منهنجو استاد، منهنجو دوست
اهو آف وائيٽ بنگلو هيو، بلڪل نئون ۽ ان جي هڪ ڪمري ۾ ارباب رهندو هيو. ننڍي قد ۽ چست جسم وارو. سگريٽ مٿان سگريٽ، چين (Chain) سموڪر، جتي به ويهندو ته ڪمرو دونهي ۽ ماڻهن سان ڀرجي ويندو. خوشمزاج ۽ دلچسپ ڳالهه تي وڏو ٽهڪ ڏئي کلندڙ، هن جا ٽهڪ ڪمري ٻاهران ورانڊي ۽ پڌر ۾ شرارتي ٻارن جيان ڊوڙون پائيندا هيا.
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کي کلي هڪ سال ٿيو هيو، ڀٽو صاحب تريءَ تي ڦوڪ ڏئي مٽي اڏاري پل ۾ ٽيڪنيڪل ادارا کوليندو هيو، ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ ۾ ٽي نوان ميڊيڪل ڪاليج کلي ويا. لاڙڪاڻو بٺ شهر هيو. ميڊيڪل ڪاليج کليو ته اچ وڃ شروع ٿي وئي. ماحول رنگين ٿي ويو. تبديلي شروع ٿي وئي.
ارباب کهاوڙ اتي ڊمانسٽريٽر ٿي آيو هيو ۽ مان شاگرد جي حيثيت ۾ داخل ٿيو هوس، ڪنهن ڪم سانگي ڊاڪٽر لياقت علي شاهه سان ملڻ ويس جنهن جو تعلق سکر سان هيو. اهو به ان بنگلي جي هڪ ڪمري ۾ رهندو هيو. اهو ڪونه هيو، ارباب جو ڪمرو کليل ڏسي، ان کان پڇڻ ويس ته
“ڊاڪٽر لياقت علي شاهه ڪٿي آهي؟”
ارباب سمرسٽ ماهم جي ڪتاب تان اکيون هٽائي سگريٽ جو ڪش هڻي مون کي ڏٺو.
“شاهه صاحب ڪاليج ويو آهي، اچي ٿو، ويهه”
مان ويٺس ته پڇيائين “دادا ڪهڙي شهر کان آيا آهيو؟”
“سکر کان” مون وراڻيو.
دادا هن جو تڪيو ڪلام هوندو هيو.
مون کي خبر نه هئي ته ڪو هو ڊمانسٽريٽر آهي، لڳي ئي نه پيو، صفا ڇوڪرو، ڄڻ شاگرد، سندس هاٺي ڪاٺي ڏسي مون اڳرائي ڪري سوال پڇيو.
“توهان جي ايڊميشن ٿي آهي؟”
کليو ۽ مون ارباب جو پهريون ٽهڪ ٻڌو.
“نه، مان ڊمانسٽريٽر آهيان” هن چيو.
منهنجي دل ۾ هن لاءِ احترام جاڳيو ۽ ٿورو محتياط ٿي ويس، وڌيڪ هجت نه ڪري سگهيس ۽ چپ ٿي ويس. هو هڪ استاد جي حيثيت ۾ آيل هيو.
تن ڏينهن ادب کان ايترو واقف نه هيس پر ارباب جي ڳالهين مان سمجهي ويس ته هو هڪ اديب آهي. پوءِ واسطا وڌندا ويا. ايناٽامي ڊپارٽمينٽ جي دروازي وٽ پاسي کان هن جي آفيس هوندي هئي. واندو نظر نه ايندو هيو. چانهه، سگريٽ ۽ ڪچهري، اهي ٽي شيون سندس تفريح ۾ شامل هونديون هيون. حسن پرست هيو، سهڻين ڇوڪرين سان ڳالهائي تازو توانو ٿي ويندو هيو.
