گُلاب، خواب ۽ سَمنڊ
[/b]
آئون کوهه جي پاڻيءَ ۾
چنڊ جو عڪس ڏسي
رهيو آهيان
نه ڪيو اِهي ڌماڪا
ڇو جو
کوهه جي پاڻيءَ ۾
چنڊ جو عڪس
لڏي ٿو، ڊهي ٿو.
(پيبلو نرودا)
پرينءَ سان نيڻ ملائي
مدتن کان
ويٺو آهيان
وجود جي جوت جلائي
سوچيان ٿو
سونهن ئي حياتي آهي
سونهن ئي مماتي آهي
هُن جي نيڻن مان وهي
منهنجو نيڻن ۾ اچي ٿي
حياتيءَ جي ڌارا
ائين ئي مسلسل
آهي حياتيءَ جو تسلسل
هُن جا نيڻ سلامت آهن
اسان جو وجود
آهي موجود
پر او وقت جي ظالم ڌارا
نه ڪر اهي ڌماڪا
جو ڇنڀي ويهندو
هو پنهنجون اکڙيون
۽ اسان جو روح
ويندو ڪري پرواز
ڇرڪي اڏامندڙ ڪبوترن سان
آڪاش ڏانهن
(رسول ميمڻ)
هڪ خاموش رات ۾
اسان نگاهن ئي نگاهن ۾
هڪ ٻئي سان ڳالهايو پئي
تنهن سمي
سڀ ستارا سانت هيا
ٿڌڙي هوا، لوڪ گيت ڳائي
گُلن ٻوٽن کي پئي جاڳايو
چانڊوڪي ڌرتي جي بدن تي
ململ جي آنچل جيان
پئي لهرايو
آسمان ڪيڏو ته ٻهڪي پيو
چنڊ جو جهومر پائي
اسان جڏهن نگاهن ئي نگاهن ۾
هڪ ٻئي سان پئي ڳالهايو
انهيءَ سمي، ها انهيءَ سمي
گولين جي ٺڪائن تي
ستارا ننڊ مان ڇرڪي پيا
ٿڌڙي هوا نوحا چيا
چانڊوڪيءَ جو آنچل ويو
ڇيهون ڇيهون ٿي
سارو ماحول ويو دونهاٽجي
جڏهن هڪ خاموش رات ۾
اسان نگاهن ئي نگاهن ۾
هڪ ٻئي سان پئي ڳالهايو.
(پارس حميد)
ڪڏهن ڪڏهن اسين پاڻ به دنگ رهجي ويندا آهيون اهو ڏسي ته اسان جيڪا ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪئي آهي اها لاشعوري طور اسان کان ورجائجي وئي آهي، جو اسين جيڪو مطالعو ڪريون ٿا ان جو عرق يا ست (Extract) اسان جي دماغ ۾ هڪ پاڇي جيان رهجي وڃي ٿو. اسين پڙهيل مواد ۽ ان جي تخلقيڪار به وساري ويهون ٿا پر اهو ست يا عرق اسان جي لاشعور ۾ هميشه محفوظ رهي ٿو پوءِ گهڻي وقت کان پوءِ تخليق ڪندي ان مان پرفيوم جيان ڪجهه قطرا اوتجي اسان جي خيالن کي خوشبو بخشن ٿا.
پارس حميد کي پڙهي محسوس اِهو ٿئي ٿو ته سنڌي شاعري اڳتي وڌي رهي آهي، هن شاعر جي پيشڪش جو پنهنجو طريقو ۽ اسلوب آهي، جيڪو کيس منفرد پڻ بنائي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ گلابن جي خوشبو، خوابن جو اولڙو ۽ سمنڊ جو ذڪر اڪثر پڙهڻ ۾ اَچي ٿو. سنڌي زبان ۾ ڪافي عرصي کان ڏٺو وڃي ٿو ته صرف شاعريءَ تي زور رهيو آهي ۽ شاعري به واقعي خوبصورت تخليق ڪئي وڃي ٿي، جيڪا پارس حميد جهڙن دوستن جي ڪري ئي پروان چڙهي آهي، پر ادب جي ٻين صنفن ڪهاڻي، ناول ۽ مضمون نگاريءَ لکڻ لاءِ پڻ نوجوانن کي همٿايو وڃي. گذريل وڏي عرصي کان اسان وٽ ڪهاڻيڪارن جي کوٽ ٿي وئي آهي. پر جيڪڏهن اڃان به اڳتي وڌي ڳالهائجي سچ ته اِهو آهي ڪجهه شاعرن کي ڇڏي اڪثريت اهڙي شاعري ڪري رهيا آهن، جنهن جو ڪو ضرور ئي نه آهي. جيڪڏهن اهڙي شاعري نه ڪئي وڃي ته بهتر آهي. آءٌ ان جو ڪارڻ موجوده رسالن ۽ ٽي ويءَ کي سڏيندس. سنڌي رسالن جو معيار اُهو نه رهيو آهي. انهن جا سنڀاليندڙ ڪمرشل ۽ ادبي ذوق کان خالي آهن. انهن وٽ فلم ۽ سياست کي ادب تي اوليت آهي. انهن عام ماڻهوءَ جي ذهن کي سامهون رکي هڪ طرف رسالن لاءِ ايڊورٽائيزمينٽ جي هٿ ڪرڻ جا رستا ڳولي لڌا آهن ته ٻئي طرف ان جي وڪري لاءِ سستي قسم جا طريقا استعمال ڪيا ويا آهن. ادب کي شايع ڪرڻ کان اڳ ان کي پرکڻ ضروري نه ٿو سمجهيو وڃي، جنهن ڪري ڏات کان وانجهيل ماڻهو به شهرت حاصل ڪرڻ، پنهنجون سستي قسم جون شيون شايع ڪرائڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ محسوس نه ڪري رهيا آهن. ڪجهه وقت اڳ مون سنڌو رسالي ۾ هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي. آءٌ چاهيندس ته ان جون ڪجهه سٽون جيڪي مون کي ياد آهن، اوهان کي ٻڌايان.
