درسگاهه اگهم ڪوٽ
اگهم ڪوٽ، عربن کان وڌيڪ سومرن جي دور ۾ علم و ادب ۾ ترقي ڪئي. نامور محقق محمد حسين ڪاشف لکي ٿو ته هيءُ شهر هڪ عظيم علمي مرڪز ۽ الله وارن بزرگن جي رشد ۾ هدايت ۽ فيض جو سرچشمو هو، جتان اُڃايل دلين علم ۽ عرفان جي آب سان الاهي عشق جي اُڃ پئي اجهائي ته ٻئي طرف هيءُ شهر وقت جي حاڪمن، انهن جي نائبن ۽ سردارن جو آماجگاهه هو. سومرن جي دور ۾ هيءُ شهر علمي اوج تي هو. هتان جي مشهور علمي شخصيت مخدوم اسماعيل سومرو هو، جنهن جي هتي وڏي درسگاهه هئي، جيڪا شهر جي وڏيءَ مسجد جي ڏاکڻي طرف هڪ ڪشادي جاءِ ۾ قائم هئي. رحيمداد مولائي شيدائي ” تاريخ تمدن سنڌ “ ۾ لکي ٿو ته هن مدرسي ۾ هڪ ئي وقت سوين شاگرد تعليم حاصل ڪندا هئا. سندن رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ پوشاڪ جو سارو خرچ سومرا امير، درويش دائود، ميان حمل ۽ مخدوم اسماعيل سومرو ڀريندا هئا. هن مدرسي جي نصابي تعليم ” تحفته الڪرام “ جو مصنف لکي ٿو ته هن درسگاهه ۾ رڳو پنج سئو شاگرد قرآن مجيد جي تعليم وٺندا هئا ۽ باقي ٻين علمن جي تعليم حاصل ڪرڻ وارن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جي علم فقهه، علم حديث، علم تصوف ۽ طب وغيره جي تعليم حاصل ڪندا هئا.
اگهم ڪوٽ جي هن عظيم درسگاهه جو باني مهتم ۽ مدرس اعلى مخدوم اسماعيل سومرو، مخدوم نوح سرور رح جو همعصر ۽ پوئلڳ هو. هن بزرگ جي ئي ڪوششن سان هيءُ شهر علمي بحر ۽ روحاني فيض جو مرڪز بڻجي پيو. هن جي وفات کان پوءِ، سندس فرزند حامدالله درسگاهه جي انتظام کي سنڀاليو . هو به پنهنجي والد وانگر عامل ۽ اهل الله هو. سٺو مفتي ۽ علم فقه جو ڄاڻو هو. هن مدرسي جي ڪري ” اگهم ڪوٽ “ ۾ سهروردي توڙي قادري طريقن جي بزرگن جو فيض عام رهيو ۽ انهن بزرگن ئي پنهنجي زندگيءَ کي عوام جي اخلاقي تربيت ۽ روحاني خوشي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ هيءُ شهر انهيءَ درسگاهه جي موجودگيءَ ڪري هڪ اهم اسلامي مرڪز بنجي پيو.
[b] محمد اسماعيل سومرو :[/b] هن بزرگ جو احوال ڪتاب ”حقيقته الاولياءَ“ ۽ ڪتاب ”گلزار ابرار“ ۾ آيل آهي. هيءُ بزرگ پنهنجي وقت جو عارف، ڪامل ولي، ۽ اهل دل عالم ٿي گذريو آهي. هن وٽان هزارين ماڻهو ظاهري توڙي باطني علم پرائي نڪتا. سندس خانقاهه ۾ ڪيترائي ماڻهو ڏورانهن هنڌن تان اچي علم حاصل ڪندا هئا. ڪيترائي ايڪڙ اناج جا پوکيندا هو، ته جيئن خانقاهه جو لنگر هلي. پاڻ اگهم ڪوٽ جي قلعي ۾دفن ٿيل آهي. سندس ولادت جي تاريخ جي ته خبر ڪانه آهي. پر سندس وفات سنه 998هه ۾ ڄاڻائي ويئي آهي.
هن درسگاهه جي ٻين اهم استادن ۽ شاگردن ۾ استاد شاهه عبدالمجيد عرف شاهه باجيد، پير حسين شاهه، مخدوم عثمان، شاهه اسد قريشي، مخدوم صدو موهيو، شيخ نورالدين، سليمان درويش، عمر بودلو، حمزو پرهار ( پرهياڙ )، محمد شريف ۽ سيد نونس جا نالا قابل ذڪر ۽ قابل تعريف آهن، جن پنهنجو رت ۽ پگهر ڏيئي، هن عظيم درسگاهه جو مان مٿانهون ڪيو. محقق محمد سومار شيخ لکي ٿو ته اگهم ڪوٽ جي هيءَ ديني درسگاهه ٺٽي جي اوج کان به گهڻو اڳ ديني تعليم جو مرڪز بنجي ويئي. بدين ضلعي جي درسگاهن جو شهر ”اگهم ڪوٽ“ هو، جنهن ۾ مدرسا ۽ خطابي (طالب العلم) تمام گهڻا آهن.
اگهم ڪوٽ جي هي درسگاهه ترخانن جي دور ۾ قائم رهي ۽ ان وقت سندس اوج به هو. هن درسگاهه ان دور ۾ ايتري قدر مڃتا ماڻي جو مرزا محمد باقي ترخان جهڙي ظالم، بخيل ۽ ٺڪر حاڪم هن مدرسي سان لاڳو زمين تي ٿيل آبادي تان ڍل معاف ڪري ڇڏي ۽ ٻيا انگ ابواب به ڪونه وٺندو هو. رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون“ ۾ هن درسگاهه جو ذڪر ڪيو آهي. هيءَ درسگاهه ترخانن جي آخري دور ۾ ڦِٽي ويئي ۽ هتان جي علمي اوج جون ڳالهيون به هوريان هوريان ٺٽي ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳيون.
اگهم ڪوٽ جي درسگاهه کي هڪ عظيم ڪتب خانو به هو، جنهن جو بنياد مخدوم محمد اسماعيل سومري وڌو ۽ پوءِ ان کي پوئين بزرگن وڌايو. پر جڏهن درسگاهه جو زوال شروع ٿيو، تڏهن انهيءَ درسگاهه جو عظيم ”ڪتبخانو“ به ٺٽي ڏانهن منتقل ٿي ويو.
مخدوم حامدالله اگهمي جو تذڪرو، مولانا دين محمد وفائي، پنهنجي ڪتاب ” مشاهير سنڌ “ ۾ ڪيو آهي ته مخدوم حامدالله اگهم ڪوٽ درسگاهه جو معلم هو. سندس فتوائون ۽ تحريرون اڃا موجود آهن، جن مان علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جهڙا مفتي ۽ فقه به سند ۽ حجت وٺندا هئا. سندس ملاقاتون شيخ بهاءُ الدين، دلقپوش ۽ شيخ محمد فخريه سان رهيون. مخدوم حامدالله اگهميءَ جي وفات جي تاريخ ملي نه سگهي آهي، پر ”دليل الذاڪرين“ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو 11 صدي هجريءَ جو هڪ ڪامل عارف هو.