اياز جانيءَ جي شاعريءَ جو مهاڳ
جانور جي اک ڪائنات کي ڪيئن ڏسي ٿي؟ چون ٿا جانور جي اک ۾ رنگ ئي ڪونه آهن؟ گدڙ کي گلابن جي ڪهڙي خبر هوندي آهي؟ چيتو چنبيليءَ کي محسوس ڪري ها ته بک مري ها! ڇا پتنگ پَر ان لاءِ ساڙيندا آهن ته کين لاٽ سان عقيدت آهي؟ ڇا به هجي زندگي ڏکي آهي. شاعر ان کي آسان بنائڻ لاءِ سانگ رچائي دل وندرائي ٿو. هو بي معنا کي معنادار ۽ اڻ هوند (Nothingness) ۾ هوند کي ڳولهي ان کي هيت (Form) ڏئي ٿو. جستجو صحرا ۾ هرڻ جي ڊوڙ آهي. فطرت زندگيءَ کي ان قابل بنائي ٿي جو اها رڃ سان اڃ اجهائي برقرار رهي ٿي.
جاڳ ڀڙڪا ٿي ڏئي
مان سڙان ٿو هنڌ ۾
آءٌ اهو ئي پنڌ ۾
اياز جانيءَ جي وائيءَ جون اهي سٽون ڏسو، توهان محسوس ڪندا ته ڪيئن شاعر تصور کي بدلائي وجهي ٿو. جيڪڏهن سادن لفظن ۾ ان منظر کي بيان ڪجي ته ائين چئبو. “هڪ اوجاڳي جو ماريل هنڌ ۾ ستل آهي.” پر شاعريءَ جو ڪمال ڏسو، اها منظر بدلائي ڇڏي ٿي.
شاعري فطرت جي رنگن کي ڦِٽڻ نه ٿي ڏئي. اها فطرت جي ڪنواس کي ڪشادو ڪري ٿي. لفظن کي ذائقو ڏئي ٿي ان حد تائين جو اچارڻ وقت سواد زبان تي محسوس ڪيون ٿا. شاعر وهم کي حقيقت جو روپ ڏئي ٿو.
اياز جاني شاعريءَ جو جادوگر آهي، هو ڪنڊا کڻي گلاب ۾ بدلائي وجهي ٿو. هن جو طلسم طاري ٿئي ٿو ته منظر بدلجي پون ٿا. هن جي گهڻ رخي فانوس (Phantasmagoria) جي عڪسن ۾ هر لمحي نوان روپ بدلجن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪائنات جادو آهي ۽ ان جي جادوءَ کي برقرار رکڻ ۾ ئي نجات آهي، ڇو جو جڏهن جادوءَ جو راز کلندو آهي ته جادوگر جي حيثيت صفا تَري سان وڃي لڳندي آهي. جڏهن پيرولي پڄندي آهي ته کل ايندي آهي ۽ سوچيندا آهيون. “ڇا ڳالهه؟ ڇا ڳالهه جا وڪڙ!”
رات جو ڇرڪي اٿي، ننڊ مان چيم
در ته کڙڪي ڪونه ٿو
جا هئي ڀر ۾ ستل، تنهن کان پڇيم
در ته کڙڪي ڪونه ٿو
ڇو اجايو ٿو ڪرين، پيو تون وهم
در ته کڙڪي ڪونه پيو
پوءِ شايد خواب ۾، سڏڪو ٻڌم
در ته کڙڪي ڪونه ٿو
هن مهاڳ ذريعي جنهن شخص جي شاعريءَ جو تعارف ڪرائي رهيو آهيان، يقين سان ٿو چوان ته اهو سنڌي شاعريءَ جو قدآور نانءُ آهي. اياز جانيءَ کي ڳولهي نه لڌو ويو آهي. اياز جانيءَ کي پرکيو نه ويو آهي، هن جي شاعري حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هن جا ويچار اڻ ڏٺل ذرن جو وهڪرو (Effluvim) آهي، جيڪو ٻاڦ جيان اڀري مختلف شڪليون ٺاهي ٿو. هو شاعري ڪندي وهمن (Illusions) کي پريشان ڪري ڇڏي ٿو. هو اهڙو گمان انگيز (Hallucinist) آهي، جو آئيني اندر بيهي ٻاهر عڪس ڏسي ٿو. هن وٽ پاڇن جو شهر آهي. جنهن ۾ سج لٿي کانپوءِ روڊ رستا ۽ گهٽيون ظاهر ٿين ٿا. سنڌي شاعريءَ ۾ مون ايڏي Obsessional وائي نه پڙهي آهي، هن وٽ انتظار ۽ Uncertainity جو مليل تاثر وهم خدشي ۽ ڪجهه ٿي پوڻ جي خوف ۾ بي قرار نظر اچي ٿو.