مون ڪڏهن کيس اداس نه ڏٺو، سدائين هشاش بشاش ۽ ڦڙتيلو، چپن تي مرڪ ۽ اکين ۾ تجسس، منفرد لهجي ۾ ڳالهائيندڙ، لفظن جي تسلسل ۽ ادائگي کان اڄ به منهنجي لاشعور ۾ محفوظ آهي. اهي لفظ ۽ لهجا جاڳي پيا، ائين لڳو ڄڻ ڪاغذن مان ارباب ڳالهائيندو هجي. ڪتاب پڙهي مون محسوس ڪيو، شايد هيءُ ڪتاب ارباب پنهنجن هٿن سان نه لکيو آهي. هو ڳالهائيندو ويو آهي ۽ ڪنهن ٻئي لکيو آهي ڇو ڪتاب تي گرامر جون پابنديون لاڳو نه ٿيون ٿين. توهان کي اهو سوچي ڪتاب پڙهڻو پوندو ته سامهون ارباب ڳالهائي رهيو آهي. اهو ڪتاب ارباب جو مخصوص لهجو آهي. اوچتي بيماري ۽ وڇوڙي سبب ارباب وٽ وقت نه رهيو. هو ڪتاب تي نظرثاني نه ڪري سگهيو ۽ سندس ڪتاب به بي ترتيب زندگيءَ جيان ترتيب کان رهجي ويو.
وڏا تخليقڪار ذاتي زندگيءَ ۾ بي ترتيب رهيا آهن. ان جو سبب اهو آهي ته سچو فنڪار ذاتي زندگيءَ کي ترجيح نه ٿو ڏئي.
رائيس ڪينال جي ڪپ ڀرسان چانڊڪا جي رهائشي ڪالونيءَ ۾ آف وائيٽ بنگلي اندر ارباب جو ڪمرو به ائين هوندو هيو، وکريل سامان، هت هُت پيل ڪتاب، چيلهه ڀڳل وهاڻا، خالي ايش ٽري ۽ فرش تي وکريل سگريٽن جا ٽوٽا، واش روم ۾ ٻوٽن جي مٽيءَ جا نشان ۽ ڳاڙهي صابڻ مان ڳڙندڙ اڇي گج، صوفن، ڪرسين، ٽيبل جي ڪنڊ ۽ پلنگ تي ويٺل خالي کيسن وارا، خوشيءَ سان ڀريل، ٽهڪ ڏيندڙ ڪامريڊ، اديب ۽ ادب دوست. اڪيلائي پسند علي بابا، ارباب جي حجري نما ڪمري ۾ هجوم پسند ٿي ويندو هيو. پنهنجي مفلسيءَ تي مرڪندڙ فقير محمد لاشاري جنهن کي اڃان ارباب کانسواءِ ڪو به سڃاڻيندو هيو. ڪيترائي غير معروف اديب، سياسي شاعر، راڳي، قومپرست، ڪارڪن ۽ نئين راهه جا منتظر شاگرد.
يقين نه ٿو اچي ته ايڏي مجموعي کي منهن ڏيڻ کانپوءِ ارباب وٽ ڪهڙو وقت بچندو هيو جو هو ڪاليج ۾ ليڪچر جي تياري ڪندو هيو. ڪلاس ۾ ويٺل ٻه سئو شاگردن کي منهن ڏئي سگهندو هيو. هو جڏهن به ڪلاس ۾ ايندو هيو ته تمام پراعتماد ۽ موضوع کي گرفت ۾ رکي اهڙو ته ليڪچر ڏيندو هيو جو واهه واهه ٿي ويندي هئي. کيس انگريزي زبان تي عبور حاصل هيو، سمجهاڻي اهڙي جو موضوع آسان ٿي ويندو هيو. ليڪچر دوران وجهه ملڻ تي هو پاڪستان پيپلزپارٽيءَ تي پڻ تنقيد ڪندو هيو. ڇو جو ان وقت بنگلاديش ٺهيو هيو ۽ هر لکيل پڙهيل ماڻهو سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو هيو. دانشور طبقي تي جي ايم سيد جو اثر هيو. پيپلزپارٽي وفاق جي ڳالهه ڪندي هئي.
