مدرسه مظهر العلوم عربيه کڏو
مدرسه مظهر العلوم عربيه جو بنياد جنگ آزادي کان پوءِ سنه 1885ع ۾ عبدالله ميمڻ، مولوي محمد سليمان ٻنوي جي مدد سان وڌو. مولانا محمد سليمان مدرسي ۾ تعليم به ڏيندو رهيو. ايتري ۾ مولوي عبدالله جو فرزند مولانا محمد صادق، ديوبند مان اعلى تعليم حاصل ڪري واپس آيو ۽ مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو. والد صاحب جي وفات کان پوءِ مدرسه مظهرالعلوم جو انتظام مولانا محمد صادق سنڀاليو. مولانا پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ مدرسي کي هڪ مثالي ادارو بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. مولانا صاحب جيئن ته ديوبند ۽ شيخ الهند رح وٽ تعليم حاصل ڪئي ۽ مولانا حسين احمد مدني ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جهڙا آزادي جا متوالا سندس هم سبق هئا. ان ڪري هن ۾ به برطانوي سامراج جي مخالفت ۽ آزادي جي تڙپ ۽ ولولو پيدا ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي وطن ۽ اسلامي دنيا کي مغربي حڪومتن، خاص ڪري انگريز سرڪار کان آزاد ڪرائڻ لاءِ پنهنجي مدرسي کي اهم مرڪز بنايو. ان لاءِ هن تعليمي نصاب ۾ وڏيون تبديليون آنديون ۽ نئين تقاضائن موجب ڦير ڦار ڪئي. جنهن ڪري شاگردن ۾ ذهني ۽ فڪري صلاحيت پيدا ڪرڻ ۾ نصاب مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. مدرسي ۾ دينيات جي مڪمل تعليم سان گڏوگڏ حساب، تاريخ، جاگرافي ۽ جديد دنيا جي مسئلن کان شاگردن کي آگاهه ڪرڻ لاءِ نوان نوان منصوبا ۽ تجربا پيش ڪيا ويا. ڇو ته پراڻن مدرسن جا اهي ڪتاب جن جي پڙهڻ سان انهيءَ دور ۾، بصيرت، استعداد، اسلامي شعور ۽ دين جي حقيقي دعوت ۽ تبليغ ۾ ڪا خاص مدد نه ٿي ملي. انهن جي جاءِ تي موجود زماني جي نئين تقاضائن مطابق نصاب ۾ اُهي ڪتاب داخل ڪيا ويا، جيڪي ملڪ ۽ ملت جي حقيقي ترجمانيءَ جو حق ادا ڪري پئي سگهيا. انهيءَ خيال سان هي پنهنجي نوعيت جو آڳاٽو ۽ اڪيلو ادارو آهي، جنهن ۾ اسلامي علوم جا سڀئي قديم نادر ۽ ناياب ڪتاب داخل ڪيا ويا. جن سان طالب علمن کي تنصيف ۽ تاليف ۽ مقالا نگاريءَ جو شوق پيدا ٿيو. مولانا عبيدالله سنڌي جلاوطنيءَ کان موٽڻ بعد سڄي برصغير ۾ شاهه ولي الله جي فڪر تي تعليمي نصاب ٺاهڻ جو ارادو ڪيو. انهي مقصد لاءِ مولانا سنڌي ”مدرسه مظهر العلوم قاسميه“ کي چونڊيو ۽ هت ” بيت الحڪمت ولي الاهي“ قائم ڪيائون ۽ هن درسگاهه جو سمورو تعليمي نظام مدرسه ديوبند جي طرز تي هلايائون. هن درسگاهه جي نصاب ڪاميٽي اهڙا ڪتاب به لکيا، جيڪي ان وقت جي تعليمي نصاب ۾ داخل ڪيا ويا.
[b]مولوي محمد صادق کڏي وارو:[/b] ميان محمد صادق 15 مارچ 1874ع تي ڪراچي جي محلي کڏي ۾ ڄائو. سندس ابتدائي تعليم کڏي جي درسگاهه ” مظهر العلوم“ ۾ ٿي، جنهن جو بنياد مولوي محمد سليمان ٻنوي ۽ سندس واد عبدالله ولد عبدالڪريم رکيو. ميان عبدالله درويش صفت، همدرد ۽ هڏ ڏوکي ماڻهو ماڻهو هو. هن مدرسي ۾ مولوي احمد الدين چڪوالي جهڙي جيد عالم کي مدرس ڪري رکيو هو. مدرسه مظهرالعلوم مان فارغ ٿيڻ بعد مولانا محمد صادق، ديوبند ڏانهن شيخ الهند مولانا محمود الحسن وٽ پڙهڻ لاءِ ويو. جتي مولانا سيد حسين احمد مدني، مفتي ڪفايت الله، مولوي سيد انور شاهه ۽ مولانا عبيدالله سنڌي سندس هم سبق هئا. مولي محمد صادق 1886ع ۾ ديوبند مان ڪراچي آيوته ديوبند جو اثر به کنيو آيو ۽ پنهنجي ذهانت جو اثر ديوبند ۾ ڇڏي آيو، جو وقت به وقت شيخ الهند کيس صلاح مشوري لاءِ سڏائيندو هو. کيس سمجهو، مدبر، عالم، مستقل مزاج سمجهي سنڌ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، پاڻ عالمن کي ڪٺو ڪري جميعت الانصار ٺاهيائون ۽ ان جي پليٽ فارم تان انگريزن طرفان سنه 1914ع واري پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ عراق تي حملي خلاف فتوى ڏنائون ته انگريزن جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿي، ترڪن ( عراق ترڪن جي هٿ هيٺ هو ) تي حملو ڪرڻ ڪفر آهي، جنهن ڪري ڀرتي رڪجي ويئي ۽ بلوچستان ۾ بغاوت ٿي . انهن سرگرمين کي روڪڻ لاءِ شيخ الهند محمود الحسن ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ کي گرفتار ڪري مالٽا ۾ قيد رکيو ويو ۽ مولانا محمد صادق کي ڪاروار جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو. 1920 ع ۾ خلافت ڪانفرنس جي مرحياني ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. مولانا محمد صادق جميعت العلماءِ هند جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌ صوبي جو صدر هو. مدرسه دارالعلوم ديوبند جي مشاورتي ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر هو.