“ڪو به رستو نه آ” ٿي مسافر چيو
پوءِ ڪاڏي ويو
کوڙ رشتا کڻي، مون سجائي رکيا
“ڪو به رستو نه آ” ٿي مسافر چيو
پوءِ ڪاڏي ويو
نيڻ ويران وستيءَ ۾ ڀٽڪن پيا
“ڪو به سپنو نه آ” ٿي مسافر چيو
پوءِ ڪاڏي ويو
بي حسيءَ جي ڊگهي رات مان آجپو
“ڪو به لمحو نه آ” ٿي مسافر چيو
پوءِ ڪاڏي ويو
اڪيلائيءَ جو بهترين علاج پاڻ سان گفتگو آهي، وڏن شهرن ۾ وقت ننڍو ٿي ويو آهي، عمارتن وچ ۾ اسين قيد ٿي چڪا آهيون، ڪمري جون چار ڀتيون گڏ آهن، وچ ۾ انسان اڪيلو آهي، جنهن پاڻ کي ڳولهي لڌو، ان اڪيلائين کي شڪست ڏني. پاڻ سان دوستيءَ کانپوءِ گفتگو خودڪلاميءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.
مٿين وائي پڙهڻ کانپوءِ عجب، حيرت، افسوس ۽ وڄائجي وڃڻ جو غم طاري ٿئي ٿو. ڪو به تاثر تڏهن طاري ٿيندو آهي جڏهن ٻڌائڻ واري جي انداز ۾ خيالن جو تسلسل، رواني، منظر، تاثرات، هم آهنگيءَ سان هلندا هجن. مون ڪجهه نوجوانن جي شاعريءَ ۾ هڪ خامي اها ڏٺي آهي ته انهن جي ڪلام جون مٿيون ٻه سٽون ته خيال سان ڀرپور هونديون آهن، پر ان کانپوءِ اهو تسلسل ٽٽي پوندو آهي ۽ ذهن ۾ اڀرندڙ عڪس ڌنڌلڪو ٿي مٽجي ويندو آهي، سٺي شاعري اها آهي جنهن جي پڙهڻ کانپوءِ خودبخود اندر مان “واهه” نڪري، ساڳي طرح ڪامياب ڪهاڻي اها آهي جيڪا پڙهڻ کانپوءِ ياد رهي.
رهجي ويندو خال
گذري ويندي زندگي
جڏهن پوپٽ پهرين اڏام ڪندو آهي ته پويان پاڻ جهڙو خول ڇڏي ويندو آهي، دنيا ۾ سڀ کان خوبصورت زندگي پوپٽ جي آهي، پوپٽ جي زندگي چئن ڏينهن کان مٿي نه هوندي آهي، جان ڪيٽس جڏهن ٽي بيءَ وگهي هڪ ٻيٽ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذاري رهيو هيو ته اتان هن پنهنجي محبوبا ڏي خط لکيا، هڪ خط ۾ لکي ٿو “منهنجي پياري، جيڪر تون ۽ مان پوپٽ هجون ها، زندگيءَ جا چار ڏينهن گلن ۾ گذاري دنيا مان راهي ٿيون ها”
زندگيءَ جي پوئتي رهجي ويل خال جو تصور، ناسي پينسل سان ليڪيل اهڙو خاڪو آهي، جنهن جون رڳو ٻاهريون لڪيرون واضح آهن.
