اسحاق مڱريو: جديد سنڌي صحافت جو ’پاپا هيمنگوي‘ : امر لغاري
اسحاق سان منھنجي ملاقات 1988ع جي لڳ ڀڳ يوٿ ليگ جي آفيس سانگهڙ ۾ ٿي. تڏهن هو پيٽ گذر لئہ هلڪي ڦلڪي ٺيڪيداري ڪندو هو. سياسي ۽ سماجي طور هو نيشنل يوٿ ليگ، سگا ۽ خان عبدالولي خان جي اڳواڻيءَ واري قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين واري اتحاد سان سلھاڙيل هو. صحافت بہ ڪندو هو تہ سانگهڙ جي علمي ادبي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو هو. ان کان اڳ هن جي شاگرديءَ واري دور جو ڪجهہ عرصو جيئي ’سنڌ اسٽوڊينٽس فيڊريشن‘ جي تنظيمي سرگرمين ۾ گذريو هو. ان عرصي دوران قاضي ممتاز، مير حسن سريوال، معصوم سانگهڙائي، ڪيھر بڙدي، عاجز منگي ۽ ٻيا هن جا ساٿي رهيا. هڪ اڌ ڀيري مختلف سياسي، سماجي ۽ ثقافتي پروگرامن جي سلوگنس جي چاڪنگ ڪندي پڪڙيو بہ ويو، ۽ لاڪ اپ ۾ رکيو ويو. پوءِ جڏهن هو ڪامريڊ حسن عسڪريءَ سان مليو تہ سوشلسٽ پارٽيءَ ۾ هليو ويو. اهو آمر ضياءُ الحق جي مارشل لا جو دور هو. ايئن سوشلسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ بعد کاٻي ڌر جي سياست ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻھن سان شناسائي ٿيس. ايئن پوءِ هاري تحريڪ، سوشلسٽ پارٽي ۽ ان جي ذيلي تنظيمن ۾ ڪم ڪيائين. ڪافي عرصي تائين انھن جون ڪانفرنسون، سياسي جلسا ۽ پارٽي اسڪول اٽينڊ ڪندو رهيو. ڪجهہ سالن بعد صحافت ڏانھن رخ ڪيائين. بادل ٿري، اياز نظاماڻي ۽ آفتاب نظاماڻيءَ واري زماني ۾ پريس ڪلب ويندو رهيو. پوءِ جڏهن فقير محمد لاشاريءَ جي سٿ ۾ جاڳو اخبار جوائن ڪيائين تہ هن جي رپورٽنگ جي عوامي انداز گهڻن ماڻھن کي موهيو. هن جي تحقيقاتي صحافت جي شروعات حسن مجتبيٰ جي زير نگراني حيدرآباد مان نڪرندڙ چار پيجن جي پھرين اخبار ’خلق‘ سان ٿي. تڏهن هو هيرآباد ۾ ڪرائي جي ٻن ڪمرن واري ڪواٽر ۾ رهندو هو. هن سانگهڙ مان عزيز جان ۽ ٽنڊي آدم مان صادق خاصخيليءَ کي بہ پاڻ سان گڏ شامل ڪيو. حيدرآباد هجڻ ڪري مان بہ هڪ نہ ٻئي ڏينھن وٽس چڪر لڳائيندو هوس. اتي اڪثر حسن مجتبيٰ، اي جي چانڊيو، امداد سومرو، مومن بلو، جان خاصخيلي ۽ ڪجهہ ٻيا دوست بہ اچي ڪٺا ٿيندا هئا. اهي هن منڊليءَ جا ريگيولر ميمبر هئا. خلق واري دور ۾ اسحاق بي باڪ رپورٽنگ ڪئي. ان ۾ سائين الھہ ورايي بھڻ کي ”کنڀي کڻڻ“ واري رپورٽنگ بہ شامل هئي. اهو ڄام صادق عليءَ جو دور هو. سائين، اسحاق تي لفظ ”کنڀي کڻڻ“ استعمال ڪرڻ تي ڏاڍو ڪاوڙيو. چيائينس تہ ”اخبار اِن خبر جي ترديد ڪري. “ پر اخبار ترديد نہ ڪئي. اصل ۾ ٿيو ايئن هو جو سنجهوري تعلقي ۾ ضمني چونڊن جي ڊيوٽيءَ دوران شام جو سائين الھہ ورايي بھڻ جي طبيعت خراب ٿي پئي. هو پولنگ اسٽيشن تي سامان ڇڏي دوا درمل لاءِ جهول موٽي آيو تہ جيئن فرسٽ ايڊ وٺي صبح جو پولنگ ڪرائي سگهي. رات جو پوليس جي ڪا ڌانڌليءَ جي نيت هئي. سو اٽالو جيئن گل حسن سريوال پولنگ اسٽيشن تي پھتو تہ ٻيو عملو موجود هو پر سائين الھہ ورايو موجود نہ هو. انڪري پوليس جي موبائل ۾ اهلڪار جهول ويا ۽ سائينءَ کي گهران وٺي آيا. ان اليڪشن ۾ سرڪاري اميدوار کي رات جي اونداھہ ۾ ووٽ وجهرائي وڏي اڪثريت سان کٽرايو ويو هو. اسحاق ان رپورٽنگ ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن سان ٿيل ”زيادتي“ جا پولنگ وار تفصيل ڏنا هئا. نوي واري ڏهاڪي ۾، شايد 1992 کان 1996ع وچ ۾ جڏهن چوٽياري ڊيم جي گهڻ پاسائين سروي سان گڏ بنيادي ڪم شروع ٿيو تہ ان وقت مقامي سطح تي سائين الھہ ورائي بھڻ سانگهڙ جي جن سڄاڻ ماڻھن سان گڏجي ماحولياتي بگاڙ خلاف جهيڙيندڙ تنظيم ’ڌرتي دوست سنگت‘ جو بنياد وڌو، تنھن ۾ اسحاق مڱريو بہ شامل هو، جنھن بعد ۾ ’شرڪت گاھہ‘ جي سھڪار سان چوٽياري ڊيم جي متوقع ماحولياتي اثرن جي جيڪا اسٽڊي ڪرائي، تنھن جو ’ايڪسپرٽ فيلڊ آفيسر‘ اسحاق کي مقرر ڪيو ويو. اسحاق فيلڊ ۾ ڪيترائي ڏينھن رهي تحقيق ڪري ڌرتي دوست سنگت وٽ رپورٽ جمع ڪرائي، جنھن جو اختصار ان وقت جي برسات اخبار جي رنگين ايڊيشن جي ذري گهٽ ٻن صفحن ۾ ڇپيو هو. ان رپورٽ ۾ اسحاق ڊيم ٺھڻ جي صورت ۾ سم ۽ ڪلر جي وڌڻ، ماهيگيرن ۽ مالوندن جي مسئلن، مقامي ماڻھن جي لڏ پلاڻ، ٻيھر آبادڪاري، پتي پوٽا واري زرخيز زمين واري لولي پاپ، جهنگلي جيوت جي بيدخلي ۽ تباهي، وڻن جي واڍي ۽ انھن جي تباهي، جهنگ جي ڪک پن سان سلھاڙيل ڌنڌن وارن ماڻھن جي مسئلن کي رپورٽ ۾ اجاگر ڪري قومي سطح تي کڻي آيو هو. ان بعد چوٽياري ڊيم ماحولياتي حوالي سان فرنٽ لائين تي اچي ويو، ۽ اتان جي هڪ ننڍڙي خبر بہ اخبارن توڙي مختلف ماحولياتي تنظيمن لاءِ اهم بنجي وئي. اسحاق ماڻھن جي مسئلن کي جڏهن ماحولياتي مامرن سان ڳنڍي پيش ڪرڻ لڳو تہ اهي ماڻھن جا سياسي اشو بنجڻ لڳا. ظاهر آهي تہ هن جي اهڙي طريقي سان شين کي ڏسڻ اسان جي لکڻ پڙهڻ واري عمل تي بہ وڏو اثر ڇڏيو. نظرياتي طور، جيتوڻيڪ سائين الھہ ورايو اسان سڀنيءَ جو گرو هو، پر فيلڊ ۾ وڃي شين کي صحافتي اک سان ڏسڻ اسان کي اسحاق سيکاريو. اهو ئي اهو دور هو جڏهن اسحاق جي صحافتي رپوٽن انگريزي اخبارن جي صحافين ۽ ميگزينن جي فيچر رائيٽرس کي پاڻ ڏانھن ڇڪيو. انھن مان