رسول ميمڻ جو هڪ تصوراتي ناول: رئوف نظاماڻي
رسول ميمڻ جنهن تيزي سان لکي ۽ ڇپجي رهيو آهي، ان ۾ سندس ڪنهن لکڻي ۽ ڪتاب کي نئون چوڻ شايد مناسب نه ٿئي. هن وقت منهنجي مطالعي ۾ سندس ناول “اڻويهه عورتون” آهي. جيتوڻيڪ ناول جو پسمنظر تاريخي آهي ۽ سنڌ تي عربن جي ڪاهه جي حوالي سان لکيل آهي. پر جيئن ليکڪ پاڻ چئي ٿو ته ناول جو پسمنظر تاريخ آهي، پر پيش منظر خيالي آهي، ڇاڪاڻ جو اهو ڪو تاريخ جو بيان ناهي. اهو تاريخ ڏانهن ليکڪ جو هڪ احساساتي ردعمل آهي. پر ان سلسلي ۾ شاعري ۽ ڪهاڻيءَ کان ناول ان لحاظ کان مختلف هوندو آهي. جو اهڙي موضوع سان لاڳاپيل ناول رڳو هڪ احساس جو اظهار ناهي هوندو. پر ان ۾ هڪ تحقيق جي پڻ ضرورت هوندي آهي. ۽ پوري ماحول کي نظر ۾ رکڻو پوندو آهي. اها ڳالهه ليکڪ جي زير نظر رهي آهي ۽ هن ان ڳالهه جو اظهار به ڪيو آهي ته جيئن ان دور متعلق گهڻو تاريخي مواد دستياب ناهي، ان ڪري کيس گهڻي ڀاڱي پنهنجي تصور تي ڀاڙڻو پيو آهي. ان ناول کي سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان لکيل انهن ناولن جو تسلسل چئي سگهجي ٿو. جيڪي ورهاڱي کان پوءِ قوم پرست تحريڪ جي زير اثر لکيا ويا، جن تي تاريخ کان وڌيڪ ليکڪ جو احساس ۽ جذبو حاوي رهيو آهي.
عربن جي ڪاهه سنڌ جي تاريخ جو هڪ نهايت اهم واقعو آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ، آبادي جي بيهڪ ۽ مذهب وغيره کي ڄڻ ته هميشه لاءِ بنيادي لحاظ کان تبديل ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ان موضوع تي لکڻ تاريخ جي ٻين موضوعن تي لکڻ کان مختلف آهي. ساڳئي وقت سنڌ ۾ جيڪا قومي تحريڪ اڀري، ان کي پنهنجا متبادل گهربل هئا. جيڪي رياست جي نظريي ۽ پيش ڪيل تاريخ جي ڀيٽ ۾ پيش ڪري سگهجن. ڏاهر ساڄي ڌر جي دانشورن لاءِ ڪافر ۽ ملعوم هو، جيئن ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ان سلسلي ۾ حوالو ڏنو آهي، پر جي ايم سيد ان کي سنڌ جي سورمن ۾ شمار ڪري ٿو، جنهن پنهنجي وطن جو بچاءُ ڪندي قرباني ڏني.
رسول ميمڻ ناول جي شروعات ۾ ئي پنهنجي نڪته نظرکي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته “ڏاهر سنڌ ملڪ جو اهو بادشاهه هيو، جنهن ڌارين سان جنگ جوٽي، پوءِ اها جنگ سنڌي عوام لاءِ هئي يا پنهنجي شهنشاهيت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ” هو چئي ٿو ته “ليکڪ جي حيثيت ۾ مان ڌر ناهيان، پر منهنجو ملڪ سنڌ آهي، منهنجيون همدرديون سنڌ سان آهن، نه راجائن ۽ سپهه سالارن سان.”