ٿوهر ٿوهر ساعتون
صحرا صحرا سال گذري ويندي زندگي
هر گهڙي هر قدم هڪ ٿوهر آهي، زندگي صحرا جو سفر آهي، اياز جانيءَ جي تصور جي اڏام ان ڪبوتر جهڙي آهي، جيڪو آسمان ۾ اوچائين تي هجڻ ڪري نظر نه ايندو آهي، اياز جانيءَ جي اڏام کي شايد ڪنهن ڏٺو نه آهي، هو سنڌ ۾ ٿيندڙ ان آفاقي شاعريءَ جو اهم حصو آهي، جيڪا هت سرجي رهي آهي، ان ۾ اياز جانيءَ جهڙن شاعرن جي محنت آهي.
گهر نه اورانگهي سگهي
در جي چائنٽ تي
پٿر ٿي وئي ڇوڪري
شاعري لفظن جي سنگتراشي آهي، شاعري قلم سان دل کوٽڻ آهي، در جي چائنٽ ۽ ڇوڪريءَ جو پٿر ٿي وڄڻ، ائين آهي جيئن گردش جو رڪجي وڃڻ، اياز جانيءَ جي وائيءَ ۾ اهڙو منظر ڏسي چنڊ به رڪجي هيٺ ضرور ڏٺو هوندو، مون چنڊ جي چهري تي ڪئي تاثرات ڏٺا آهن. اهو ڏکايل هوندو آهي، خوش هوندو آهي، ڪڏهن حيرت ۾ ته ڪڏهن خوف ۾ هوندو آهي، جنهن ڏينهن شهر ۾ قتل ٿيندو آهي تنهن رات چانڊوڪيءَ ۾ ڳوڙهن جي بوءِ هوندي آهي، چنڊ جي چهري تي مرڪ هوندي آهي جنهن رات مون کي اڪيلو ڏسندو آهي.
بي وفا بي درد موسم
ڇو نه ٿي گذري وڃي
وچ ۾ بيهي رهي آن
هجر جي اي سرد موسم
ڇو نه ٿي گذري وڃي
گل دعائن جا ڇڻن ٿا
شاعريءَ جي زرد موسم
ڇو نه ٿي گذري وڃي
ڪيئن ڄڻي سرهاڻ سگهندينءَ،
اڄ جي نامرد موسم
ڇو نه ٿي گذري وڃي
اياز جانيءَ وائيءَ کي نئون روپ ڏنو آهي، سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ مون کي بيت ائين لڳندا آهن جيئن زمين ۾ پوريل ٻج ۽ وائيون ولڙين جيان ڦٽي مٿان گل ڪڍي بيٺل آهن. وائيءَ جو اهو ساڳيو تسلسل آهي جيڪو ارتقائي منزلون طي ڪندو، شيخ اياز وٽ هيت (Form) بدلائي، ادل سومري کان ٿيندو اياز جانيءَ تائين پهچي ٿو، اياز جانيءَ وائيءَ کي ائين بدلائي وڌو آهي جو اها نئين وصف ساڻ کڻي نظم ۽ غزل جون سڪون لاهي ٿي، جيئن مٿين وائيءَ ۾ واضح آهي. هن رديف کي اهڙي طريقي ڪتب آندو آهي جو اهو سونهن ۾ اضافو ڪري ٿو، نه ته وائيءَ ۾ رديف جي گنجائش نه هوندي آهي، هن جي هڪ ٻي خوبصورت وائي ڏسو.
