پنھنجي پاران
اسان سان هن جو تعلق بہ سندس ان صحافت جي ڪري وڌيو، سماجي ڀلائي ٻنھي جو اعليٰ ترين مقصد هجڻ ڪري اسان جون ميل ملاقاتون وڌيون ۽ اهو سلسلو آخر تائين جاري رهيو.
70ع واري ڏهاڪي ۾، جڏهن ’ايل بي او ڊي‘جي سماجي اقتصادي اثرن بابت سروي واري وقت، اسان پوري ڪوشش ڪئي تہ هي جيڪا رٿا اچي پئي، ان مان ماڻھن کي فائدو پهچي، ان رٿا جي ڪري لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻھن کي بھتر نموني ٻيھر آباد ڪجي ۽ انھن لاءِ آواز اٿارجي، پوءِ ان ڏس ۾ ڪافي اخبارن وسيلي کوڙ سارن ادارن تائين سندن آواز پهچايوسين. 80ع واري ڏهاڪي ۾ رٿا تي ڪم شروع ٿي چڪو هو، 90ع واري ڏهاڪي ۾ (1992ع) ۾ سانگهڙ ۾ طوفاني برسات تمام گهڻي تباهي آندي. ۽ ايل بي او ڊي ٺھيو پي ان وقت شگر مل پنھنجو گندو پاڻي ان ۾ ڇڏيو هو. اسان پوري سنڌ ۾ مھم هلائي تہ گندو پاڻي توڙي برسات جي پاڻيءَ تمام گهڻي تباهي آندي، ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏن پيا ۽ شگر ملز جو بدبودار ۽ زهريلو پاڻي پيئڻ ڪري اسان جا ڍور ڍڳا مري وڃن ٿا، جنھنجو تدارڪ نہ ڪيو ويو. اسان ان بابت تمام گهڻي مھم هلائي. تڏهن اسحاق صحافت ۾ نئون نئون هو، هو بہ اسان جي مھم ۾ شامل ٿيو. اهڙي طرح پوري سنڌ مان دوستن لکڻ شروع ڪيو. صحافين کي جس هجي جن ان مھم ۾ سٺي موٽ ڏني. اسحاق اهو واحد ماڻھو هيو، جيڪو اچي عملي طور مون سان مليو، مسئلي جي ڄاڻ ورتي ۽ پوءِ اسان انھن ڳوٺن ۽ علائقن جو پنڌ ڪيو، ماڻھن سان ملياسين، صحافين کي علائقا ڏيکارياسين، مسئلن جو مشاهدو ڪرايوسين. اهڙي طرح وري چوٽياري وارا معاملا ٿيا. انھن بابت بہ اسان جاڳرتا مھم هلائي نفيسه شاھہ، عمر اصغر خان، حسن مجتبيٰ ۽ ٻين ڪيترن ئي ايڊووڪيسي ماهرن کي اسان سانگهڙ ۾ گهرائي صورتحال ڏيکاري ۽ ان بعد انھن ماڻھن سنڌي ۽ اردو اخبارن وسيلي آواز اٿاري چوٽياري واري مسئلي کي اٿاريو. ساڳي طرح ايل بي او ڊي واري معاملي تي اسان هر ضلعي ۾ وڏا وڏا سيمينار ۽ ورڪشاپ منعقد ڪيا تہ هيءَ رٿا سنڌ جي ماڻھن لاءِ تمام هاڃيڪار آهي. ان ۾ اسان کي وڌ کان وڌ جنھن ساٿ ڏنو، اهو اسحاق مڱريو هو.
اسان 1995ع ۾ بدين ۾ ايل بي او ڊي تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ تمام وڏي ڪانفرنس ڪرائي، اسحاق کي اسان چيو تہ سانگهڙ مان توهان لکو پيا ۽ بدين مان الھہ بچايو جمالي لکي پيو، توهان بہ بدين اچي صورتحال کي ڏسو ۽ ايل بي او ڊي جي هاڃن تي الھہ بچايو جمالي ۽ توهان جيڪي آرٽيڪلَ لکو پيا، انھن کي ڪتابي صورت ۾ آڻيون ۽ ان کي دستاويزي شڪل ۾ ايوانن تائين پهچايون تہ جيئن ماڻھن جي بھتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهون.
اهڙي طرح ٿر ۾ بيمارين سبب مورن جي مرڻ يا ڪارنجهر کي ڪورڻ جھڙا مسئلا هجن يا کاروڇاڻ، ۽ ساحلي پٽيءَ جا مسئلا هجن اتي اسحاق پهچي صورتحال جو جائزو وٺي اسٽوريون ڪندو، ڪالم ۽ رپورٽون لکندو هيو.
