پيش لفظ: اسان جو قلم هڪ علم
اسان جو قلم هڪ علم آهي،
اسان جو قلم محترم آ،
اسان کي قلم جو قسم آ.
بيشڪ منھنجي ايم.اي. ماس ڪميونيڪيشن ۾ هئي ۽ ذريعہ معاش جي لاءِ ابتدا مون پبلڪ رليشن آفيسر جي حيثيت سان ڪئي، پر پوءِ مون پروفيشنل جرنلسٽ ٿيڻ قبول نہ ڪيو جو اهو خاردار تارن مٿان هلڻ وانگر هو، سو مون براڊڪاسٽر جي حيثيت ۾ پروگرامر ٿي ۽ محفلن جي اينڪر پرسن جي حيثيت ۾ آسائش ۽ آرام واري زندگي گذارڻ کي prefer ڪيو. تڏهن، ان حيثيت ۾، عزيزم اسحاق کي مون محفل محفل، هڪ جانثار، جاکوڙي ۽ True Reporter جي حيثيت ۾ ڏٺو، پرکيو، ساڻس مليس ۽ هن سان هڪ حد تائين ويجهو بہ ٿيندو رهيس.
۽ ائين کيس ويجهو وڃڻ بعد مون ڄاتو تہ، اسحاق هڪ آدرشي، ديش ڀڳت، پنھنجي صحافتي پيشي سان مخلص. شرميلي ۽ پُرحجاب سڀاوَ وارو ۽ to the point گفتگو ڪندڙ شخص طور هو مون کي نظر آيو، ۽ پوءِ جڏهن جڏهن بہ اهڙين گڏجاڻين بابت هن جي رپورٽ ڪيل خبرن کي مون پڙهيو ۽ ڏٺو تہ ڄاتم، اسحاق محض ٻُڌ سُڌ يا هيانوَ جي سوجهري تي بيان لکندڙ رپورٽر مون کي معلوم نہ ٿيو. ائين مون هي بہ مشاهدو ڪيو تہ هو ادبي، سياسي، ثقافتي، ۽ ادبي ميلن جي اسٽيج تان ڳالھائيندڙن جي تقريرن منجهان محض چٽ پٽا جملا نہ، پر بامقصد ۽ ڪم وارين اسٽيٽمينٽن کي ئي چونڊي پنھنجي رپورٽس کي اهميت ڀريو پيو بنائيندو هو. ۽ ائين مختلف وقتن ۾ جنھن جنھن بہ اخبار سان وابستہ رهيو، هن پاران ڊسپلي ٿيل خبرن مان حوال گهٽ پر چڻنگون، شعلا ۽ روشنيون وڌيڪ پيون مون کي جلوہ نظر اينديون هيون. تڏهن مون هي بہ ڄاتو، تہ هو روٽين وارو نہ، پر ٿورو وکري ٽائيپ جو صحافي آهي. ۽ اهڙو ڀلا هو هجي بہ ڇو نہ ها، جو ٻڌم تہ هن جي ابتدائي تربيت، پورهيت حُر گهراڻي ۾ ٿي هئي ۽ پوءِ اسڪولنگ ۽ سانگهڙ جي ڪاليج ۾ جتي جتي هن پڙهيو پئي، اُتي وري وطن دوست ۽ سجاڳ ذهن هستين سان گڏ اٿندو ويھندو هو ۽ هن بابت پوءِ مون هي بہ ڄاتو تہ، هن جو آئيڊيل (مون ئي وانگر) ڪو ٻيو نہ صرف سَن وارو سائين هو - سائين جي ايم سيد.
پر باوجود حر پريوار ۾ پيدا ٿيڻ جي هو، ڄڻ سائين جي ايم سيد واري بزم صوفياءِ سنڌ جو ڪو ڪارڪن لڳندو هو ۽ مزاجن صوفي سڀاءُ ۽ جنھن جي هٿ ۾ قلم ڪاڳرن رکڻ لاءِ، ڪو سيمسونائيٽ وارو بيگ يا بريف ڪيس نہ، پر ڪلھي ۾ فقراء واري رنگارنگ گودڙي هر وقت ٽنگيل نظر ايندي هئي. ها، اسحاق کي مون سياري، اونھاري، شھر حيدرآباد جي پريس ڪلب کان هي اجهو هنڌ هنڌ تي ٿيندڙ علمي ادبي، سياسي گڏجاڻين ۾ جنھن بہ هنڌ تي ڏٺو، هميشہ سادہ لباس، يعني هلڪي ڦلڪي شلوار قميص ۽ جي سيارو هجي تہ بس لوئي، ۽ پيرن ۾ غريباڻو سئنڊل پر جا شئي سياري اونھاري ۽ هر موسم ۾ هن سان ساڻ تہ اها ئي ڪلھي واري رنگين گودڙي جنھن ۾ هوندي هئي هن جي عينڪ ۽ قلم ڪاڳر، ڊائريون ۽ شايد ڪو ننڍو ٽيپ رڪارڊر پڻ موجود.