ڪوري مان ڪنڀار
ڀڪشو مان اوتار
آهيان مٽي سنڌ جي
مان ئي جوڳي ناٿ هان
عبد هجان ڪرتار
آهيان مٽي سنڌ جي
مان ئي راءِ ڏياچ هان
مان ئي مڱڻهار
آهيان مٽي سنڌ جي
آهي منهنجي پيٽ ۾
امن ڀريو سنسار
آهيان مٽي سنڌ جي
هيءَ وائي مڪمل طور سنڌ جي تهذيب، رواداري، تاريخ ۽ صوفي خيال جو تت (Conclusion) آهي. اها بيهڪ ويچار ۽ جوڙجڪ جي لحاظ کان سنڌي جديد وائيءَ جو خوبصورت نمونو آهي. ان ۾ رواني، رڌم ۽ تسلسل آهي، پر ان ۾ اها ڪلاسيڪل تجنيس حرفي نه آهي، جيڪا سنڌي شاعريءَ جي اڻت جو بنيادي شرط رهي آهي.
سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن ڄڻ تجنيس حرفيءَ کانسواءِ شاعريءَ کي ٻئسو پئي سمجهيو آهي، اها شعر جي هر صنف ۾ موجود نظر اچي ٿي، تجنيس حرفي شعر کي ساز Music جي آواز سان سينگاري ٿي. تجينس حرفيءَ جي استعمال لاءِ ضروري آهي ته شاعر وٽ لفظن جا اڻ کٽ انبار هجن، جيئن هو لفظن کي مناسب جاين تي ڪتب آڻي سگهي نه ته ٻئيءَ صورت ۾ هو تجنيس حرفي ڪندي لفظن هٿان استعمال ٿي ويندو. مون لفظن جي اهڙي جوڙجڪ جو ڏانءُ صرف لطيف ۽ شيخ اياز وٽ ئي ڏٺو آهي، جن اڳيان لفظ لاتعداد گلن جيان پيا آهن ۽ سندن مرضي آهي ته ڪهڙو گل کڻي ڌاڳي ۾ پوئي وجهن. شاعر جنت جي باغ جو مالهي آهي، جيڪو مالڪ کان نظر بچائي ان جا گل چوري ڪري ٿو. جنهن ڏينهن پڪڙيو ويو ته کيس سزا طور جنت جو مالڪ بنايو ويندو.
خوابن کان خالي اکيون
ڄڻ ته صحرا ٿيون لڳن
ڪنهن گلابي پنکڙيون
اس ڪاريءَ ۾ رکيون
ڄڻ ته صحرا ٿيون لڳن
اياز جاني منظرڪشي ائين ڪري ٿو جو هو ڄڻ نوان رنگ وجهي فطرت جي نقصن جي تصحيح ڪري ٿو. منظر اهڙا ٿي پون ٿا جيئن اڻ ڏٺل ۽ نوان هجن. خوابن کان خالي اکيون گلابي پنکڙين جيان صحرا جي ڪاري اس ۾ پيل آهن. اهڙا منظر ڏسي اکيون اڻ ڏٺل نظارن کان واقف ٿين ٿيون.
خاموشيءَ ۾ هلڪو، کڙڪو، ڳالهائي ٿو
“دم ٿو گهٽجي کوليو” ڪمرو ڳالهائي ٿو
خاموشيءَ جي هلڪي کڙڪي جو ڳالهائڻ ۽ دم گهٽجڻ جي احساس کان بند ڪمري جو ڳالهائڻ، شاعر کي اها فوقيت حاصل آهي ته هو غيب جا آواز ٻڌي سگهندو آهي، هن جون اکيون اهو ڪجهه ڏسنديون آهن جيڪي عام جي اختيار ۾ نه آهي، شاعر ٿڙيل (Abnormal) يا نفسياتي (Psychotic) نه هوندو آهي، پر حساسيت ۽ ادراڪ (Perception) جي اهڙين حدن کي ڇهندو آهي، جتي ڏاهپ اختتام پذير ٿئي ٿي. هن کي سگهه حاصل آهي ته خاموشيءَ جي پيٽ ۾ چونڊي وجهي، ان کي رڙ ڪرائي سگهي. شاعر مٿان آواز پکين جيان اڏامندا آهن، هو بند ڪمري جي مونجهه سيني اندر محسوس ڪري ٿو. ڪمري جو کلڻ آزاديءَ جو ساهه کڻڻ آهي.