اڪثر نيوز لائين، هيرالڊ، ڊان، دي نيوز، فرائڊي ٽائمز، فرنٽيئر پوسٽ جا صحافي اسٽوريون ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڏورانھن علائقن ۾ گڏجي سفر ڪندا هئا. مونکي ياد آهي تہ هڪ ڀيري اسحاق صاحب مونکي ۽ نواز ڪنڀر کي ڊيلٽا جي ماحولياتي سفر ڪرڻ جي صلاح هنئي. اسان ساڻس گڏجي پياسين. اهو سڄو سفر بعد ۾ مون پنھنجي ڪتاب ’جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو‘ ۾ بيان ڪيو. اتي جنھن نموني سان اسان مقامي سوارين تي چڙهي، يا پيرين پنڌ سفر پئي ڪيو، ماڻھن سان پئي ملياسون، ۽ هوڙن تي پئي اڳوڻين درياهي ۽ هاڻوڪين سامونڊي کارين جو سفر ڪيو، مونکي ايئن ٿي لڳو ڄڻ اسحاق پيدا ئي رُلي ڪھاڻيون گڏ ڪرڻ لاءِ ٿيو هو.
هو سچ پچ تہ وڏو سيلاني هو. هن جي سفر ڪرڻ جا طريقا بہ نرالا هئا، کوجنا جا طريقا بلڪل مختلف. مثال، هن جي رپورٽنگ جي هڪ خاص خاصيت اها هوندي هئي جو هو ان لاءِ هڪ ئي وقت فيلڊ بہ ڪندو هو، ان کي اتان جي لوڪ ڏاهپ جي ڪنھن مقامي ڪردار سان ڪچھري ڪري پرکيندو بہ هو، بعد ۾ جديد علمن جي ڪنھن ماهر- ماحولياتي ماهر، تاريخدان، پروفيسر يا ڪنھن مڃيل گهڻ پڙهيي ليکڪ سان انٽرويو ڪري يا بحث ڪري پوءِ اسٽوري فائل ڪندو هو. شين کي هو بلڪل مختلف پاسن کان جاچيندو ۽ پرکيندو هو. آئون وڏي بحث ۾ نٿو پوان، ۽ نہ ئي وڏا مثال ڏيئي مضمون کي طويل ڪرڻ ٿو چاهيان. پنھنجي تجربي مان ڪجهہ ڳالھيون ٻڌائڻ چاهيان ٿو. جڏهن ڪتاب ’جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو‘ (اسحاق صاحب جي مھربانيءَ سان ئي) ’موهن جو دڙو پبليڪيشن‘ طرفان ڇپجي آيو تہ ان جو مھورت 2003ع ۾ سانگهڙ ۾ ئي رکيوسين. اسحاق صاحب ان مھورت کي ماحولياتي تقريب ۾ تبديل ڪرڻ پئي چاهيو. هن پنھنجن دوستن کي دعوتون ڏنيون، جن ۾ نذير ميمڻ، جاويد قاضي، حسين بخش ٿيٻو، خورشيد قائم خاني، جان خاصخيلي، جريدہ رسالي جو ايڊيٽر مختيار آزاد، ناصر پنھور، سليمان جي ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي صحافي، استاد ۽ اديب ان ۾ شامل ٿيا. موضوع هو ’سنڌ جا ماحولياتي اشوز- خاص ڪري سمنڊ جي دھشتگردي. ‘ ڪيئن سمنڊ سنڌ جي سر سبز، شاداب ۽ زرخيز زمينن کي پائيندو ۽ ڳڙڪائيندي پئي ويو. اسحاق پنھنجي تقرير ۾ اها ڳالھہ ڪري تہ ”هتي دوستن ڳالھايو پئي تہ هي هڪ ماحولياتي ڪتاب آهي، پر آئون چوندس تہ هي ماحولياتي نہ پر سنڌ جي سياست تي لکيل ڪتاب آهي،“ ڪتاب تي ڇڙيل بحث کي يڪسر موڙي ڇڏيو. هن دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ماحولياتي اشوز ئي دنيا ۾ وڏا سياسي اشوز آهن، ۽ سنڌ جو سڀ کان وڏو سياسي اشو سنڌو درياھہ ۽ ان جي ڊيلٽا جي بحالي آهي.
