اسحاق مڱريو چيخوف جي ڪھاڻين جي ڪردار جھڙو ھو: ميرحسن مري
شھر جي ھندو آبادي اضطرابي ڪيفيتن مان گذري رھي ھئي. ڪير گهرن مان نڪرڻ لاءِ تيار نہ ھو. جيتوڻيڪ پير صاحب پاڳاري شاھ مردان شاھ جو مريدن کي حڪم ھو تہ ’ھندن جي آباديءَ مان ڪنھن کي نقصان نہ پھچي. ‘ انھن جي گهرن عبادتگاهن جي حفاظت لاءِ اڇا پٽڪا پھريل فقير موجود ھئا. پر پوءِ بہ شھر جي اڌ آبادي ايوڌيا ۾ بابري مسجد جي واقعي کي کڻي پنھجي اندر جي انتشاري کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ھڪ فساد جي لاءِ ڪنھن ھجوم کي مڇرائڻ جي ڪوششون ۾ هئي. اھڙي ماحول ۾ سانگهڙ شھر جي ھڪ چوڪ تي ھڪڙو انتشاري وڏي آواز سان ھڪ وڏي ھجوم کي اشتعال ڏياري رھيو ھو تہ، ھڪ نوجوان تڪڙو تڪڙو ڪنھن گهٽيءَ مان نمودار ٿيو ۽ ان ھمراھ کي اچي ٻانھن مان جهليائين، کيس وڏي داٻي سان چيائين تہ ”تنھنجو نالو ڇا آھي، ڪھڙي پاڙي جو آھين!؟“ ھو ھمراھ جيڪو سانگهڙ شھر جو ھو ئي نہ، مخصوص ايجنڊا تي آيل ھو. سو نوجوان جي سوالن جي دٻ سھي نہ سگهيو تہ ٻانھن ڇڏائي ڀڄي ويو. ان نوجوان ھڪلون ڪيس تہ ”پڪڙيوس پڪڙيوس انتشار ٿو پکيڙي. “ اھڙي مشتعل ھجوم جي وچ ۾ بيھي ھمت ڪرڻ وارو نوجوان ٻيو ڪو نہ، پر اسحاق مڱريو ھو. اسحاق مڱريي جنھن کي سانگهڙ جا ماڻھو اڄ بہ انھن لفظن سان ياد ڪن ٿا تہ سانگهڙ شھر ۾ ٻہ ماڻھو ھئا جن جو مؤقف چٽو ۽ واضح ھوندو ھو، ڪنھن بہ معاملي تي رک رکاءُ ڄڻ ھنن سکيو ئي نہ ھو.
اسحاق مڱريي جنھن کي آئون چيخوف جي ڪھاڻين جو ڪردار ڪري لکندو آيو آھيان. ان جو سبب تہ ھڪ اھڙي سماج ۾ جتي گهٽ ٻوسٽ ھجي، آزاديءَ سان ساھ کڻڻ بہ مشڪل ٿئي، اھڙي ماحول ۾ اھڙي ماڻھو جو جنم فقط قصن ڪھاڻين يا ناولن ۾ ٿي سگهي ٿو.
اسحاق مڱريي جي صحافتي سفر جي شاھدي تہ سڄي سنڌ ڏئي ٿي، اُتي سندس پنھنجي شھر جا ماڻھو بہ سندس بي ڊپائي ۽ بھادريءَ جي ساک ڏين ٿا.
اسحاق صاحب بنيادي طور ھڪ سياسي ڪارڪن ھو. هُن سياسي سفر جي شروعات جيئي سنڌ جي شاگرد ونگ جساف مان ڪئي. پاڻ سانگهڙ جي تعليمي ادارن جي جساف جو آرگنائيزر ھو. بعد ۾ ڪامريڊ حسن عسڪري، ڪامريڊ ڪرشن، ڪامريڊ ناصر منصور جي سٿ ۾ شامل ٿي نوجوانن جي تنظيم نيشنل يوٿ ليگ ۾ سرگرم ٿيو. نيشنل يوٿ ليگ جي پليٽ فارم تان سانگهڙ شھر ۾ وڏا وڏا پروگرام ڪرايائين. انيس ھاشميءَ جھڙين قدآور شخصيتن بہ انھن نيشنل يوٿ ليگ جي پروگرامن ۾ سانگهڙ ۾ آندائين.