کڏي جو مظهرالعلوم مدرسو آزاد خيال تعليم ۽ تربيت جي هڪ وڏي درسگاهه ۽ مرڪز هو۔ جلاوطني کان پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي به ڪجهه وقت لاءِ هتي رهيو ۽ شاهه ولي الله جي فلسفي جو درس ڏيندو هو. هن درسگاهه مان سنڌ، سرحد، ايران، جاوا، ملايا، چيني ترڪستان ۽ افغانستان وغيره ملڪن جا شاگرد پڙهي ويا، مولانا محمد صادق مدرسي جو ڪم اعزازي طور ڪندو هو. سندس گذر معاش جو مدار طبابت تي هو. مولانا صاحب 18 جون 1953ع تي 80 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.
[b] محمد سليمان ٻنوي:[/b] مولوي صاحب جو والد مسڪين هو. مولانا محمد سليمان ولد محمد هارون ولد محمد ڪامل ذات جو شورو هو، اصل ڳوٺ دکا پليجا لڳ قدر ڏنو شاهه ۾ سنه 1840ع تي پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم مولوي محمد يعقوب پليجي کان ورتي. وڌيڪ تعليم جي حصول لاءِ ٺٽي ۾ مولوي عبدالرحيم جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان ڪجهه وڌيڪ تعليم پرائي، 22 سالن جي عمر ۾ مخدوم حسن الله ۽ قاضي خير محمد وٽ پاٽ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. جڏهن ميان عبدالله ( مولوي محمد صادق جو والد ) مدرسه مظهرالعلوم جو بنياد وڌو ته 30 رپيا ماهوار اجوري تي اتي مدرس مقرر ٿيو. ڪجهه عرصو اتي رهيو، پوءِ ٻني ۾ پليجن مدرسو قائم ڪري ڏنس، اتي پنجيتاليهه سال پڙهائين. سنڌ جي ڪمشنر لارينس کيس مدرسي جي خرچ هلائڻ لاءِ 200 ايڪڙ زمين ڏني. هو خلافت تحريڪ جو مکيه ڪارڪن هو ۽ مولوي محمد صادق سان گڏ سياسي ڪمن ۾ پڻ بهرو وٺندو هو. پاڻ نقشبندي طريقي جو پوئلڳ هو ۽ سٺو شاعر هو. ٻه ڀيرا حج به ڪيائين. مولوي صاحب ٻني جي ڳوٺ ۾ سال 1941ع ۾ وفات ڪئي. کيس اولاد ۾ ٽي پٽ هئا.
مدسه مظهرالعلوم کڏو مولانا محمد صادق رح جن جي مثالي ڪارنامن جو هڪ زندهه يادگار آهي. جيڪو اڄ به هڪ عظيم الشان ديني اداري جي صورت ۾ مشهور آهي. ڪجهه وقت اڳ هن جو مدرس سنڌ جو مشهور عالم دين، اديب ۽ صحافي حافظ محمد اسماعيل صاحب هو. هن درسگاهه ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪيئي ديسي ۽ پرديسي طالب العلم تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ٻارنهن استاد اڍائي سئو شاگردن کي ديني ۽ دنيوي تعليم ڏيئي رهيا آهن. شاگردن جي کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي، رهائش ۽ علاج معالج جو سمورو خرچ مدرسي جي ذمي آهي. مدرسي جي ڪتبخاني ۾ اڻلڀ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جا ڪتاب به آهن. جتي قلمي ڪتابن جو به وڏو ذخيرو موجود آهي. مولانا محمد صادق جي نالي سان هڪ جامع پبلڪ لائيبريري به آهي. جڏهن ته هن مدرسي پاران ”الصادق“ نالي هڪ رسالو سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڪڍيو وڃي ٿو. جيڪو مذهبي مسئلن سان گڏ ملڪ جي سياسي مسئلن تي پڻ کليل نموني لکي ٿو. هن مدرسي جي لائبريري ۾ اردو، سنڌي، انگريزي، فارسي، گجراتي، بلوچي ۽ بروهڪيءَ جون اخبارون ۽ رسالا موجود آهن. هن درسگاهه جو مرڪز تبليغي خدمتن جي ڪري تاريخي حيثيت رکي ٿو ۽ مرحوم مولانا صادق رح جي خواهش مطابق هيءَ عظيم الشان ديني درسگاهه اڄ به نوجوانن جي تربيت ۽ ذهني صلاح جو مضبوط ۽ پائيدار قلعو آهي.