ناول جا ڪردار نه ته راجا ۽ سردار آهن ۽ نه ئي جرنيل، جن کي دشمن خلاف غير معمولي بهادريءَ جا ڪارناما ڪندي ڏيکاريو ويو هجي ۽ نه اهي اڻويهه عورتون ڪي شهزاديون ۽ حڪمران خاندان سان واسطو رکندڙ آهن، پر اهي سڀ عام ماڻهو ۽ مندر جون داسيون آهن. جن کي برهمڻ آباد تي حملي وقت غلام بڻائي عراق (شام) جي حاڪم کي موڪلڻ لاءِ بحريانيا موڪليو وڃي ٿو. ناول جو هيرو ڪهيداس بازيگرن جي ان قبيلي سان واسطو رکندڙ هڪ شخص آهي. جيڪي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهمي پنهنجي روزي ڪمائين ٿا. هو بس هڪ عام ماڻهو آهي. جنهن جي لاءِ حب الوطني وغيره سڀ ثانوي شيون آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه جي اهميت آهي ته اها آهي پنهنجي محبوبه هارانسي کي قيد مان آزاد ڪرائڻ، سندس ڪا ماورائي حيثيت ناهي، جنهن جي اهڙي قسم جي ناولن ۾ گهڻي گنجائش هوندي آهي. خاص طور تي ان وقت، جڏهن هو شهزادي جي علاج لاءِ جڙي ٻوٽين جي ڳولا ۾ اروڙ پهچي ٿو، جتي جنگ لڳل هجي ٿي ۽ ڏاهر جي مرڻ جي پڪ ٿي وڃي ٿي. ان وقت به سندس ذهن تي محبوبا جو ئي خيال هجي ٿو ته واپس موٽي ان کي ڪيئن آزاد ڪرائجي؟
ان سان وقت جي ماڻهن جي حڪمرانن سان لاتعلقي جي پڻ خبر پئي ٿي، جن جي لاءِ پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي حوالي سان حڪمرانن جي بدلجڻ سان ڪو خاص فرق نه پيو پئي. هونئن به ڏاهر جي شڪست ۽ عربن جي سوڀاري ٿيڻ جو مک ڪارڻ سنڌي سماج جو اندروني طور ورهائجڻ ۽ ڏڦيڙ به هو، ان مقصد لاءِ جيتوڻيڪ هو بادشاهه ۽ شهزادن کي پنهنجي مهارت جو يقين ڏياري پنهنجي لاءِ رعايتون ۽ پنهنجي محبوبا تائين پهچ حاصل ڪري ٿو، پر انهن شعبن ۾ به کيس ڪي خاص ته ڇا بلڪه ڪي به ڪارناما ڪندي نه ڏيکاريو ويو آهي. اهڙي ريت بجاءِ پنهنجي مهارت جي. بادشاهه ۽ شهزاديءَ جي انڌي اعتماد، جيڪو رڳو سندن اٻوجهائپ ۽ بيوقوفي کي ظاهر ڪري ٿو، جي ڪري ئي هو پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي ٿو.
گهڻين ڳالهين کي ناول نگار نهايت سولو ڪري پيش ڪيو آهي. سندس بادشاهه ۽ شهزادي کي اعتماد ۾ وٺڻ به هڪ سولي ڳالهه ته، اروڙ جي قيد خاني مان نڪري بحربانيا پهچڻ به سندس لاءِ ڪو مسئلو نه ٿو هجي. اهم ڳالهه اها آهي ته هيرو کي ڪٿي به هٿيار کڻڻ ۽ اهي استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي پوي، جيڪا ويڙهه ۽ جنگ واري صورتحال ۾ هڪ اڻٽر ڳالهه هوندي آهي.
ناول ۾ جيتوڻيڪ گهڻن ڪردارن کي متعارف ڪرايو ويو آهي، پر سرگرم ڪردار رڳو ناول جي هيرو ڪهيداس جو آهي. جڏهن ته باقي سڀ ڪردار ان جا مددگار يا غير سرگرم آهن. اها ڳالهه خاص طور تي ناول جي هيروئن لاءِ چئي سگهجي ٿي. جنهن جو ناول ۾ هيرو لاءِ رڳو هڪ اتساهه هئڻ کانسواءِ ٻيو ڪو خاص ڪردار ناهي.