ڀانيان ٿو جديد صحافت جي سفر ۾ نوان ٽرينڊ کڻي نئين ادب سان ظاهر ٿيندڙ روزاني اخبار ”خادم وطن“... پوءِ ”ڪاوش“ ۽ ”شام“،
”جاڳو“ ۽ ”سچ“ جھڙيون اخبارون يا پوءِ رسالن ۾ ”پروڙ“، ”افيئر“ ۽ گهڻو وقت کان پوءِ ”همسري“ جي پليٽ فارمن تان فيچر رائيٽنگس ۽ Investigative report لکڻ جو نئين طرح جو سلسلو جو شروع ٿيو تہ ان ڏس ۾ جن جن ورڪنگ ۽ فري لانس جرنلسٽ ۽ رپورٽرس پنھنجو پاڻ کي ملھائي پئي ڏيکاريو انھن ۾ ڀانيان ٿو تہ جيڪو نالو ٽاپ تي مون کي نظر آيو ۽ متاثر ڪندڙ پڻ تہ اهو بہ پيارو اسحاق مڱريو ئي هو.
بيشڪ نوي واري ڏهاڪي ۾، نئين انداز واري ڪالمنگاري بہ پنھنجي پوري عروج سان ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي ۽ جنھن ۾ ڪالمنگاري، ادبي چاشنيءَ سان رس چس ڀريا ڪالم پئي لکيا جن سان تہ جديد سنڌي صحافت جي حوالي سان هر اخبار جي ايڊيٽوريل پيجز کي ڄڻ چار چنڊ لڳندا نظر آيا. تڏهن مون ڄاتو تہ، ’جاڳو‘، ’خلق‘، ’عبرت‘، ’ڪاوش‘، ’روزاني سنڌ‘ ۽ سنڌ ايڪسپريس وغيرہ ۾ پياري اسحاق مڱريي جي قلم پڻ بطور ڪالمنگار ۽ فيچر رائيٽر جي پنھنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪري ڏنا... ائين ابتدا کان وٺي هي ضلع سانگهڙ ۾ شديد برساتِن ۾ ايل.بي.او ڊي ڪئنالن جي ابتن وهڪرن وارا هاڃا هجن يا پوءِ سنڌ جي مختلف ٻيلن مان وڻن جي ناجائز واڍي، جهنگلي جيوت سان سرڪار جا هاڃا، يا حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ڦوھہ جوانن جي کنڀجڻ وارا واقعا يا زميندارن پاران هارين لاءِ جوڙيل خانگي جيلن جون ڪھاڻيون ۽ ان انداز واري فيچر رائٽنگ ۾ تہ اسحاق کي ڏينھون ڏينھن ايتري تہ ناماچاري ملندي پئي وئي جو، همعصر دؤر جي دوستن هن کي محبت سان مانُ ڏيندي تحقيقي صحافت جو سرواڻ سڏڻ شروع ڪري ڏنو هو.
