هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو
جناب جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنم گذاريم جن سين“ ۾ مير صاحب بابت لکي ٿو ته :
”مير غلام محمد خان کي مسلمانن جي تعليم سان خاص دلچسپي هئي پهرين ٽنڊي باگي ۾ اي . وي اسڪول جا ڪلاس کولرايائين، بعد ۾ ان کي ترقي ڏياري، هڪ لک رپين جي خرچ سان بلڊنگ تيار ڪرايائين، جنهن ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪيائين. ان ۾ بورڊنگ هائوس ٺهرائي، ٻاهرين شاگردن جي رهائش جو انتظام پڻ ڪرايائين. اول هن اسڪول کي لوڪل بورڊ مان گرانٽ ملندي هئي سا ٿوري هئي، ٻيو سمورو خرچ مير صاحب پاڻ ڪندو هو. پوءِ سرڪار ان کي هٿ ۾ کڻي هاءِ اسڪول بنايو. ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ جاکوڙ ڪيائين. زالن لاءِ ويم گهر ٺهرايائين ۽ آسپاس جي داين جي ٽريننگ جو انتظام ڪرايائين. پاڻ مسلمان توڙي هندن لاءِ هڪ جهڙو رويو رکندو هو ته ڀلي سڀ طبقا هتان مستفيض ٿين. پاڻ اسڪالرشپون به ڏيندو هو. ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي کي به مير صاحب پنهنجي خرچ سان پڙهايو ۽ ولايت موڪليو. سنڌ جي وزير اعلى مير بنده علي ٽالپور توڙي جو ملڪيت وارو ماڻهو هو، پر ان کي به مير صاحب پنهنجي خرچ تي ولايت تعليم لاءِ موڪليو. مير غلام محمد ٽالپور رڳو تعليم لاءِ نه پر هر چڱي ڪم ۾ مسلمانن جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو. مليريا جي مند ۾ گشتي ڊاڪٽر مقرر ڪري، دوائون ڏيئي کين ڳوٺن ۾ علاج لاءِ موڪليندو هو. مير صاحب 12 فيبروري 1933ع تي وفات ڪئي. کيس ڪوبه اولاد ڪونه هو. سندس وارث سندس چاچي مير حاجي غلام حسين خان جا فرزند مير خدا بخش خان ٿيو.“
خان بهادر هڪ قومي درد رکندڙ بزرگ هو. هن کي پنهنجن ماڻهن جي جهالت ۽ مسڪيني تي ڏسي ڏک ٿيندو هو. ان ڪري ٽنڊي باگي ۾، جتي هن جو ڳوٺ ۽ زمينون هيون، اتي انگريزي اسڪول کولڻ جو ارادو ڪيو، پر کيس ڪوبه قابل ۽ هوشيار استاد نه پئي مليو. آخر سندس نظر جناب محمد صديق ” مسافر “ تي پئي، جيڪو هڪ ماهر استاد، قابل اديب، اعلى منتظم ۽ سٺو شاعر به هو. هن مسافر کي موڪل وٺرائي، اسڪول کولڻ جو انتظام ڪيو. پهرين جنوري 1920ع ۾ هن مسواڙ تي جاءِ وٺي پنهنجي بنگلي مان ذاتي ڪرسيون ۽ ميزون کڻائي، اسڪول شروع ڪرايو. محمد صديق مسافر پاڻ ڀر وارن اسڪولن ۾ وڃي هوشيار شاگرد وٺي اچي ڪلاس شروع ڪيا. شاگرد هوشيار ته هئا. پر غريب ۽ مسڪين هئا. سندس مائٽ هاري ۽ پورهيت ٻار به معاشي هيڻائي جي ڪري پڙهڻ کان ڪني ڪرڻ لڳا، پر مسافر صاحب جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ مير صاحب جي مالي مدد ڪرڻ سبب شاگرد اسڪول ۾ باقاعدي اچڻ لڳا. انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته مير صاحب، هڪ پوڙهي رن زال کان سندس پوٽي کي پڙهائڻ جي موڪل گهري، ته ان جي عيوض اوهان اسان کي ڳئون ڏيندئو. هن واقعي مان صاف ظاهر آهي ته مير صاحب ڪهڙي ماحول ۾ پنهنجي قوم جي فائدي لاءِ ڪم ڪيو ۽ ان کيس ڪيڏي تڪليف سهڻي پئي. مير صاحب شاگردن جي رهائش، کاڌ خوراڪ، ڪپڙن ۽ ڪتابن جو خرچ پاڻ ڀريندو هو ۽ ٻارن جي رهڻ ۽ هاسٽل واري عمارت جو ڪرايو به پاڻ ڀريندو هو.