رات جون پويون گهڙيون ۽ سانت
رات جون ڳيتون ڪڙيون ۽ سانت
وحشين جا اڀ ڏاريندڙ ٽهڪ
نينگري، ڊڪون، رڙيون ۽ سانت
اياز جانيءَ جي شاعريءَ ۾ ڪردار نگاري آهي، هو شاعريءَ ۾ گفتگو ڪري ٿو، هو شاعريءَ جو ڊراما نويس ۽ ڪهاڻيڪار آهي، هن جا ڪردار سخي، ظالم ۽ پراسرار آهن. هو هر سٽ ۾ اکين جي گهير (Visual Field) جو سمورو ڏيک سمائي ڇڏي ٿو، هن وٽ سانت ڳالهائي ٿي ۽ رڙ سانت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، هن جي شاعريءَ ۾ ڏيئڙا، ٿر، اوسيئڙو، خنجر، اڃ، در ۽ سج جا لفظ عام ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
سانت ڳهي ويندي
پنهنجي اندر جو
ڪو ته ڪڙو کڙڪائي
ڪو محسوس ڪري
اوسيئڙو در جو
ڪو ته ڪڙو کڙڪائي
اياز جانيءَ جي شاعري علامتن جي جهنگ ۾ لڪل چيتي جيان ساهه کڻي ٿي، هو خاموشيءَ جي طلسم کي پٿر هڻي ٿو ته گمان جو آئينو چير چير ٿي هڪ ڏيک کي لاتعداد ڏيکن ۾ تبديل ڪري وجهي ٿو. هن جي شاعري انهن کي وڻندي جن جو ادراڪ انهن حدن کي ڇهي ٿو جو انڌڪارن (Blindness) سان ڏسڻ لائق ٿين ٿا ۽ اوندهڪارن (Darkness) کي روشنيءَ جيان ڪتب آڻڻ جي قابل ٿين ٿا.
اياز جانيءَ جي هيٺين شعر ۾ سندس چٽيل منظر ڏسو.
صحرا جهاڳي گهر لئي پاڻي لپ، کڻي آئي آ
پاڻياري پر پنهنجا پياسا چپ کڻي آئي آ
هوءَ پريميءَ ڏانهن کڻي وئي گهر جي چيڪي مٽي
موٽي آهي هوءَ گهر ۾ گپ کڻي آئي آ
صحرا ۽ پاڻياري، ان جا پياسا چپ، گهر جي چيڪي مٽي ۽ پيرن جي گپ.
اي مينهن وس، مون تي
واريءَ جي قبر آهيان
داڻي لئي پکي لهندا
هاريءَ جي قبر آهيان
ان اپائيندڙ هاريءَ جي قبر تي داڻي لئي پکين جو لهڻ، اياز جانيءَ جا دل ڇهندڙ احساس آهن.
اي درد، قرب تنهنجا جو ساٿ تو نڀايو
ٽهڪن ڦٽي ڪيو جيئن لڙڪن ۾ تو لڪايو
مون سزا ۾ سڏڪن جو قيد ڀوڳيو آ
منصف کي مون چيو آ، منهنجي سزا وڌايو
سورن جي ساراهه ڪرڻ سان درد اثر وڃائي ويهندا آهن، خوشي اهڙي جنگ آهي جنهن ۾ سورن سان صلح ڪري ڏکن کي مات ڏئي سگهجي ٿي.
دوستيءَ جو مزو چکي ڏسجي
هٿ و ڇونءَ مٿان رکي ڏسجي
ماکي ڀل مٺي هجي پر ماکيءَ جو ڏنگ مٺو نه هوندو آهي.
ڪاٺ جو چهرو اکيون پٿر رکي
ڪيئن ملجي وچ ۾ خنجر رکي
مان چڪايان وياج ٿو هر شهر جو
ڳوٺ جو هر هڪ گرويءَ گهر رکي
ان غزل جي مٿين مصرع ڏاڍي تجريدي ۽ رومانوي آهي، جڏهن ته هيٺين مصرع سنڌ ۾ ٻرندڙ ٻٽي نظام جي مسئلي کي اجاگر ڪري ٿي.
