شخصيتون ۽ خاڪا

ٻَري جن ٻاري (اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي مضمون ۽ تعزيتي نوٽ)

إسحاق مڱريو دؤرِ حاضر جو ھڪ بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي ھيو جنھن ڪمھلو اسان کان موڪلاڻي ڪئي. ھي ڪتاب اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مختلف اھل قلم دوستن جي لکيل مضمونن، تعزيتي نوٽس، سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي.

Title Cover of book Bbari Jin Bbaari

سنڌي صحافت جي ترقي پسند دور جو مھندار صحافي اسحاق مڱريو: گل حسن لاکو

نامياري صحافي ڪالم نگار، سڪيولر ۽ لبرل انسان اسحاق مڱريي (6 جولاءِ 1955ع - 16 جون 2024) جون سنڌي صحافت ۽ سنڌي سماج لاءِ خدمتون هڪ دور طور ياد رکيون وينديون. هو سنڌي صحافت جو ٽرينڊ سيٽر آهي. سندس 69 ورهين جي زندگي ۽ 32 ورهين جو صحافتي سفر سچ سان سلھاڙيل هيو. سندس علم، عمل ۽ پيار جو پورهيو سنڌي سماج جي امانت آهي. اسحاق مڱريي شاگرديءَ واري دور کان قومپرست سياست جي شروعات ڪئي، انٽر سانگهڙ ڪاليج مان ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. صحافت سندس زندگيءَ جو اهم پاسو رهيو. صحافت جي شروعات 1992ع کان ڪيائين، پاڻ 1992ع کان 1995ع تائين روزاني جاڳو اخبار ڪراچيءَ لاءِ سانگهڙ جو عيوضي رهيو. 1995ع کان 1997ع تائين روزاني سنڌ اخبار حيدرآباد، 1999ع کان 2004ع تائين ڪاوش ميڊيا نيٽ ورڪ سان سلھاڙيل رهيو. 2004ع کان 2007ع تائين سنڌ ٽي ويءَ تي ڊاڪيومينٽري سيڪشن جو ڊائريڪٽر رهيو. جڏهن تہ 2007ع کان 2008ع تائين سنڌ ٽي ويءَ تي اليڪشن سيل جو انچارج رهيو. اسحاق مڱريي روزاني عبرت اخبار حيدرآباد، روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، افيئر مئگزين ڪراچي ۽ ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ فري لانس ڪالم نگار، ۽ فيچر رائيٽر طور بہ ڪم ڪيو. اسحاق مڱريو 32 ورهين جي صحافتي زندگيءَ ۾ جديد سنڌي ترقي پسند صحافت جو ٽرينڊ سيٽر رهيو. جنھن سنڌي سماج ۽ صحافت کي پنھنجي ترقي پسند سوچ سان نوان لاڙا، نوان گس ۽ ڏَسَ ڏنا. اسحاق مڱريي سنڌي صحافت ۾ ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو. پاڻ انھن ٿورن سنڌي صحافين مان هڪ هيو، جنھن تحقيقي صحافت جو رواج وڌو. اسحاق مڱريو نج ٻھراڙيءَ جو فرد هجڻ ڪري فطرت جي ويجهو رهيو. هو سنڌي سماج جي تاريخي، تھذيبي، ثقافتي، ماحولياتي، جاگرافيائي، جهنگلي جيوت، اينٿروپالاجي، ايڪولاجي ۽ سنڌي سماج جي لوڪ ڏاهپ جو عاشق ۽ مھندار هو. هو هارين جا ڏک ڄاڻيندو هو، هو عام عوام جي اهنجن کي سمجهندو هو. هُن پنھنجي زندگي هاري تحريڪ کي ڏني. اسحاق مڱريو ڌنارن جي ڪلامن ۽ پکين جي ٻولين کي سمجهندو هو. هو ڌنارن جي ڌڻن ۽ پکين جي ولر جو واهرو هو. هوُ ڪيٽي بندر، ڪاڇي، ٿربر، لاڙ اتر ۽ ڪوهستان سان ڪانڀ ٻڌي ڪچھري ڪندو هو ۽ انھن جي سورن ۽ سونھن کي پنھنجي قلم ذريعي پينٽ ڪندو هو. فطرت ۽ ماحول کي بچائڻ لاءِ اسحاق مڱريو ڪيترن ئي عالمي ماحولياتي تنظيمن جھڙوڪ آئي يو سي اين، ڊبليو ڊبليو ايف، يو اين ڊي پي ۽ ٻين ڪيترن ئي سماجي تنظيمن جو سرگرم رڪن پڻ رهيو. هو انساني حقن جو پاسدار هو. هُن