به سُکي آهي. انسانَ جون اکيون آبِ حيات ڳولهين ٿيون. واتُ زندگيءَ جو نانءُ چٻاڙڻ لئه بيتاب آهي. رتُ جا گروپ آهن، روح جو گروپ نه آهي. انسان جيئري الڳ ۽ موت کان پوءِ هڪ آهي ـــ ايازگل ۽ منهنجيون ملاقاتون ”منير هوٽل“ ۾ ٿيون. هن جي شاعري کنڊ جيان آهي. هو کنڊ چانهه جي ڪپ ۾ وجھي دوست کي آڇي ٿو. مون سندس شاعريءَ جو مِٺاس محسوس ڪيو آهي. هڪ ٻوٽو، ننڍو، وڏو، ٽاريون، ڏارَ، ڇڻندڙ ٻور، کٽا انب، مٺا انب ــ ميوو پچي وڃي ته ٽاريون جھڪي آڇينديون آهن. وڻ مهربان ۽ نهٺو ٿي ويندو آهي.
هر عمل مان پيار ظاهر ٿو ٿئي
دل ڪڍي ڏيکاربي ناهي ڪڏهن
لکڻ جي ڍنگ جي خبر نه آهي، پر مون کي ڳالهائڻ جو ڍنگ صفا نه آيو. مان يادن ۽ تصورن جي جنن سان preoccupied شخص آهيان. اهي ڳالهائڻ جو موقعو ڏين ته ڪنهن ٻئي سان ڳالهايان. مون وٽ نظر نه ايندڙ چهرن جو هجوم هوندو آهي. ڪمري ۾ ڏاڍو احتياط سان گهمندو آهيان ته ڪنهن تي لتَ نه اچي وڃي.
“منير هوٽل” ۾ ايازگل سان منهنجيون خاموش ڪچهريون ٿيون. اسين روز اتي ويهندا هياسين ۽ چانهه پي سوچيندا هياسين. خوشي محسوس ٿيندي هئي ته هڪ دوست ڀر ۾ آهي، جنهن وٽ منفرد سوچون آهن، شاعريءَ جو ڏانءُ ۽ ڏاتِ آهي. جيڪو سدائين سُريلي آواز ۾ گنگنائي ٿو. شايد گهڻن کي خبر نه هجي ته ايازگل ڳائيندو به آهي. مون هن جون گَهنگناهٽون ٻُڌيون آهن ـــ هو سٺو مصور آهي ۽ ڪاتب پڻ آهي. اوڻويهه سؤ ڇاهتر ۾ جڏهن مون چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پهرين مئگزين ”موهن جو دڙو“ آندي هئي ته، ان ۾ ايازگل لاجواب ڪئليگرافي ڪئي هُئي.
هُن جو لاڙڪاڻي اچڻ ٿيندو هيو ته مون وٽ هاسٽل ۾ رهندو هيو. ”ويڄ“ رسالي جو ايڊيٽر ڊاڪٽر ثناءُ الله کوکر منهنجو روم پارٽنر هيو. جيڪو مهينو اڳ وفات ڪري ويو. اهو خوش مزاج شخص هيو. برڪت علي آزاد، ادل سومرو، ايازگل يا ٻيا دوست ايندا هيا، ته ان سان ملي، کين خوشي ٿيندي هئي.
زندگيءَ جو تجربو افسوس تي ختم ٿئي ٿو ـــ جيڪر زندگي هجي ها، زندگيءَ جو تجربو نه هجي ها.
ايازگل جي شاعريءَ تي اڳ مون لکيو آهي. مان سندس دوستيءَ تي لکڻ چاهيان ٿو. هو وڏو شاعر ۽ سٺو دوست آهي. مون کي ياد آهي، ستر واري ڏهاڪي ۾ ايازگل ايڏو ويجھو هيو جوملاقات نه ٿيندي هئي ته دل ملڻ چاهيندي هئي. هو منهنجي گهر ايندو هيو يا مان هن جي گهر هليو ويندو هيس. منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”امن جي نالي“ هُن پارس پبليڪيشنز پاران شايع ڪيو.
ڏاڍا سٺا ڏينهن هيا، ان لحاظ کان ته گهر مسئلو نه هيو. مسئلو هيو ته ادب جي مسئلي کي ڪيئن سُلجھائجي؟! رفيق سومرو جنهن جي ننڍي عمر ۾ شادي ٿيل هئي، ٻيا سڀ ڪنوارا هيا. همعصر هوندي رفيق وڏو لڳندو هيو ــــ جيڪي وڏا هوندا آهن، اهي جلد موڪلائي ويندا آهن.
مون پاڻ کي ڪڏهن وڏو نه سمجھيو آهي. نه ئي ڪوشش ڪئي آهي ته ٻيا وڏو سمجھن. ڇو جو زندگي پياري آهي.
سکر ۾ “ڪيفي الفريد” جي چانهه گھاٽو کير وجھڻ کانپوءِ به، ايڏي ڪاري هوندي هئي جو يقين ٿي ويندو هيو ته ڪارو، گوري جي ڀِڪ ۾ ويهي، رنگ نه بدلائي، عادت بدلائي. پيئڻ کانپوءِ دماغ مان ”ڪڙڪ“ جو آواز ايندو هيو. ”ڪيفي الفريد“ ڪڏهن دانشورن جي ويهڻ جي جاءِ هوندو هيو. ان هوٽل جي چانهه به فلسفو هئي، چانهه جو اثر ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ دماغ ائين سُمهي پوندو هيو جيئن ان پنهنجا سڀ ڏوهه بخشرائي ڇڏيا هجن.
مون ايازگل سان جڏهن به ”الفريد“ ۾ چانهه پيتي ته آزاد نظم پابنديءَ سان لکيا ۽ هُن غزل آزاديءَ سان لکيا. اسان وڌيڪَ ملندي گهٽ ڳالهائيندا هياسين. شايد گهٽ ڳالهائڻ جو سبب وڌيڪَ ملڻ هيو. ملڻ لاءِڳالهائڻ ضروري نه هوندو آهي ـــ ڇو جونه ملڻ جو قسم کڻي پوءِ ڳالهائبو آهي. شخص کي دوست اهي ياد ايندا آهن، جن کي هو وساري وجھندو آهي. مون کي ايازگل ياد نه ايندو آهي، ڇو جو مان ان کي وساريو ئي نه آهي.
توسان گڏجڻ موت ئي آهي ڄَڻ هاڻي
۽ پنهنجي ٿي روز مرڻَ دل چاهي