“مهاجرن اسان جي ڳوٺ تي حملو ڪيو، اسين انهن کي ائين ڊيڪائي پياسون جيئن ٻلن کي ڪتا ڊيڪائي پوندا آهن.”
آخر ڪهڙو ضرور آهي اهڙي مواد کي ڇپڻ جو، اهڙيون سوين شيون آهن جيڪي شاعري، ڪهاڻي ۽ مضمون نگاريءَ جي صورت ۾ روز اکين آڏو لنگهي رهيون آهن.
رسالن جي اهڙي رويي کان جتي هڪ طرف گند ڪٺو ٿي رهيو آهي اُتي اسان جو ٽئلينٽ جيڪو خوددار ۽ حساس آهي اُهو متاثر ٿي رهيو آهي. آءٌ ڪيترائي ڏانءَ سان ڀرپور نوجوان ڏٺا آهن جن وٽ ڏات به آهي ته فڪر به آهي. انهن وٽ خودداري آهي، اهي ايڊيٽرن جي جاهلاڻي رويي کان پري گمناميءَ جي دنيا ۾ مايوسين جي رستن تي هلي رهيا آهن. آءٌ عرض ڪندس ته ادب جي پرک ڪئي وڃي. ادب کي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، ٽي ويءَ اسان جي اديبن ۽ شاعرن جي روين کي Divert ڪيو آهي. اديبن/ شاعرن جي اڪثريت ان ڪوشش ۾ رڌل آهي ته ڪنهن به صورت ۾ انهن جي تخليقن کي اتي جاءِ ملي وڃي. اها سٺي ڳالهه آهي ته ٽي وي اسان جي اديبن ۽ شاعرن کي پروجيڪٽ ڪري ٿي ۽ انهن جي لکڻين کي جاءِ ڏئي ٿي. جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ٽي ويءَ جو رويو ته اسان جي اديبن ۽ شاعرن سان ٺيڪ آهي پر اسان جي اديبن ۽ شاعرن جو رويو ٽي ويءَ سان ٺيڪ نه آهي. اسان کي سوچڻ گهرجي ته ٽي وي ڪا ادبي معراج ناهي، جتي پهچڻ هر اديب ۽ شاعر لاءِ ضروري هجي. ٽي وي تي جيڪو لکيو وڃي ٿو اهو Compromise تحت لکيو وڃي ٿو. اوهان ان کي حڪومتي پابندين سان مصلحت ڪري پاڻ پيش ٿيڻ لاءِ راضي ٿي وڃو ٿا، جنهن ڪري اُهو ادب نه آهي جيڪو مصلحت يا Compromise جي تحت لکيو وڃي ٿو.
ٽي وي اسان جي ليکڪ کي جلد ملندڙ شهرت ۽ ٿوري گهڻي پيسي سان نوازي ٿي، جنهن ڪري اسان جو Talent ڄڻ ته هڪ ڄار ۾ ڦاسي ويو آهي. انهن جي لکڻين جو معيار ٽي وي جي سطح تي اچي رڪجي ويو آهي. ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون آهن، انهن جو گهڻو وقت ٽي ويءَ جي ڊراما نويسي ۾ صرف ٿي رهيو آهي.
سچو ادب قرباني گهرندو آهي، اهو وقت ۽ حالتن سان ٽڪرائجي پوندو آهي، اهو ڪٿي به مصلحت يا Compromise ڪندي نظر نه ٿو اچي. اڄ به انهن اديبن جي قدمن جا نشان باقي آهن جيڪي اڏيءَ وٽ کُٽا. ڦاهيءَ وٽ کُٽا يا ڪنهن فائرنگ اسڪواڊ وٽ کُٽا. اديب ڪنهن به لالچ کانسواءِ هڪ Reformer هوندو آهي. اديب وٽ لالچ ۽ شهرت جو ڪو به تصور نه هجڻ گهرجي. جڏهن اهو سوچي ادب ۾ وڌبو ته پاڻ مرادو اڳتي هلي اديب هڪ اهڙي شهرت سان نوازيو ويندو جيڪا وقتي يا ان جي جيئري هجڻ تائين نه هوندي پر اها دنيا جي جيئري رهڻ تائين هوندي. اسان جو دوست پارس حميد به انهن خوددار اديبن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي ڏانءَ ۽ ڏات ڪاغذن ۾ سنڀالي عوام جي آڏو اچڻ جا منتظر آهن.