معمول حياتيءَ جو گذري ته غنيمت آ
روشن نه ڪري سورج اڀري ته غنيمت آ
گهٽ ۽ خوف جي ماحول ۾ انسان جي اندر جي بيزاري ۽ ناراضگيءَ جو اظهار آهي.
ان جا ڪلها، پٺاڙا، هٿ پير ٿا کپن
هيءُ شهر آهي، ڪنهن جو چهرو پڇي نه ٿو
نفسانفسيءَ ۽ روزگار جي دونهي ۾ چهرا ڍڪجي هڪجهڙا ٿي ويا آهن، چهرن جي اهميت ختم ٿي چڪي آهي، شهر ۾ ڪلها، پٺاڙا، هٿ ۽ پير وڪامي رهيا آهن.
لانگ بوٽن کي کڻو، تارون کڻو ڪي گل رکو
سرحد تان سڏڪندڙ، سارون کڻو ڪي گل رکو
هر طرف وحشي روين جي اڃان اوناڙ آ
هي ڪهاڙيون، تير تلوارون، کڻو ڪي گل رکو
چنڊ ڄاڻي، سمنڊ ڄاڻي، بي رخيءَ جي گهاءُ کي
ويڄ پاسي ڪيو، دارون کڻو، ڪي گل رکو
اياز جاني امن جو پيامبر آهي، دنيا جو هر وڏو شاعر امن جي ڳالهه ڪري ٿو، وقت ٿيو عظيم جنگيون ختم ٿي چڪيون، پر اسان وٽ جنگ جاري آهي، جنهن جو انت نظر نه ٿو اچي، ويڄ ۽ دوا درمل جي ضرورت نه آهي، امن جو گلدستو مسئلي جو حل آهي.
روشني، خوشبوءِ، مٽي، بارش، هوا،
سوچ ۾ آهيان ته ڇا آهي بدن،
مان نئين سر ٿو سرابن ڏي وڃان،
هوءَ سامهون اچي ٿي ٺاهي بدن.
اياز جانيءَ نه صرف خوبصورت وائي لکي آهي پر هن غزل ۾ به ڪمال ڪيو آهي، هن وٽ غزل اهڙي روپ ۾ نظر اچي ٿو جنهن تي اردو شاعريءَ جي ڇاپ لڳل نه آهي.
بدن جي بناوٽ ڪيميڪل عنصرن کان سواءِ ڪجهه نه آهي. روشني، مٽي، بارش ۽ هوا ڪيميڪل عنصرن جون فطري شيون آهن. انسان انهن ئي عنصرن مان ٺهيل آهي فطرت هائڊرو ڪاربن، ماليڪيول ۽ گاڊ پارٽيڪل ئي ته آهي، سرابن ۾ ڪنهن اپسرا جو بدن ٺاهي نروار ٿيڻ، ڄڻ ڪائنات جو وجود وٺڻ آهي.
هي نيڻ مونکي ڳوٺ کان آيل مسافر ٿا لڳن
ڪنهن سانوريءَ جي مرڪ کان گهايل مسافر ٿا لڳن
جوڀن بدن جي ڇانوري ۾ شام جو گلشن حديد
ٿو ٿيڙ کائي سج ۽ پيتل مسافر ٿا لڳن
اياز جاني سنڌ ۾ صدين کان جاري شاعريءَ جي تسلسل جي ڌاري مان ڇڻي صاف ٿيل گوهر ناياب جيان نڪتل آهي. هن وٽ اميدن جا ڏيئا سدائين روشن رهندا.
رت گهرين يا جرُ؟
پر اڃان ڀي ٻر او ڏيئڙا
نيڻ ته پوءِ به کليل رهندا
بند ڪيان جي در او ڏيئڙا
پر اڃان ڀي ٻر او ڏيئڙا