مون کي ياد آهي تہ بدين واري واقعي ۾ جڏهن رينجرس سائين محمد علي شاھہ کي پڪڙيو ۽ کوڙ سارا مسئلا ٿيا ۽ ملاحن سان زيادتيون ٿيون، اتي صحافتي حوالي سان اسحاق تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن مون کي چيو تہ ”سائين محمد علي شاھہ ۽ ٻيا دوست حسين آباد ٿاڻي ۾ بند آهن، توهان هنن جي ضمانت ڪرايو.“ مون چيو، ”ٺيڪ آ.“ چيائين تہ ”مٿان تمام سختي لڳي پئي آهي تہ ڪو بہ محمد علي شاھہ وارن جو ڀرجهلو نہ ٿئي.“ بھرحال اسان همٿ ڪئي ۽ ڪورٽ ۾ وياسين، چيم تہ ”هي سڀ عزيز دوست آهن. آئون بہ ان علائقي جو آهيان، آئون ضمانت کڻان ٿو.“ ۽ پوءِ سائين محمد علي شاھہ سميت 6 دوستن کي ضمانت ملي وئي.
اسان سمجهون ٿا تہ اهڙا کوڙ سارا ڪردار آهن، جن ۾ عملي طرح سان اسحاق مڱريو اڳڀرو هوندو هو. مون کي اها ڳالھہ چوڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿئي ٿي تہ هڪ جاکوڙي صحافي جيڪو ائين چئجي تہ صحافتي دنيا جو سائنسدان هيو، جيڪو هر خبر جو تجزيو ڪندو هيو، اتي عملي طور پهچندو هيو ۽ لاڳاپيل سمورين ڌرين جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ هن جي قلم مان جيڪا خبر نڪرندي هئي اها، باقاعدہ اثرانداز ٿيڻ واري خبر هوندي هئي، جنھنجو ايوانن ۾ اثر نظر ايندو هيو.
اسان سمجهون ٿا تہ صحافتي عمل ۾ جيترو اسحاق اسان کي همٿايو، سانگهڙ ۾ هن جي فرزند طرفان کوڙ سارا پروگرام ٿيندا هيا ان ۾ پاڻ مون کي گهرائيندا هيا، پيش پيش هوندا هيا. اسحاق بقول غالب جي:
”قسمت بري سھي پر طبيعت بري نھين
هي شڪوہ ڪِي جگہ ڪوئي شڪايت ڪِي نھين“
اسحاق سدائين هر جڳھہ تي پهچڻ وارو ماڻھو، اسان وٽ کوڙ سارا پروگرام ڪيائين، تجزياتي عمل جو حصو هوندو هو. هو صحافت واري شعبي جو هڪ انمول ماڻھو هيو، جيڪو اسان کان جدا ٿي ويو آهي. اسحاق جھڙا ماڻھو پنھنجي پويان داستان ڇڏي ويا آهن، سنڌ جي پريس ڪلبن ۾ اهڙن ڪردارن لاءِ لائبريريون، تحقيقي مرڪز قائم ٿيڻ گهرجن، جتي ايندڙ نسل ان مان فائدو وٺي سندن ڪم جي پوئواري ڪري ۽ اهڙي بيباڪيءَ سان صحافتي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. هينئر بہ سوشل ميڊيا جا ڪردار اچي ويا آهن، پر خبر جي خبر ٺاهڻ واري عمل ۾ اسحاق جي پورهئي کي ڏسون تہ اهڙا ماڻھو آڱرين تي ڳڻڻ جييترا مس آهن.
اسحاق جون تحريرون آهن، جن مان اسان کي هن جي خوشبو ايندي رهندي. سياست توڙي سماجي عمل ۾ هن پنھنجائپ، لڳاءَ ۽ سادگيءَ واري عمل سان صوفياڻي انداز ۾ جيڪو انمول ڪردار ادا ڪيو اهو سدائين ياد رکيو ويندو.
هن جي وفات بعد سافڪو فيصلو ڪيو تہ هن جي شخصيت بابت اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي تحريرون ۽ تاثرات آيا آهن، انھن کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻجي، جن کي پڙهڻ سان اسحاق جي تصوير جُڙي پوي ٿي، جن ماڻھن کي اسحاق جي شخصيت جي ڪيترن ئي پاسن جي ڄاڻ نہ هئي، انھن کي هي ڪتاب پڙهندي احساس ٿيندو تہ ڪيترو نہ وڏو ماڻھو اسان کان وڇڙي ويو آهي.
هي ڪتاب ’ٻري جن ٻاري‘ اسحاق جي چاليھي تائين آڻڻ جو مقصد هٿ ۾ کڻڻ سبب تڙ تڪڙ ۾ ڪي ڪميون ڪوتاهيون رهجڻ جو بہ امڪان آهي، ان هوندي بہ خوشي ان ڳالھہ جي آهي تہ هي اوهان تائين پهچائڻ ۾ سڦل ٿيا آهيون. ان ۾ مون سان سڀ کان وڌيڪ سھڪار مجيب ناريجي جو رهيو آهي، جنھن ان مواد جي سوڌ سنوار ۾ هٿ ونڊايو آهي. اهڙي طرح ڪاوش جي دوستن انور ابڙو، علي زاهد، سنڌ اخبار جي مھيش ڪمار، اسحاق جي دوست اشفاق لغاري، ڪمپيوٽر آپريٽر احمد سولنگي، ٽائيٽل ڊيزائنر مھراڻ سھتو ۽ ٻين دوستن جا بہ ٿورائتا آهيون، جن هن ڪم ۾ اسان جو هٿ ونڊايو آهي.
سليمان جي ابڙو
باني ۽ صدر
سافڪو حيدرآباد
02 جولاءِ 2024ع