مولوي ملڪاڻي وارو مدرسو
حضرت مولانا غلام محمد ملڪاڻي پنجويهه ورهين جي عمر ۾ محمد حسن صاحب جي حلقه درس ۾ شامل ٿي، عربيءَ جي دستاربندي ڪئي ۽ سنه 1330هه ۾ مدرسو قائم ڪيو. سندن حلقه درس ۾ تقريباً هڪ سئو کن شاگرد مختلف علوم و فنون ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا. مبتدي شاگردن کان سواءِ ڪيترائي منتهي ڪجهه وقت سندن خدمت ۾ رهي تفسير، حديث، فقه، ادب معاني ۽ بديع جي اعلى تعليم حاصل ڪندا هئا. تصوف ۾ پاڻ چئن طريقن جا صاحب هئا. مگر اجازت حاصل ڪرڻ بعد فقط طريقه عاليه نقشبنديه کي ترويج ۾ آندائون. پنهنجي فيض جي بارش سنڌ، بلوچستان ۽ ڪوهستان جي برن، روهن رڻن تي برسايائون. پوءِ به تدريس جو سلسلو هلندو رهيو. جنهن ڪري ڪيترائي عالم پيدا ڪري وڌائون، جي پنهنجي پنهنجي فن ۾ يگانه روزگار هئا. سندس شاگردن مان مولانا يمشي هڪ اهڙو پرهيزگار عالم ۽ صاحب ولايت ٿي گذريو آهي، جنهن سمورو وقت خاموشيءَ ۾ گذاريو ۽ ان جو داڻو نه چکيو. مولانا حاجي عبدالرحيم صاحب سابق معلم فقه سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي، مولوي امير محمد شاهه اميناڻين وارو، مولوي محمد ڪامل ملڪن وارو، مولوي محمد حسن صاحب سيالن وارو، مولوي محمد صاحب مڏن وارو ۽ مولوي عبداللطيف لين وارو وغيره حضرت جن جا شاگرد هئا. هنن صاحبن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي، دين جي تعليم ڏني ۽ بينظير عالم پيدا ڪيا. سندن شاگردن مان مولانا امير محمد شاهه اميناڻين واري مدرسي کي هلايو. تازو سندن وصال ٿيو آهي.
مولوي ملڪاڻي صاحب وارو مدرسو سندن وفات کان پوءِ پنهنجو اوج وڃائي ويٺو آهي. مدرسي جا کنڊر، سندس درگاهه ۽ قائم ڪيل مسجد ڏسي ماڻهو ڏکارو ٿئي ٿو. سندس فرزند مجتبى غالب ملڪاڻي، سندن گادي سنڀالي آهي. پر اها علمي نه آهي پيراڻي آهي. توڙي جو غالب صاحب هن وقت دادو ۾ عربي ۽ فارسي جا عالم آهن ۽ عمر جي پوئين حصي ۾ آهن.