ديانتدار صحافي: نياز پنھور
اسحاق تمام گهڻن موضوعن تي ڪم ڪيو. مان سمجهان ٿو تہ هو اسان جي ٽھيءَ ۾ ”چرين صحافين“ واري ان کپ جي باقي رهيل صحافين مان هڪڙو صحافي هو، جيڪا کيپ هاڻي اڻ لڀ ٿيندي ٿي وڃي. هڪڙي صحافت اها هئي جيڪا 90ع واري ڏهاڪي کان شروع ٿي، ۽ هڪڙي صحافت اها هئي جيڪا 90ع واري ڏهاڪي کان پوءِ شروع ٿي. ٻنھي جي ڪم جي حوالي سان الڳ سڃاڻپ آهي. ان کان اڳي بہ صحافي هيا، پر 90ع واري ڏهاڪي کان پوءِ اسان جي نوجوان سنڌي صحافين مختلف شعبن ۾ پنھنجي سڃاڻپ جا جدا جدا حوالا پيدا ڪيا. عطا راڄڙ؛ پاڻيءَ جو معاملو هجي، ناڻي جو معاملو هجي پر عطا راڄڙ ٻيو نہ ٿيندو. قربان بلوچ؛ پاڻيءَ جو معاملو هجي يا ناڻي جو معاملو هجي، هن پنھنجي سڃاڻپ جا نوان حوالا قائم ڪيا آهن. اهڙي طرح هڪ وڏي ٽيم آهي، جنھن ۾ شڪيل بچاڻي، اسحاق مڱريو، اي جي چانڊيو، اعجاز منگي، محمد خان سولنگي، منظور سولنگي وغيرہ، اهو فقير محمد لاشاريءَ کان پوءِ واري ٽھي جو ذڪر ڪريان ٿو، لالا رحمان، اقبال ملاح، ارشاد گلاباڻي وغيرہ، انھن پنھنجا پنھنجا شعبا قائم ڪيا. مثال طور اسلام آباد جي پارليامينٽ جي ڪمن جي حوالي سان ايم بي سومرو جو جيڪو ڪم آهي ان کي وائس آف آمريڪا، بي بي سي ۽ دنيا جي ٻين وڏن وڏن چينلن جي پروگرامن ۾ ساراهيو ۽ ان تي ڳالھايو ٿو وڃي. شاڪر سولنگي جو نالو بہ مان وساري ويٺس.
ڳالھہ جو مقصد تہ 90ع واري ڏهاڪي کان پوءِ صحافين پنھنجي ڪم کي اعليٰ مقصد طور شروع ڪيو، هنن صحافت کي ڪمائيءَ جو ذريعو نہ بنايو، اهي اهڙا صحافي هيا جيڪا سياسي کيپ مان نڪري چڪا هيا. انھن سياست ۾ پنھنجي پاڻ کي ’ان فِٽ‘ محسوس ڪيو يا هنن سمجهيو تہ سياست سندن اعلي مقصدن واري راھہ تي ناهي، تنھنڪري هنن پنھنجو رخ تبديل ڪيو ۽ پوءِ اهڙا سڀ دوست گهڻي ڀاڱي سنڌي صحافت ۾ آيا. اهو ”چرين“ جو ٽولو هيو، انھن مان گهڻا دوست لاڏاڻو ڪري ويا ۽ هڪڙا شھيد ڪيا ويا. هڪڙا اهي دوست آهن جيڪي سڄي زندگي ثابت قدم رهيا، پر هنن صحافت کي آسائشن جو ذريعو نہ بنايو، انھن ۾ اسان جو پيارو اسحاق مڱريو بہ شامل هيو. اسحاق مڱريو چاهي ها تہ ڇا نہ ڪري سگهي ها. هن جيترو ڪم ڪيو ۽ جن شعبن تي ڪم ڪيو، هرڪنھن کي خبر آهي تہ اهي شعبا ڪيڏا حساس هيا. انھن شعبن جي ڪنھن بہ ماڻھوءَ تي هٿ رکڻ ۽ ان سان ڊيل ڪرڻ ڪو بہ مسئلو نہ هو. انھي دور جا ٻيا ماڻھو ڪروڙ پتي ٿيا، انھن گاڏيون ۽ بنگلا ورتا، دنيا جا سير سفر ڪيا، پر اسان جو محبوب پيارو اسحاق مڱريو انھي ساڳي کٽارا موٽرسائيڪل تي، انھن پراڻن پراڻن ميرن ڪپڙن سان، انھي ئي پريس ڪلب ۾ ايندو هيو ۽ ان وقت اهو اجورو بہ نہ هيو، جيترو هن جو قدڪاٺ ۽ ڪم هيو. اسان سنڌي بي حس قوم آهيون. اڄ اسان انھن ماڻھن کي ياد ڪريون ٿا، انھن لاءِ پنھنجا لڙڪ لاڙيون ٿا، پر اسان اهو ڪڏهن بہ ڪو نہ سوچيو هو تہ جن ادارن ۾ اسان جا اهي ڪميٽيڊ دوست ڪم ڪن ٿا، انھن ادارن ۾ انھن دوستن کي ڇا حاصل ٿئي ٿو. ڇو ضروري هو تہ اسحاق مڱريو هڪ کان اٺن اخبارن ۾ ڪم ڪندو وتي، هڪڙي سفر کان ٻيو سفر، ٻئي سفر کان ٽيون سفر. ڇو ضروري هو تہ عطا راڄڙ ائين پريشان زندگي گذاري، بيمارين ۾ مري وڃي.
