اکين جي قبر ڳوڙهن جا لاشا
[/b]
ڏاڍو ڏکيو آهي ٻئي جي احساسن جو ترجمان ٿيڻ، سڙيل جا زخم محسوس ڪري سگهجن ٿا، ڄر کي نه، احساس لفظن جو روپ ڌارين ٿا ۽ لفظ بند ٽجوڙيون آهن، جن جي چاٻي انهن جي مالڪ کانسواءِ ڪنهن وٽ نه آهي. اهي ٽجوڙيون ذاتي ملڪيت آهن جن کي کولڻ لاءِ اجازت جي ضرورت آهي.
ادب ۽ شاعري پورهيو آهي، ڪنهن عمارت ٻاهران بيهي ان جي اڏاوت تي ڳالهائڻ ناجائز آهي، سٺو آهي ته عمارتساز سان ميز تي ويهي بحث ڪجي، ليکڪ عوامي نه هوندو آهي پر ٿي ويندو آهي. لکڻيون ذاتي احساس آهن جن ۾ عوام کي پنهنجو چهرو نظر اچي ٿو. جن نظريا اختيار ڪيا ۽ نعري بازي ڪئي اهي تباهه ۽ برباد ٿيا.
اياز گل کي ننڍپڻ کان سڃاڻيان ڇو جو منهنجو دوست آهي. ڪڏهن ٽيڙو هيو، هاڻي غزل آهي، غزل به اهڙو جو هرڻ جي هر ڇال تي ڌرتيءَ مان پاڻيءَ جو چشمو ڦٽي نڪري ٿو.
اسان جي ڏات کي، جنهن جاءِ مات ٿي ڏسجي،
اوهان جا نيڻ، جتي ڪائنات ٿي ڏسجي.
ڪنهن ڏٺي آهي ڪائنات گمنام نيڻن کانسواءِ، ڪو ڪائنات ڏسي ته سندس دل ڦاٽي پوي، ڪائنات سمنڊ جيان نه آهي جنهن ڪناري ناريل پوکي سگهن، اهڙو اڻ لڀ محبوب جنهن جي ناياب نيڻن ۾ ڪائنات ڏسجي ٿي ان جي در تائين پهچڻ جي جستجوءَ ۾ ئي ڏات جي مات ممڪن ٿي سگهي ٿي. ڏات فطرت جو حسين تحفو آهي جنهن سان اياز گل نوازيل آهي. ڏات سونهن آهي جيڪا هر هڪ جي حصي ۾ نه ٿي اچي، ڪي ڪوجها آهن، اها فطرت جي ناانصافي نه پر فرد جو فطرت ڏانهن رويو ۽ ماحول آهي. سهڻي جي صورت سڙي وئي کاڏيءَ جو تر بچي ويو اهو اتفاقي آهي، ڏات کي ڏانءَ جي ضرورت نه آهي پر ڏانءَ کي ڏات جي ضرورت آهي. ڏانءُ ڏات کي ڳولهڻ لهي ٿو. حسينن تي ناز پاڻ ئي نازل ٿين ٿا. ٺلهو ڏانءُ خالي ٿانءُ آهي.
ڪنهن ٻوڙان ٻوڙ وانگي آ
هي غم گجگوڙ وانگي آ
گارشيا مارڪيز پنهنجي ڪتاب “پيار ۽ آسيب” جي انتساب ۾ لکيو آهي ته “ڪارمن بالسلز ڏانهن جيڪو ڳوڙهن سان وهنجيو.”
دنيا ۾ اڄ گارشيا جي هر سٽ کي ساراهيو وڃي ٿو. پڪ سان ان گل جو اهو غزل نه پڙهيو هوندو، غم مينهن وانگر وسندو آهي ۽ ڳوڙهن جي ٻوڏ ايندي آهي. گارشيا گل جون اهي سٽون پڙهي ته کيس سحرانگيز حقيقت نگاريءَ جو نئون نظارو نظر اچي وڃي. ڳوڙها پاڻيءَ جو لڪيل ذخيرو آهن. ڪو مسافر رڻ ۾ هلندي ٿڪيو، اڃايل هيو مايوس ٿي ويو. رنو ته ڳوڙهن سندس نڙيءَ کي آلو ڪري وڌو.
اڳتي اڳتي پار ڏسڻ ئي بهتر آ
هن سوچيو “هن پار وڃڻ ئي بهتر آ”
واهه ڪناري بيٺل هڪڙي وڻ سوچيو،
“بيهڻ کان سوَ وار وهڻ ئي بهتر آ”
اسين زندگيءَ کي مانيءَ وانگر کائون ٿا. حياتيءَ جي دسترخوان تي ڪو کاڌو بچائي هليو وڃي ٿو، ڪنهن جا وٽا خالي ٿي وڃن ٿا، مون هڪ آشرم ۾ پورڻتا (Contained)جا دعويدار ٽي ٻاوا ڏٺا جن جا پيٽ ڦوڪيل هيا. پورڻتا هوا آهي.
گل ٺيڪ چوي ٿو، حاصلات جي جستجوءَ ۾ جاندار زندگيءَ جا ليڪا لتاڙي ٿو. نديءَ ڪناري بيٺل وڻ جيان ڪير به مطمئن نه آهي. واهه جي پاڻيءَ به ڪناري بيٺل وڻ کي ڏسي ضرور سوچيو هوندو جيڪر اهو ان جيان بيهي آرام ڪري.