۽ يارو! اسان جي پياري اسحاق مڱريي جيئن مون مٿي پڻ لکيو تہ عيد قربان تي ان وقت دنيا کي الوداع ڪيو، جڏهن سنڌ ۾ عين نما شام وقت ”ايام عزا“ جي ڏس ۾ ڏونڪو ڦريو هو ۽ سوڳ جا ڏينھن شروع ٿي ويا هئا... ۽ ان ڏس ۾ مون عزادار لاءِ هي بہ ڪيڏي نہ اهم ڳالھہ تہ جڏهن هي محرم الحرام جو ڏهو مسلسل آهي ۽ آئون سوڳوار آهيان، فرش عزا تي آهيان تڏهن نماڻي سڀاءُ واري محبوب دوست مجيب ناريجي هن ڪتاب ”ٻري جن ٻاري“ جو مسودو، هٿ ۾ ڏنو ۽ جنھن ۾ اسحاق مڱريي بابت تعزيتي ڪالم هئا ۽ جن جو مرتب اسانجو پياري مھربان ۽ محسن دوست سائين سليمان جِي ابڙو هو ۽ بقول مجيب، پاڻ هي ڪتاب اسحاق جي چاليھي تي پڌرو ڪري وڇڙي ويل دوست کي خراج پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ ان جي پيش لفظ لاءِ ڪتاب جي ’ڊمي‘ منھنجي هٿن ۾ ڏني تہ قلم برداشتہ ان تي مھاڳ لکي ڏيو. تڏهن مسودي ۾ اٿندي ئي سليمان جِي ابڙي صاحب جي پاران جيڪا ارپنا هئي ۽ ان جو تہ حرف حرف ڄڻ حقيقت ۽ مُنڊيءَ تي ٽِڪ هو ۽ جنھن سان سورنھن آنا آئون متفق هوس. سندس، اهي لفظ هئا:
- اسانجو پيارو اسحاق، جنھن صحافت کي عبادت سمجهي پنھنجو عظيم الشان ڪردار ادا پئي ڪيو.
۽ پوءِ ان بعد، اسحاق جي پروفائيل مان پتو پيم تہ هن ”جاڳو“ اخبار کان پنھنجي صحافت جو باقاعدہ سفر شروع ڪيو هو ۽ ان ڏس ۾ پنھنجي تعزيتي نوٽ ۾ سليمان جِي ابڙي صاحب اسان کي اسحاق جي ابتدائي ڪم بابت هي آگاهي ڏيندي بہ لکيو تہ؛
- سانگهڙ ۾ جڏهن طوفاني بارشن راڱا شروع ڪيا ۽ ايل.بي.او.ڊي وهڪرن ابتو وهڻ شروع ڪيو ۽ مٿان شگر ملن جو زهريلو پاڻي شھر ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو تہ اسحاق جي قلم ۾ جنبش آئي. هن تحرڪ ورتو. ۽ اسان سان گڏجي بطور سجاڳ ذهن جرنلسٽ، انھيءَ جاڳرتا مھم جو حصو بڻجي ويو.
۽ ان احوال بعد، بقول سليمان صاحب... ٿر ۾ معصوم مورن جي مرڻ وارو مامرو هجي يا ڪارونجهر کي ڪورجڻ واري ٻہ اکيائي، اسحاق، سنڌ ڌرتيءَ جي وفادار قلمڪار جي حيثيت ۾ آواز اٿاريندو رهيو ۽ پنھنجي حصي جو فرض وطن دوست صحافي بڻجي ادا ڪندو رهيو.
اجهو هتي ياد پيو ڪريان تہ، اسحاق جي اهڙين رپورٽنگس تي، جڏهن جڏهن بہ هو روبرو مون سان مليو يا ڪنھن محفل ۾ آڊينس ۾ ويٺل نظر آيو، مون هر ڀيري مائيڪ تان وڏي واڪ هن جي اهڙين تحريرن تي کيس زبردست داد پئي ڏنو هو.
بيشڪ هن جي اهڙين تحريرن ۾ ارڏائي بہ مون کي نظر ايندي هئي، پر اها صرف تحرير جي حد تائين، جو روبرو ملاقات وقت اسحاق پنھنجي ذات ۾ ڇا تہ polite ۽ پيار ڪرڻ جھڙو مون کي لڳندو هو.
۽ هتي هي بہ ياد پيو ٿو ڪريان تہ، پوئين دؤر ۾ جنھن بہ هنڌ ڪا ادبي يا ثقافتي تقريب هجي پوءِ اها ڊاڪٽر بلوچ هال ۾، يا خانہ بدوش رائيٽرز ڪيفي جي لان تي، پياري ڀيڻ فھميدہ جروار جيڪا هن لاءِ ننڍي ڀيڻ برابر هئي، سدائين ساڻ نظر ايندي هئي ۽ هم قدم پڻ. تڏهن هڪ ڀيري فھميدہ جروار ٻڌايو تہ، بابا اسحاق کي پکين سان بہ بيحد پيار هوندو هو ۽ ان ڏس ۾ هن جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ پڻ شاندار آرٽيڪل لکيا هئا. پوءِ ٻڌائڻ لڳي، بابا اسحق نما شام وقت، جهرڪين جي جيڪا چرٻر، گوڙ ۽ شور ان کي بہ سمجهي ويندو هو. هڪ ڀيري پڇيومانس، بابا ڀلا ٻڌايو تہ سھي اهي جهرڪيون چون ڇا پيون. وراڻيائين سڄي ڏينھن جي اڏام ۽ چوڳي چڙي جي تلاش بعد، ڪچھري پيون ڪن، ۽ ساري ڏينھن وارين مصروفيتن جو حال احوال کلي کلي پيون هڪ ٻئي کي ڏين.
اجهو سليمان صاحب جي سھيڙيل هن تعزيتي ڪتاب ۾، گل حسن لاکي بہ تہ پنھنجي مضمون ۾ اسحاق بابت هيءَ اهڙي ئي هڪ ڳالھہ لکي آهي تہ؛
- اسحق نہ فقط پکين جي ٻولين پر ڌنارن جي علامتي پُڪارن ۽ ڳِٽڪارن جا مطلب بہ خوب خوب سمجهي ويندو هو، جو هو هڪ ڳوٺاڻو هو ۽ هر هاري خاندان جو فرزند هو.
۽ پياري اسحاق بابت هي بہ تہ معلوم ٿيو تہ پاڻ سانگهڙ جي ننڍڙي ڳوٺڙي گُل حسن سريوال ۾ جنم ورتو هو، جتي هن جا وڏڙا حريت پسند حُر هئا، جن فرنگين سان مٿو مٿي تي مقابلو پئي ڪيو، ۽ پير سائين پاڳاري جي پڳ تان قربان ٿيندا پئي رهيا. سانگهڙ، جتي جمڙائو مٺڙائو واھہ ۽ آثار قديمہ جي حوالي سان بہ سنڌ جا ڪئي نشانبر قديم شھر آهن. جيئن: برهمڻ آباد، منصورہ ۽ پوءِ دلور موري ۽ راجا دلوراءِ جا دڙا... تڏهن اسحاق انھن آثار قديمہ جي تحفظ لاءِ بہ تہ ڪيترائي فيچر، سنڌي اردو اخبارن ۽ مئگزينس لاءِ لکيا هئا. اهڙن تاريخي ماڳن بابت ڪنھن چئنل تان مون سندس هڪ يادگار ڊاڪيومينٽري بہ تہ ڏٺي هئي.
صحافت ۽ رپورٽنگ جي دنيا ۾ باوجود وڏا وڏا ۽ اهم ڪارناما سرانجام ڏيڻ جي اسحاق حضور شرم صحافي رهيو. پاڻ پڏائڻ ۽ ”فرسٽ رو“ ۾ وڃي ويھڻ ۽ پنھنجي اهڙي پذيرائيءَ جي شوق ۾ هن کي مون ڪڏهن بہ مبتلا نہ ڏٺو. ائين ڪنھن بہ گڏجاڻيءَ ۾ مون جڏهن جڏهن بہ هن کي ڏٺو، هو پويان ڪنھن ڪنڊ ۾ ويٺل ۽ نوٽس وٺڻ ۾ مصروف ئي ڏٺو. ائين گڏجاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي ”لنچ“ هجي، ”ڊنر“ هجي يا ”هاءِ ٽي“، اسحاق کي مون ڌيرج ۽ صبر سان ئي ان ۾ حصو وٺندي ڏٺو. نہ تڪڙ نہ بي صبرائي... بس آرام آرام سان ٻہ گراھہ ، هڪ اڌ بسڪيٽ ۽ چانھہ جو ڪوپ ۽ پوءِ خداحافظ.
اسحاق جي سيلاني سڀاوَ جا بہ همعصر يارن وٽ وڏا وڏا قصا آهن. هن بلوچستان جو سفر ڪيو، لاهوت لامڪان جا مشاهدا ماڻيا ۽ لکيا بہ. گورک پنڌ ويندي واٽ واٽ، گهاٽ گهاٽ ۽ هر لڪ جا مشاهدا هن ڪيا ۽ انھن بابت ڏاڍا دلچسپ ڪي آرٽيڪل بہ لکيا. ائين اسحاق ذاتي مشاهدا ڪري ئي آرٽيڪل لکڻ وارو صحافي هو. جنھن جي گواهي هن جي ساٿيءَ حسن مجتبيٰ بہ تہ ڏني آهي:
- اسحاق بي ڊپو، سچو ۽ تحقيقي جرنلسٽ هو. بلڪل شاھہ لطيف سائين جي سُر رام ڪلي وارن سيلاني فقراء جھڙو فقيراڻو سڀاءُ رکندڙ.
