شخصيتون ۽ خاڪا

ٻَري جن ٻاري (اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي مضمون ۽ تعزيتي نوٽ)

إسحاق مڱريو دؤرِ حاضر جو ھڪ بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي ھيو جنھن ڪمھلو اسان کان موڪلاڻي ڪئي. ھي ڪتاب اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مختلف اھل قلم دوستن جي لکيل مضمونن، تعزيتي نوٽس، سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي.

Title Cover of book Bbari Jin Bbaari

سنڌي صحافت جو وھائو تارو، اسحاق مڱريو: حميد سومرو

شايد ئي گذريل پنجاھ سالن ۾ ڪنھن صحافيءَ سنڌ کي ائين ووڙيو ۽ ڦلھوريو ھجي جيئن اسحاق مڱريو ڪري ڏيکاريو. سنڌو درياءَ، سنڌوءَ جو ڊيلٽا، سنڌ جا ٻيٽ، سنڌ جون ٻوڏون، سنڌ جا ٿر، بر، ڪچا ۽ ڪاڇا، سنڌ جا واھڻ ۽ وسنديون ھن شخص ائين اٿلائي پٿلائي ڏٺا، جنھن ڳالھ ھن شخص کي سنڌ شناسيءَ جو سونھون ۽ سنڌي صحافت جو نرالو ڪردار بڻائي ڇڏيو. پر اسحاق مڱريي جي صحافتي سٿ جي خيال ۾ سندس تاريخي ڪم اھي اسٽوريون ھيون، جيڪي لاڙ پٽ ۾ 1999ع جي سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ ’ايل بي او ڊي‘ جي نالي جي ابتي وھڻ واري تباھي ۽ برباديءَ تي لکيون ويون. اسحاق مڱريو سان منھنجي پھرين ملاقات جوھي ۾ ٿي، جڏھن ھو انگريزن جي دور ۾ قائم ٿيل حرن جي لوڙھن جي سلسلي ۾ اسٽوري ڪري رھيو ھيو. پاڪستان ٺھڻ کان ڪي سال اڳ پيرپاڳاري صبغت ﷲ جي اڳواڻيءَ ۾ انگريز والار خلاف حرن بغاوت ڪئي ھئي. جنھنجي جي جواب ۾ رياستي بربريت ھيٺ حرن کي دھشت گرد قرار ڏيئي خاندانن سميت سنڌ جي مختلف کليل جيلن ۾ واڙيو ويو ھو. حرن جو اھڙو ئي ھڪ لوڙھو حرڪيمپ جي نالي سان جوھيءَ شھر جي اتر ۾ چند ڪلوميٽر جي فاصلي تي موجود آھي. حرن جا لوڙھا سنڌ جي ھڪ اونداھي ۽ بربريت واري عھد جي علامت آھن، تن سان اسحاق مڱريي جي انسيت جو ھڪ ڪارڻ سندس خاندان جو حر تحريڪ سان لاڳاپيل ھجڻ بہ ھيو. ان بعد ھن جي جوھي اچڻ، واھي پانڌي وڃڻ، گورک پنڌ جو ڏس پوڻ. تنھن وقت گورک جبل جو سفر، اٺ، گڏھ، موٽر سائيڪل يا وري پنڌ ڪبو ھيو. واھي پانڌيءَ مان ھو واھي پانڌيءَ جي سنگت سان گڏجي گورک لاءِ اسھيو. واھي پانڌيءَ کان گورک جبل جي پاڙ، جنھن کي مقامي ماڻھو ’پنجٽيھ‘ سڏين، تائين موٽرسائيڪل تي سفر ڪيائين، جڏھن تہ چاڙھيءَ لاھيءَ تي مشتمل اٺ ڪلاڪ اڻانگو سفر پيادل ڪيائين. اھو 1997ع ۾ جون مھيني جو ڏينھن ھيو. گورک چوٽيءَ تي پھچڻ لاءِ ’کاول لڪ‘ استعمال ٿيندو ھيو، پر اسحاق مڱريو گورک جي چوٽي تي پھچڻ لاءِ ’چُوڪڙِي‘ جھڙي انتھائي اڻانگي لڪ ذريعي گورک چوٽيءَ تي پھتو. چُوڪڙيءَ جي معنيٰ سنھڙو ۽ اڻانگو آھي. ھڪ ڀيري اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائبريري جوھيءَ جو نالو ٻڌي ڏسڻ آيو. جڏھن تہ ھڪ ڀيرو منھنجي لکيل ڪتاب ’سنڌ جا سياسي ڪردار‘ جي مھورت جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي سنگت سان جوھيءَ اچي نڪتو. گورک وڃڻ لاءِ سندس پنڌ پيا ٿيندا ھيا ۽ سندس جوھي اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو ھو. جوھيءَ ۾ اسحاق مڱريي جون اسٽوريون دلچسپيءَ سان پڙھيون ۽ بحث ھيٺ آنديون وينديون ھيون. جوھيءَ ۾ ھر ساڃاھ وند سان اسحاق مڱرئي جي ڏيٺ ويٺ ھوندي ھئي، پر اڳتي ھلي خبر پئي تہ جوھيءَ جيان سنڌ جي ھر شھر ۽ وڏي ڳوٺ، وسنديءَ ۾ سندس اچڻ وڃڻ ۽ اليڪ سليڪ ھئي، کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ سڃاتو ويندو ھو ۽ جهڏي کان ڪشمور، ننگر پارڪر کان اوٻاوڙو تائين ھر ھنڌ کيس ڄاتو ويندو ھيو. ھُو ننگر پارڪر ۾ مسڪين جھان خان کوسو سان وڃي ملندو ھو تہ ماٿيلي ۾ مانڌل شر سان بہ سندس اچڻ وڃڻ ھو. سنڌ جي ھر علائقي جا سياسي، سماجي، ادبي ڪردار سندس ھٿ تريءَ تي پيل ھوندا ھئا. سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند لڏي جي ڪارڪنن سان سندس ڪچھريون رھنديون ھيون. ھڪ ڀيري ڪچھريءَ ۾ ٻڌايائين تہ جهڏي، نئون ڪوٽ ۾ زرعي پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب جڏھن زميندارن جو اوج نہ رھيو ۽ اھي بدحال ٿي ويا، پر سندن ڪپڙو لٽو ۽ ظاھري شان شوڪت برقرار رھي. انھي حال ۾ اتان جا زميندار گهران نڪرڻ وقت ڏند کوٽيندي نڪرندا ھيا ڄڻ ڪجهہ چڱو چوکو کائي ٻاھر نڪتا ھجن. ائين سنڌ جي اڪثر علائقن ۽ ذات جي ماڻھوءَ جي الڳ الڳ نفسيات جو کيس بخوبي اندازو بہ ھوندو ھو.
اسحاق مڱرئي جو جنم 1955ع ۾ سانگهڙ جهول روڊ تي موجود بس اسٽاپ اڇي مسيت لڳ ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ ٿيو. حرن جي تاريخ سان لاڳاپيل سانگهڙ ۾ تنھن وقت قومپرست سياست ھئي تہ ترقي پسند تحريڪ جا ڪارڪن بہ موجود ھيا، جن جا اسٽڊِي سرڪل ھلندڙ ھيا. سانگهڙ واسي سوشلسٽ پارٽِيءَ جي اڳواڻ حسن عسڪريءَ جو نالو ملڪ ۾ کاٻي ڌُر جي حلقن ۾ پنھنجي سڃاڻ رکندو ھيو. جتي اسحاق جو اچڻ وڃڻ ۽ اسٽڊِي سرڪل سميت مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺڻ عام ھو. اتان اسحاق مڱرئي جي سياست، صحافت جي ور چڙھي تہ ھن وري ڪڏھن پٺتي ورائي ڪونہ ڏٺو ۽ پوءِ ھن جي سڃاڻ ھڪ صحافيءَ واري ٿي وئي. روزاني جاڳو، روزاني ڪاوش، روزاني سنڌ، روزاني سنڌ ايڪسپريس سان سندس خاص تعلق رھيو. انھي دوران