ماڻهوءَ اڳيان پويان پاڇا ڊوڙن ٿا
نظرن ڏي هر روز تماشا ڊوڙن ٿا
مون ننڍي هوندي ملتاني فقيرن جو پتلي تماشو ڏٺو جيڪي رات جي وقت ٽي کٽون ڏئي فانوس ٻاري پتليون نچائيندا هيا، نچندڙ کلندڙ روئندڙ ليلا ايڏي ته وڻي جو صبح سان ننڊ مان اٿي ملتاني فقيرن جي هڙ مٿان وڃي بيٺس، ملتاني فقير سمهيا پيا هيا، هڙ کولي بي جان ليلا کي ڏٺم، ڏک کان نيرن نه ڪري سگهيم، اهو سچ آهي ته اسين ڌاڳن سان ٻڌل آهيون. پاڻ مرادو ڇڏڻ Autodetachment جي عمل مان گذري پتليءَ جيان فقير جي هڙ ۾ دفن ٿيون ٿا. اهو ارتقائي عمل آهي. دنيا پاڇن جو تماشو آهي.
ڪيئن ڪري سگهندا منزل کي پنهنجو هو
خيال اهي جي چارئي پاسا ڊوڙن ٿا
ماڻهو چوواٽي تي بيٺل آهي، منزل جي ڳولها ۾ منجهيل آهي پر ڀلا ڀاڳ انهن جا جن جون منزلون چوواٽا آهن. چوواٽي تي اڻ ڏٺل هستيءَ جو ديرو آهي. انسان منزل جي ڳولها ۾ ڀٽڪيل آهي، وهمن وسوسن ۽ خدشن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي پر حقيقت اها آهي ته خيال دريائي گهوڙا آهن، جيڏانهن وڃ پاڻي آهي. ڀٽڪيل آهن اهي جن منزل ماڻڻ جي دعوا ڪئي ڇو جو منزل اڃان متعين نه آهي.
رات اويلي سرد هوا ڀي آهي
شايد ڪوئي در کلي پئي سڏ ڪرڻ ۾ ڇا هي
اياز گل سٺي منظرنگاري ڪئي آهي. سرد هوا ۾ سڀ در بند آهن. ماڻهو اڪيلو ٻاهر بيٺل آهي، سڏ ڪرڻ سان در کلڻ جي توقع هڪ غير يقيني ڪيفيت کي پراميد بنائي ٿي. گل وٽ منظرن ۽ علامتن جا انبار آهن.
توسان گڏجڻ موت ئي آهي هاڻي
۽ پنهنجي ٿي روز مرڻ تي دل چاهي
توسان گڏجڻ موت ئي صحيح پر توسان ملڻ کانپوءِ ڪير مئو آهي؟ هڪڙي چيو “ڄائو ئي نه آهيان ته مرندس ڪيئن؟” ٻئي چيو “مان نه مئس ڪو ٻيو مري ويو.”
اياز گل چيو “توسان ملڻ موت آهي ۽ دل روز مرڻ چاهي ٿي.”
نه ڪا آگ، نه سورج سوا نيزي تي
شهر تڏهن به صفا برف جيان ڳري ٿو پيو
سٺو لکڻ نئين ڳالهه ڪرڻ آهي، ٻڌل ڳالهه کي به ائين ورجهائجي جو نئين لڳي، جيئن ماڻهو پگهربا آهن برف به پگهربي آهي، ماڪ ۽ پگهر ۾ موسم جي روين جو تفاوت آهي. ڪنهن اڻ ڄاتل خوف کان شهر سرد ٿي چڪو آهي، وحشت جي ٿڌ رڳن ۾ وهي ٿي.
سڄي زماني کي هن جا لڙڪ ڏسڻا هن
اکين جي قبر ۾ هو لاشا ته لٽيندو نه
گل جي علامتي انداز جو سٺو مثال آهي، اکين جي قبر ۽ ڳوڙهن جا لاش، ڳوڙها آزاد آهن، انهن کي اکين ۾ قيد ڪرڻ ناممڪن آهي، ڳوڙها ڏکن ۽ خوشين جو پاڻ مرادو اظهار آهن. نظام مرڪ کي پابند ڪري سگهي ٿو ڳوڙهن کي نه، ڇو جو مرڪ وس ۾ آهي ڳوڙها بي وس آهن، ڳوڙهن جا لاش لٽجڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
فرض پنهنجو ادا ڪندو ٿو رهي
دوست آهي دغا ڪندو ٿو رهي
تهمتون هن ڇڏيون ورهائي سڀ
نيڪ آهي سخا ڪندو ٿو رهي
شڪوو شڪايت ڪلاسيڪل غزل جو تڪيو آهي، گل جي غزل جون اهي سٽون به ساڳي مزاج ۾ دل ڇهندڙ آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اياز گل غزل جو وڏو شاعر آهي، هن وٽ غزل پيش ڪرڻ جا مختلف انداز آهن ۽ هو هر انداز ۾ ڪامياب آهي. هر اظهار پاڻ مرادو ۽ مصنوعيت کان عاري آهي. هو لکي نه ٿو هن کان لکجي وڃي ٿو. هو عمل ۾ يقين رکي ٿو ڏيکاءَ ۾ نه، بقول هن جي.
هر عمل مان پيار ظاهر ٿئي ٿو
دل ڪڍي ڏيکاربي نه آهي ڪڏهن