جي دکن کي
اکيون هجن ها
ته اسان کي ڏسي
روئي پون ها
واقعي ئي پارس سچ چيو آهي، پيڙا جي ان کان وڏي اُپٽار ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، وڏي ليکڪ جي اها ئي ڳالهه هوندي آهي ته هو لفظن کي ڪجهه اهڙي نموني ڦيري وجهي جو پنهنجي مرضيءَ موجب همدرديون حاصل ڪري سگهي.
آءٌ جنگ کي
مقدس ڇو نه چوان
ان ۾ ته منهنجو
پٽ شهيد ٿي ويو آهي
آءٌ جڏهن جبران جو اهو خيال پڙهندو آهيان ته منهنجي اڳيان جنگ هڪ اهڙي شفاف روح جيان اڀري ايندي آهي، جنهن تي امن جو اڇو ڪفن ويڙهيل هوندو آهي.
اهو سڀ تخليقڪار جو ڪمال آهي ته هو اسان جي ڌيان ۽ هوش تي قبضو ڪيون ويٺو هجي انهن کي جيئن چاهي استعمال ڪري.
پنهنجي گهر ۾ لڳل گولين جي سوراخن مان
چنڊ ڏسون ٿا، سج ڏسون ٿا
پنهنجا پنهنجا ڏک ڏسون ٿا
سوراخن مان سج جا ڪرڻا
جوهه مان تڪي
اسان جا ڀوءَ کان ڀڪوڙيل هٿ کولن ٿا
۽ هر روز صبح جو هير
دک سنيها پئي آڻي
سمونڊ ڇوليون ويڻ ڏئي
واپس ورن پيون
چنڊ به آسمان ۾ ڀٽڪي
اسان جي سُک وستين کي ڳولي پيو
۽ سورج ڀوءَ کان ڀيڪوڙيل
اسان جا هٿ کولي پيو
(طويل نظم “سورج اسان جا هٿ کولي پيو” مان ٽڪرو)
پارس جي مٿين سٽن تي ڪهڙو تبصرو ڪري سگهي ٿو. سندس شاعري وڻندڙ ۽ منفرد آهي، نثري/آزاد نظم لکڻ ايترو آسان نه آهي جيترو ان کي سمجهيو وڃي ٿو، ان جي آزادي پابندين کان به ڏکي ۽ مُنجهيل آهي.
من _ آسمان تي
تنهنجو چهرو
چنڊ جيان چڙهي آيو
تڏهن اکين ۾ لڪل سپنا
تارا بڻجي ويا
۽ جڏهن هن آسمان تان
چنڊ اُلهي ويو
ته سپنا جلاوطن ٿي ويا
هاڻ رڳو
وڇوڙي جي آس
بدن جلائي ٿي
پارس حميد جا نثري نظم ۽ آزاد نظم معياري ۽ فڪر سان ڀرپور آهن. انهن ۾ سونهن ۽ حياتي آهي. انهن ۾ علامتون ۽ اشارا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ ته اُهي شاعريءَ جي حدن ۾ آهن.
سمنڊ جي لهرن جو شور
منهنجي اندر ۾
خوف ۽ وسوسا ڀري ٿو
نرم گاهه جي ڇهاءُ سان
جسم مان اڀرندڙ سياندا
سڀئي مندون هڪجهڙيون ڀاسندڙ
رنگ برنگي گُل
بيرنگيءَ جو احساس ڏياريندڙ
۽ پوءِ زندگيءَ جي
انهيءَ احساساتي سفر ۾
ٿڪل، ساڻو وجود
ڪمري جي تنهائي
۽ وائلن جا سڏڪندڙ سَر
منهنجي هئڻ جي
معنيٰ ڳولن ٿا.
مان انهيءَ زندگيءَ ڏانهن موٽڻ ٿو چاهيان
جنهن ۾ تون آهين
پر منهنجا سڀئي رستا
وڇوڙي جي چؤواٽي تي
اچي گم ٿي وڃن ٿا
ڪنهن گهاٽي بڙ جيان
تنهنجي پيار مون تي
ٿڌڙي ڇانوَ ڪئي آهي
تنهنجي محبت جي ڪري
منهنجي دُکن کي ڄڻ
ننڊ وٺي وئي آهي
آخر ۾ پارس حميد جي ان خيال سان اوهان کان اجازت وٺندس.
چنڊ، تو به ڪنهن کي چاهيو
يا، سڀ ڪو توکي چاهي ٿو
1983ع سنڌي ادبي سنگت سکر پاران پارس حميد سان ملهايل رهاڻ ۾ پڙهيل پيپر)