اربيلي قلمڪار حسن مجتبيٰ پنھنجي آرٽيڪل ۾ هي بہ تہ ڪيڏو نہ شاندار comment ڪندي هن لاءِ لکيو آهي تہ؛
- مون لاءِ سانگهڙ... معنيٰ اسحاق مڱريو!
پروفيسر ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر جيڪي پاڻي واري issue، ماحوليات ۽ زرعي مامرن بابت شاندار آرٽيڪل لکندڙ قلمڪار آهن. پياري اسحاق مڱريي جي True journalist هجڻ بابت گواهي ڏيندي لکن پيا تہ؛
- اسحاق جڏهن جڏهن بہ ڪنھن زراعت جي حوالي سان ڪا تحقيقي اسٽوري لکندو هو يا ڪن فصل جي بربادين بابت ڪو فيچر لکندو هو تہ ڪيترن ئي ٽيڪنيڪل رخن بابت ڄاڻ جي تصديق مون کان ئي ڪرڻ چاهيندو هو.
ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر پنھنجي آرٽيڪل ۾ اسان کي هن بابت آگاهي ڏيندي وڌيڪ هي بہ لکيو آهي تہ؛
- سنڌ جي دلچسپ ڪردارن مان مير خدا بخش لانبٽ ۽ خان بھادر مير غلام محمد بابت پڻ ڪي ڏاڍا يادگار آرٽيڪل اسحاق لکيا هئا، جيڪي ڏاڍي وڻندڙ نثر ۾ هئا.
ائين وڻن ۽ پکين سان بہ پياري اسحاق جي پيار بابت ڊاڪٽر اسماعيل لکيو آهي تہ؛
- اسحاق کي اهو بہ اونو هو تہ، جيڪڏهن حيدرآباد جو باءِ پاس، مياڻي فاريسٽ کان جي ٺھيو تہ اڌ مياڻي فاريسٽ جا وڻ تہ هليا ئي ويندا....
۽ اسان جو اسحاق مڱريو پنھنجي سڀاوَ ۽ رويي ۾ ڪيترو ڊيشنگ ۽ بھادر هو ۽... ان جي گواهي وري عزيزم امر لغاري ڏيندي اسان کي ٻڌايو آهي تہ؛
- ڪاوش جي مالڪن ڏکين حالتن ۾ ٻرندڙ باھہ مثل جو بہ بلوچستان ڏانھن نمائندو ڪري هن کي موڪليو تہ انڪار نہ ڪيائين ۽ اهڙي اسائنمينٽ کي چئلينج سمجهي اوڏانھن روانہ ٿي ويو.
ائين جڏهن سانگهڙ ۾ بابري مسجد ۽ رام مندر جي رد عمل ۾، ساري ملڪ سان گڏ سنڌ ۾ بہ هندن ۽ سندن مندرن پويان پاڻ وارا ڀائر، هٿ ڌوئي پئجي ويا ۽ هر طرف حراس جي فضا کڙي ڪري ڇڏي تہ اسحاق سانگهڙ شھر جي مصيبت ۾ ڦاٿل هندو برادريءَ سان گڏ سينہ سپر ٿي بيٺو ۽ بي ڊپائيءَ سان ساڻن يڪجھتي جو مظاهرو ڪندو رهيو.
۽ تازو آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد پاران پريس ڪلب ۾ جيڪو سندس ياد ۾ ميڙاڪو ٿيو هو، ان ۾ ڪاوش جي نيوز ايڊيٽر عزيزم نياز پنھور چيو پئي:
- اسحاق، بي داغ ڪردار وارو صحافي هو ۽ هن جو دامن هر الزام کان پاڪ رهيو. ۽ هو شفاف هٿن سان لکندو رهيو.
۽ بلڪل آثم ناٿن شاهي جي هن شعر جي عڪاسي ڪندو رهيو، جنھن ۾ هن چيو هو تہ؛
لکڻ جي وقت هميشہ کان ذهن منھنجي ۾،
قلم جو مانُ اول، پوءِ عيال هوندو آ.