سنڌ جي شھرن، وسندين، اتان جي مامرن سميت، سنڌ، دنيا جھان جي مامرن تي اسٽوريون ڪيائين. رشيد راڄڙ جي ادارت ۾ نڪرندڙ سنڌ اخبار ۾ ھن صحافيءَ سميت ھڪ بي لوث ڪارڪن طور ڪم ڪيو. ائين جڏھن سنڌ ايڪسپريس نڪتي تہ ھن جي صحافتي سرگرمين کي چار چنڊ لڳي ويا. ان محنت جي نتيجي ۾ اسحاق مڱريو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سياسي سماجي معاملن جي باري ۾ معلومات لاءِ ھڪ حوالو بڻجي سامھون آيو. 2010ع ۽ 2022ع جون ٻوڏون ھجن، سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ کوٽ ھجي، ان جو ڊيلٽا ۽ ٻيٽ ھجن، ٿر جو ڏڪار ھجي، ڪڇ، بدين جو2002ع وارو زلزلو ھجي اسحاق مڱريو اسٽوري ڪرڻ لاءِ اتي پھچي ويندو ھو. ھڪ وقت تہ اھڙو بہ آيو تہ سنڌ ۾ ڪٿي ڪو سياسي سماجي مامرو ٿي پوي ھن کي جاءِ واردات تي وڃڻ جي ضرورت بہ ڪانہ پوندي ھئي. کيس خبر ھئي تہ سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ وٽ ٽوڙي بند کي جيڪڏھن گهارو لڳندو تہ اھو بيگاري واھ جو الھندو ڪنارو ڏيئي ڪيئن ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند وچ ۾ وھايو ويندو ۽ ان جا ڪھڙا اثر ٿيندا. ائين نئين گاج جيڪڏھن 20 فوٽ وھي آئي تہ اھو پاڻي ڪيتري وقت ۾ منڇر پھچندو ۽ ايتري پاڻيءَ کي برداشت ڪرڻ جي ايف پي بند ۾ سگه آھي يا نہ آھي. 2022ع ۾ چوماسي جي ٻوڏ کانپوءِ جنھن طريقي سان برساتي ٻوڏ جي پاڻيءَ جهڏي شھر جون ھيٺاھيون ٻوڙي ڇڏيون، ٺيڙھي کان ٻانڌيءَ سميت ساھتِيه پرڳڻي ۾ پاڻي ھيٺاھين ۾ بيھي ويو ۽ انجي نڪرڻ جي ڪا واھہ ئي نہ پئي ٿئي تہ ان بابت بہ کيس سموري معلوم ھئي، جيڪا ڪچھرين ۾ ھو ونڊ ڪندو رھندو ھو. جڏھن بہ اليڪشن ٿيندي ھئي تہ ھن کي ھر تعلقي سطح تي موجود وڏيرڪي ۽ برادرين جي اتحادن جي پوري ڄاڻ ھوندي ھئي ۽ ائين کيس نتيجن جي سڌ پئجي ويندي ھئي، جيڪا اڪثر صحيح ثابت ٿيندي ھئي. سانگهڙ مان حيدرآباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ جتي ھو ھڪ برجستو جاکوڙي صحافي ٿي اڀريو، اتي ھو حيدرآباد جي ھر ادبي سياسي ڪچھريءَ جو اھم حصو ھوندو ھو، جتي مختلف معاملن ۾ سندس راءِ ڏاڍي وزندار ھوندي ھئي. سندس صحافتي زندگيءَ جو آخري پڙاءُ سنڌ ايڪسپريس اخبار ھئي. بدقسمتيءَ سان انھي اخبار ۾ ئي ھن جي ڪل وقتي صحافت جز وقتي صحافت ۾ تبديل ٿي ويئي، جيڪا آخري وقت تائين جاري رھي. جتي ھن جو ڪم مختلف مامرن تي صرف مضمون لکڻ تائين رھجي ويو، پر ان دوران بہ ھن جيڪو لکيو اھو ڪمال جو لکيو. اسحاق مڱريو پنھنجي صحافتي عھد ۾ لاتعداد پروفائيل بہ لکيا تہ سنڌ سميت ملڪ جي سياسي مامرن تي بہ خوب لکيو ۽ جهجهي