شخصيتون ۽ خاڪا

ٻَري جن ٻاري (اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي مضمون ۽ تعزيتي نوٽ)

إسحاق مڱريو دؤرِ حاضر جو ھڪ بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي ھيو جنھن ڪمھلو اسان کان موڪلاڻي ڪئي. ھي ڪتاب اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مختلف اھل قلم دوستن جي لکيل مضمونن، تعزيتي نوٽس، سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي.

Title Cover of book Bbari Jin Bbaari

اسحاق مڱريو؛ قلم جي سگهہ تي ويساھہ رکندڙ صحافي: اختر حفيظ

اسحاق مڱريو قلم جي سگهہ تي ويساھہ رکندڙ صحافي ڪنھن بہ ماڻھوءَ لاءِ اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي تہ ان جي سڃائب سندس هنر يا پيشو ٿي وڃي. اسحاق مڱريو انھن ماڻھن مان هو جن جي سڃاڻپ نج صحافيءَ طور رهي آهي. هي اهو دور آهي جنھن ۾ صحافت جون گهرجون تبديل ٿي ويون آهن، صحافي جي وصف مٽجي وئي آهي. ان دور ۾ بہ اسحاق مڱريي پنھنجو پاڻ کي صحافي طور جيئرو رکيو. هو نہ رڳو اخبارن جو رپورٽر رهيو، پر سندس شوق سنڌ جي مختلف موضوعن تي اسٽوريون ڪرڻ رهيو. سندس اسٽوريون ڪي سياسي اسٽوريون نہ هيون، پر سنڌ جو سماجي ۽ ڪلچرل پاسو اسٽورين ۾ شامل هوندو هو.
اسحاق مڱريي سان منھنجي واقفيت گهٽ ۾ گهٽ گذريل 15 سالن کان هئي. ان دوران جڏهن سنڌ ايڪسپريس سٿ ۾ هو اسٽاف رپورٽر طور شامل ٿيو تہ ايڊيٽوريل صفحن تي هن جون لکڻيون وڏي انگ ۾ پڙهڻ لا مليون. جن ۾ هو ڪڏهن ڪنھن تاريخي ڪردار جا لڪل پاسا کڻي ايندو هو، ڪڏهن ڪنھن تاريخي واقعي کي نئين انداز سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو تہ ڪڏهن وري ماحوليات بابت سندس ليک
شامل هوندا هئا. سندس ڪيترائي اهڙا ڪالم هئا. جن مون کي انگريزي ۽ اردو ويب سائيٽن لاءِ لکڻ تي اتساهيو. ايستائين جو اسين ڪڏهن ڪڏهن ڪا اسٽوري ڪرڻ لاءِ گڏ بہ هليا ويندا هئاسين. پنھنجي آفيس ۾ ڪم دوران هو اوچتو مون کي اچي چوندو هو. فلاڻو موضوع آهي، ان تي جيڪڏهن توهين ڊان ۾ لکو تہ سٺو رهندو. ائي مون سندس ٻڌايل اسٽورين تي ڪم ڪيو ۽ اهي ماڻھن کي پڙهڻ لاءِ پڻ هليون. اسحاق مڱريو پنھنجو پاڻ کي صحافي طور ان ڪري بہ مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويو جو هن وڏي وقت کان اخباري دنيا ۾ پنھنجو پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو هو. سنڌ ۾ بنھہ گهٽ ماڻھو اهڙا رهيا آهن. جيڪي صحافت جي پيشي سان آخري گهڙي تائين نڀائيندا رهيا هجن. ڇاڪاڻ تہ سنڌي صحافت اسان وٽ هڪ پارٽ ٽائيم ڪم آهي. ان ۾ هيستائين ھزارين ماڻھو آيا آهن، پر اهي ڪجهہ وقت تائين صحافت جھڙي ڏکيي ڪم ۾ هٿ وجهڻ کان پوءِ ان شعبي کي ڇڏي ڪو نئون ڪم ڪندا آهن. جڏهن تہ اسحاق مڱريي نہ رڳو صحافت سان نڀايو، پر هن اهو پڻ ثابت ڪيو تہ صحافت وسيلي قلمي پورهيو ڪري بہ گهڻو ڪجهہ ماڻي سگهجي ٿو، انھن ماڻھن جو آواز ٿي سگهجي ٿو جيڪي ڳالھائڻ کان لاچار آهن. هو انھن صحافين مان ڪونہ هو، جن کي پنھنجي ليڊري چمڪائڻ جو شوق هوندو آهي. اهي پنھنجي قلم جي طاقت کي تڇ سمجهندي ڪنھن ميڙ ۾ بيھي وڏي واڪي ڳالھائي نعريبازي ڪري صحافت جا امام ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جڏهن تہ صحافت جو مقصد ئي پنن تي قلم وسيلي ڪا اهڙي ڳالھہ لکڻ آهي، جنھن سان ايوانن ۾ ويٺلن جون ڪرسيون لڏندي محسوس ٿين. اسحاق مڱريو ان عمل کان چڱي ريت واقف هو تہ صحافت اصل ۾ عوامي مسئلن کي لکت جي صورت ۾ ايتري اثرائتي انداز ۾ پيش ڪرڻ آهي جو هڪ صحافي پنھنجي ڳالھہ بہ چئي وڃي ۽ ڪير ان تي آڱر بہ نہ کڻي سگهي. ان ڪري هن کي جيڪي ڪجهہ چوڻو هوندو هو. ان لاءِ هن نيوز ڊيسڪ ۽ ايڊيٽوريل صفحن کي استعمال ڪيو. اڄ بہ سندس اهي سڀ لکڻيون پڙهي سگهجن ٿيون، جيڪي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪن ٿيون ۽ پنھنجي جوهر ۾ وڏيون اثرائتيون پڻ آهن. هڪ صحافي جو ڪم فيلڊ ۾ وڃي ڪنھن مسئلي کي ڳولڻ کان وٺي ان جو نئون پھلو کڻي اچڻ هوندو آهي. هو سدائين فيلڊ ۾ رهي سنڌ سان واڳيل ڪيترن ئي مسئلن جا مختلف پاسا جاچي ايندو هو. جن کي هو ڪڏهن نيوز اسٽوري تہ ڪڏهن ڪالم جي صورت ۾ پڙهندڙن تائين پھچائيندو هو. مون سدائين هن کي ڪنھن نہ ڪنھن معاملي تي ڪم ۾ مصروف ڏٺو. سنڌ ايڪسپريس ۾ هو ڪيترن ئي سالن تائين اخبار جي صفحن کي سينگاريندو رهيو، پر 2018ع ۾ جڏهن سڄي ملڪ ۾ صحافت تي ڏکيو وقت آيو، ادارن مان ملازمن جي نيڪاليءَ جو سلسلو شروع ٿيو تہ ڪئين اخبارون بند ٿيون، ڪيترائي چينل پڻ آف ايئر ٿي ويا ۽ اخبارن پنھنجن ملازمن کي بنا نوٽيس جي ڪڍڻ شروع ڪيو تہ اسحاق مڱريو پڻ سنڌ ايڪسپريس سٿ کان موڪلائي ويو، پر سندس لکڻ جو سلسلو هلندو رهيو. سندسِ ڪالم لکڻ ۾ جڏهن وٿي ايندي هئي تہ آئون ساڻس رابطو ڪري لکڻ جو چوندو هئس ۽ ڪالم پھچي ويندو هو. ڪجهہ وقت اڳ اوچتو سندس بيماريءَ بابت خبرون صحافتي حلقن ۾ پھتيون، پر ان سان گڏ اهو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو تہ هو ترت چاق ٿي ويندو، پر اوچتو سندس وڇوڙي جي خبر آئي، جنھن سڀني کي ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌي صحافت ۾ جڏهن بہ سٺن ۽ محنتي صحافين جو ذڪر ايندو تہ اسحاق مڱريي کي سدائين انھن ۾ ڳڻيو ويندو.

(سنڌ ايڪسپريس ۾ شايع ٿيل)