ضيا جي آمريت ۾ جتي ھر شھر ۾ نشي آور شين خاص طور ھِيرون جو زھر ۽ ھٿيارن جي موجودگي عام ھئي. جيئن موجودہ دور ۾ بدامني، اغوا جي انڊسٽريءَ جا پيرا جيڏانھن وڃن ٿا تيئن ان وقت ان ڪاروبار کي بہ اھڙن ئي جي سرپرستي ھئي. اھڙي ماحول ۾ اسحاق انتھائي بي ڊپائيءَ سان سانگهڙ ۾ نوجوانن جي ڪانفرس ڪوٺائي انھن خلاف پمفليٽ وال چاڪنگ پوسٽر سڄي شھر ۾ ھڻايا ھئا.
پاڪستان جي کاٻي ڌر جي ناليوارين شخصيتن سي آر اسلم، عابد حسين منٽو جي قيادت ۾ پاڪستان سوشلسٽ پارٽي جي گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ٿيو تہ سنڌ اندر ھارين ۾ ڪم ڪرڻو آھي تہ اسحاق مڱريو ئي واحد ڪُل وقتي ڪارڪن طور سامھون آيو، جنھن جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ ھاري تنظيم جو قيام ٿيو. هو ان سنڌ ھاري تنظيم جي پليٽ فارم تان سانگهڙ ۾ يادگار ھاري ڪانفرنسون منعقد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جن ۾ اُڀپور جي يادگار ھاري ڪانفرس اڃان تائين ماڻھن کي ياد آھي. 1986 ۾ جهنگ ۾ چوڌري فتح محمد جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان سطح جي ھاري ڪانفرس ۾ اسحاق مڱريي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ ھاري تنظيم جو وفد شريڪ ٿيو. سندس سياسي ڪم جي ڪٿ ڪبي تہ سندس صحافتي ڪم جيترو ئي وڏو سياسي ڪم ٿيل آھي.
ڪامريڊ شمڀو ٻڌائي ٿو تہ اسحاق مڱريو ان وقت رات جي وقت اسان کي علائقا ورھائي ڏيندو ھو تہ ڦلاڻي ساٿيءَ کي ڦلاڻي علائقي ۾، ھن ساٿي کي پوسٽر ۽ وال چاڪنگ ڪرڻي آھي، ايئن رات پيٽ ۾ اسان سڄي شھر ۾ وال چاڪنگ ڪري پوسٽر لڳائي ويندا ھئاسين. آرٽ موويز جي ڪردارن جھڙو اسحاق مڱريو سياري جي سرد راتين ۾ پاڻ سائيڪل تي چڙھي ان وقت خطرناڪ قسم جي سياسي نعرن جي وال چاڪنگ پاڻ ڪندو ھو.
اسحاق مڱريو سانگهڙ کان ئي صحافت شروع ڪري صحافت کي رک رکاءَ، صحافت کي آفيسرن جي بنگلن، وڏيرن جي اوطاقن مان آزاد ڪرايو. ان جو ئي نتيجو نڪتو جو کيس تہ ڪئي ڀيرا تڪليفون ڏنيون ويون، جنھنجي هن کي پرواھ نہ ھئي. پر سندس ڀائرن عزيزن جي گهران چوريون شروع ٿيون تہ پوءِ پاڻ حيدرآباد لڏي ويو.
(ڪاوش دنيا ۾ 23 جون 2024ع تي شايع ٿيل)