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ تن ڏينهن جلسي نما ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون جن جو روح روان ارباب کهاوڙ هيو. انهن ادبي گڏجاڻين ۾ ڪهاڻيون ۽ شعر پڙهيا ويندا هيا. جن تي ڪا به تنقيد نه ٿيندي هئي. آخر ۾ ارباب کهاوڙ تقرير ڪندو هيو ۽ تقرير ۾ پيش ڪيل تخليقن جو جائزو وٺڻ سان گڏ اهو به ٻڌائيندو هيو ته حالتن کي سامهون رکي ڪيئن لکڻ گهرجي يا ڇا لکڻ گهرجي؟ هو سياست تي دل کولي ڳالهائيندو هيو ۽ سندس هر تجزيي ۾ سنڌ کي اوليت هوندي هئي. هو قوم پرست اڳواڻ هيو ۽ ننڍي عمر ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ هيو. اهڙين گڏجاڻين ۾ حڪومت جا جاسوس پڻ ويٺل هوندا هيا. انهن ۾ گهڻو ڪري ڪاليج جا ڪلرڪ هوندا هيا جيڪي گڏجاڻيءَ جو احوال مٿي پهچائيندا هيا. تن ڏينهن سنڌ جو نعرو بغاوت ۾ شمار ٿيندو هيو. جيڪڏهن ڪنهن “جيئي سنڌ” چيو ته ٻئي ڏينهن جيل جو منهن ڏسندو هيو. لاڙڪاڻي جي انتظاميا جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگردن تي ڪڙي نظر هوندي هئي.
انهن ڏينهن ارباب کهاوڙ، ارباب سنڌيءَ جي نالي سان مشهور هيو، ڇو جو ان نالي سان سندس ڪهاڻيون شايع ٿيل هيون. هو بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻيون منظرن سان ڀرپور ۽ جذباتي انداز ۾ لکيل آهن. ڪهاڻين جو موضوع سنڌ سان محبت ۽ ان محبت جي سلي ۾ جان جو نذرانو آهي.
دراصل ون يونٽ مان جان ڇڏائڻ واري جدوجهد دوران سنڌي ادب تي قوم پرستيءَ جو ايڏو ته اثر آهي جو هر ڪهاڻي ۽ ناول سنڌ جي محبت کان سواءِ نامڪمل آهي.
ارباب سنڌي قومپرست اڳواڻ هيو. هو سنڌ جي آزاديءَ جا خواب ڏسندو هيو. چانڊڪا ۾ هن هم خيال شاگردن جو هڪ وڏو حلقو ٺاهي ورتو. 1974ع ۾ پهريون دفعو شاگرد يونين جون چونڊون ٿيون جن ۾ سپاف هارائي وئي، جڏهن ته جنرل سيڪريٽريءَ جهڙي اهم پوسٽ تي اسلامي جمعيت طلبا جو هڪ شاگرد حافظ قاسم کٽي ويو. اردو پريس ان کي وڌائي پيش ڪيو ته پيپلزپارٽيءَ جي ڳڙهه مان جميعت جو شاگرد يونين جو سيڪريٽري چونڊجي ويو آهي. حافظ قاسم کي ڪراچيءَ گهرائي ائيرپورٽ تي مولانا طفيل استقبال ڪيو ۽ مودودي صاحب جيڪو ان وقت حيات هيو تنهن حافظ قاسم کي شرف باريابي بخشيو، يونين جي ٻين پوسٽن تي قومپرست شاگرد چونڊجي آيا. مان ميگزين سيڪريٽريءَ جي پوسٽ تي ڪامياب ٿيس ۽ چانڊڪا جي پهرين ميگزين “موهن جو دڙو” آندي جنهن جو مواد ارباب جي صلاح سان چونڊيو ويو. يونين جي اوٿ کڻڻ واري تقريب ۾ مون پنهنجو اوٿ شاعريءَ جي انداز ۾ کنيو جيڪو ارباب کي ايڏو ته وڻيو جو ان اهو اوٿنامو وٺي پنهنجي آفيس ۾ ٽيبل جي شيشي هيٺان رکي ڇڏيو ۽ سندس نوڪري ڇڏڻ تائين اهو اتي موجود هيو. اوٿ کڻڻ وقت آڊيٽوريم ۾ ايڏي ته نعري بازي ٿي جو ڀتيون ڏرڻ لڳيون. چانڊڪا قومپرستن جو ڳڙهه بنجي ويو. اها ڳالهه حڪومت جي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي.
