مدرسه مجدديه، عمر ڀنڀرو
مدرسه مجدديه عمر ڀنڀرو سال 1897ع ۾ اسٽيشن شادي پلي ڀرسان، تعلقي ساماري ۾ محمد عثمان قرآني قائم ڪيو. علامه قرآني جي مدرسي ۾ شاگردن جو گهڻو تعداد داخل ٿيو جو هيءَ مدرسو ٿر جهڙي پوئتي پيل ۽ علم جي روشني کان وانجهيل علائقي ۾ کوليو ويو هو. معقول، منقول ۽ سياسي علمن ۾ به وسيع النظر شخص هو. سندس امڙ صبح جو اٿي، چنڊ تي اٽو پيهي شاگردن کي مانيون پچائي کارائيندي هئي.
مدرسي جو تعليمي نصاب ديوبند وارو هو، پر ٻيا ڪتاب به پڙهايا ويندا هئا. شروع ۾ فارسي کان وٺي مٿي سڀن فنن جا ڪتاب رات ڏينهن علامه صاحب شاگردن کي اڪيلي سر پڙهائيندو هو. مثلاً تفسير، حديث، صرف و نحو، فقه، حضرى ڪبرى، علم حڪمت، هيئت، فلسفو، رياضي، علم و ادب، سلوڪ، تصوف ۽ طب وغيره.
علامه محمد عثمان قرآني ذات جو ڀنڀرو هو. سندس ولادت 27 صفر 1286 هه / 1868ع ۾ ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي تعلقو جيمس آباد ۾ ٿي. ستن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف پنهنجي والد مرحوم حافظ ڄام وٽ پورو ڪيائين. فارسي ۽ شعر گوئي ۾ تعليم، محمد علي پٺاڻ ( ڳوٺ سيد لاکو شاهه ) کان حاصل ڪيائين. عربيءَ جو درس مولانا لعل محمد متعلوي کان ٽنڊي غلام عليءَ ۾ ورتائين. صرف مڪمل ڪري نحو شرح ملا جامي تائين ۽ علم فقه ۽ هدايه تائين پڙهايائين. علم منطق ۽ نحو مولانا خير محمد کان پڙهائين. دستار بندي ۽ سند مولانا لعل محمد مرحوم کان حاصل ڪيائين. حديث شريف ۽ علم تفسير لاءِ ڪجهه عرصو مدرسه قاسميه دارلعلوم ديوبند ويو. ان کان سواءِ پنجاب ۽ هندستان جي ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن کان فيض پرايائين. پاڻ ڏاڍو اورچ، سمجهو ۽ ذهين هو.
علامه پنهنجي زندگي نهايت ايمانداري ۽ سچائي سان گذاري. مرحوم ڪڏهن به انگريز سرڪار جي رعب ۾ نه آيو. پنهنجي وسيلن مان ديني تعليم ۽ انگريزن جي غلامي مان آزادي حاصل ڪرڻ جو درس ڏيندو رهيو. پنهنجي زهد ۽ تقوي تي قائم هو.
علام محمد عثمان قراني تعليم ۽ تدريس جي بيحد مشغولي باوجود چڱي تعداد ۾ ڪتاب لکيا. ڪيترن وڏن ڪتابن جو شرحون ۽ حاشيه لکيائين. سندس اشعار عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ موجود آهن. سندس تخلص ”قراني“ هو. سندس شاگردن مان ڪيترن علم پرائي وڃي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مدرسه کوليا جن مان مولوي محمد علي پلي، مدرسه عربيه ڳوٺ عالم پلي، مولوي غلام رسول، مدرسه شير خان چانڊيو، سامارو، مولوي عبدالڪريم ساند، مدرسه مظھرالعلوم ولهيٽ، مولوي محمد نوح، مدرسه عربيه، ڳوٺ ڪلواڙي جيمس آباد، گهڻي اهميت رکن ٿا.
سندس ٻين شاگردن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مدرسا کولي دني جي تعليم ڏني. علامه صاحب انگريزن جي سخت خلاف هو ۽ اهڙي آزاديءَ جي تعليم مدرسي ۾ به کلي نموني ڏيندو هو. جمعي جي خطبي ۾ به آزاديءَ جي برڪت تي واعظ فرمائيندو هو. علم جو هيءُ آفتاب 15 رجب المرجب 1355 هه / 1936ع تي وفات ڪري ويو. کيس سندس مدرسي جي حد ۾ دفن ڪيو ويو. توڙي جو مدرسي جو اهو اوج ڪونه رهيو آهي جو ماڻهن جو ديني تعليم ڏانهن رجحان گهٽيو آهي، مگر سندس پونيئر سندس قائم ڪيل مدرسي کي هلائيندا اچن ٿا.