اسحاق پاڻيءَ جي اشوز کي تمام وڏي اهميت ڏيندو هو. هو چوندو هو تہ، سنڌ ۾ پاڻيءَ جو اشو اڄ جي صحافت جو سڀ کان وڏو اشو آهي، پر الائي ڇو اسان جو صحافي پاڻيءَ جي کوٽ جي عوامي احتجاج جي ابتڙ ايس پيءَ جي پريس ڪانفرنس کي ترجيح ڏيندو آهي، پر ان احتجاج جي اهميت کي سمجهڻ پسند نہ ڪندو آهي. مونکي ياد آهي تہ انھن ئي ڏينھن ۾ ڪلوئي (ٿر) شھر جي رهواسين پيڻ واري پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو هو. اخبار ۾ ڪا ننڍڙي خبر لڳي هئي، سو اسحاق مونکي چيو: ”هل پاڻ کي اهو ڪَوَر ڪرڻو آهي. “ اسحاق ان اشوءَ پٺيان لڪيل نا انصافيءَ کي سمجهيو ٿي. اتي جڏهن اسان پھتاسين، ۽ ماڻھن سان ملياسين تہ هنن ٻڌايو تہ ارباب (سمورا ارباب ان وقت پيپلز پارٽيءَ ۾ هئا) سمورو پاڻي ٽريڪٽر جي ڦٽن ذريعي لفٽ ڪيو، پنھنجن فصلن ۾ ڇوڙيو ويٺا آهن، ۽ شھر جو واٽر سپلاءِ جو پاڻي ٽن مھينن کان بند پيو آهي، اڳتي پاڻي نٿا ڇڏين. هنن کي ٽي ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پاڻيءَ لاءِ ڊڪڻو ڊوڙڻو ٿو پوي، پر اتي بہ ڇُڙيو پاڻي پنجاھہ روپيا گيلن سان کڻڻ ڏنو پئي ويو. اتي جا غير مقامي زميندار ۽ ارباب انھن ڏينھن هڪ ڍُڪ پاڻيءَ جو بہ ڪنھن کي نہ پيا سھن. اسان پوءِ اتان جي هڪ سياسي ورڪر محمد خان لنڊ کي ڳولي وڃي ملياسين تہ هن کي سمجهہ ۾ نہ پيو اچي تہ هو اسان کي ڪٿي لڪائي ويھاري. هو تڏهن اربابن جي سخت عتاب هيٺ هو. پوءِ اسان کي هڪ ڀٽ مٿان قائم ڦٽل اسڪول ۾ ويھاري خبرون چارون بہ ٻڌايائين، ۽ پنھنجن پٺن تي لٺين جا نشان بہ ڏيکاريائين. اسحاق ان تي تمام وڏي ۽ گهڻ پاسائين اسٽوري ڪئي. اسحاق جي صحافت جو هڪ ٻيو پاسو هارين ۽ آبادگارن جي اشوز کي پريس ۾ جوڳي جاءِ ڏيارڻ پڻ هوندو هو. سنڌ ۾ جبري پورهئي، خاص ڪري نجي جيلن کي ظاهر ڪرڻ ۾ اسحاق جي رپورٽنگ جو بہ وڏو هٿ هو، جنھن لاءِ کيس ذاتي طور مقامي سطح تي تمام گهڻو ڀوڳڻو بہ پيو. ٽنڊو الھيار، حيدرآباد، سانگهڙ، ميرپور خاص ۽ ٿر جي زميندارن جا پرائيويٽ ”نو گو ايرياز“ هن جي تحيقيقي صحافت جا موضوع رهيا. ان ۾ ڪو بہ وڌاءُ ناهي تہ هو هڪ بي ڊپو صحافي هو. سانگهڙ ۾ جيڪي وڏا ٻٽا قتل ٿيا، انھن جي رپورٽنگ جي جرئت ڪنھن ۾ بہ ڪانہ هوندي هئي. ميڊيا ۽ اخبارن جا صحافي ايئن خاموش هوندا هئا جيئن مٿن دشمن ملڪ جا فوجي بندوق رکيو ويٺا هجن. پر اسحاق جان جي پرواھہ نہ ڪندي بہ اهي واقعا رپورٽ ڪيا. هڪڙي اهڙي واقعي واري رات اسحاق مونکي سانگهڙ کان ڳوٺ (مکي) ڇڏڻ پئي ويو جو اڳواٽ تاڙ ۾ يا ڪنھن جي ڏس پتي تي ڪلاشن سان ليس همراهن کيس اچي ڳولھي لڌو. منھنجي سامھون کنڀي گاڏيءَ ۾ ويھاريائونس ۽ گاريون ڏيندي چيائونس تہ ”اڳئين ڀيري اسان کان بچي ويو هئين، پر هن ڀيري..... !