انساني حقن جي عالمي ۽ مقامي تنظيمن سان گڏجي انساني حقن جي ويڙھہ پڻ وڙهي. هارين جي نجي جيلن مان آزاديءَ واري تحريڪ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. اسحاق مڱريو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر بہ رهيو ۽ ڪيترين ئي صحافتي تنطيمن جو سرگرم رُڪن بہ. هُن صحافين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ صدر پريس ڪلب طور ڪيترائي علمي، ادبي ۽ صحافتي پروگرام پڻ ڪرايائين. اسحاق مڱريي جي سيڪيولر، ترقي پسند ۽ لبرل دوستن جو وڏو حلقو هو ۽ اُهي سڀ اسان جا بہ مشترڪه دوست هئا. منھنجو ساڻس سانگهڙ کان حيدرآباد تائين جي سفر ۾ ساڻس پل پل جو تعلق رهيو. ساڻس ڪيئي روح رچنديون رهيون. اسان هڪ گهر جا ڀاتي ھياسين. سندس پٽ بہ منھنجا دوست آهن.
هو اڪثر اسان جي ٽنڊي آدم شھر ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي، سماجي، صحافتي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو هو. سندس ساروڻيون اسان جي ساھہ جي سڳي ۾ ٻڌل آهن ۽ ٻڌل ئي رهنديون. حيدرآباد پريس ڪلب کان سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ ساڻس گڏ گهاريل پَل منھنجي زندگيءَ جو اثاثو آهن. مختلف پروگرامن ۽ محفلن ۾ سندس مخصوص انداز، سندس لبرل ۽ سيڪيولر سوچ جو مظھر آهن. سندس اِهي ساروڻيون سنگت کي سدا ياد رهنديون.
سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن تي ڪيل سندس ڪم سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ ثقافت جو اهم حصو آهي. اسحاق مڱريي جو علم، عمل، قلم ۽ تحرڪ سنڌ جي مظلوم ماروئڙن پورهيتن، هارين، عورتن، اقليتن، عام عوام ۽ شاگردن جي حقن لاءِ هڪ بلند ۽ سگهارو آواز هو. جنھن آواز کي جاري رکندي، سندس ڏسيل واٽ تي هلندي، سنڌ جي سيڪيولر تھذيب يافتہ آواز کي عالمي امن، انسانيت، پيار پنھنجائپ، جيو ۽ جيئڻ ڏيڻ واري پيغام کي عالمي ايوانن تائين پھچائڻ، سندس ڇڏيل اُن مشن کي اڳتي وڌائڻ اسان جو قومي فرض آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي حُسناڪين کي پنھنجي حُسناڪ اکين سان ڏسندڙ اسحاق مڱريي جو اکيون اڄ ٻوٽجي چڪيون آهن، پر سندس علم، عمل ۽ پيار جو ڪيل پورهيو ۽ ڇڏيل واٽ اسان وٽ موجود آهي. اسان کي سندس واٽ تي هلڻو آهي ۽ سندس مشن کي مڪمل ڪرڻو آهي. سندس ڇڏيل علمي، ادبي، قلمي ۽ صحافتي لکڻين کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻي کيس سدا ياد رکڻو آهي.
”منھنجي ڪم کي ڏسجو، مونکي سدا ياد رکجو. “
مارڪس جو چوڻ مطابق تاريخي هيڪڙائي “Unity of historical essence” بہ اجتماعيت لاءِ جاکوڙڻ آهي. اسحاق مڱريي جي اُن جاکوڙ کي جاري رکندي سنڌي سماج ۾ ڪو تحرڪ پيدا ڪرڻو پوندو.
ڇا تون وئين سو وئين، وري ورندي ڪونہ
ڇا هي سنڌڙي تو نہ، ساريندي سڏڪا ڀري.
(اياز)

سنڌ جي بيبياڪ، بھادر، جاکوڙي صحافي ۽ سماج سڌارڪ اسحاق مڱريي سڄي حياتي محبتون ونڊيون ۽ ورهايون. هو يارن جو يار، ملنسار ۽ محبتي انسان هو. هِن جي وڏي خوبي اِها هئي تہ هِنَ ڪڏهن بہ، ڪنھن سان بہ ڪاوڙ جو اظھار نہ ڪيو.
لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا
هٿان حيببن، ڪونہ ڏکوئيو ڪڏهن.
(شاھہ)