تعداد ۾ اسٽوريون بہ ڪيون، جنھن دوران ڪڏھن لکا بہ ڪونہ ڏنائين تہ سندس ذات ڪيتري پيڙا مان گذري رھي آھي. سنڌ جو ايڏو وڏو صحافي جنھن سنڌي صحافت کي نوان اسلوب ڏنا، جنھن کي سڀڪو سڃاڻندو ھيو ان جي زندگي ھڪ کليل ڪتاب، ’جھڙا آيا جڳ ۾ تھڙا ويا موٽي‘ جيان ھئي. اڀري سڀري حال ۾ خوش رھڻ وارو، پنھنجي دنيا ۾ مگن اسحاق مڱريي کي پھريون وڏو گهاءُ 2021ع ۾ تڏھن لڳو جڏھن سندس نوجوان نياڻيءَ جي ور جو سانگهڙ ۾ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ موت ٿيو، ٿوري عرصي ۾ گهاءَ مٿان گهاءَ سندس نوجوان پٽ حسن جو ڪينسر وگهي موت ھيو. جنھن جي گهر واريءَ ۽ نياڻي جي پالنا ۽ تعليم جي ذميواري بہ سندس ڪلھن تي اچي پئي. نوجوان ناٺي ۽ نوجوان پٽ جي موت جو غم لڪائي چپن تي مرڪ سجائي ھو لکندو رھيو، پروگرامن ۾ شرڪت ڪري پنھنجا خيال ۽ تجربا ونڊيندو رھيو ۽ جيئندو بہ رھيو، پر غم لڪائڻ کيس اندران کوکلو ڪري ڇڏيو، جيڪو ئي سندس موذي مرض بڻجي ساڻس جهيڙيندو رھيو ۽ پوءِ سندس اسپتالن جا چڪر، اسريٰ کان آغا خان جا پنڌ شروع ٿيا، پر سندس مرض سڃاپجڻ ۾ نہ پئي آيو. 16 جون جي اڀاڳي ڏينھن کان ڪي ڏينھن اڳ سندس گهر ملڻ ويس. سندس ھڏي جي ٽي بيءَ جو علاج ھلي رھيو ھو، پر سندس رپورٽون طبيعت نہ سڌرڻ ۽ ٻيو قصو ٻڌائي رھيون ھيون. سندس علاج منجهان بہ لڳو پئي تہ سندس مرض جي پڪي تشخيص شايد اڃان نہ ٿي سگهي آھي. ملاقات ۾ مون کيس ھٿ ۾ ھٿ ڏئي چيو تہ ”اسحاق سائين، مرض تو کي کٽ ڀيڙو ڪري ڇڏيو آھي، پر تنھن جي چپن جي مُرڪ ۽ حوصلو ٻڌائي ٿي تہ توکي اڃان زندہ رھڻو آھي. “ جنھنجي جواب ۾ صرف مرڪري ھٿ کي جوابي زور ڏنائين. اسحاق مڱريو سان آخري مکاميل تي پھريون ردعمل سندس مرڪي ملڻ ھو، مرڪ سندس غيرمعمولي ۽ انوکي خاصيت ھئي. انھي مرڪ ۾ سندس ڳاڙھا چپ ۽ ڳاڙھا ڳل ڏاڍو ٺھندا ھيا. 16 ۽ 17 جون واري رات جڏھن عيد اچي رھي ھئي، ڳوٺ گل حسن سريوال جي مسجد ڀرسان احاطي ۾ آڌي رات جو سندس جنازي نماز ٿي چڪي ۽ سندس منھن ڏيکارڻ جي ويلا آئي تہ ھن جي مُک، ڳاڙھن چپن ۽ ڳٽن تي اھائي پُرسڪونيت سجيل ھئي، جيڪا سندس شخصيت جي سڃاڻ ھئي. سانگهڙ جهول روڊ تي اڇي مسيت واري اسٽاپ وٽان اتر طرف ڳوٺ گل حسن سريوال منجهہ 69 سال اڳ ھڪ شخص جنم ورتو، سياسي ڪارڪن بڻيو، پڙھڻ سان گڏ ڪڙھيو، سموري سنڌ گهميو، سنڌي صحافت جو ھڪ وڏو نالو بڻجي سنڌ جي صحافتي دنيا جو وھائو تارو بڻجي الوپ ٿي ويو، جنھنجي زندگي لطيف جي ھن بيت جي تشريح بڻجي سنڌ جي پولارن ۾ ھميشہ گونجار ڪندي رھندي:

نڪو کڻن پاڻ سين، نڪو ساڻن پاڻ،
اھڙا جن اھڃاڻ، آءٌ نہ جيئندي اُن ري.
(لطيف)