اهو هڪ دور هيو. اڄ اسان ڏسون ٿا تہ هڪڙا اهڙا ماڻھو آهن، جيڪي سرٽيفڪيٽ ورهائيندا وتن ٿا. هي سوشل ميڊيا جو دور آهي، جنھن کي جيڪو وڻي سو لکي ٿو تہ ”هي چور آهن، هي ڪرپٽ آهن، هنن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، هنن جو منھن ڪارو ڪرڻ گهرجي. هنن کي ڌاڙيل قرار ڏنو وڃي..“ اڙي بابا جن ماڻھن سڄيون زندگيون ڏئي ڇڏيون، جن جي ڪپڙن تي ڪو ڪارو، اڇو داغ بہ ناهي، توهان انھن کي گاريون ويٺا ڏيو. توهان ڏسو انھن جون زندگيون ڪيئن گذريون. عباس قصر جي زندگي ڪيئن گذري، هو ڪھڙا ڪروڙ روپيا ڇڏي ويو، اسحاق مڱريو ڪھڙا ڪروڙ روپيا ڇڏي ويو، عطا راڄڙ جي اڪائونٽ ۾ گهڻا ڪروڙ روپيا هيا. اي جي چانڊيو پنھنجي اڪائونٽ ۾ گهڻا ڪروڙ روپيا رکي ويو آهي. هي اقبال ملاح جي حالت ڏسو، هن وٽ ڇا آهي. سڀني صحافين کي ڪرپٽ چوڻ ۽ الزام هڻڻ ناانصافي آهي.
اسحاق مڱريو سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪيو، جيڪو بہ محفوظ ٿي ويو، جيڪڏهن اهو ڪم دنيا جي وڏين اخبارن ۽ وڏن چينلن لاءِ ڪري ها تہ هو پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪروڙين روپين جون رائلٽيون حاصل ڪري ها، پر هن جي موت کان پوءِ بہ سندس ڪٽنب جا ماڻھو ائين ڏکيا نہ هجن ها ۽ انھن کي سدائين رائلٽي ملندي رهي ها. اسان تمام وڏو ماڻھو وڃايو آهي. اسان هن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. هن جو پورهيو ڪڏهن بہ رائگان نہ ويندو. سنڌ جي تاريخ ۾ جڏهن بہ سنڌ جي شاندار ۽ عظيم صحافين جي فھرست ۾، پورهيت صحافين جي فھرست ۾ ۽ اهڙن صحافين جي فھرست ۾ جن پنھنجي ايمان سان، سچائيءَ سان، پنھنجي ماڻھن ۽ ڌرتيءَ سان پيار ۽ محبت جي حوالي سان ڪم ڪيو، اسحاق مڱريي جو نالو سدائين ان ۾ شامل هوندو.
مان اسحاق لاءِ دعاگو آهيان تہ ﷲ سائين هن کي پنھنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي، ۽ اسان جا جيڪي ڪجهہ رهيل صحافي آهن، انھن ۾ ساڳي عزت ۽ ساڳيو اسحاق جھڙو جذبو برقرار رکي.
(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا تقريب کي خطاب)