هڪ بنيادي ڳالهه جنهن کي ليکڪ نظرانداز ڪري ويو آهي، اها اِها ته سنڌ تي عرب ڪاهه اموي دور ۾ ٿي هئي ۽ ان وقت ان جي گادي جو هنڌ دمشق شام هو، جڏهن ته ناول ۾ تواتر سان ان کي بغداد ۽ عراق ڪري پيش ڪيو ويو آهي.
ناول جو ڪينواس ڪهاڻي کان وسيع هوندو آهي ۽ ان ۾ ماحول کي وسيع تناظر ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. هيءُ ناول جيئن ته هڪ عام ماڻهوءَ جي حوالي سان لکيل آهي، ان ڪري سنڌ جي تاريخ جي ان باب جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ليکڪ کان اها گهر ڪري سگهجي ٿي ته هو ان وقت جي حالتن جو هڪ خاڪو پيش ڪري ها. اهو ان لحاظ کان اڃا وڌيڪ مناسب ٿئي ها ته، ناول جو هيروشڪست کي ڏسندي فليش بيڪ ۾ ان سڄي صورتحال جا ڪارڻ ڄاڻائي سگهي ها، ڇاڪاڻ ته هڪ عام ماڻهو هئڻ جي باوجود هو هڪ باشعور شخص آهي ۽ ٻي ڳالهه ته ان سڄي صورتحال سندس زندگي کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي.
اهو ان ڪري به ممڪن آهي ته هن وقت ان موضوع تي رڳو چچ نامو اڪيلو ذريعو ناهي، پر ٻيو گهڻو مواد به دستياب آهي، جنهن مان اها ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ته ڏاهر ۽ سنڌي فوجن جي هارائڻ جو ڪارڻ رڳو سندن فوجي ڪمزوري يا عربن جي فوجي طاقت نه هئي، پر ملڪ اندر اهڙيون قوتون به موجود هيون، جيڪي ڏاهر سان بغاوت ڪري وڃي عربن سان شامل ٿيون هيون، ان سلسلي ۾ ان عنصر کي به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته، ان وقت سنڌ جي آبادي جي گهڻائي جو مذهب ٻڌ مت هو، جڏهن ته حڪومت ڪندڙ برهمڻ هئا. ڏاهر سنڌ جو آخري هندو حڪمران هو ۽ سندس دور تائين ئي سنڌ جي هندن ۾ ذات پات جو نظام رهيو آهي، جيڪو پوءِ آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو، ان مذهبي فرق ۽ سماجي ڏڦيڙ به ڏاهر جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
تنهن ڪري هيءُ ناول بنيادي طور تاريخ کان وڌيڪ تصور تي ٻڌل آهي، جيئن اڳ ۾ به ذڪر ٿيل آهي، پر تصور حقيقت تي وڌيڪ حاوي ٿي ويو آهي ۽ هيرو ڄڻ الف ليلوي داستان جو ڪو ڪردار محسوس ٿئي ٿو. جنهن جي لاءِ سڀ ڪم اک ڇنڀ ۾ سولا ٿي پون ٿا. موضوع جيئن ته سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم باب سان لاڳاپيل آهي، ان ڪري اهو هڪ ڪهاڻي جي حوالي سان ته ٺيڪ آهي، پر پڙهندڙ ناول جي حوالي سان ان ۾ ڪجهه کوٽون محسوس ڪري ٿو، اهو ان ڪري به آهي ته، سنڌيءَ ۾ اهو ان دور جي حوالي سان شايد پهريون ناول آهي، جيڪو هڪ سڄاڻ ليکڪ جي قلم ذريعي پڙهندڙن تائين پهتو آهي.