ايس پي پنڃل ڇاپو هڻي ارباب کي گرفتار ڪيو. جن شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو انهن ۾ شمس صديقي، جاويد قاضي، رمضان سنڌي ۽ اشفاق ميمڻ شامل هيا. منهنجا به وارنٽ هيا پر مان هاسٽل کان ٻاهر هيس.
ارباب ۽ شاگردن جي گرفتارين کانپوءِ ڪاليج پندرهن ڏينهن بند رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو لاڙڪاڻي آيو ته ان شاگرد يونين کي گهرائي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. يونين ۾ شامل هجڻ ڪري مان به ويس. شاگردن ايس پي پنڃل جي شڪايت ڪئي. ڀٽي صاحب شاگردن کي مان ڏنو. هن ايس پي پنڃل کي اٿاري بيهاريو ۽ نج سنڌي زبان ۾ گاريون ڏنيون، کيس چيو ته شاگردن کي آزاد ڪري.
ٻئي ڏينهن سڀ شاگرد آزاد ٿيا ۽ ڪاليج کلي ويو پر افسوس ارباب کي نوڪريءَ مان خارج ڪيو ويو. ڪجهه شاگردن کي ڪاليج مان ڪڍي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو موڪليو ويو. منهنجو دوست اشفاق ميمڻ ايل ايم سيءَ ۾ هڪ سال کان پوءِ گذاري ويو. ان دلير، هر دل عزيز ۽ خوش مزاج دوست کي ياد ڪري اڄ به منهنجي دل ڳوڙها ڳاڙي ٿي.
ارباب کهاوڙ شڪارپور ۾ ڪجهه وقت شمس صديقيءَ جي پاڙي ۾ ڪلينڪ کولي، جتي منهنجو وڃڻ ٿيندو هيو، جڏهن به ويندو هيس ته ڪلينڪ ڪارڪنن سان ڀريل هوندي هئي. ارباب دوستن کي دل ۾ جاءِ ڏيڻ وارو شخص هيو.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر شمس صديقيءَ فون ڪري ٻڌايو ته “ارباب گذاري ويو.”
اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون، منهنجو استاد، منهنجو دوست دنيا ۾ نه رهيو. هو جيڪو مزدورن ۽ هارين جو همدرد هيو. تمام لکيل پڙهيل اديب ۽ سياسي اڳواڻ هيو. جنهن کي سنڌ سان محبت هئي. جيڪو وطن دوست هيو. اهو اسان کان جدا ٿي ويو.
پياري رياض منگيءَ قرب ڪري سندس لکيل ڪتاب “سنڌ جي ارتقا” ڏياري موڪليو ته ان تي نظرثاني ڪري ڪجهه ترتيب ڏيان، مون ڪوشش ڪئي آهي پر مطمئن نه آهيان، ارباب آخري ڏينهن ۾ بيماري ۽ اوچتي وڇوڙي سبب شايد اهو ڪتاب مڪمل ڪري نه سگهيو آهي پر پوءِ به هن جو پورهيو ڄاڻ سان ڀريل آهي. جنهن مان سنڌ سان محبت جو درس ملي ٿو. سچ پڇو ته جيئن مان سندس لکڻي مان متاثر ٿيو آهيان، اميد ته توهان به ايترائي متاثر ٿيندا. ڪائنات جي ابتدا سان گڏ سنڌ جي وجود جي ارتقا ۽ اوسر تائين سندس خيال، مشاهدو، مطالعو ۽ ترتيب حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هيءُ ڪتاب هڪ وطن دوست جو سنڌ لاءِ ناياب تحفو آهي.