سنه 1924ع ۾ هن اسڪول ۾ شاگرد جو تعداد چاليهه ٿي ويو ۽ اهڙي طرح هوريان هوريان شاگردن جو تعداد وڌڻ لڳو. جن مان گهڻا ڳوٺن جا ٻار هئا. مير صاحب وڌندڙ اڪول جي ضرورت محسوس ڪندي سنه 1922ع ۾ پنهنجي خرچ سان نئين عمارت ٺهرائڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ اسڪول جي ڪمرن سان گڏ بورڊنگ هائوس، مسجد ۽ پرديسي استادن جي رهڻ لاءِ ڪمرا به هئا. سنه 1924ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر ريو صاحب ٽنڊي باگي آيو، جنهن اسڪول جو معائنو ڪري ان کي رجسٽر به ڪيو ۽ اسڪول لاءِ خاص گرانٽ به منظور ڪئي. مير صاحب نئين عمارت ۾ اسڪول فرنيچر ۽ بورڊنگ هائوس جو فرنيچر به پنهنجي طرفان ڏنو. بلڊنگ جي جيڪا گرانٽ کيس ملي، سابه فنڊ ۾ داخل ڪرايائين ۽ هڪ لک رپيا ٻيا به نقد ايجوڪيشنل انسپيڪٽر کي روبرو ڏئي فنڊ جي ڪل موڙي اڍائي لک رپيا ڪيائين. سنه 1925ع ۾ هن اسڪول ۾ چوٿين درجي انگريزي پڙهائڻ جي اجازت ملي ۽ اهڙيءَ طرح مير صاحب جي عمر ۾ هن اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو.
خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر کي اسڪول جي غريب ٻارن جو وڏو احساس هو. جيڪي ڇوڪرا، ٽيون درجو پاس ڪندا هئا، تن مان غريب ۽ هوشيار شاگردن کي مير صاحب پنهنجي خرچي سان سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي يا گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ موڪليندو هو. بورڊنگ جو تعداد جيڪو سال به سال ايجيوڪيشنل صاحب مقرر ڪندو هو، تنهن کان جيڪڏهن وڌيڪ ڪي غريب شاگرد اچي سهڙندا هئا، ته انهن جي في مير صاحب پنهنجي هڙئون وڙئون ڏيندو هو. ان کان سواءِ ٻين شهرن جي غريب شاگردن کي ڪتاب ۽ ڪپڙا به مير صاحب جي طرفان خيرات طور ملندا هئا.
بوائز هاءِ اسڪول کان سواءِ مير صاحب آگست 1928ع ۾ گرلس پرائمري اسڪول به بنياد رکيو ۽ ان لاءِ پڪي جاءِ ٺهرايائين. نياڻين کي مفت ڪتاب ۽ ٻيو سامان به ڏيندو هو. مير صاحب ڳوٺاڻي نياڻين کي اسڪول ۾ آڻڻ لاءِ هڪ بس رکڻ جو به ارادو ڪيو ۽ ڇوڪرين لاءِ بورڊنگ اسڪول ٺهرائڻ جو به خيال ڪيو. پر سندس حياتي وفا نه ڪئي.
ٽنڊي باگي جو هيءَ هاءِ اسڪول لاڙ جي عليڳڙهه يونيورسٽي ثابت ٿيو، جنهن مان هزارين ٻار تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو مير صاحب کي ” لاڙ جو سرسيد احمد خان “ چيو وڃي ٿو. مير صاحب جا هي ٻئي بوائز ۽ گرلس اسڪول اڄ به قائم آهن ۽ سنڌ جي نوجوان نسل کي ٻڌائي رهيا آهن ته ”جيڪي قوم لاءِ ڪم ڪندا آهن، تن جا نالا هميشه زندهه رهندا آهن.“ سندس خدمتون ۽ ڪارناما سنڌ جي عوام لاءِ باعث نعمت هئا. انهن اسڪولن مان نوجوانن تعليم حاصل ڪري پنهنجي ذهن ۽ شعور کي روشن ڪيو، اڳتي هلي ” آزادي جي تحريڪ“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڇو ته سجاڳ ذهن تي سڀ کان وڏو پهريدار آهي ۽ سجاڳي ۽ آزادي انهيءَ جي در جا غلام آهن.