ان ڏس ۾ جامي چانڊيي جو بہ بيان آهي تہ اسحاق نج نبار ۽ ايماندار ترين صحافي هو. انھيءَ تعزيتي ميڙاڪي ۾ اسحاق جي لائق فرزند محمد صالح مڱريي (هن تي اهو نالو سندس ڏاڏي جو هو) ٻڌايو پئي تہ، ڪيڏي نہ دکدائڪ حقيقت تہ، صحافتي زندگيءَ ۾ ڪڏهن نہ ٻڌوسين تہ بابا جو پگهار ڪو پنجاھہ هزار بہ ڪڏهن ٿيو هجي.
ائين محفل ۾ رف ٽف نظر ايندڙ وکريل اڇن ڪارن وارن وارو هي اسحاق پنھنجي سڀاوَ ۾ بلڪل composed شخصيت جو مالڪ هو ڄڻ بلڪل ئي پنھنجي تڪيل توريل فيچرز رائيٽنگ وانگر فريمڊ، مزاجن نھايت باذوق، رقص، موسيقي، آرٽ، ٿئيٽر سان بيحد دلچسپي ڏيکاريندڙ ۽ محفلن ۾ اهڙا Event enjoy ڪندي بہ هن کي مون بارها Observe ڪيو هو.
۽ هاڻي جڏهن قلم برداشتہ، لکجندڙ هن پيش لفظ جي پڄاڻي ڏانھن پيو وڃان تہ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ هن جي ياد ۾ آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد پاران، هن وقت منھنجي ڪنن ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجي ۽ عزيزم نياز پنھور جا هن بابت چيل هي لفظ گونجن پيا تہ ڀانئيان پيو تہ سندن اهڙن لفظن ۽ احساسن سان گڏ منھنجا بہ جذبات شامل هجن، جن ان وقت چيو پئي تہ؛
- تحقيق سنڌ جي صحافت واري تاريخ جڏهن لکي ويندي، تڏهن ان وقت پنھنجي ڪم سان سچار ۽ Committed قلمڪارن جي جيڪا فھرست تيار ٿيندي، پياري اسحاق مڱريي جو نالو انھن صحافين ۾ بلڪل Top تي نظر ايندو.
۽ اجهو محرم الحرام جي ڏهي يعني ايام عزا دؤران هي پيش لفظ پيو آئون لکان تہ، اشفاق لغاريءَ جي ڪالم“ ۾ لکيل ڏٺم، اسحاق پنھنجي ذات ۾ ڪھڙا بہ نظريا رکندڙ هو، پر هن جي ٻانھن ۾ ڳاڙها ۽ ساوا ڌاڳا ٻڌل نظر ايندا هئا ۽ جڏهن دنيا مان هو ويو پئي تہ دعا وارو ڪارو ڌاڳو هن جي ڳلي ۾ پاتل هو ۽ هر ڪنھن فقھہ، مسلڪ ۽ اعليٰ آدرش رکندڙ سان اسحاق جي ويجهڙائپ جو ثبوت هي تہ هن جي وصال بعد، هر وڏي سياستڪار، اديب، شاعر، دانشور هن جي ڏکويل خاندان ڏانھن تعزيتي پيغام پئي موڪليا ۽ ٻئي پاسي آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جي باني صدر ڊاڪٽر اسحاق سميجي، سندس ياد ۾ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ شاندار ميڙاڪو ڪوٺايو، هوڏانھن خانہ بدوش ڪيفي ۾ ڊاڪٽر عرفانہ ملاح ۽ ڀيڻ امر سنڌُو اسحاق لاءِ تعزيتي اجلاس ڪوٺايو، عوامي تحريڪ پاران لال جروار ۽ اياز لطيف پليجي هن لاءِ شايان شان حرف اُچاريا. ۽ افسوس سال 2024، مھينو جون، پياري اسحاق مڱريي جي حياتي جو آخري مھينو ثابت ٿيو ۽ هُو 16 جون تي اسان کان جدا ٿي ويو... ۽ ضلع سانگهڙ جي ڳوٺ گل حسن سريوال واري اباڻي مقام ۾ سدائين لاءِ وڃي ابدي آرامي ٿي ويو. بقول پياري اسحاق سميجي جي ڄڻ چوندو ويو تہ؛
وطن تنھنجي مٽي اوڍي ستاسين،
اِهوئِي کوڙَ آ اعزاز هڪڙو.