“ اسحاق چين، ”آئون توهان سان هلان ٿو. پھريان منھنجي هن دوست کي اڳتي ڪري اچون. “ مون کي ياد آهي تہ مياڻ ويندي سموري راھہ مونتي سڪتو طاري هو، ڇو تہ منھنجي ڀر سان ٻٽ ٻڌل ڪليشن وارو ويٺل هو. اسحاق کي اڳيان ويھاريائون. اسحاق ڪار هلائيندڙ همراھہ سان ڳالھائيندي پئي هليو. هو ذرو بہ خوف زده نہ هو. مونکي خبر ناهي تہ اسحاق کي ڪھڙين حالن ۾ ڇڏيائون، پر صبح جو اهو سمورو واقعو اسحاق جي اخبار ۾ جيئن جو تيئن رپورٽ ٿيل هو. اسحاق جي فيلڊ جرنلزم جي ڪيترن ئي ٽرپس ۾ مان شامل رهيس. رامسر سائيٽ ۽ واڳن جي گيم سينڪچري ديھہ اڪرو-2 تي با اثر زميدارن جي قبضي خلاف روپورٽنگ هجي، بڙ جو ڍورو، شيخاڻي گهاڙي ۽ ڪڍڻ ۾ مين ’ايل بي او ڊي‘ ڊرين جي اٿلڻ جا اشوز هجن، کپري جي ڊاڪٽر خلاف ڪن مقامي ڌرين پاران قبرستان ۾ قرآن پاڪ جا ورق ساڙڻ واري الزام جو اشو هجي، سنجهوري لڳ منشيات جي عادي ماڻھن جي بحاليءَ لاءِ قائم سينٽر جو تحقيقي پروفائل ڪرڻو هجي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ ڪري حالت زار ۾ ورتل ماڻھن جي مسئلن جي رپورٽنگ هجي، ان بعد انتظاميه سان ملڻو هجي، مون اسحاق جي فيلڊ ۾ صحافت جي ان انداز کي ويجهو کان ڏٺو. هو بي ريا ماڻھو هو، نہ لالچ هئس، نہ لوڀ. يار دوست بہ جي ڪنھن سان بي واجبي ڪندا هيا تہ انھن خلاف بہ جيڪڏهن خبر هوندي هئس تہ اخبار ۾ موڪليندو هو. ڀلي هو ڪاوڙجي وڃن. هو سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، انٿراپالاجي، ماحوليات، سياست، جدوجھد ۽ تبديليءَ ۾ يقين رکندڙ هو. انڪري حيدرآباد لڏي پھريان پنھنجا ٻار پڙهايائين، ۽ ٻين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيائين. ڊائون ٽو ارٿ پروفيشنل، پر ان پروفيشنلزم ۾ سنڌ، سنڌ ۾ صدين کان رهندڙ اصلوڪن ماڻھن، انھن جي تاريخي ۽ انساني حقن، خفتن، وندر ورونھن، جهنگلي جيوت، ان جي پيدائشي افزائشي علائقن ۽ ان جي زندہ رهڻ جي حقن، وڻن، ٻوٽن، آبي جيوت، فطرت جي بچاءَ ۽ ماحولياتي توازن تي سمجهوتو نہ ڪندڙ هو. هو نوجوانن کي همٿائيندو هو، انھن کي موقعو ڏيندو بہ هو تہ ڏياريندو بہ هو. انڪري هو سنڌ جي موجودہ ماحولياتي، تحقيقاتي ۽ عملي صحافت ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن جو هيمنگوي (Papa Hemingway ) هو.